• بيبي معصومه جي مزار جي زيارت
مزار جي اندر گهڙي ٿورو اڳتي وڌياسين ته سامهون وضو جي لاءِ هڪ حوض نظر آيو، جنهن ۾ نلڪا لڳل هئا ۽ ماڻهو اُن مان وضو ڪري رهيا هئا. اسين هوٽل مان ئي وضو ڪري آيا هئاسين، تنهنڪري اڳتي وڌي وياسين، جتي پلاسٽڪ جون ٿيلهيون رکيون هُيون، جيڪي سڀڪو کڻندو، بوٽ لاهيندو ان ۾ وجهندو، اڳيان “ڪشفداريءَ” تي ڏيندو ٽوڪن وٺندو ويو. ڪي ته همراهه ۽ زائفائون ٿيلهيءَ سميت اندر هليا پي ويا، ڪا روڪ ٽوڪ نه هئي، اندر وڌي اڱڻ ۾ پهچي عورتن لاءِ ڌار “راهداري خواهر” هئي، جتان هو ڌار بي بي معصومه جي مزار ڏانهن پي ويون ۽ مرد وري “راهداري برادران” ڏيئي مختلف اڱڻ ٽپندا “ضريح مبارڪ” ڏانهن پي ويا. اسين به وسيم جي اڳواڻيءَ ۾ اچي “ضريح” وٽ پهتاسين. بيبي معصومه جي قبر جي چوڌاري لڳل جنگهلي کي “ضريح مبارڪ” چون. ضريح مبارڪ وٽ عقيدت مندن جو وڏو هجوم هو، جيڪي ضريح کي هٿ لائيندا، چمندا، لڙڪ ڳاڙيندا، درود ۽ سلام پڙهي رهيا هئا، ڪي ته اُڀن پيرن قرآن پاڪ ۽ زيارت به پڙهي رهيا هئا. جيڪي سڄي ‘حرم’ ۾ مختلف هنڌن تي ٺهيل سهڻن طاقن ۾ رکيا هئا. بي بي صاحب جي مرقد وٽ عجيب غم، عقيدت ۽ احترام واري ڪيفيت طاري هئي. عقيدت مند ساداتن جي تڪليفن کي ياد ڪري کين عقيدت ۽ لڙڪن جا نذرانا پيش ڪري رهيا هئا. ‘ضريح مبارڪ’ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، وچان ديوار کڙي ڪري هڪ حصو مردن ۽ ٻيو حصو عورتن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي، سڄي ايران ۾ امامزادن جي مزارن تي ايئن ِئي آهي، هڪ لحاظ کان اهو ٺيڪ به آهي، جو ان سان هرڪو سولائي سان زيارت ڪري سگهي ٿو، پرديدار عورتون به بنا حجاب جي اُتي ويهي زيارت ڪري درود ۽ سلام پڙهي سگهن ٿيون.
اندر گهڙندي ئي رش سبب اسين ٽڙي پکڙي وياسين، البت آئون ۽ امين گڏ رهياسين... اسان بي بي صاحبه کي درود ۽ سلام پيش ڪيو ۽ دعا گهري، پوءِ ٻاهر نڪري آياسين، ٻاهر نڪرڻ مهل هڪ طاق تي رکيل قرآن شريفن مان هڪ قرآن کڻي کولي ڏٺم، خوبصورت آرٽ پيپر تي نهايت سهڻي نموني ڇپيل هو. ان عربي متن جي هيٺان فارسي ترجمو پڻ ڏنل هو. مون ايران ۾ مختلف مزارن تي يا ڪتاب گهرن تي جيڪي به قرآن شريف ڏٺا، انهن مان اڪثر فارسيءَ ترجمي سان ڇپيل هئا، ايرانين جو اهو خيال آهي ته قرآن شريف رڳو پڙهڻ نه پر سمجهڻ به گهرجي ۽ سمجهڻ لاءِ ان جو ترجمو پڙهڻ گهرجي، قرآن شريف ايترا ته خوبصورت هئا، جو منهنجي دل چاهيو ته اُتان هڪ تبرڪ طور پاڻ سان کڻي “سنڌ” اچان. اهو خيال ايندي ئي آئون سامهون هڪ ننڍي ڪوٺيءَ ۾ رهنمائي لاءِ ويٺل مولوي صاحب ڏانهن هليو ويس، هن مرڪي منهنجي آجيان ڪئي ۽ مون اشارن ۾ کانئس پڇيو، “آغا، ڇا آئون هتان هڪ قرآن شريف کڻي وڃي سگهان ٿو” هن منهنجي ڳالهه ٻُڌي ساڳئي ئي مرڪ ساڻ ڪنڌ ڌوڻي نهڪار ڪئي. مون سندس مهرباني مڃي ۽ قرآن شريف واپس اچي طاق تي رکيم، پر سچي ڳالهه اها آهي ته منهنجي ذهن مان قرآن شريف تبرڪ طور پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جو خيال آخر تائين نڪري نه سگهيو.
