سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3830
  • 1026
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• آئون به هلان ٿو ايران

ٿيلهو ڳچيءَ ۾ پائي “جهان گردي” ڪرڻ جو خواب ڏسڻ کي ته ڪير روڪي نٿو سگهي، پر اُن خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ حالتن جي هٿان نه موقعا پي فراهم ٿيا ۽ نه ئي وري کيسي اهڙي بوجهه کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ٿي رکي، پاڻ مولائي مڙس، جيڪي اٺ ئي پهر اٽي جي سَٽن ۾، گهر جو گاڏو گهيلڻ لاءِ به حيران..... ڇا پريشان، نه ڪا باپ ڪمائي ۽ نه ئي وري ايتري آپ ڪمائي، نه هيٺين ڪمائي، نه مٿين ڪمائي، جو ڪجهه پاڇي ڪري، اهڙي خواب کي عملي ساڀيان ڏجي - باقي خواب ڏسڻ تي ته دنيا جو ڪوبه آمر ۽ جابر به پابندي هڻي نٿو سگهي.
پاڻ ته وري اهڙا مولائي مڙس جو اسلام آباد تائين به پنهنجي خرچ سان وڃڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه.... سو ڪٿي ٿا ٿيلهو ڳچيءَ ۾ پائي نڪرون ‘جهان گردي’ ڪرڻ.
پر، جڏهن به ڪو دوست ڪيڏانهن ٻاهر ويندو هو، يا وڃڻ جي سنڀت ڪندو هو ته اندر ۾ اها آس پيدا ٿيندي هئي ته ڪاش، هن دوست سان آئون به ڪر هجان ها گڏ..... پر هر ڪنهن جو ڀاڳ ساڳئي قلم سان ۽ نه ئي وري ساڳئي نموني لکيو ويو آهي.
وري جو هڪ ڀيري منهنجي ماسات رياض احمد مونکي صلاح هنئي ته “عمري تي هلندين” جواب ۾ چيومانس “ادا وٺي هلندين ته ڇو نه هلندس” ته هڪدم چيائين “ته پوءِ وارو ڪر... ارجنٽ پاسپورٽ ٺهرائي وٺ هفتي کن ۾.”
سندس چوڻ جي دير هئي، مون به اڳ پُٺ ڏسڻ کانسواءِ ئي، نه ڪئي هم، نه تم..... بس ارجنٽ پاسپورٽ ٺهرائي وڃي سندس تريءَ تي رکيم، مونکي ايڏو تڪڙو ڏسي هو حيران ته ضرور ٿيو، پاسپورٽ وٺي پاڻ وٽ رکيائين ۽ عمري جو پروگرام سو جڏهن مالڪ گهرائيندو ته هلي نڪرنداسين. آسرن ئي آسرن ۾، پوءِ ٻُڌم ته مالڪ کيس گهرائي ورتو، سچ ڪي الائي ڪوڙ..... باقي مالڪ وٽ شايد منهنجي درخواست اڃا پينڊنگ ۾ پيل آهي، جڏهن پُکو نڪري.... نيٺ هڪ ڏينهن پاسپورٽ کانئس وٺي اچي پاڻ وٽ هٿيڪو ڪيم ته ڪيڏانهن وڃان نه وڃان، پر ڏسيو ويٺو خوش ته ٿيندس ۽ گَري گنجي کي داٻو به پيو ڏيندس، ته ‘بابا پنهنجو ته پاسپورٽ ٺهيو پيو آهي.’
ايئن پوءِ هڪ ڏينهن جاويد قاضيءَ فون ڪري چيو ته لنڊن ۾ منور لغاريءَ پاران، ‘سنڌ ڪانفرنس’ ڪوٺائي پيئي وڃي. هل ته هلئون، چيومانس “يار پنهنجا کيسا صفا خالي ابن خالي اٿئي.” دلداري ڏنائين- پوءِ گڏجي لنڊن وڃڻ لاءِ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪيوسين، اُن ڀڄ ڊڪ ۾ منهنجي خالي کيسي اڃا به وڃي تر ورتو. هِتان هُتان.... پَٽ سَٽ ڪري جيڪي پندرهن سورهن هزار هٿ ڪيا هئم، سي ويزا في، فوٽن ۽ ڀاڙن ڀُتن ۾ ٿيا پورا، ۽ وري اسانجن اڳوڻن حاڪمن انگريز ماءِ باپ اهو چئي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته، “تنهنجو بئنڪ بئلنس ئي مشڪل سان 135 پائونڊ آهي. سو اسانجي ملڪ ۽ خاص ڪري لنڊن جهڙي شهر ۾ ڪيئن گذارو ڪري سگهندين، تنهڪري ماٺڙي ڪري ويهي راڳ مارئي ڳاءِ!” اُن مهل نيپولين جي چوڻي ياد اچي ويم ته ‘اها انگريز قوم واپاري آهي، ان جو سڄو ڌيان کيسن تي هوندو آهي.’
