• قم ۾ چار ڏينهن
بس اسانکي شهر کان ٻاهر ٽول پلازا ٽائپ هڪ هنڌ تي لاٿو. جتان پوءِ اسانکي هڪ ننڍي ڪوسٽر کڻي شهر پهچايو. اسانجي رهائش جو بندوبست “حرم” جي بلڪل سامهون ‘پل آهنچي’ جي ٻي پاسي مکيه روڊ جي ڀرسان هڪ ننڍي هوٽل ‘مسافر خانه سعدي’ ۾ ڪيو ويو هو. ان هوٽل جي آسپاس ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون ۽ وچولي قسم جون هوٽلون هيون. انهن هوٽلن مان اڪثر ۾ باٿ روم، وهنجڻ خانا ۽ بورچي خانا ڪامن هئا. جنهن ڪري ڪنهن ڪنهن مهل پنهنجي واري جو انتظار به ڪرڻون ٿي پيو، ان ڪري مونکي صبح جو جيئن ئي ننڍ مان جاڳ ٿيندي هئي ته ٽوال کڻي وهنجڻ جي لاءِ هيٺ هليو ويندو هئس، جيئن نه رڳو ٻين کان اڳ تيار ٿي سگهان، پر هروڀرو پنهنجي واري اچڻ جي اوسيئڙي کان بچي سگهان.
چاٻي وٺي اچي ڪمرن ڀيڙا ٿياسين، ڪمرا ننڍا پر چڱي حالت ۾ هئا، سامان ڦٽو ڪري بسترن تي ڊهي پياسين، گذريل ٽن راتين جي مسافري، اڌ ننڍ اڌ جاڳ جي حالت ۾ رهڻ ڪري ٿڪاوٽ اسانجي بُت کي اصل ڪنهن ڄؤر جيان چُهٽي ويئي هئي، پر ان هوندي به مون بستري تي ليٽندي امين کان پڇيو، “هاڻ ڇا پروگرام اٿئي.؟”
“جيئن چئو.....”
“منهنجي خيال ۾ ڪلاڪ ٻه ليٽي چيلهه سڌي ڪري، فريش ٿي نڪري پئون، پوءِ جيڏانهن ڪنڌ اوڏانهن پنڌ....”
“ٺيڪ آهي...” امين وراڻيو.
ڪلاڪ سوا ليٽي چيلهه سڌي ڪري امين هيٺ هليو ويو، جيئن آپا مهرالنساءِ وارين جي خبرچار وٺجي ۽ جيڪڏهن کين ڪنهن شئي شغل جي ضرورت هجي ته اها به کين وٺي ڏجي ۽ چانهه جو به بندوبست ڪجي.
ايران جي سڄي سفر جي دوران، امين آپا وارن جو تمام گهڻو خيال رکيو ۽ ڪافي هنڌن تي ته پنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي پروگرام ۾ آپا وارن جي ڪري ڪٽ سَٽ به ڪئي. سچي ڳالهه اها آهي ته امين لاکو نيڪ، اشراف، نياڻين جهڙو پُٽ ۽ خذمت گذار بندو آهي. پر ٿورو اتڙو، چيڙاڪ، زود رنج جلدي ردعمل ڏيکارڻ وارو به. منهجي ساڻس سالن کان دوستي آهي... صفا بي ضرر انسان، هروڀرو ڪنهن کي نقصان رسائڻ يا تنگ ڪرڻ سندس سرشت ۾ شامل ڪونهي. سفر دوران هڪ ڀيري منهنجي چيل هڪ بنهه ننڍڙي ۽ خسيس ڳالهه جي ڪري ردعمل ۾ اچي بنا اطلاع جي منهنجي هَنڊي ڪُني ئي ڌار ڪري ڇڏيائين. نتيجي ۾ تهران کان وٺي مشهد تائين جي سڄي ريلوي سفر ۾ ۽ ورندي ٻيو سڄو ڏينهن ۽ رات مونکي بُک تي گذارڻون پيو. پوءِ امين، آپا وارن سان هنڊي ڪنيءَ ۾ گڏ ۽ آئون پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ دل چاهيو ٿي ته “نان ما است” (دهي مانيءَ) تي گذارو ٿي ڪيم يا “نان شير” تي.
