سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3863
  • 1081
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• اصفهان واقعي به نصف جهان

نيٺ اسين نصف جهان کي ڏسڻ جي لاءِ اصفهان روانا ٿياسين، اسانجي ويگن پوري رفتار سان اصفهان ڏانهن وڌي رهي هئي، ۽ آئون ويگن جي اڳين سيٽ تي ويٺو نه رڳو ڊرائيور جا ڪن کائي رهيو هوس، پر سندس سگريٽن تي به هٿ صاف ڪري رهيو هوس، هونئن آئون سگريٽ نه پيئندو آهيان، پر اُن ڏينهن الائجي ڇو سگريٽ پيئڻ جو مزو ئي اور هو ۽ اصفهان تائين پهچندي مون ڊرائيور جا سڄا سارا ٽي سگريٽ ڦوڪي ڇڏيا. هي ايراني به عجيب آهن، سندن حڪومت ته آمريڪا سان اصل نٿي ٺهي، پر ايرانين کي آمريڪا جي هر شئي وڻي ٿي، پيپسي، ڪوڪ..... وغيره ته پنهنجي جاءِ تي پرايران ۾ مقامي طور تي ٺهندڙ سگريٽن جي پاڪيٽن تي به آمريڪن Taste لکيل نظر آيو.
وين وارو اهو ڊرائيور، جنهن جو نالو ‘محمد’ هو، ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هو، کيس ڪم ٽپائو انگريزي آئي ٿي ۽ ايئن منهنجي ۽ هن جي ڪم ٽپائو انگريزيءَ واهه جو ڪم ٽپايو.... اسين هڪٻئي جي ڳالهه سمجهي ٿي وياسين، اسانکي ڪچهريءَ ۾ محو ڏسي امين پٺيان رڙ ڪئي، “ماما! بس ڪر ڀلا.... ڪٿي تنهنجي ڪچهري اسان جو سر نه نيئي ۽ ڊرائيور وين هڻي نه ڪنهن جبل ۾ يا ڪيرائي نه ڪنهن کڏ۾.”
“رک مولا تي محمد امين لاکا.... ڪنهن کڏ ۾ ڪرڻ قسمت ۾ لکيل هوندو ته اهو منهنجي چپ ڪرڻ سان نه مٽبو... باقي تون ماٺ ڪر ته همراهه کان خبرون چارون پُڇان.”
“تنهنجي مرضي ماما! پر يار اسين نه اڃا ڦُٽا آهيون نه ڦاٽا.... سو رحم جي نظر ڪج.” امين ساڳئي ٽون ۾ چيو ته وين ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
اصفهان قم کان 280 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، روڊ سٺو هئڻ سبب اصفهان پهچڻ ۾ اسانکي ساڍا ٽي ڪلاڪ لڳا، اصفهان ويندڙ اهو رستو به ايران جي ٻين رستن وانگر ڊبل ۽ سٺو ٺهيل هو، وين هلي ڪونه پي ڄڻ ترڪي رهي هئي. قم کان اصفهان تائين اسانکي راهر جرد، بروجرد، دِلي جان، ميمه،اراڪ ۽ سلفچگان جا شهر نظر آيا. سلفچگان ايران جو چڱو خاشو صنعتي شهر پڻ آهي.
اصفهان ويندي، ڊرائيور سان ڪچهري ڪندي، ڊئش بورڊ تي رکيل سندس سگريٽن جي پاڪيٽ مان هڪ منٿول سگريٽ ڪڍندي کانئس سوال ڪيم، “آغا، ڏي خبر شاهه جي دور ۽ هاڻوڪي دور ۾ ڪهڙو فرق هو...”
ڊرائيور جنهن جي عمر پنجاهه سالن کان مٿي هئي، تنهن سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي وراڻيو، “ڪجهه شيون شاهه جي دور جون سٺيون هيون ۽ ڪجهه هن حڪومت جون... شاهه جي دور ۾ ڪجهه خرابيون هيون ته هن دور ۾ به آهن...”