سچي ڳالهه اها آهي ته هينئر جڏهن پاڪستان ڇڏي، ايران جي سرحد ۾ گهڙيو آهيان ته مالڪ سائينءَ جي مهرباني نه مڃڻ سراسر ناشڪري ٿيندي.
گذريل هفتي جڏهن اها ڳالهه هڪ دوست سان ڪيم ته “ايران ٿو وڃان” ته هڪدم چيائين ته، “حرامي! ڪٿان پئسن جي ڌن لڌي اٿئي، جو هن ئي سال فيبروري - مارچ ۾ هندستان وين ۽ هاڻ وري ايران...”
“ڌن ته اهائي آهي، جيڪا کيسي ۾ اٿم... بس مالڪ سائينءَ جي نظرِ ڪرم آهي، نه ته پاڻ سنڌيءَ ۾ الطاف شيخ ۽ اردوءَ ۾ مستنصر حسين تارڙ جا سفر ناما پڙهي دل خوش ڪرڻ وارن مان آهيون.”
ايران اچڻ جو قصو به عجيب آهي، بس رڳو ايترو چئي سگهان ٿو ته قسمت ۾ هيءَ سفر لکيل هو. هڪ ڏينهن آپا مهر النساءَ لاڙڪ کي فون ڪري ڪا ڳالهه پُڇيم ته ڳالهين ئي ڳالهين ۾ چيائين، “ادا ايران پئي وڃان.” دل ۾ آيم ته چوانس، “آپا مونکي به وٺي هلو ها.” پر چئي نه سگهيس.
آپا مهرالنساءَ سان منهنجو رشتو هڪ پُٽ سان ماءُ جو، هڪ ڀيڻ سان ڀاءُ جهڙو آهي، آپا مهرو سدائين پيار، شفقت ۽ احترام سان پيش ايندي رهي آهي، آپا ٻڌايو ته هوءَ هڪ زيارتي قافلي سان 3 جولاءِ تي باءِ روڊ ايران پئي وڃي ۽ امين لاکو به گڏ آهي. امين لاکو، جيڪو آپا کي “امي” ڪري سڏي، تنهن جو ڀاءُ محمد خان “مسافر” لاکو ته اسان جهڙن دوستن تي ٻلهار ٻلهار پيو ٿيندو آهي.
“وڏو لاهه آهين امين، لڪي لڪي پيو ايران وڃين، توکي ڪو ايئن لڪي لڪي وڃڻ ڏبو ڇا؟” امين کي چيم.
“ته پوءِ تون به هَل ڪير ٿو روڪي توکي.” امين رکائيءَ مان وراڻيو.
“هاڻ ته مشڪل آهي، تون ٿي اچ، وري ڪنهن ٻي ڀيري....” مون چيس ڳالهه آئي ويئي ٿي ويئي.
آپا مهرالنساءَ وارن جي پروگرام ۾ ڪجهه ڏينهن دير ٿي ويئي، هڪ ڏينهن ويٺي ويٺي الائجي ڪهڙي خيال کان آپا مهر کي ايس ايم ايس ڪيم، “آپا مونکي به ايران وٺي هلو نه...!”
ٿوري دير کانپوءِ جواب آيو، “ادا ڀلي هلو.... سدا هلو.”
“پر ڪيئن آپا؟” پُڇيم،
آپا مهر سڄو طريقي ڪار لکي موڪليو ۽ مون به کڻي ها ڪئي. ٻي ڏينهن آپا ٻڌايو ته هُن قافلي جي سالار وسيم ڏهراج کي منهنجو فون نمبر ڏيئي ڇڏيو آهي، هو اوهان سان رابطي ۾ ايندو.