سندس اُن ردعمل ۽ حرڪت تي پهرين ته مون به سوچيو ته ڏيکاريان پنهجي وڏيرپ... پر سندس ان حرڪت کي جذباتي ۽ ٻاراڻي سمجهي درگذر ڪري ڇڏيم، پوءِ کيس به پنهنجي ان ردعمل جو احساس ٿيو ۽ معذرت به ڪيائين... پوءِ مون باقي سڄي سفر ۾ “يار تو ته مونکي بُک ماريو... پر....” چئي کيس چيڙائيندو ۽ انجواءِ ڪندو رهيس.
ايران ويندڙ زائرين اڪثر پاڻ سان گڏ کنڊ، چانهه، مرچ مسالا، چانور ۽ ٻيو سيڌو سامان کڻي ويندا آهن. وسيم مونکي به چيو هو ته “ٽي بئگس وغيرهه کڻجو” پر مون ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو، ان جو هڪ سبب اهو به هو ته آئون چانهه جو عادي ڪونه آهيان، ملي ته واهه، نه ملي ته وڃي ٿيا ست خير... ٻين يارن وانگي “چانهه کانسواءِ اصل مٿو ٿو ڦاٽي” جو ورد نه ڪندو آهيان، امين، آپا مهرالنساءِ جي چوڻ تي ڪجهه سامان خريد ڪيو هو، ڪجهه سامان وري آپا وارن وٽ به هو، ايران جي سفر کانپوءِ منهنجي تجربي موجب زائرين يا جيڪي دوست گروپ جي صورت ۾ ايران جي سياحت تي وڃن ٿا، تن لاءِ بهتر اهو آهي ته هو پاڻ سان چانهه، کنڊ، چانور، ڪلو اڌ دال ۽ ٿورا گهڻا مسالا۽ پائوڊر وارو کير ضرور کڻن، ڇاڪاڻ جو هڪ ته ايراني کاڌا کين مزو ئي نه ڏيندا ۽ پنهنجي ذائقي جي حساب سان پنهنجي مزاج وٽان ناهن. پنهنجي رڌ پچاءُ ڪرڻ سان ڪافي بچت به ٿئي ٿي ۽ هڪ ٽوئرسٽ يا زيارتيءَ لاءِ سڀني کان سُٺي ڳالهه اها آهي ته هو ٿوري خرچ ۾ گهڻو گهمي، ٻيو ته ايران جي هوٽلن ۾ رڌ پچاءُ جون سهولتون به موجود آهن، جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آهي. ايران ۾ چانهه جي نالي ۾ جيڪو قهوو ملي ٿو، اهو بنا کير ۽ کنڊ جي هوندو آهي. پيئڻ مهل تروڙين جيتريون کنڊ جون ڳڙيون، هڪ هڪ ڪندا وات ۾ وجهندا مٿان قهووي جا ڍڪ ڀريندا آهن. پاڻ جهڙن ماڻهن لاءِ اهو پيئڻ به وڏي مشڪري بنجيو وڃي. اسين به رونشي خاطر ڪنهن ڪنهن مهل پيئندا هئاسين، پوءِ جڏهن ايراني طريقي سان پي نه سگهندا هئاسين ته اهي “قند” جون ڳڙيون (ايران ۾ کنڊ کي قند چون) قهوي ۾ وجهي ڳاري ڪم ٽپائيندا هئاسين، ۽ وري امين لاکي جهڙا چانهه ۽ سگريٽ جا موالي، تن کي دوڌ پتي چانهه نه ملي ته سندن سڄو ڏينهن ڄڻ مُردار بنجيو وڃي، تنهنڪري ٽي بئگس ۽ خشڪ کير هئڻ سان اهو مسئلو حل ٿيو وڃي.
