• تهران ۾ بي بي شهربانو ۽ شاهه عبدالعظيم جون زيارتون
مزار جي سامهون پهچي وين ‘پارڪنگ ايريا’ ۾ اسٽاپ ڪيو ۽ اسين سڀ هيٺ لٿاسين ۽ سامهون ٺهيل ڏاڪڻيون چڙهي مزار جي اڱڻ ۾ پهتاسين، سڀ ٽولين ٽولين جي صورت ۾، سامهون ٻي ڏاڪڻ چڙهي زيارت جي لاءِ مٿي هليا ويا ۽ آئون هڪ لوهي گرل کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس.
بي. بي شهربانو، حضرت امام حسين جي گهر واري هئي، سندس باري ۾ ڪتابن ۾ اچي ٿو ته بي. بي صاحبه ايران جي آخري ساساني بادشاهه ‘يزدگرد’ جي وڏي نياڻي هئي، ايران تي ساساني گهراڻي جي ساڍا چار سئو سال حڪومت رهي، جڏهن عربن ايران تي ڪاهيو ۽ يزدگرد کي شڪست ملي ۽ هو قتل ٿيو ته بي . بي شهربانو، جنهن جو نالو “دختر شاهه جهان” هو، اها به ڪيترن ئي ايرانين سان گڏ غلام بنجي مديني شريف پهتي ۽ امام حسين جي نڪاح ۾ آئي . بي . بي شهر بانو جي بطن مان امام علي زين العابدين ڄائو، جيڪو شيعن جو چوٿون امام سڏيو وڃي ٿو.
بي بي شهر بانو جي هت اچڻ جي حوالي سان عام طور تي اها ڳالهه چئي وڃي ٿي، ته ڪربلا جي جنگ ۾ بي بي صاحبه موجود هئي ۽ جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ امام حسين، کيس سلامتيءَ جي خيال کان پنهنجي وطن ايران موڪليو، بي بي صاحبه ڪشالا ڪاٽيندي نيٺ “شهر ري” پهتي ۽ دشمن سندس پويان لڳل هو، نيٺ هن هنڌ تي زمين ڦاٽي پيئي ۽ بي بي شهر بانو اندر هلي ويئي. اُتي هڪ غار به آهي، جنهن جو منهن اُن وقت بند هو، لوهي جنگهلي واري دروازي کي ٻاهران تالو لڳل هو. روايت آهي ته ڪربلا مان جڏهن بي بي شهربانو هت پهتي ته پاڻ جنهن گهوڙي تي سوار هئي اهو هوا جي دوش تي اُڏامندو هت هن ئي ٽڪريءَ تي بيٺو ۽ ان غار جي اندر اُن گهوڙي جي سنبن جا نشان آهن.
جيتوڻيڪ مٿيون ڳالهيون مختلف ڪتابن ۾ اچن ٿيون ۽ ڪافي ماڻهو انهن تي يقين به رکن ٿا، پر اُن تي اختلاف به ڪافي آهن. خود ايران جا وڏا عالم، جن ۾ ايراني انقلاب جو فڪري باني ڊاڪٽر علي شريعتي به شامل آهي. بي بي شهر بانو جو هت اچڻ به ڏند ڪٿائي قصو ٿو لڳي، ان دور جا ڪيترائي عالم بي بي صاحبه جي شهزادي هجڻ جوڪوبه اشارو نٿا ڪن، دراصل اها ڳالهه سڀ کان پهرين جنهن اسڪالر لکي ته بي بي شهربانو جو لاڳاپو ‘ساساني گهراڻي’ سان هو، اهو نائين صديءَ جو علامه ‘زبان موبارد’ هو.
تاريخن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آيل آهن، جيڪي ليکڪن هِتان هُتان ٻُڌي سُڻي، بنا ڪنهن تصديق ڪرڻ جي لکي ڇڏيون، ڪن وري عقيدي ۽ محبت ۾ اچي اسلام جي ناليوارين هستين ڏانهن اهڙا ته عقل چرخ ڪندڙ قصا منسوب ڪري ڇڏيا، جو اصل دنگ رهجيو وڃجي، ‘تاريخ طبريءَ’ کي مستند تاريخ مڃيو وڃي ٿو، پر ان ۾ به اهڙيون ته ڳالهيون لکيل آهن، جو عقل دنگ رهجيو وڃي، ان دور جي تاريخ نويسين، طبريءَ سميت، سندن وقت کان ٻه اڍائي سئو سال اڳ ٿيل واقعن ۽ جنگين جا ايئن ويهي احوال لکيا آهن، ڄڻ سندن سامهون جنگين جي مووي (Movi) هلندي هجي، ۽ هو ان تان ڏسي پل پل جو احوال لکندا هجن.