بي بي صاحب جو روضو مبارڪ ڏاڍو خوبصورت نقش و نگارن سان ٺهيل آهي ۽ ان تي نهايت نفيس ڪم ٿيل آهي ۽ سندس خوبصورتي تي ڏسڻ وٽان آهي، ‘ضريح مبارڪ’ ۽ ان جو گنبذ سڄو سون سان ٺهيل آهي، ۽ اهو گنبذ قم ۾ پري کان چڪمندو نظر ٿو اچي، رات جو ته بجليءَ جي بلبن ۾ اُن جي خوبصورتي ۽ چمڪ ڏسڻ وٽان هوندي آهي، ضريح مبارڪ تي نهايت سهڻي ميناڪاري ڪيل آهي، هنڌ هنڌ تي خوبصورت ۽ وڏا فانوس لڳل آهن، جن جي اڇي کير جهڙي روشني اکيون ئي کيريون ڪريو ڇڏي، روضي جو سڄو انتظام هلائڻ جي لاءِ اتي عملو مقرر ٿيل آهي، جن جي آفيس مان اوهان ڪابه معلومات ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهو ٿا. ضريح مبارڪ جي اندر ڪيترائي خادم سنهي تند وارا جاڙو کنيو بيٺا هئا، جيڪي زائرين تي نظر رکڻ سان گڏ فليش ڪئميرائن سان فوٽو ڪڍڻ کان روڪي رهيا هئا. البت موبائيل سان فوٽو ڪڍڻ تي روڪ ٽوڪ ڪانه هئي، پُڇڻ تي معلوم ٿيو ته فليش جي چمڪ سان ضريح مبارڪ ۽ روضي تي ٿيل خوبصورت ڪم جي چمڪ تي اثر ٿو پوي.
‘بيبي فاطمه معصومه’ جو روضو مبارڪ ۽ ان سان لاڳاپيل ٻيون عمارتون وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل آهن، روضي جي هڪ پاسي ٻاهر وڃڻ جي لاءِ هڪ وڏو اڱڻ آهي، جنهن جي چئني پاسن کان ٻاهر وڃڻ ۽ اندر گهڙڻ جي لاءِ دروازا آهن، ان ئي اڱڻ ۾ مشهور مدرسه فيضيه ۽ ‘آستان مقدس ميوزم’ پڻ آهي، انهن جي سامهون هڪ حوض پڻ ٺهيل آهي، جنهن ۾ مڇيءَ جي مجسمي وارا ڦوهارا لڳل آهن.
