• شاهه رفت ... فرح ديبا پهلويءَ جي زباني
راڻي فرح ديبا، شاهه ايران جي ٽين زال هئي، جنهن جي شاهه سان 21 سالن جي عمر ۾ شادي ٿي، ايران جي راڻي جي حيثيت سان سندس تاجپوشيءَ کي عالمي اخبارن وڏي طمطراق سان ڇپيو. ايئن هؤَ رات وچ ۾ بين الاقوامي شخصيت بنجي ويئي. راڻي فرح مان شاهه کي چار ٻار محمد رضا، علي رضا، فرح ناز ۽ ليليٰ پيدا ٿيا. (ليليٰ جنهن پوءِ پئرس ۾ حالتن کان مايوس ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي). راڻي فرح کان اڳ شاهه جي پهرين شادي مصر جي بادشاهه شاهه فاروق جي ڀيڻ شهزادي فوزيه سان ٿي ۽ پوءِ ٻي شادي هڪ ايراني قبيلي مان ثريا بختياريءَ سان ڪيائين، پر وليعهد جو اولاد نه ٿيڻ سبب شاهه ٻنهي کي طلاق ڏيئي ڇڏي.
هن ڪتاب ۾ راڻي فرح ديبا، شاهه سان پنهنجي تعلق جو داستان بيان ڪيو آهي، پر اُن سان گڏ پنهنجي انفرادي محبت ۽ پريشانين جو ذڪر به ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ ڪجهه ٻين معاملن تائين پکيڙڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي، جڏهن ڪتاب ڇپيو ته اهو تاثر به عام ٿيو ته راڻي فرح جو مقصد ايراني عوام ۽ ٻين مسلمان ملڪن جي عوام ۾ پنهنجي پُٽ اڳوڻي وليعهد محمد رضا جي لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ به آهي. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته اهو ڄڻ پرين جو داستان پيو لڳي.
قم ۾ مون بيبي معصومه (س) جي مزار جي ٻاهران اُن ڪتاب جو فارسيءَ ۾ ترجمو وڪري لاءِ ڏٺو. جنهن جو نالو “پروفشنرين ڪتاب تاريخ معاصر: من فرح پهلوي” هو. جنهن تي مونکي بهرحال ڪافي حيرت پڻ ٿي، پوءِ سوچيم يا ته اهو ڪتاب ڪاٽ ڪوٽ ڪري ڇپيو ويو هوندو، يا ايران ۾ سنسر شپ نرم ڪئي ويئي آهي، جو فرح ديبا پهلويءَ جو ڪتاب ايران ۾ فارسي ۾ ڇپيو آهي. ان ڪتاب جو پهريون باب ايران مان شاهه ۽ راڻيءَ جي روانگي بابت آهي، جيڪو راڻي فرح ديبا ڏاڍي دلچسپ نموني بيان ڪيو آهي، هيٺ ان باب جو اختصاريل ترجمو پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجي ٿو.
•
“آئون 16 جنوري 1979ع جي اها تڪليف ڀري صبح ياد ٿي ڪريان ته اڄ به ان جي شدت ۽ غم تازو ٿو لڳي. تهران ڪيترن ئي مهينن کان گهيرن ۽ شديد حملن جي مُنهن ۾ هو. پر هاڻ شهر تي هڪ تڪليف ڏيندڙ ماٺار ڇانئجي چڪي هئي. 16 جنوريءَ تي اسين سڀ ملڪ ڇڏڻ جي تياري ڪري چڪا هئاسين. اسانجو خيال هو ته ڪجهه وقت جي لاءِ شاهه جو ملڪ کان ٻاهر رهڻ حالتن کي پُر سڪون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندو.
نيٺ اسين روانا ٿي وياسين، روانگي جو فيصلو ته ڏهه ڏينهن اڳ ٿي چڪو هو، سرڪاري اعلان موجب اسين “موڪلون” گذارڻ جي لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃي رهيا هئاسين. ڇو ته شاهه اهو ئي پيغام ڏيڻ ٿي چاهيو، پر ڇا هُن خود به اهو سمجهيو ٿي؟ هُن جي اکين مان جهلڪندڙ شديد مايوسيءَ مونکي ٻُڌائي ڇڏيو هو ته هن ايئن نه ٿي سمجهيو. مون پاڻ به اهو ٿي سمجهيو ته اسين رڳو آرام ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهه وڃي رهيا آهيون، پر آئون به ان ڳالهه سان سهمت نه ٿي سگهي هيس.
