صادق هدايت
صادق هدايت جي زندگي ۾ سندس منشيات سان رغبت هڪ خاص حوالو ٿي رکي، هن زندگي جي پريشان گهڙين ۾ منشيات ۽ شراب نوشيءَ جي سهاري پنهنجو غم غلط ڪرڻ چاهيو، تنهن کانسواءِ هو هوٽلن ۽ جوا خانن ۾ وڃڻ جو پڻ شوقين هو. جيتري قدر صادق هدايت جي ذاتي زندگي جو لاڳاپو آهي ته هن ڏاڍي سادي زندگي گذاري. هن جي ڪٽنب جا ڪيترائي ڀاتي حڪومتي اعليٰ عهدن تي رهيا، خود صادق به واپار۽ پرڏيهي کاتن جي وزارتن سان لاڳاپيل رهيو هو، پر سندس طبيعت ۾ ڏيکاءُ ۽ شوبازيءَ جا لاڙا نه هئا، هن ٻه ڀيرا عشق به ڪيو، پر ناڪام رهيو.
صادق هدايت انسانن کان بيزار ٿي جانورن سان دل لڳائي، هن گهر ۾ هڪ ٻلي پالي هئي، جنهن سان کيس وڏي اُنسيت هئي. هوءَ سندس اڪيلائيءَ جي ساٿڻ ۽ غمگسار هئي. هڪ ڏينهن هو گهر آيو ته ٻلي نه هئي، هوءَ پاڙي ۾ هڪ نر ٻديءَ جو آواز ٻُڌي پاڻ کي روڪي نه سگهي ۽ گهر ڇڏي اُن سان هلي ويئي، جڏهن ڊگهي غير حاضريءَ کانپوءِ واپس وري ته صادق کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ته هيءَ به بي وفا نڪتي. هن پستول کنيو ۽ ٻليءَ کي اُتي ئي ماري ڇڏيائين.
صادق جي زندگي ۾ دنيا کان بيزاري ۽ انساني قدرن ۽ روين ۾ بداعتماديءَ جو پهلو گهڻو نمايان آهي، جيڪو پوءِ شدت سان سندس خودڪشي جو سبب به بنجي ٿو. صادق پنهنجي زندگي جي آخري سالن ۾ گهڻو بيزار رهيو، هن 1948ع ۾ هڪ دوست کي لکيو، “هاڻ آئون زندگيءَ کان مات کائي چڪو آهيان، مونکي اُن سان ڪا به دلچسپي نه رهي آهي، هاڻ آئون پاڻ کي وڌيڪ دوکو ڏيئي نٿو سگهان ۽ نه ئي مونکي خود ڪشيءَ جي غيرت آهي.”.
صادق هدايت ڪافڪا، سارتر وغيرهه جا فارسيءَ ۾ ترجما ڪيا. کيس صحيح معنيٰ ۾ ايراني فڪشن جي عهد ساز شخصيت چئي سگهجي ٿو. صادق هدايت جي شخصيت جنون جي حد تائين غير معتدل ۽ نفسياتي مونجهارن سان ڀريل هئي. هن ڪيترائي ڀيرا خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي ۽ نيٺ 1951ع ۾ پئرس ۾ گئس سان پنهنجو ساهه گهٽڻ سبب مري ويو. صادق جو ائين ستيتاليهن اٺيتاليهن سالن جي عمر ۾ گذاري وڃڻ ايراني ادب جو وڏو سانحو هو. پر هو پنهنجي زبان کي فڪشن جو جيڪو معيار ڏيئي ويو، ان جي اثر سان ايران ۾ سُٺن ڪهاڻيڪارن جي هڪ سڄي کيپ تيار ٿي.