روضي مبارڪ جي مٿينءَ پاسي، ‘پل آهنچي’ وٽان جتان اسين روضي ۾ گهڙِيا هئاسين، ان جي لڳ مسجد آهي، جت پوءِ ٻي ڏينهن مون جماعت سان گڏجي نماز پڙهي. شيعه مذهب ۾ سانجهي ۽ سومهاڻي نماز گڏ سانجهي جي وقت پڙهي وڃي ٿي ۽ نماز هٿ ڇوڙي پڙهي وڃي ٿي، نماز پڙهڻ جي لاءِ هرڪو خاڪ شفا جي ٽڪري نرڙ جي اڳيان رکي ٿو، جيڪي سڄي حرم ۾ ڪافي هنڌن تي ڪاٺ جي سهڻن کوکن ۾ رکيون هيون ۽ هرڪو نماز لاءِ ايندي کڻندو ۽ ويندي اتي رکندو ويو. مونکي ته شيعي طريقي موجب نماز پڙهڻ نٿي آئي، سو مون جماعت سان پاڻ واري نماز پڙهي ۽ مشهد ۾ امام رضا جي مزار تي وري جماعت سان شيعي طريقي موجب نماز پڙهيم، سٺو ٿيو جو مون اهي نمازون پڙهيون، ائين ڪافي سکڻ ۽ ڏسڻ جو موقعو مليو. هونئن به پاڻ کي ان ڳالهه سان دلچسپي ڪونهي ته ڪنهن جو مذهب ۽ فرقو ڪهڙو آهي، يا ڪير ڪيئن ٿو عبادت ڪري يا نماز پڙهي، خدا جي عبادت ٿو ڪري يا ايشور جي پرارٿنا، گاڊ کي ٿو ريجهائي يا ڀڳوان جي اڳيان ٿو ڀڄن ڳائي، پاڻ لاءِ ڳالهه مڙيئي هيڪڙي، هر شئي ۾ خدا جو جلوه آهي.
وحدت تا ڪثرت ٿي ڪثرت وحدت ڪُل،
هي هلاچو هل، با الله سندو سڄڻين.
مولانا وحيدالدين خان هندستان جو وڏو عالمِ دين آهي، هو سيڪيولر ازم کي صحيح ٿو سمجهي، دهليءَ ۾ “بستي نظام الدين” ۾ هن هڪ “مرڪز اسلامي” قائم ڪيو آهي، جتان هو ڪيترو ئي ديني لٽريچر شايع ڪرڻ سان گڏ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ “الرساله” جي نالي سان هڪ رسالو به ڇپيندو آهي، آئون ڪيترو ئي عرصو ان رسالي جو باقاعده خريدار ۽ پڙهندڙ رهيو آهيان. آئون جڏهن هن سال جي شروع ۾ دهلي ويو هوس ته منهنجي خواهش هئي ته اهو مرڪز ڏسان، پر وقت جي تنگيءَ سبب اوڏانهن وڃي ۽ اهو ڏسي نه سگهيس، سو “الرساله” ۾ مولانا صاحب کان ڪنهن سوال ڪيو ته “اسلام جا مختلف فرقا مختلف طريقن سان نماز پڙهن ٿا، ڪي هٿ ڇوڙي ته ڪي هٿ ٻڌي.... ڪي هٿ سيني تي رکي ته ڪي ڌن کان هيٺ ڪري.... ڪهڙي نماز درست آهي؟” سندس ڏنل جواب اڃا تائين مونکي ياد آهي ته، “رسولِ خداصه مختلف وقتن ۽ ڪيفيتن ۾ مختلف طريقن سان نماز پڙهي هئي، ڪن حالتن ۾ هٿ ڇوڙي به نماز پڙهي اٿائين، اهي سڀ الله جي محبوب جا طريقا هئا... جيڪي خدا محفوظ ڪري ڇڏيا آهن. الله جي عبادت ڪريو، باقي طريقن کي نه ڏسو.”
قم ۾ آخري ڏينهن حاجي عيسيٰ شوري مونکي پاسيرو وٺي چيو، “سائين! ڳوٺ آئون پنج ئي وقت نماز پڙهندو هوس، جماعت سان، هت ڪيئن ڪريان.... مونکي ته هنن جي نماز ڪونه ٿي اچي...”