مونکي ان وقت تائين ان ڳالهه جو يقين اچي نه سگهيو هو ته جنهن شخص 37 سالن تائين پنهنجي عوام جي خذمت ڪئي هئي، اهو هڪ ڏينهن ايئن پنهنجي اعتماد کان محروم ٿي ويندو. شاهه جي دور ۾ ايران وڏي ترقي ڪئي هئي ۽ جڏهن امن امان بحال ٿي ويندو ته هرڪو اها حقيقت سمجهي ويندو. مونکي اها ئي اُميد هئي.
برف باري ٿي رهي هئي، ‘البرز’ جي چوٽين تان انتهائي سرد هوائون هلي رهيون . رات ڏاڍي پُرسڪون گذري هئي، حيرت انگيز طور پُرسڪون. ان رات شاهه به آرام سان ڪجهه ڪلاڪن جي ننڍ پوري ڪري سگهيو هو. حالتن جي خرابي ۽ علالت سبب هو ڏاڍو ڪمزور ٿي ويو هو، گذريل هڪ سال جي دوران سندس وزن به گهٽجي ويو هو. ملڪ ۾ مارشلا جي اعلان جي باوجود مظاهرين اسانجي محل جي محافظن کي دوکو ڏيئي محل جي اندر گهڙي ڇتين تي چڙهي ويندا هئا ۽ اسين انهن جا نفرت وارا نعرا چڱي طرح ٻُڌي وٺندا هئاسين.
“الله اڪبر ..... مرگ برشاه” (الله اڪبر ... شاهه مرده باد)
ٻارڙا انهن ڏينهن اسان وٽ نه هئا. منهنجي ننڍڙي ليليٰ جيڪا اڪثر ڪري شاهه يعني پنهنجي پيءُ وٽ هلي ايندي هئي، ائين فرح ناز به جيڪا ڏاڍي شرميلي هئي، پنهنجي محبت ڀريل نظرن سان شاهه کي ڏسندي رهندي هئي، علي رضا جي بي فڪريءَ سان ڀرپور ٽهڪن جي گونج، اهي سڀ آواز هاڻ محل ۾ ٻُڌڻ ۾ نه ايندا هئا.
اسانجو سڀ کان وڏو پُٽ رضا آمريڪا ۾ فائٽر پائلٽ بنجڻ جي سکيا وٺي رهيو هو. هو انهن ڏينهن سترهن سالن جو ٿي چڪو هو. هو اسانکي هر روز فون ڪري اسانجي خيريت ۽ حال احوال پُڇندو هو. ايران جي باري ۾ آمريڪي ٽي وي تي خبرون ٻُڌي هو ڪافي پريشان هو. آئون کيس چوندي هيس ته هو پنهنجي فڪر مندي اُلڪن ۽ پريشانين کي وساري پاڻ کي مضبوط بنائي رکي ۽ پنهنجي اُميد نه ڇڏي، آئون کيس اهي سڀ ڳالهيون اهو ڄاڻندي به چوندي هيس، جو ملڪ ۾ انتشار وڌنڌو پي ويو.
لڳ ڀڳ سڄي ملڪ ۾ ڪم بند ٿي چڪو هو. ريفائنريون بند ٿي چڪيون هيون. سرڪاري خزانو لڳ ڀڳ خالي ٿي چڪو هو. روز مظاهرا ٿيندا هئا ۽ نفرت وڌندي پي ويئي. شاهه پنهنجي وڏي پُٽ سان مختصر گفتگو ڪندو هو. هو ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ چاهيندو هو ته سندس اُلڪي کي ٽيلي فون تي ڪو ٻيو ٻُڌي نه سگهي. هر طرف کان ماڻهون اسانکي ڇڏيندا پي ويا. واپاري، اڳواڻ، انجنيئرز، محقق ۽ مختلف منتظمين ملڪ ڇڏيندا پي ويا. جيئن ٻڏندڙ جهاز ۾ آخري منتظم وڃي رهي ٿو، تيئن اسين هڪ ڏينهن اڪيلا ٿيڻ وارا هئاسين.
