• سوئيت آ پاز تمان عقلمه عرف هوٽل ماسي مصيبتي!
اڌ مُني ڪلاڪ کانپوءِ جڏهن وسيم واپس موٽيو ته اسين به سامان کڻي سندس پٺيان روانا ٿياسين، هو اسانکي ٻي گهٽي ۾ بازار جي بلڪل وچ ۾ هڪ هوٽل وٽ وٺي آيو، اسين ساڻس مٿي چڙهي ڪائونٽر تي پهتاسين، وسيم سڀني کي مختلف ڪمرن جو چاٻيون ڏنيون، اسانکي ٽي ماڙ جي هڪ ڪمري جي چاٻي ڏنائين، قم ۾ ڪمري ۾ آئون ۽ امين هئاسين ۽ هت اسانجي پُکي ۾ فهد نڪتو. اسين سامان ڇڪي پاڻ گهليندا مٿي پهچي روم کوليوسين ۽ اندر گهڙياسين ته ڪمري جي حالت ڏسي صفا اندر ئي سڙي ويو. ڀتين جو رنگ روغن اُکڙيل، ڇت ۾ لڳل پنکو ڏاڏي آدم جي واري جو .... کوليوسين ته ڊڙ... ڊڙ.. پر ٿڪاوٽ ايتري ته طاري هئي، جو سامان اتي ئي ڦٽو ڪري ٿيلهو کولي، ٽوال ۽ صابڻ ڪڍي واش روم ۾ گهڙي ويس، ۽ فريش ٿي بستري تي اچي ڊهي پيس، جيئن ٿورو ٿڪ لاهي سگهجي.
گهڙي سوا مس گذري جوآفتاب شاهه ۽ صفدر شاهه به امين سان گڏ ڪمري تي آيا، هنن چيو “يار! اسين هن هوٽل ۾ رهڻ نٿا چاهيون.” سندن ڪمرا مٿي چوٿين ماڙ تي هئا.
“ڇو سائين .. خير ته آهي ؟” پُڇيو مان.
“ يار! هڪ ته ڪمرن جي حالت صفا خراب آهي نه اٿن پنکو.. نه ايئر ڪولر.. ٻيو ته ڪمرن جي ٻاهران ڇورا چڊا پايو ويٺا تاش ڪن ۽ سندن هُل پيو پوي، ان صورتحال ۾ پنج ڇهه ڏينهن رهڻ ممڪن ڪونهي.”
ڳالهه ته واقعي مناسب هئي.
اسين صلاح ڪري هيٺ لٿاسين، جيئن وسيم کي چئون ته هيءَ هوٽل فئملي سان گڏ رهائش لاءِ مناسب ڪونهي، هيٺ لٿاسين ته وسيم اڃا ڪائونٽر وٽ ئي موجود هو، کيس سڄي ڳالهه سمجهائيسين، پهرين ته هُن ٽال مٽول ڪئي ته هوٽل ۾ ٻيا ڪمرا ڪونهن، رمضان شريف ۾ زيارتين جي رش سبب هوٽلون ڀريون پيون آهن، پر جڏهن ٻنهي سيدن سيداڻون جلال ڏيکاريو ته همراهه جا ڍڍر ڍري پيا ۽ چيائين پوءِ جيئن اوهين چئو.
“هيٺيان ڪمرا ڪافي بهتر ۽ فئمليءَ وارن لاءِ مناسب رهندا.” مون سامهون ڪمري ۾ نظر وجهندي چيو، جيڪو خالي پي نظر آيو ۽ در به کليل هئس.
آفتاب شاهه به هڪ نظر ڏسي چيو ، “ٺيڪ رهندو.”
وسيم مئنيجر سان ڳالهايو، فارسيءَ ۾ ڳٽ مٽ ڪيائون، جيڪا اسان ته نه سمجهي، پوءِ اسانکي ٻڌايائين ته ‘هيٺ ڪمرا خالي ڪونهن’.
“هاڻ ..!؟”
“بهر حال اسين هن هوٽل ۾ ته نه رهنداسين.” سڀني آخري فيصلو ٻڌايو ته مون ۽ امين به سندن تائيد ڪئي.
“پوءِ اچو ته ڪا ٻي هوٽل ڳولهيون.” وسيم چيو، ايئن امين، آفتاب شاهه ۽ ڪجهه ٻيا همراهه، وسيم سان ٻي ڪنهن ٺڪاڻي جي ڳولا ۾ ٻاهر نڪري ويا ۽ اسين اُتي ئي بيهي هِتان هُتان جون خبرون ڪرڻ لڳاسين. پوءِ خبر پئي ته وسيم ڄاڻي ٻُجهي هوٽل ۾ ڪمرا مٿي ورتي هئا، جو هيٺ جي ڀيٽ ۾ مٿي ڪمرن جي مسواڙ ڪافي گهٽ هئي.