ڪجهه وقت اڳ مونکي ڪنهن دوست وٽان ڊاڪٽر سيد شبير هاشمي جو هڪ ڪتاب “ڪربلا ڪي حقيقت” پڙهڻ جي لاءِ مليو، جنهن ۾ هن تاريخ طبري ۽ ٻين مستند مڃيو ويندڙ ڪتابن مان ساڳئي واقعن بابت اهڙا ته متضاد بيان ڪوٽ ڪيا آهن، جو کيس شابس ڏيڻ کانسواءِ نٿو رهي سگهجي، تاريخ سان دلچسپي رکندڙن کي اهو ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي، اهو انگريزي ۾ به ڇپيل آهي ته اردوءَ ۾ پڻ.
ٻيا زائرين هيٺ لهڻ لڳا ۽ آئون مٿي مزار ڏانهن. ايران ۾ اڪثر امام زادن ۽ شهزادين جون مزارون نهايت شاندار ۽ وڏي خرچ سان ٺهيل آهن، اُتي بي بي شهربانوءَ جي هيءَ مزار نهايت عام نوعيت جي هئي.
زيارتي هاڻ هوريان هوريان هيٺ لهي پارڪنگ ۾ وين وٽ گڏ ٿيڻ لڳا، جتان اسانکي ‘شاهه عبدالعظيم’ جي زيارت لاءِ وڃڻون هو، شاهه عبدالعظيم، ‘امام رضا’ جو ڀاءُ هو، ايران ۾ امام زادن ۽ شهزادين جون ٺهيل مزارون به ڏسڻ وٽان آهن. مشهد ۾ امام رضا جي مزار جي ڇا ڳالهه ڪجي، سڄي ايران ۾ شايد پهريون نمبر سهڻي ۽ وڏي مزار آهي... تنهن کانپوءِ قم ۾ بي بي معصومه جي، پر شاهه عبدالعظيم جي ٺهيل هيءَ مزار به گهٽ ڪانه هئي. سون جو گنبذ، اندر مزار ۾ نهايت سهڻو، جا ذب نظر ڪم، ۽ قيمتي سامان ۽ ڪاشي جو استعمال به گهڻو ڪيل هو. شاهه عبدالعظيم جي مزار تي هر وقت غريب ماڻهن ۽ زيارتين جا هجوم هوندا آهن. شاهه عبدالعظيم جي ڀر ۾ ئي ‘امام زادي حمزه’ ۽ ‘امام زادي طاهر’ جون به مزارون آهن. شاهه عبدالعظيم جي مزار جي اڱڻ ۾ ڇت وجهڻ جو ڪم هلي رهيو هو. ايران ۾ امام رضا جي مزار سميت اڪثر مزارن تي تعميري ڪم ڪار هلندڙ هو، پر نهايت صفائي ۽ سٿرائيءَ سان، نه ڪن نه ڪچرو ، نه سيمينٽ نه گاري جو گند. ايران ۾ مزارن تي زيارتن جي دوران ٻه ٻيون شيون به مون نوٽ ڪيون، هڪ اها ته اُتي ڪٿي به ‘پيٽ پرست مجاورن’ جي مخلوق نظر نه آئي ۽ نه ئي فقيرن جي لوڌ. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ ڪنهن به مزار تي وڃ، پوءِ اها ننڍي هجي يا وڏي اُف اهي مجاور...هندستان ۾ به ائين مجاور ئي مجاور... ڇا چئجي انهن مجاورن جي باري ۾، لطيف سرڪار ئي گهڻوڪجهه چئي ويو اٿن.
ملان مجاور، چوهڙي، ٽيئي اوڇي ذات،
هَڏي مٿي وات، گِرندي وينِ گُذري.
۽ ٻيا اهي فقير، جيڪي اصل ڪپڙا ئي ڦاڙيو ڇڏين، هاڻ مزارون ته پنهنجي جاءِ تي، سنڌ ۾ پنندڙن جا به قبيلا ٺهي ويا آهن. ڪنهن به هنڌ رڳو ٻه ٽي منٽ بيهي ڏسو، ڪو نه ڪو فقير اچي اوهانجو پاسو وٺندو. جوان، پوڙها، عورتون ۽ ٻار سڀ پنڻ جي پويان. مون ته اهڙن اهڙن ڏٽن مٽن کي پنندو ڏٺو آهي، جن کي ست ڪتا کائن ته به نه کٽي... هاڻ ته حڪومتن جي پاليسين، اٽي جي ٿيلهي، وطن ڪارڊ، يا ٻي ڪنهن الف بي سپورٽ پروگرام جي نالي ۾، ماڻهن کي خيراتن ۽ زڪواتن تي اهڙو ته هيرائي ڇڏيو اٿن، جو وتن سڄو ڏينهن سونگهيندا ته ڪيئن بنا ڪم ڪار جي خيرات جي نالي ۾ پئسا هٿ ڪجن. جيئن اسانجي هڪ شاعر ‘عبد سنڌيءَ’ چيو آهي.