ٻارن جي روانگي کان اڳ به صورتحال خراب هئي، پر ٻارن جي روانگي ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ هئي، اٺن سالن جي ليليٰ کي انهن حالتن جي سنگينيءَ جو ڪو به اندازو نه هو ته اسين ڪهڙين حالتن کي پيا منهن ڏيون. البت فرح ناز ۽ علي رضا جن جون عمريون پندرهن ۽ ٻارهن سال هيون، سي وڃڻ مهل پنهنجي بي چيني کي لڪائي نه سگهيا. مونکي ياد آهي ته منهنجي وڏي ڌيءَ باغ جي ڦاٽڪ جي لوهي سيخن کي جلهي، سامهون خالي رستي کي تڪيندي رهندي هئي. اوچتو ٻي پاسي هاڻ اهي ٻارڙا نظر نه ٿي آيا، جن سان منهنجي ڌيءَ ڳالهيون ڪندي هئي، اهي ٻارڙا الائجي ڪيڏانهن هليا ويا هئا؟
هنگامن سان ڀريل ان دور ۾ مختلف جنرل، سياستدان، يونيورسٽي جا پروفيسر ۽ مختلف عالم محل اچي منهنجي مڙس کي صلاحون ڏيندا هئا. ڪجهه همراهه پُرامن سياسي نبيري تي زور ڀريندا هئا، ته ڪجهه وري شاهه کي اها گذارش ڪندا هئا ته فوج کي مظاهرين تي گولي هلائڻ جي موڪل ڏني وڃي. پر شاهه جو چوڻ هو ته ‘هڪ بادشاهه پنهنجي تاج کي عوام جي رت جو ريج ڏيئي بچائي نٿو سگهي.’
“اهڙو ڪم ته هڪ به ڊڪٽيٽر ئي ڪري سگهي ٿو. بادشاهه نه!” شاهه جواب ڏيندو هو. جڏهن شاهه تي اها ڳالهه چٽي ٿي ته انهن حالتن جو بهتر حل اهوئي آهي ته ملڪ مان نڪري وڃجي ته اسان سڀ کان پهرين ٻارڙن کي ملڪ مان روانو ڪيو. فرح ناز ڊسمبر 1978ع ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽ آمريڪا وڃي چڪي هئي. پوءِ ليليٰ ۽ علي رضا منهنجي ماءُ سان گڏ آمريڪا هليا ويا هئا.
مونکي ياد آهي ته علي رضا، شاهي جهنڊو ۽ ان يونيفارم کي به پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي لاءِ اصرار ڪيو هو، جيڪو سندس جي لاءِ ٺهرايو ويو هو. مسئلو اهو هو ته هاڻ اسين پنهنجن ٻارڙن سان ڪڏهن ملي سگهنداسين. آمريڪا ۾ پنهنجي شروعاتي استقبال کانپوءِ اسانکي اندازو ٿي چڪو هو ته اسين اُتي گهڻو وقت رهي نه سگهنداسين. مصر اسانجي پهرين منزل هئي، پر اها اسانجي ٻارن کان ڪافي پري هئي.
ان ڏينهن صبح جو اسان ڌار ڌار ناشتو ڪيو، ان ڏينهن شاهه به معمول موجب جلد اُٿي پنهنجي آفيس هليو ويو هو. ڇا کيس اندازو هو ته سندس پياري ملڪ ۾ هاڻ هو رڳو ڪجهه ڪلاڪ ئي آهي، ڇا کيس اهو اندازو ٿي چڪو هو ته هو هاڻ ڪڏهن به پنهنجي ملڪ ۾ واپس اچي نه سگهندو؟ انهن سوالن جي باري ۾ سوچيان ٿي ته اڄ به منهنجي دل ڦاٽڻ ٿي لڳي.
اُن ڏينهن صبح جو مونکي تمام گهڻا ڪم ڪرڻا هئا، مونکي ٻارن جون تصويرون ۽ پنهنجو فيملي البم گڏ ڪرڻون هو. مونکي انهن سڀني تصويرن کي هڪئي هنڌ گڏ ڪرڻو هو، ڇو ته اسانجي ماضي جون سڀئي خوشگوار يادگيريون انهن البمن ۾ محفوظ هيون، ان کانپوءِ مونکي پنهنجا بوٽ ياد آيا، ڇو ته انهن بوٽن کي منهنجو ساٿي بنجڻون هو، ان ڊگهي سفر ۾ انهن جو هئڻ تمام ضروري هو.