ڪلاڪ مُنو اُتي ئي بيٺا رهياسين، تيسين امين، آفتاب ۽ وسيم به موٽي آيا، امين ٻڌايو ته واهه جي هوٽل هٿ ڪئي اٿئون جهڙوڪر گهر .. ٽي وي به آهي ته فرج به آهي.. هر ڪمري ۾.
“خدا اوهانکي چاليهه ٻَچا ڏيندو..... زبردست !” ايئن چئي سامان سنڀالي کڻي امين جي پويان روانا ٿياسين، ٻي سنگت به اسانجي پويان پويان،
گهٽيون لتاڙيندا جڏهن اسين ‘سوئيت آپاز تمان عقلمه’ پهتاسين ته اُت هڪ ٿلهي متاري ماسيءَ اسانجو آڌر ڀاءَ ڪيو. آڌر ڀاءَ ڇا ڪيو؟ بس يا ته هوءَ اسانجي گلي ۾ يا اسين سندس ڳچيءَ ۾ پئجي وياسين. نالو ته الائجي “ڪُڄاڙو” هوس، پر پهرين ته اسان کيس ‘خانم’ چئي سڏڻ شروع ڪيو، پر پوءِ سندس افعال ڏسي مون سندس نالو کڻي “ماسي مصيبتي” رکيو. پوءِ ته هوٽل کي به “سوئيت آپاز تمان عرف هوٽل ماسي مصيبتي” چوڻ شروع ڪيوسين. ماسي مصيبتي ڪنهن زماني ۾ پي ٽي وي تان ٻارن جي لاءِ هلندڙ هڪ پروگرام “انڪل سرگرم” جو هڪ ڪردار هئي، جيڪو پرگرام ٻار وڏي شوق سان ڏسندا هئا ۽ ساڻس ٻيو جيڪو جهونو ڪنهن ڪنهن مهل نظر ايندو هو، اهو ڄڻ “نوني پا” هو. اسين سوئيت پهتاسين ته ماسي مصيبتي ورَکُنجيو سوئيت جي صفائي کي لڳي پيئي هئي، سوئيت جي ٻاهران هڪ قافلو پنهنجا ٽپڙ رکيو ويٺو هو، ان تازو ئي سوئيت خالي ڪئي هئي. پوءِ پتو پيو ته سوئيت ۾ سندن رهائش جو مدو ختم ٿيو ۽ اسانجا همراهه سوئيت بوڪ ڪرائي آيا ته ماسي مصيبتي کين سڱن تي کڻي ٻاهر ڪڍيو هو، ان مهل ڏينهن جا ساڍا ٻارهن کن ٿيا هئا، آخري ڏينهن ماسي مصيبتي اسان سان به ايئن ئي ڪيو، ٻارهين بجي کانپوءِ هن قافلو ٿو اچي ... قافلو ٿو اچي، چئي ايئن ئي سامان کڻي اسانکي ٻاهر رکرايو.
ماسي مصيبتي ستر سالن کان وڏي ڄمار جي هئي، کيس مٿي تي اسڪارف ۽ گهير وارو وڏو پڙو پاتل هو، هن صفائي پوري ڪئي ته اسان به وڃي ڪمرن ڀيڙا ٿياسين، جيڪي بهر حال ڪافي بهتر ۽ رهڻ جي لائق هئا. واش روم سان گڏ اندر ننڍڙو ڪچن به هو، گرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جون نلڪيون به هُيون، اسانجي حساب موجب ٺيڪ هئا، اندر پنکو لڳل نه هو، باقي ايئر ڪولر لڳل هو. جنهن کي هلائڻ جو بٽڻ ماسي مصيبتي جي هٿ ۾ هو ۽ هوءَ اڪثر اهو بند ڪري ڇڏيندي هئي، جيڪو کولرائڻ لاءِ بار بار هيٺ لهي کيس منٿون ڪرڻيون پونديون هُيون، جڏهن ڪولر بند ڪندي هئي ته دوست چوندا هئا “خانم واقعي به ماسي مصيبتي آهي.”
سوئيت ‘هوٽل’ ته ڪنهن ٻي جي هئي، پر ماسي مصيبتي ان جي سنڀاليندڙ هئي ۽ سوئيت جي آسپاس ڪيتريون ئي جايون ڊٺيون پيون هيون ۽ ڪجهه ڊاٺيون پي ويون، وسيم ٻڌايو ته اهي سڀ اڳ ۾ ننڍيون ننڍيون هوٽلون يا سراءِ هيون، هاڻ انهن جي طبعي عمر پوري ٿي وڃڻ سبب حڪومت انهن جي مالڪن کي معاوضا ڏيئي کين نئين سر اڏاوت لاءِ چيو آهي، ان حساب سان اسان واري ‘سوئيت آپاز تمان عقلمه’ به باقي ڪجهه ڏينهن جي مزمان هئي ۽ سوئيت جي بلڪل ڀرسان سڄو ڏينهن ٻي جڳهه کي ڊاهڻ جي لاءِ مزدورن جي ٺڪا ٺوڪي پيئي پوندي هئي، هڪ ڏينهن صبح جو ايڏو ته وڏو ٺڪاءَ ٿيو، جو اسان سمجهيو ته اسان واري سوئيت ويئي زمين دوز ٿي.