اڌ مُني ڪلاڪ کانپوءِ امين هيٺان بسڪوٽ ۽ چانهه جا ٻه وڏا مگ کڻي آيو، اسين هتان پاڻ سان پليٽ، مگ، گلاس ۽ چمچو گڏ کڻي ويا هئاسين، جنهن مهل گهران اهي شيون کنيم پي ته عجيب پي لڳو ته ايران ۾ انهن شين جي ڪا ايڏي کوٽ آهي ڇا؟،جو ٿانوَ به هتان کڻيو پيا وڃون. پر ايران پهچڻ کانپوءِ احساس ٿيو ته هڪ زائريا سياح لاءِ ايران ۾ انهن شين جي ڪيڏي نه اهميت ٿئي ٿي. پهريون تجربو ته زاهدان ۾ ئي ٿيو، جڏهن بس ٽرمينل تي هوٽل ۾ ماني کائيندي، هوٽل واري ٻيو گلاس ۽ واڌو چمچو ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته هڪ ڊش سان فقط هڪ گلاس ۽ چمچو ملندو.... ٿورو حيران ته ٿياسين، پر پوءِ امين کي چيم، “وڃي ڌوڙ پائين... ڀلي نه ڏين... پاڻ وٽ ڪو گلاسن ۽ چمچن جي کوٽ آهي ڇا؟” ايئن چئي مون ٿيلهو کولي پليٽ، گلاس ۽ چمچو ڪڍي ٻاهر رکيو ۽ هوٽل وارو ڏسندو ئي رهجي ويو. هن سمجهو ته اسين کيس ٻي گلاس يا چمچي لاءِ منٿ ڪنداسين، يا هو اسان کان ڪجهه تومان وٺي اسانکي اهي واڌو شيون مهيا ڪندو، پر جڏهن هن جي انڪار تي مون بنا دير جي اهي شيون ٿيلهي مان ڪڍي ٻاهر رکيون ته هن پنهنجو ڌڪ گُسندي محسوس ڪيو هوندو.... هاڻ هو اهو ته چئي نٿي سگهيو ته “هن هوٽل ۾ ٻاهرين ٿانوَن جي استعمال جي منع آهي.” وري هو نڀاڳو بي رحم به اهڙو، جو جڏهن اسان بوتلن ۾ پاڻي ڀرڻ شروع ڪيو ته اسانکي پاڻي ڀرڻ کان به منع ڪيائين، صفا ڪو يزيد ۽ شمر جي نسل جو هو.
سو هاڻ قم ۾ انهن ٿانوَن يعني پليٽ، مگ، گلاس ۽ چمچي اسانکي وڏو ڪم ڏنو.
ڪلاڪ سوا چيلهه سڌي ڪري، چانهه جو وڏو مگ پي ٿورو سامت ۾ آياسين ته ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ تياري ڪرڻ لڳاسين، جيئن ‘قم’ جو چڪر لڳائي واءُ سواءُ وٺي سگهجي. (ايراني قم جو اُچار غُم ڪڍن، يعني ق جي جاءِ تي غ جو آواز ڪڍن جيئن آقا کي آغا چون.)