لائبرريءَ مان لنگهندي مون هڪ شيلف مان پنهنجي پسند جا ڪجهه ڪتاب ڪڍيا، محل جي اسٽاف مان هڪ ڄڻي اڳتي وڌي منهنجي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چوڻ لڳو، “راڻي صاحبه! هي ڪتاب اوهانجا ئي آهن.... پاڻ سان کڻي وڃو.” مون ڏانهس اُداسيءَ مان ڏٺو ۽ پوءِ چيو، “نه، بلڪل نه... هر شئي هتي رهڻ گهرجي.”
آئون حالتن جي خرابي سبب ٽُٽي چڪي هيس، مونکي خوفناڪ مظاهرن جا منظر ياد اچي رهيا هئا. مونکي ائين پي لڳو ته مظاهرين محل ۾ گهڙي آيا هجن ۽ هنن اسانجي الماڙين ۽ دورازن کي ڪيرائي ڇڏيو هجي... مون ڪنهن کي به اهو تاثر ڏيڻ نٿي چاهيو ته اسين پنهنجو سمورو سامان کڻي محل مان وڃي رهيا آهيون. وڃڻ مهل به اسانجو ڳاٽ اوچو رهڻ گهرجي، ڇو ته اسان بنا ڪٿي بيهڻ جي ملڪ جي مفاد ۾ ڪم ڪيو هو.
مون هڪ ڏينهن اڳ ئي محل جي ميوزم جي نگران کي سڏي تاڪيد ڪئي هئي ته جن به پرڏيهي سربراهن اسانکي قيمتي تحفا ۽ سامان ڏنو آهي، اهو ڌار ڪيو وڃي، باقي سڀني شين جي باري ۾ منهنجو خيال هو ته اهو محل ۾ ئي رهڻ گهرجي. آئون پنهنجون ذاتي شيون، تصويرون، ڪپڙن ۽ غاليچن کي ڄاڻي واڻي ڇڏي پي ويس، مونکي ائين پي لڳو ته آئون پنهنجو روح هتي ڇڏي وڃي رهي آهيان. مون ٽي وي وارن کي گهرائي محل جي اندرين حصن جي فلم ٺاهڻ جي لاءِ چيو، جنهن ۾ ايراني ۽ پرڏيهي صحافين کي به مدعو ڪيو ويو. مونکي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اسانجون سڀئي ذاتي شيون ڪڏهن به ملڪ کان ٻاهر نه ويون.
آخري ڪلاڪ ڏاڍي تيزيءَ سان گذريا. آئون باغ ۾ لڳل وڻن کي وڏي ڌيان سان ڏسندي رهيس. مونکي پنهنجي ڌيءَ فرح ناز ياد اچي رهي هئي، جيڪا هڪ مهينو اڳ آمريڪا ويئي هئي، کيس اُن ڳالهه جو يقين هو ته هڪ ڏينهن هوءَ محل ۾ واپس اچي پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجي خوشگوار يادن سان دل وندرائيندي. کيس ان ڳالهه جو يقين ڪيئن ايندو ته هاڻ هوءَ ايران ڏسي نه سگهندي. آئون هن جي لاءِ هتان ڇا کڻي وڃان؟
مون آمريڪا فون ڪري فرح ناز کان پڇيو هو ته آئون سندس ڪهڙي پسند جي شئي محل مان کڻي اچان. هن هڪ گلوڪار “ستار” جو پوسٽر آڻڻ جي لاءِ چيو. اهو گلوڪار ايران ۾ تمام گهڻو مشهور هو، فرح ناز ان جو پوسٽر پنهنجي ڪمري ۾ لڳائي رکيو هو، هن چاهيو ٿي ته آئون ‘ستار’ جو پوسٽر ضرور آمريڪا کڻي اچان.
رضا محل جي ڌار حصي ۾ رهندو هو، ڪجهه مهينا اڳ هن جي پرڏيهه روانگي کانپوءِ هن جو رهائشي حصو به بند پيو هو، مون سندس ننڍپڻ جا ڪپڙا به سنڀالي رکيا هئا. هن جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته مون سندس شروعاتي لفظ هڪ ڪيسٽ ۾ رڪارڊ ڪري رکيا هئا. سندس رهائشي حصي ۾ سندس تصويرون ۽ سندس يادون موجود هيون، مون سڀ ڪجهه اُتي ئي ڇڏي ڏنو، اڄ جيڪڏهن مونکي اهو خزانو ملي وڃي ته منهنجي خوشيءَ جي ڪا حد ئي نه رهي.