نه عزت نه دولت، نه صحت سلامت،
اسين پوءِ به آهيون سلامن جي پويان،
بکئي پيٽ اهڙو ڪيو تنگ آهي،
سنڌي سڀ آهن زڪواتن جي پويان.
ايران ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ هنڌن تي اوچتو ئي اوچتو ڪنهن زائفان منهن ڀلڙو ڪري اچي ٿي خيرات لاءِ پاسو ڏنو، سو به هَڄيل ۽ ڊنل، جي ڪجهه ڏنوَ ته ٺيڪ نه ته ايئن هٽي پري ٿي بيهندي، ڄڻ ڏينڀوءَ ڏنگ هنيو هجيس، ان جو سبب شايد اهو آهي ته ايران ۾ پنڻ تي سرڪاري طور تي پابندي آهي.
اسين شاهه عبدالعظيم ۽ ٻين امام زادن جي زيارت ڪري اچي ٻاهر بيٺاسين، زنده ماڻهن مان مردن جي دنيا ۾، مُردن ماڻهن مان وري جيئرن جي جهان ۾ موٽڻ جو اهو سلسلو آخر تائين جاري رهيو. اسان ايران ۾ ايترين ته مزارن، مقبرن ۽ قبرن تي وياسين، جو جڏهن نيشاپور ۾ ٽئڪسي وارو اسانکي ‘بي بي شطيطه’ جي مزار تي وٺي ويو ته مون سنگت کي چيو، “يارو! هاڻ ته قبرن کي ڇڏيو، ڪجهه جيئرن جي دنيا به ڏسو.”
شاهه عبدالعظيم جي مزار جي ٻاهران بيٺي مونکي ياد آيو ته ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هوم ته، شاهه عبدالعظيم جي مقبري جي ويجهو ئي ‘رضا خان ڪبير’ جو مقبرو هو، جنهن کي جوهانسرگ (ڏکڻ آفريقا) ۾وفات کانپوءِ پهرين قاهرا ۾ دفنايو ويو هو ۽ پوءِ سندس پُٽ شهنشاهه محمد رضا شاهه سندس لاش گهرائي کيس هتي دفن ڪرايو ۽ مقبرو اڏرايو، جيڪو انقلاب کانپوءِ ڊاٺو ويو. تاريخ ۾ مقبرن ۽ قبرن جي بي حرمتيءَ جا ڪيترائي احوال ملن ٿا. جڏهن عباسين، اموين کي شڪست ڏيئي، سندس خلافت ختم ڪئي ته پهرينءَ عباسي خليفي ‘ابو السفاح’ دشمني ۽ انتقامي جذبي طور اموي خليفن جون قبرون کوٽرائي، انهن جي لاشن جا هڏا ڪڍرائي ساڙائي ڇڏيا ۽ خليفي هشام جو لاش سالم حالت ۾ قبر مان نڪتو ته اُن کي ڦاسيءَ تي لڙڪايائين.
شهنشاهه ايران پنهنجي جلا وطن پيءُ جو مڙهه قاهرا مان گهرائي ايران جي سرزمين ۾ دفن ڪرايو، پر پاڻ جلا وطنيءَ جي حالت ۾ قاهره ۾ گذاري ويو، کيس وطن جي مٽي به نصيب نه ٿي.
دو گز زمين بهي نه ملي ڪوئي يار مين.
شاهه عبدالعظيم جي مزار تان روانا ٿياسين ته ڊرائيور مرتضيٰ اسانکي هڪ ٻي زيارت ڪرائڻ جي لاءِ وٺي هليو، پر هاڻ ٿڪاوٽ ايترو ته غلبو حاصل ڪري ويئي هئي، جو آئون جلدي اندران ٿي، ٻاهر اچي هڪ بئنچ تي ويهي رهيس، جڏهن سڀ موٽي اچي وين ۾ ويٺا ته آئون به اُٿي اچي وين ۾ چڙهيس، مرتضيٰ اسان کي تهران جي مختلف رستن تان ڦيرائيندو “راهه آهن تهران” (ريلوي اسٽيشن تهران) تي ڇڏيو، جتان اسانکي ساڍي ڏهين وڳي واري ٽرين ۾ “مشهد” روانو ٿيڻو هو.
•