قم شهر تهران کان 135 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي بلڪل ايران جي مرڪز ۾ آهي. هيءَ شهر 23 هجريءَ ۾ ابو موسيٰ اشعريءَ جي هٿان فتح ٿي اسلامي سلطنت ۾ شامل ٿيو، قم جي اهميت تڏهن وڌي جڏهن شيعن جي ستين امام حضرت موسيٰ ڪاظم رضا جي باعظمت نياڻي حضرت بيبي فاطمھ معصومه 210 هجريءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ حضرت امام رضا سان ملڻ جي لاءِ خراسان رواني ٿي ۽ رستي ۾ هڪ شهر “سدوهه” ۾ بيمار ٿي پيئي، بيماريءَ جي دوران ئي کيس پنهنجي ڀاءُ امام رضا جي شهادت جي خبر ملي ۽ بيبي صاحبه دل ۾ ڀاءُ سان ملڻ جي حسرت سانڍي، اهو صدمون سهي نه سگهي ۽ ‘قم’ ۾ هن فاني جهان مان موڪلائي ويئي ۽ کيس جتي هينئر سندس مقبرو آهي، اُتي دفنايو ويو. سندس اهو ‘آستانه قدس رضوي’حضرت امام رضا جي مرقد کانپوءِ ايران جي ماڻهن توڙي سڄي دنيا جي شيعن ۽ اهل بيت سان محبت رکندڙن جي لاءِ وڏي ۽ سڳوري زيارت آهي. جيتوڻيڪ قم جي مکيه اهميت ته حضرت معصومه جي مزار مبارڪ جي ڪري آهي، پر ڪجهه ٻيون ڳالهيون به هن شهر جي قدامت ۽ مشهوريءَ جو سبب پڻ آهن. انهن مان هڪ اها آهي ته هي شهر سدائين اهل بيت جي مڃيندڙن لاءِ پُرامن جاءِ ۽ پناهه گاهه رهڻ سان گڏوگڏ شيعن جو علمي ۽ ديني مرڪز به رهيوآهي، تنهن کان اسلامي صدين جي شروعات ۾ جڏهن به ڪو مظلوم، ظالم ۽ جابر سلطان جي ظلم کان سر لڪائي ڀڄندو هو ته هن ئي شهر ۾ اچي پناهه وٺندو هو، ان جي ڪري به هن شهر کي “عشس آل محمّد صلعم” يعني آشيانه اهل بيت ۽ انهن جي پوئلڳن جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
ايران ۾ صفوي حڪومت جي قيام کانپوءِ شاهه اسماعيل صفويءَ ‘شيعت’ کي ايران جو سرڪاري مذهب قرار ڏنو ته قم جي اهميت اڃا به وڌي ويئي. جيتوڻيڪ افغانن جي حملي سبب قم ويران به ٿيو، پر قاچارين جي دور ۾ شهر جون رونقون موٽي آيون ۽ شهر ۾ ٻيهر اڏاوتون ڪيون ويون.
ڏٺو وڃي ته نجف اشرف ۽ قم ٻيئي شهر شيعن جا اهم علمي ۽ فقهي مرڪز رهيا آهن، پر عراق جي سياسي حالتن سبب نجف اشرف جي فعاليت ۾ ڪمي اچي ويئي، پر قم شهر جي اهميت نه رڳو قائم رهي، پر دنيا ۾ شيعي فعاليت جو وڏو ۽ اهم مرڪز رهيو. قم سدائين علم جو گهوارو ۽ مرڪز پي رهيو آهي. قم شهر ۾ شيعي تعليم جا وڏا مرڪز ۽ مدرسا آهن، انهن ۾ نه رڳو ايران، پر سڄي دنيا مان ايندڙ شاگردن کي پڙهايو ويندو آهي. ۽ اهي عالم ۽ فاضل بنجي پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن وڃي، پنهنجا فرض ادا ڪندا آهن.
هتي آئون قم جي باري ۾ هڪ ڪتابڙي ۾ لکيل هي لفظ ورجائيندس ته، “هن شهر ۾ زندگي بي مقصد ۽ روز مره جيان نٿي گذري، هتي جا مدرسا ۽ درس گاهون رڳو علم ۽ درس جا قيد خانه ڪونهن، هن جون گهٽيون ۽ بازاريون فقط اچ ۽ وڃ ۽ گشت جي لاءِ ڪونهن، پر هي ‘قم’ آهي يعني علم جو مرڪز، جهاد جو ميدان ۽ عرصه اجتهاد.”