ڏينهن چڙهڻ لڳو هو، شاهه بدستور پنهنجي آفيس ۾ هو، پر محل جي اندرين فضا ڏکوئيندڙ بنجي چڪي هئي. آئون محل جي مرد ۽ خواتين اسٽاف جي بي چيني چڱي طرح محسوس ڪري پي سگهيس. ان جو سينئر اسٽاف ته منهنجي سهري رضا شاهه جي به خذمت ڪري چڪو هو. جڏهن ته ان اسٽاف جا ڪجهه همراهه ته ويهه سال اڳ اسانجي شادي جي تقريب ۾ پڻ موجود هئا. محل ۾ غير معمولي ماٺار ڇانيل هئي، محل جو سڄو اسٽاف اسانجي روانگي جي ڪري سخت بي چين هو. انهن جي مايوسيءَ مان مونکي اندازو ٿي رهيو هو ته کين اميد جو پلئه هٿن مان نڪرندو پي محسوس ٿيو.
هو سڀ هڪ گروپ جي شڪل ۾ اسانکي الوداع چوڻ آيا هئا. مون کين ٻڌايو ته اسين به ايران جي تاريخ ۾ ايندڙ افسوسناڪ گهڙين جي تجربن مان لنگهي رهيا آهيون، پر اسين جلدئي شاهه جي واپسيءَ جي صورت ۾ انهن سڀني سان ٻيهر اچي ملنداسين، ڪنهن کي يقين هو ته اسانجو ملڪ هڪ ڀوائتي خواب ۾ ڦاسي ويندو.
اسان سڀني ڏاڍي ڏکيائي سان پنهنجن لڙڪن کي روڪي رکيو هو، اسان مان ڪن مُرڪڻ جي ڪوشش به ڪئي. مون سڀني کي ڪجهه رقم ڏني، ايتري ۾ شاهه به پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو، محل جو اسٽاف شاهه کي ڏسي روئڻ لڳو. شاهه پنهنجن جذبن تي ڪنٽرول رکندڙ شخص هو، پر اُن مهل هو به پنهنجن جذبن تي قابو رکڻ ۾ سخت تڪليف محسوس ڪري رهيو هو. هرڪو شاهه کي چئي رهيو هو ته هو کين ڇڏي ٻاهر نه وڃي.
ايتري ۾ اسانکي ٻڌايو ويو ته اسانکي ‘مهر آباد ايئرپورٽ’ تائين پهچائڻ لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر تيار آهن، محل جو سڄو اسٽاف ڏاڪڻين وٽ گڏ ٿي چڪو هو هاڻ اسانجي جدائي جي گهڙي اچي پهتي هئي. اسانجون بئگون وغيرهه اڳ ۾ ئي هيلي ڪاپٽر ۾ رکيون ويون هيون، محل جو اسٽاف اسانکي ڏسي هٿ لوڏي رهيو هو، شاهه به کين ڏسي هٿ لوڏيو، منهنجي ڀرسان جيڪي عورتون هيون، مون کين پيار ڪيو، هيلي ڪاپٽر جي انتهائي ڪرخت آواز ۾ مون پنهنجي محل کي تهران جي عمارتن جي وچ ۾ غائب ٿيندي ڏٺو.
ٿوري دير کانپوءِ هيلي ڪاپٽر ‘شاهي پويلين’ تي اچي لٿا. هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ آئون، شاهه سان گڏ هيس ۽ ٻي ۾ سيڪيورٽي اهلڪار موجود هئا. ايئرپورٽ تي ڪجهه ماڻهون اسانجي اوسيئڙي ۾ هئا. انهن ۾ ڪجهه سرڪاري آفيسر هئا، جڏهن ته ڪجهه سويلين همراهه به هئا، ان مهل هڏين ۾ گهڙي ويندڙ هوا هلي رهي هئي، شاهه انهن ماڻهن کي چيو ته هو پنهنجي پنهنجي جڳهين تي ذميواريون نباهيندا رهن.