“خير آهي تون پنهنجي نماز پڙهه... جيئن توکي اچي.” مون چيس،
“سائين، ڊپ ٿو ٿيئم... وڙهندا ته ڪونه...؟” حاجي عيسيٰ چيو.
“نه وڙهندا...” مون چيس، “مون به پنهنجي طريقي سان نماز پڙهي، پر مونکي ته ڪجهه به نه چين.” مون کيس مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اوڏي مهل ته حاجي عيسيٰ ماٺ رهيو، پر شايد هو مطمئن نه ٿيو ۽ نماز نه پڙهيائين.
ڪمري ۾ ويٺا پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئاسين، جو اوچتو زوهيب مون کان پڇيو، “سائين اوهان شيعا آهيو...؟”
“نه.....” مون وراڻيو.
“پوءِ..... سُني؟”
“نه.....!”
“ته پوءِ وچ جي مُني...” زوهيب طنزيه مُرڪ سان چيو، مون سندس منهن ڏانهن ڏٺو ۽ خاموش ٿي ويس.
ايران جو مشهور اديب جلال آل احمد حج ڪرڻ ويو، مديني ۾ هڪ همراهه پڇيس، “ڪهڙي مذهب سان واسطو اٿئي...؟” سوال پڇندڙ جو مالڪي مذهب سان واسطو هو، جواب ۾ جلال پڇيس، “تنهنجي حساب موجب اسلام ۾ ڪُل گهڻا مذهب آهن؟” جواب مليس “چار” جلال چيس، “اسانجي ملڪ ۾ چئن بدران اسلام کي ٻاهتر فرقن جو مذهب سمجهيو وڃي ٿو، آئون انهن مان هڪ سان واسطو ٿو رکان...” جواب ٻُڌي پڇڻ وارو چلتو ٿي ويو.... مڪي ۾ به اهائي صورتحال پيش آيس، ڪنهن سوال پڇيس ته “تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟” جلال وراڻيو، “دل چويٿي ته منهنجو مذهب اهوئي آهي، جيڪو اسلام جي شروعات ۾ مسلمانن جو هوندو هو.” سوال پڇندڙ کي تعجب ٿيو، ۽ چيائينس ته “پوءِ مڪي ۾ ڇا وٺڻ آيو آهين؟” پوءِ صلاح ڏيندي چيائينس، “انهن ٻاهتر فرقن مان ڪنهن هڪ کي اختيار ڪري وٺ..... نه ته ايئن وچ ۾ لڙڪندو رهندين.”
مرزا قليچ بيگ هڪ هنڌ لکيو، “ماڻهو مون کان پُڇندا آهن ته تنهنجو ڪهڙو مذهب آهي؟ سُني آهين يا شيعو؟ يا وچئون ڪو ٻيو مذهب اٿيئي؟ تنهنجو پير يا مرشد ڪير آهي ۽ اهڙن وقتن تي آءُ مُنجهي پوندو آهيان، آءٌ سُني آهيان، شيعو به آهيان، بلڪه سڀني مذهبن جو آهيان، سڀني مذهبن جا احوال ڄاڻان ۽ انهن تي ڪتاب به لکيا اٿم ۽ سڀني سان تعصب کانسواءِ گذاريندو آهيان.”
ڪيو تعصب ڌار ٻاهر، هندو ۽ مسلم جو ٿانءُ
نه ته اندر ميخاني ۾ ساقي به هڪ- ساغر به هڪ.
(قليچ)
يک صورت بَر دوگونه همي آيدت بگوش
گاهي نِداهمي نهيش نام گه صدر.
(هڪڙو ئي آواز توکي ڪَن ۾ ٻن نمونن ۾ ٿو ٻُري، ڪڏهن اُن کي سڏ ٿو ڪوٺينءَ ته ڪڏهين پڙاڏو)
(جامي)
*
اسين “حرم” مان ٻاهر نڪتاسين ته امين چيو، “يا رآئون ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان..... هل ته هوٽل هلئون....”