ان وچ ۾ منهنجو ايران وڃڻ جو ارادو ‘ها’ ۽ ‘نه’ جي وچ ۾ لڏندو رهيو، ۽ آپا کي چيم، “آپا منهنجو ذهن ٻڏتر جو شڪار آهي.”
“ادا، ٻڏتر جو شڪار نه ٿيو.... بس ذهن ٺاهيو ۽ هلو.”
“ٺيڪ آهي آپا.... يا بِسم الله.”
تيسين وسيم ڏهراج جي به فون اچي ويئي، مون کانئس سفر بابت سڄي خبر چار پُڇي، ساڻس طئي ڪري، فوٽو ڪڍائي، پاسپورٽ ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ سندس حوالي ڪيم ۽ ٻي ڏينهن دڙي هليو آيس، جتي ڪتابن کي ڦلهوريندي ڪافي سال اڳ ڪٿان هٿ آيل گورنمنٽ آف ايران جي “عالمي سياحتي اداره وزارت فرهنگ و ارشاد اسلامي” پاران اردوءَ ۾ ڇپرايل هڪ “ايران جي سياحتي گائيڊ” تي نظر پيم، جنهن ۾ مختصر پر جامع نموني ايران جي سياحت بابت نقشي سان سمجهايل هو، اها گائيڊ پڙهيم ته وڌيڪ سَهنجائي ٿي ۽ نقشو سامهون رکي ايران جي سياحت جو هڪ ننڍو خاڪو ذهن ۾ ٺاهي ورتم.
هونهن ته ماضيءَ ۾ ايران منهنجي سڀني حواسن تي نه به سهي، پر ڪجهه حواسن تي حاوي ضرور رهيو آهي.
مرزا قليچ بيگ جو فردوسيءَ جي شاهنامي تان آڌاريل قصو ‘رستم’... ان ۾ رستم پهلوان جي بهادريءَ جا قصا... سندس زال تهمينه ۽ پُٽ سهراب ۽ ٻنهي پيءُ ۽ پٽن جي وچ ۾ جنگ ڇا ته دلچسپ قصو هو، زابل، مازندران، ايران ۽ توران.... ۽ مرزا صاحب جي شيرين زبان....
شيرين ۽ فرهان جو عشقيه داستان!
فرهاد جو، شيرين جي عشق ۾ جبلن ۾ نهر کوٽڻ...
عربن ۽ ايرانين جي وچ ۾ ٿيل جنگيون.... جنگ قادسيه جي ڪهاڻي دلچسپيءَ سان پڙهڻ. تاريخ سان دلچسپيءَ نه رڳو ايران جي تاريخ پڙهائي، پر اسلامي تاريخ به ازبر ڪري ڇڏيم.
فردوسيءَ جي شاهنامي بابت ننڍي هوندي چوٿين يا پنجين ڪلاس ۾ اُستاد ڪريم بخش “پياسي” مڱڻهار... جيڪو خود به هڪ شاعر هو، ٻڌايو ته سلطان محمود غزنويءَ، فردوسيءَ کان شاهنامون ان وعدي تي لکرايو ته هو کيس اُن جي هڪ لفظ جي بدلي ۾ هڪ سوني اشرفي ڏيندو... پوءِ جڏهن فردوسيءَ شاهنامون مڪمل ڪيو ته، سلطان محمود غزنوي ، وعدي خلافي ڪندي، فردوسيءَ کي سونين اشرفين جي بدران، چاندي جا سڪا موڪليا، ۽ فردوسيءَ سلطان جي ان وعدي خلافيءَ تي ڏکوئجي درٻار مان هليو ويو ۽ پوءِ جڏهن محمود غزنويءَ کي احساس ٿيو ته هن فردوسيءَ کي سونين اشرفين جون خرزينون ڀرائي موڪليون.... ۽ طوس شهر جي هڪ دروازي مان خچر اهي اشرفيون کڻي اندر پي داخل ٿيا ته ٻي دروازي مان فردوسيءَ جو جنازو دفنائجڻ جي لاءِ کڄيو پي ويو... محمود بُت شڪن جي وعدي شڪنيءَ ۽ نا قدريءَ فردوسيءَ کي دل شڪستو ڪري ماري ڇڏيو.