هڙتال جي ڪري هوائي جهاز گرائونڊ ٿي چڪا هئا، ‘مهر آباد’ جو هوائي اڏو نهايت مصروف هوندو هو، جتي هر وقت ڪونه ڪو جهاز اُڏام ڪندو يا لهندو نظر ايندو هو، ايئرپورٽ جي ٽارمڪ تي ماٺار هئي ۽ رڳو البرز جي چوٽين تان هلندڙ ٿڌين هوائن جا تيز آواز ٻُڌڻ ۾ پي آيا.
شاهه بلڪل سڌو بيٺو هو، هن اُتي موجود پنهنجي ڪجهه دوستن ۽ وفادار ساٿين سان الوداعي جملن جو تبادلو ڪيو. ايتري ۾ شاهي گارڊ جو هڪ آفيسر شاهه جي پيرن تي ڪري پيو ۽ درخواست ڪرڻ لڳو ته شاهه وطن ڇڏي نه وڃي، شاهه جهڪي کيس اُٿاريو، مون ڏٺو ته ان آفيسر جي اکين مان لڙڪ وهي رهيا هئا، اُتي موجود ٻيا آفيسر به پنهنجا جذبا لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا، انهن جو به اهو چوڻ هو ته شاهه کين ڇڏي نه وڃي. شاهه کين دلاسو ڏنو، پوءِ هن خاص طور تي فوج جي چيف آف اسٽاف کي ڪجهه چيو.
‘مهر آباد’ ايئرپورٽ تي ڪجهه ايراني اخباري خاطو به موجود هئا. اسانجي روانگي جي ڪري هو حيرانيءَ جو شڪار هئا. پرڏيهي صحافين کي اُت نه گهرايو ويو هو. شاهه جڏهن صحافين کي ڏٺو ته انهن ڏانهن وڌيو. شاهه، شاهپور بختيار کي حڪومت جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان وقت ايران جو نئون وزيراعظم شاهپور بختيار پارليامينٽ ۾ پنهنجي عهدي جي توثيقي تقريب جو منتظر هو. شاهه جي خواهش هئي ته جڏهن هو ملڪ مان روانو ٿئي ته پارليامينٽ سندس فيصلي جي توثيق ڪري چڪي هجي. شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو، ايران ۾ مختلف وقتن تي گهوٽالا ڪَر کڻندا رهيا آهن، پر هو (شاهه) سدائين پراعتماد رهيو ته ايراني ثقافت ۽ ان جي سڃاڻپ برقرار رهندي. شاهه اهو به چيو ته هو پرڏيهي دوري تي پيو وڃي، ته جيئن آرام ڪري سگهي.
“دوري” تي اسانجي روانگي جو مقصد اهو هو ته ڪاوڙيل همراهن جا جذبا ٿڌا ٿين ۽ سندن ڪاوڙ گهٽجي.
تڪليف واريون گهڙيون گذرنديون رهيون. ايتري ۾ شاهه کي ٻُڌايو ويو ته مجلس (ايراني پارليامينٽ) شاهپور بختيار کي وزيراعظم چونڊي ورتو آهي. هاڻ هو ڪنهن به گهڙيءَ ‘مهر آباد ايئرپورٽ’ تي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي پهچڻ وارو آهي. ايتري ۾ شاهپور بختيار به هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ اُتي اچي پهتو، هيلي ڪاپٽر مان لهندي ئي هو جهڪيو ۽ پنهنجي مُڇين کي وٽي، پنهنجي لباس کي درست ڪندي، اسان ڏانهن وڌيو، ساڻس گڏ پارليامينٽ جو صدر مسٽر جاويد سعيد به گڏ هو. ٻنهي ڄڻن ايندي ئي اڳيان وڌي اسانکي شاهي سلام ڪيو. “هاڻ سڀ ڪجهه تنهنجي هٿ ۾ آهي مونکي اميد آهي ته تون ڪامياب رهندين، آئون ايران کي تنهنجي ۽ خدا جي حوالي ڪري پيو وڃان.” شاهه، شاهپور بختيار کي مخاطب ٿي چيو. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسانجي روانگيءَ کان رڳو 37 ڏينهن پوءِ شاهپور بختيار کي پنهنجي جان بچائڻ جي لاءِ ملڪ مان ڀڄڻون پيو. آيت الله خمينيءَ جي اسلامي حڪومت، سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو هو.