“مثال طور شاهه جي دور ۾ ڪهڙي وڏي خرابي هئي؟” وري پڇيو مانس. “شاهه جي دور ۾ فحاشي ‘شراب’ قحبه خانا، ڪلب، ڊانس وغيره عام جام هئا، جنهن ڪري بي راهه روي وڌي ويئي هئي، هاڻ ايئن ڪونهي.”
“ڀلا هن حڪومت جي ڪا خرابي.....؟” وري پڇيو مانس.
“هن حڪومت ۾ مهنگائي تمام گهڻي وڌي ويئي آهي.” هن وراڻيو، “اڳ ۾ هڪ نان پنجاهه تومانن ۾ ملندو هو، هاڻ ٻه سئو تومانن ۾ ٿو ملي هرشئي جي گراني (مهنگي) ٿي ويئي آهي.”
“هونهه!”
“جيستائين خميني هو تيستائين معاملا ٺيڪ هئا. هاڻ ڏينهون ڏينهن مسئلا وڌندا پيا وڃن.”
“ڀلا احمدي نجاد ڪيئن آهي؟” پڇيومانس.
نجاد جي ذڪر تي سندس چهري جي تاثراتن مان لڳم ته هو شايد کيس پسند نٿو ڪري.
“ڀلا نجاد ۽ مير حسن موسويءَ مان وڌيڪ سٺو ڪير آهي.”
“موسوي وڌيڪ سٺو آهي.” هن هڪدم وراڻيو،
مير حسن موسوي اصلاح پسند اڳواڻ آهي، هن 2007ع ۾ ايران ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ احمدي نجاد سان مقابلو ڪيو هو، انهن چونڊن جا نتيجا تڪراري بنجي ويا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ مظاهرن ۾ هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هنگامن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي پڻ ويا هئا. تجزيي نگار چون ٿا ته انهن چونڊن جي نتيجن کي للڪاريندڙ اهي مظاهرا ملڪ ۾ اسلامي انقلاب کانپوءِ سڀ کان وڏا مظاهرا هئا، انهن صدارتي چونڊن ۾ احمدي نحاد کي ڪامياب قرار ڏنو ويو هو ۽ مخالف ڌر جي اهم اڳواڻن ۽ صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار مير حسن موسوي، مهدي ڪروبي ۽ اڳوڻو اصلاح پسند صدر محمد خاتمي چونڊ نتيجن کي رد ڪندي، ڌانڌلين جي خلاف عوام سان گڏ رستن تي نڪري آيا، پر ايران جي روحاني پيشوا آيت الله خامنه اي انهن چونڊن کي درست قرار ڏيندي،مخالفت ڌر جي احتجاجي تحريڪ کي سختيءَ سان ڪچلڻ جو حڪم ڏنو. مهدي ڪروبيءَ ته اهو به الزام هنيو ته چونڊن کانپوءِ ڪجهه گرفتار ٿيل مظاهرين کي قيد ۾ تشدد جو نشانو بنائي ماريو ويو ۽ ڪن سان جنسي زيادتي پڻ ڪئي ويئي، انهن مظاهرن جي نتيجي ۾ مير حسن موسوي کي نظربند ڪيو ويو.
سڄي سفر ۾ وين ڊرائيو آغاءِ محمد اهو واحد ايراني هو، جنهن سياسي موضوع تي کُلي ڳالهايو، نه ته جنهن سان به اهڙي ڳالهه ڪڍبي هئي ته هو مرڪي گول مول جواب ڏيندو هو، مثال طور: سٺايون ۽ خرابيون ته هر انسان ۾ هونديون آهن، هر ماڻهو جي پسند ۽ ناپسند جا معيار پنهنجا آهن، اسانکي دعا گهرڻ گهرجي ته هر ڪنهن کي صراط مستقيم (سڌي رستي) تي هلائي. وغيرهه. اهڙن گول مول جوابن مان مون اندازو لڳايو يا ته ايراني ڪنهن خارجي (پرڏيهيءَ) سان پنهنجي ملڪي سياست تي نه ٿا ڳالهائين، جيئن گهر جون ڳالهيون گهر ۾ رهن يا وري جاسوسيءَ جو نظام ايترو ته سخت آهي، جو هو ان فارسيءَ چوڻيءَ کي ذهن ۾ رکن ٿا ته “ديوار گوش دارد” (ڀتين کي به ڪن آهن)، سياست يا سياسي موضوع تي کلي ڳالهائڻ کان ڊڄن ٿا. اسانجي ڊرائيور آقاءِ محمد مون سان ان ڪري کُلي ڳالهايو، جو کيس خبر هئي ته وين ۾ ڪوبه ايراني ويٺل ڪونهي... يا هو، هوئي وات ڦاٽو!.