اسين ‘حرم’ مان ٿي يا چڪر چاڙهي هڻي واپس سوئيت ۾ گهڙندا هئاسين ته ماسي مصيبتي ڪائونٽر تي ويٺي اکيون ڦيرائي “ٻر ٻر” ڪري اسانکي ڏسندي هئي، هڪ ڀيري امين کي چيم ته يار ماسي مصيبتي جو ڪو يادگار فوٽو ته ڪڍ ته امين ڪئميرا کولي چيو “ خانم عڪسبندي!” ته اکيون ڦوٽاري “نِيست” چئي کڻي انڪار ڪيائين ۽ اسين به وٺي ڀڳاسين.
آخري ڏينهن جڏهن اسان واپس ورڻ لاءِ ڪمرن مان سامان لاهي هيٺ رکيو ته ڪائونٽر وٽ اسانکي اصل ويهڻ ئي نه ڏي، امين سندس اهڙي رويي تي کيس سزا ڏيڻ جو سوچيو ۽ ڪمري ۾ موجود هڪ ڪمبل ويڙهي سيڙهي کڻي ٿيلهي ۾ وڌائين، پر اسان منٿون ڪري کيس ان ڪمبل مان هٿ ڪڍايا، پر امين ان ڪمبل جي ڪسر واپسيءَ ۾ بس مان ڪڍي ۽ سيءُ کان بچاءَ لاءِ ڪنڊيڪٽر جو کڻي ڪوٽ پاتائين ۽ ان ڪوٽ سميت اچي حيدرآباد کان نڪتو.
ڪائونٽر تي ويٺي ويٺي ڇوڪرا ماسي مصيبتي تان کلڻ لڳا ته ملاقات جي لاءِ آيل مٽياريءَ هڪ دوست قربان کوسي کين منع ڪندي احتياط ڪرڻ جي لاءِ چيو ته “جي خانم ڪاوڙ جي پوليس کي اوهانجي شڪايت ڪئي ته اها اوهانکي ايئن کڻي ويندي جو خبر ئي نه پوندي ته اوهين ڪيڏانهن ويا، جيسين وڃي انڪوائريون ٿين.” ايران ۾ عورتن کي تنگ ڪندڙن جي خلاف سخت قدم کنيا ويندا آهن، قربان جي اها ڳالهه ٻڌي خانم تان کلندڙ همراهن جي ڄڻ ٽٽ ڦوس بند ٿي ويئي.
اُتي ويٺي ويٺي صابر حسين کي چيم ته يار پڇيس “ڀلا خميني سٺو هو يا رضا شاهه؟” صابر حسين، ڳالهين ڳالهين ۽ پڇيس ته وراڻيائين “خميني”.
“خميني ڇو سٺو هو خانم.؟”
“خميني امام هو سادات هو.” وراڻيائين.
“سادات ته شاهه بانو به هئي.”
جواب ۾ مرڪي پيئي ۽ ڪوبه جواب نه ڏنائين. گذريل ڇهن ڏينهن ۾ ماسي مصيبتي جي اها پهرين مُرڪ هئي، نه ته اصل منهن تي ڄڻ ست سوئر چهٽيل هوندا هئس.
جنهن وقت شاهه خلاف تحريڪ هلي هئي، ان وقت خانم ماسي مصيبتي جي عمر چاليهارو کن سال هوندي، هاڻ ستر کان مٿي هئي، پر اڃا به کڙي تڙي هئي ۽ آثارن ٻڌايو ٿي ته عمارت عظيم هئي.
اسانجا مشهد ۾ جيڪي ڇهه ڏينهن گذريا، ان ۾ خانم جي ڪِر ڪِر اسانجي بحث جو موضوع هوندي هئي ۽ اسين سندس ان ڪر ڪر کي به خوب انجواءِ ڪندا هئاسين.
هاڻ ته ‘شايد سوئيت آپاز تمان عقلمه عرف ماسي مصيبتي’ به نه رهي هجي ۽ خانم به شايد ڪنهن ٻي هنڌ نوڪري ڪرڻ لڳي هجي يا سوئيت جي ٻيهر اڏاوت جي اوسيئڙي ۾ ..؟
•