“ٺيڪ آهي.... تون هلي آرام ڪر آئون ٿورو وڙڪي ٿو اچان....” مون وراڻيس. ائين امين هوٽل ڏانهن روانو ٿيو ته آئون پوئين پير اڱڻ مان ٿيندو، ٻي پاسي هليو آيس ۽ ‘آستانه مقدس ميوزم’ جي سامهون بيهي ڀرپاسي جو جائزو وٺڻ لڳس، ‘حرم’ جي آسپاس ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون مارڪيٽون ۽ دوڪان آهن، جتي ڪپڙي لَٽي کان وٺي ٿيلها، بئگون، چادرون، تسبيحون، چاندي ۽ سون جا زيور، مختلف پٿر وغيرهه وڪري لاءِ موجود آهن. زائرين اُتان اڪثر خريداري ڪندي نظر ايندا آهن، بارگيننگ ته جت ڪٿ هلي، پر ايران ۾ اگهن تي ڇڏپ ڇوٽ لاءِ هڪ ٻئي کي اشارن جي زبان سمجهائيندي ماڻهو پاڻ به کلي ته دوڪاندار به کلي ۽ وري ٻڌائيندا هزار تومان ته لهي اچي پنجن سئو تومانن تي بيهندا. آئون به انهن دوڪانن جي اڳيان وڙڪندو، هزارن ۾ اگهه پڙهندو هڪ هنڌ بيهي رهيس، منهنجي اڳيان ڪتابن جا ٻه دوڪان هئا، ڪتاب سڀ فارسيءَ ۾ هئا، ڇپيل به ڏاڍا سهڻا ته قيمتون به هزارن ۾. مذهبي ڪتابن سان گڏ ٻين موضوعن تي به ڪافي ڪتاب رکيل هئا، ايراني اديبن جي ڪتابن کانسواءِ ڪيترن ئي ٻاهرين ليکڪن جي ڪتابن جا فارسي ترجما به هئا. انهن ۾ وڪٽرهيوگو، ڊيل ڪارنيگي وغيرهه سان گڏ مشهور ليکڪ پائيلهو ڪوهيلو جي به ڪيترن ئي ڪتابن جا فارسيءَ ۾ ترجما موجود هئا. هت اها ڳالهه ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ته پائيلهو ڪوهيلو جي ناول “الظاهر” جو پهريون پرڏيهي ايڊيشن فارسيءَ ۾ ‘ايران’ ۾ ڇپيو ۽ ڪوهيلو، صدر خاتمي جي دعوت تي ايران به ويو. ان ناول جي اشاعت تي ايران جي اخلاقي پوليس ٿورو ڏچو به ڪيو، پر پوءِ معاملو رفع دفع ٿي ويو. رپورٽن موجب پائيلهو ڪوهيلو اهڙو پهريون غير مسلم ليکڪ هو، جنهن کي 1979ع جي انقلاب ۽ آيت الله جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ايران ۾ خوش آمديد چيو ويو هو. ٻين ڪتابن ۾ ڪوروش اعظم، جنهن کي پاڻ سائرس اعظم چئون، رضاخان ڪبير، ملڪه ثريا ۽ نادر شاهه تي لکيل ڪتابن کانسواءِ تيمور تي لکيل هيرلڊيم جو مشهور ڪتابن ۽ امير تيمور جي آتم ڪهاڻي “توزڪ تيموري” ۽ فردوسيءَ جي شاهنامي جي مختلف داستانن ۽ قصن جا ڌار ڌار نثري ڪتاب، حافظ، سعدي، فريدالدين عطار وغيرهه جا ديوان به نظر آيا. اُتي هڪ ٻيو ڪتاب، ايران جي آخري راڻي فرح ديبا پهلويءَ جي آتم ڪهاڻي جيڪا انگريزيءَ ۾ ڇپي هئي، ان جو فارسيءَ ترجمو “پروفشنرين ڪتاب تارخ معاصر، من فرح پهلوي” به نظر آيو، جنهن جي ٽائيٽل تي راڻيءَ جي ايران ڇڏڻ وقت ايئرپورٽ تي نڪتل تصوير ڏنل هئي، جنهن ۾ هوءَ روئي رهي هئي.