خبر ڪونهي ته اهو اتفاق چئجي يا قدرت پاران ڪو اشارو ته سفر جي پروگرام ٺهڻ کان اڳ منهنجي دوست ۽ پاڙيسري غلام نبي سومري، انقلاب ايران جو اکين ڏٺو احوال “لوح ايام” اوچتوئي اوچتو مونکي پڙهڻ جي لاءِ ڏنو، ڇا ته خوبصورت ڪتاب آهي ۽ ان جو مائيدار نثر... چئن سئو صفحن جو ڪتاب ٽن چئن ڏينهن ۾ ايئن پڙهي پورو ڪيم.... جيئن ڪا پسند جي ڊش سامهون اچي ۽ هُجي به هڪ ۽ کائڻ وارا هجن گهڻا، ۽ جلدي جلدي چمچا ڀري کائيندو وڃجي. “لوح ايام” جي ذريعي مون مختيار مسعود کي بهترين نثر نويس طور دريافت ڪيو ۽ “آواز دوست” کي آواز ڏيڻ لڳس ته جلد هٿ ۾ اچ ته توکي به پڙهي وٺان، جيڪو ڪيتري ئي عرصي کان منهنجي لئبرريءَ ۾ مونکي تڪيندو رهيو آهي ته مونکي به ته پڙهي ڏس....!” باقي ‘آواز دوست’ جي جواب ۾ نسيم انصاري جو لکيل ڪتاب “جواب دوست” ته ڪيترائي سال اڳ مون پڙهيو هو.
اهو به عجيب اتفاق آهي ته جون جي آخرڌاري جڏهن ڪنڌڪوٽ کان ٿيندو لاڙڪاڻي پهتس ته هڪ ڪتاب گهر تي ڪتابن کي ڦلهوريندي جي پي فيريز ۽ هيڊن جي 1845ع ۽ 1885ع ۾ ڪيل ايران جي سفر جو داستان رڳو ان ڪري خريد ڪيم ته حيدرآباد تائين سفر دوران پڙهي سگهان... وقت جي گذاري طور.
ايران، جنهن جي قدامت ۽ اهميت ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته قبل ازسلام ان سرزمين تي ٽن مذهبن جنم ورتو. زرتشي (Zoroastrain) ماني ۽ مزدڪ ازم، جن مان هاڻ فقط زرتشي مذهب جا پوئلڳ، جن کي پاڻ مجوسي يا پارسي چئون هندستان، ۽ ايران ۾ موجود آهن. ڪجهه پاڪستان ۾ به ۽ سڄي دنيا ۾ ڏيڍ ٻن لکن جي لڳ ڀڳ مس ٿيندا.
تشعيت جي جنم جي سرزمين به ايران ئي ته آهي، نه رڳو اهل تشعيت، پر سُني مذهب سان واسطو رکندڙ چئني وڏن فقهن حنفي، حنبلي، مالڪي ۽ شافعي مسلڪن جا امام پڻ ايران سان واسطو رکن ٿا.
بهائي يا بابي مذهب به، جنهن جي باني محمد علي ‘باب’ پهرين ته امام مهدي هئڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ اهل تشعيت سان ئي واسطو رکندڙ هو، پوءِ هن ڌار بهائي/بابي مذهب جو بنياد رکيو، ايران جي سرزمين تي ئي ته جنم ورتو. قرتھ العين طاهرا، ان ئي ‘بهائي’ مذهب سان لاڳاپيل هئي، ڇا ته خوبصورت شاعرا هئي. قرتھ العين تي جميله هاشمي جو خوبصورت غنائيه “چهره به چهر روبرو” ڪو پڙهي ته ڏسي.
آئون بيٺو آهيان ايران جي سرحد تي، جنهن جي سڃاڻپ گگوش به آهي. ايران جي عظيم فنڪارا، جنهن حافظ، خيام، سعدي ۽ شيرازي کي پنهجي مترنم آواز ۾ نئين رنگ ۾ پيش ڪري دوام کي دوام بخشي ڇڏيو، جيڪا جوانيءَ ۾ ئي ايران ۾ گم ٿي گم نان ٿي ويئي ۽ ٻاويهن سالن کانپوءِ پئرس ۾ ظاهر ٿي. پنهنجي حياتي ۽ فن بچائڻ جي لاءِ يڪي ٻاويهن سالن جي ٽُٻي... گگوش، جنهن بابت ايئن سمجهيو ويو هو ته هوءَ به ايراني انقلاب جي طوفاني لهرن ۾ لڙهي ويئي. دنيا سمجهيو هو ته کيس به ايراني انقلاب ٻي دنيا جي ٽڪيٽ وٺرائي ڇڏي آهي.