اسين ٿڌين هوائن سان مُنهان منهن ٿيندا جهاز تائين پهتاسين، نيري ۽ اڇي رنگ جو بوئنگ 707 اسانجي سرڪاري دورن لاءِ مخصوص هو. ان کي ‘فيلڪن’ چيو ويندو هو. جهاز جي ڏاڪڻين تي قدم رکندي ئي شاهه مُڙيو. اهي گهڙيون مونکي اڃا تائين ياد آهن ۽ منهنجي سهپ کان ٻاهر آهن. اُتي جيڪي ماڻهون موجود هئا، انهن ۾ سرڪاري آفيسر، پائلٽ، شاهي درٻار جا ميمبر ۽ شاهي محافظ شامل هئا. انهن سڀني واري واري سان شاهه جي هٿ کي چميو، انهن جا چهرا لڙڪن ۾ آلا ٿي چڪا هئا. خود شاهپور بختيار جي اکين ۾ لڙڪ هئا. جيڪو اسانجي ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جو حامي هو.
نيٺ اسين جهاز ۾ سوار ٿي وياسين، اسان سان گڏ ٻيا ماڻهو به شامل هئا، جن ۾ عامر ارسلان، افشار چيف، پروٽوڪول آفيسر ڪميز ڪتابي به شامل هئا. ڪتابي جي والد ابو الفتح ڪتابي احمد شاهه ۽ رضا شاهه جي لاءِ به خذمتون سرانجام ڏيئي چڪو هو. تنهن کانسواءِ ڪرنل ڪيومرث جهان بيتي ۽ يزدان نفيسي به هو. نفيسي اسانجي محافظ عملي جو انچارج هو. جن ماڻهن ڊگهي عرصي تائين اسانجي خذمت ڪئي هئي، اهي به اسان سان گڏ هئا.
آخري گهڙين ۾ مون پنهنجي چئني ٻارن جو علاج ڪندڙ ‘ڊاڪٽر ليوسا پيرنيا’ کان پُڇيو ته ڇا هوءَ به اسان سان گڏ ٻاهر وڃڻ جي خواهشمند آهي ته هن هڪدم ها ڪئي ۽ پنهنجي گهروارن کي ڇڏي، فقط هڪ سوٽ ڪيس ۾ پنهنجا ڪپڙا کڻي اسان وٽ پهچي چڪي هئي، اسانجو بورچي به اسان سان گڏ هو، هو پاڻ سان گڏ مختلف ٿانوَ، چانور، داليون ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه کڻي آيو هو.
جهاز ۾ سوار ٿيندي ئي شاهه، ڪاڪ پٽ ۾ وڃي ويٺو. هوابازي سندس لاءِ سدائين خوشيءَ جو ڪارڻ رهي هئي. هونئن به پنهنجي وطن ۽ عوام کان پري ويندي سندس خواهش هئي ته هو جهاز جي ڪنٽرول تي موجود رهي. مون کي جهاز جي اُڏام وقت پنهنجي رڳو اها ڪيفيت ياد آهي ته آئون اندر ۾ ٽٽڻ ڦٽڻ کان محفوظ رهي هيس.
اسانجو جهاز جيستائين ايران جي مٿان اُڏام ڪندو رهيو، شاهه ان جي پائلٽ جا فرض ادا ڪندو رهيو. جڏهن اسين پنهنجي ملڪ جي فضائي حدن مان نڪري وياسين ته هن جهاز جو ڪنٽرول ٻي پائلٽ جي حوالي ڪيو ۽ اسان وٽ ڪيبن ۾ هليو آيو.
اسان کي خبر هئي ته اسانجي پويان وطن ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو رهجي ويا آهن، جيڪي اُتي جاري هنگامي جا مخالف آهن، اهو ضروري هو ته فوري طورتي مختلف ملڪن جي سربراهن کي پيغام موڪليو وڃي ته هو انهن ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. مون شاهه کي چيو ته هو مونکي اهڙو پيغام روانو ڪرڻ جي موڪل ڏي، شاهه ڪجهه گهڙين جي لاءِ مونکي ڏٺو ۽ پوءِ راضي ٿي ويو. اسوان (مصر) ڏانهن اُڏام ڪندي، مون هڪ نوٽ بوڪ ۾ پيغام لکيو، مون اهو نوٽ بڪ شاهه جي وفات تائين سنڀالي رکيو هو.
•