مٿي ذڪر ٿيو آهي ته قم شهر مدرسن ۽ علم جي ڦهلاءُ جو مرڪز رهيو آهي، هونئن ته هتي ڪيترائي ننڍا وڏا مدرسه آهن، پر آستانه حرم معصومه جي اڱڻ ۾ موجود ٻه مدرسا “مدرسه فيضيه” ۽ “مدرسه دارالشفا” اهم آهن.
مدرسه فيضيه
فيضيه مدرسو، آستانه حرم جي اڱڻ ۾ ‘صحن عتيق’ سان لڳ آهي، جنهن جي سامهون بيبي معصومه جي ضريح مبارڪ آهي، هن مدرسي جي باري ۾ عام طور چيو وڃي ٿو ته “مدرسو فيضيه ايران ۾ سڀ کان وڏو ديني مدرسو ۽ هن ملڪ ۾ اسلامي انقلاب جو وڏو نمونو آهي.” نجف اشرف کانپوءِ هي مدرسو شيعه روحانيت جو سڀ کان وڏو مرڪز رهيو آهي، هي تاريخي مدرسو جيڪو حضرت معصومه جي مزار جي اڱڻ ۾ آهي، سو گذريل صديءَ ۾ ڪيترن ئي حادثن ۽ انقلابن سان دو چار رهيو آهي، نه رڳو اهو پر پهلوي شهنشاهيت جي خلاف هلندڙ هلچل ۾ هن مدرسي کي مرڪز جي حيثيت حاصل رهي، هن ئي مدرسي ۾ آيت الله خميني پنهنجي شاگرديءَ جو وڏو عرصو گذاريو ۽ هتي ئي درس و تدريس به اختيار ڪيائين.
هن مدرسي جي اڏاوت به عام طور تي صفوي دور ڏانهن منسوب ڪئي وڃي ٿي، پر جديد رونق ۽ آب تاب هڪ دين جي عالم مرحوم شيخ عبدالڪريم حائري جي همت ۽ اٽل ارادن جو نتيجو آهي... هو اصل ‘اراڪ’ جو رهاڪو هو ۽ پوءِ قم اچي هن مدرسي کي سنڀاليائين ۽ وڌيڪ اڏاوتون ڪرايائين، ۽ 1930ع ڌاري هڪ وڏي لئبرري به قائم ڪيائين... ائين پوءِ مدرسي ۾ وقت بوقت اڏاوتون ۽ واڌارا ٿيندا رهيا، هن وقت فيضيه مدرسي جي ڪمرن جو تعداد هڪ سئو آهي، چئن ايوانن تي ٻڌل هي مدرسو ڪاشي، خطاطي، نقش نگاري ۽ ٻين قديم فن جو شاندار نمونو آهي.
مدرسه دارالشفا
مدرسي فيضيه جيان هي مدرسو پڻ ايران جي ديني ۽ سياسي اجتماعي انقلاب ۾ هڪ خاص اهميت جو حامل رهيو آهي، صفوي دور حڪومت ۾ هي مدرسو “شاهه قلي صحن” جي نالي سان مشهور هو ۽ قاچارين جي دور ۾ “مدرسه فتح شاهه” جي نالي سان منسوب هو. 1928ع ۾ جڏهن مدرسي جي ٻيهر اڏاوت ٿي ته اسپتال ۾ تبديل ٿي ويو ۽ “دارالشفا” جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
1922ع ۾ جڏهن امام خميني قم آيو ته ڪجهه وقت فيضيه مدرسي ۾ رهڻ کانپوءِ ‘دارالشفا’ منتقل ٿي ويو، جيئن پُر سڪون ۽ اڪيلائي جي ماحول ۾ رهي سگهي، امام خميني هتي 1929ع تائين رهيو، دارالشفا جي جديد اڏاوت ۾ سندس رهائش وارو اهو ڪمرو محفوظ رکيو ويو آهي، ۽ “حجره امام خميني” جي نالي سان اُن جي دروازي تي تختي پڻ لڳل آهي.
•