آئون خانم گگوش جي ان ملڪ ۾ داخل ٿي رهيو آهيان، جنهن لاءِ اسانجي سنڌ جي البيلي شاعر ‘حسن درس’ لکيو هو.
خانم گگوش جي تصوير جي
فريم ۾
هڪ ملڪ بند آهي
جتي جي سرحدن ۾
جواني منع آهي
تاريخ جي سگريٽ کي
تيليءَ چميو ته
وقت دُکي پيو
۽ هڪ ڊگهي ڪشش ۾
درد جو سُرمئي دونهون
هوا ۾ اُڏرندو ويو
تون هڪ ڦُلي وانگي
پنهنجي قبر جي ايش ٽري ۾
بي معنيٰ ٿي ڇڻي پوندين.
گگوش جي اکين ۾
هڪ ڪربلا ڇرڪ کائي جاڳي اُٿي
۽ خوابن جا حُسين
پنهنجي قتل جي بي واجبيءَ تي
هر يزيد جو ابدي موت اورانگهي
من جي نيڻ موسمن جا
نوان عنوان بنجي ويا
درد جي هن پراڻي ڍنڍ تي
ڏيهي ۽ پرڏيهي پکي
جڏهن گڏجي اُڏرندا
۽ چٽي اُس ۾ به
پکين جو هڪ ڪڪر
ڍنڍ تي ڇانورو ٿيندو
ته ڪروڙين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون
جواني جي ٽاريءَ تي
زندگيءَ جي چيلهه ۾ ٻانهون وجهي
مسلسل ٽهڪ ڏيندا
۽ انهن ٽهڪن ۾
گگوش سدائين جوان رهندي.

حسن درس جي ان نظم لاءِ شيخ اياز تبصرو ڪندي لکيو ته ‘سبط حسن، اهو نظم پڙهي ها ته پنهنجي ڪتاب ‘انقلاب ايران’ ۾ ترميمون آڻي ها.’
منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سوال آهن، ڇا واقعي هڪ سڄي ساري ملڪ ۾ جوانيءَ تي پابندي وڌل آهي، مونکي تجسس آهي ان ڳالهه جو ته ڇا هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي جو شاعر ‘حافظ شيرازي’ محبوب جي ڳل جي ڪاري تر تان سمرقند ۽ بخارا جا شهر قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هو . تنهن ۾ محبوبيت تي پابندي وڌل آهي.
سوچيان ٿو ته افسوس جو حسن درس هن دنيا ۾ ڪونهي، جنهن گِگوش جي موت جي خبر ٻُڌي ٻاويهه سال اڳ ‘هُنَ’ شخص جي مذمت ڪندي، کيس تاريخ جي ڊسٽ بن ۾ “سگريٽ جي ڦلي” جيان ڇنڊجڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي.... افسوس جو آئون ايران مان واپس وري حسن درس سان سندس مٿين نظم جي پسمنظر تي ڳالهائي نه سگهندس ۽ کيس اهو ٻُڌائي نه سگهندس ته مون ‘خانم گِگوش جي تصوير جي فريم ۾ بند هڪ ملڪ کي ڪيئن ڏٺو’.
شاعر جو پنهنجو تخيل آهي ۽ وقت!
جيڪو تخيل کي حقيقت جو روپ ڏيندي دير ئي نٿو ڪري.
آئون وِک وڌايان ٿو ۽ ٻي گهڙي فردوسي، عمر خيام، حافظ شيرازي، قرتھ العين طاهره، رودڪي، انوري، جامي، شيخ سعدي، صادق هدايت ۽ گِگوش جي ملڪ ايران ۾ داخل ٿي وڃان ٿو، جن جي سڃاڻپ هر سرحد ۽ ٻولي، فڪر، نظام ۽ ازم کان مٿاهين آهي.
*

اگر آن ترڪ شيرازي بدست آرد دلِ مارا
بخالِ هندوش بخشم سمرقندو بخارا را.
(حافظ شيرازي)