اُتي ئي مون فردوسيءَ جو ‘شاهنامو’ به ڏٺو ۽ هٿ ۾ کڻي ڏٺم، دل ۾ آيم ته وٺان!؟ “وٺي ڇا ڪندين.... فارسي ته توکي اچي ئي ڪانه ٿي.”
ته ڇا ٿي پيو، سکي به سگهجي ٿي.
سکندي سال گذري ويندا، تنهن ڪري نه وٺ!
وٺڻ ۾ حرج به ڪهڙو آهي.... اهو ڪتاب ايران جي سفر جو يادگار رهندو، انهيءَ ٻڏتر ۾ دڪاندار کان قيمت پڇيم.
“35000 هزار ريال....” دوڪاندار وراڻيو.
“ڊسڪائونٽ.....؟” چيم
“ڊسڪائونت.....” دوڪاندار وائڙن وانگر ورجايو.
مون کيس ڪافي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو نه سمجهي سگهيو، اسان جو حال ان مهل ايئن هو، جيئن لطيف سرڪار فرمايو آهي.
پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن،
آءٌ سنڌيءَ جو سعيوڪيان، هو پارسيون پُڇن.
اها حالت ڏسي، مونکي مولانا رومي جي شعر جون سٽون ذهن ۾ تري آيون:
هر کسي را اصطلاحي داد ايم،
هر کسي را سِر تي بنهاد ايم،
هنديان را اصطلاح هند مدح،
سنڌيان را اصطلاح سند مدح،
(هر ڪنهن کي جدا جدا ٻولي مليل آهي ۽ هر ڪنهن جي هڪ جدا طرز زندگي آهي. هند وارن کي هنڌ جي ٻولي جڳائي ۽ سنڌ وارن کي سنڌي ٻولي ٿي سونهين.)
هاڻ هڪ ٻي جي چهرن ۾ ڏسي رڳو مرڪڻ لڳاسين، تيسين واهرو اچي پهتو، منهنجي پاسي ۾ بيٺل هڪ ايراني جوڙي مُرڪي پنهجائپ مان مون ڏي ڏٺو، پوءِ انهن مان مرد جيڪو منهنجي ئي عمر جو هو، مرڪي دوڪاندار کي چيو، “تخفيف”، “هاها... تخفيف...تخفيف...” مون به تڪڙ ۾ چيو ته، اچي ٽهڪن ۾ پياسين، فارسيءَ ۾ ‘تخفيف’ جي معنيٰ آهي، “رعايت ڪر”، “گران /گراني” معنيٰ مهنگو/مهنگي آهي.
دوڪاندار ڳالهه سمجهي، پين ڪڍي پني تي لکيو، “30،000 تومان”
مون نهڪار ڪندي لکيو. “20،000” تومان.... نيٺ دوڪاندار 25،000 هزار تومانن تي اچي پڙ ڪڍي بيهي رهيو، جيڪي مونکي به مناسب لڳا، پر اوڏي مهل دل من هڻڻ سبب ڇڏي آيس، هوٽل پهچي جڏهن امين سان ڳالهه ڪڍيم ته چيائين، “جي تنهنجي دل چويٿي ته وٺي لائي... نه ته ڳوٺ هلي پڇتائيندين ته نه ورتم....”
مونکي امين جي ڳالهه دل سان لڳي ۽ ٻي ڏينهن 25000 هزار تومان ڏيئي شاهنامي جو اهو خوبصورت، ديده زيب ۽ مصور ايڊيشن خريد ڪري آيس، جيڪو هاڻ ايندڙ ويندڙ دوستن کي ڏيکاري مٿن پنهنجي ادب دوستيءَ جي پيو لئه ڄمائيندو آهيان.
•