اصفهان جي ثقافتي ۽ تمدني تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي، هن شهر جو بنياد ‘هخامنشي’ دور ۾ رکيو ويو، اردوان پنجين جي زماني (222-224 ق-م) ۾ سپاهان يا اسپهان صوبي جو مرڪز هو. ساسانين جي زماني ۾ اصفهان هڪ فوجي مرڪز رهيو، مسلمانن (عربن) 19 هه ۾ هي شهر فتح ڪيو. 1000 هه ۾ صفوين پنهنجي گاڌيءَ جو هنڌ ‘قزوين’ کان اصفهان منتقل ڪيو ته هن شهر جي اهميت گهڻي وڌي ويئي.
هڪ اولهه جي مورخ هينري اسٽرلين چواڻي، “اصفهان جي اهميت جو اصل سبب اُن جي جاگرافيائي بيهڪ آهي، ايران جي بيابانن ۽ ريگستانن جي بلڪل وچ ۾ جابلو چوٽين ۾ گهيريل هي نخلستان پراچين دور کان انسانن جو مسڪن رهيو آهي. ‘زائنده رود دريا’ اصفهان جي سرسبزي ۽ شادابي جو اهم ذريعو رهيو آهي، جنهن ان کي دلڪش منظرن سان سينگاري رکيو آهي، هزارين سال اڳ ۾ به هن خطي جا سرسبز وڻ، قافلن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندا هئا، کين پنهنجي ڇانوَ ۾ آرام مهيا ڪندا هئا، ايران جي وچ ۾ ساموندي سطح کان 1500 ميٽرن جي مٿاهين تي مو جود هي دلڪش ۽ جاذب نظر هنڌ وقت جي بادشاهن جي ڌيان جو مرڪز رهيو ۽ انهن هن شهر کي پنهنجي گاڌي جو هنڌ قرار ڏنو.”
اصفهان نه رڳو صفوين، پر سلجوقين ۽ ديلمين جي دور ۾ به دارالسلطنت رهيو. جيتوڻيڪ هن شهر کي ٽن شاهي گهراڻن جي سرپرستي حاصل رهي، پر اصفهان کي صحيح عروج ‘صفوين’ جي دور ۾ مليو، ان زماني ۾ هن شهر جي آبادي ڏهن لکن کان به مٿي هئي، راوي روايت ٿا ڪن ته “اصفهان - نصف جهان” جي چوڻي ان ئي دور ۾ عام ٿي.
قاچاري گهراڻي جي حڪومت قائم ٿي ته هنن گاڌي جو هنڌ اصفهان کان تهران منتقل ڪيو. مشهور سيلاني ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ هن شهر جي رهاڪن جي باري ۾ لکيو آهي:
“اصفهان جا رهاڪو نهايت سهڻا ۽ رنگ جا ڳورا ۽ ڳاڙهسرا، نهايت نفيس ۽ اڪثر هڪ ٻئي کي هنن لفظن ۾ دعوت ڏيندا آهن، اسان وٽ تشريف کڻي اچو ۽ اسان سان گڏجي “نان ماست” نوش فرمايو. (جيئن پاڻ چئون ته اسانجو لولو پاڻي کائو يا دال روٽي گڏجي کائينداسين) سندن زبان ۾ نان، ماني کي چوندا آهن. ۽ ماست، دهي يا ڌنئري کي چوند آهن، جيڪو به وٽن ماني کائڻ ايندو آهي، اُن جي دل کولي خذمت چاڪري ڪندا آهن.”
اڄڪلهه اصفهان جو شهر صوبائي گاڌي جو هنڌ هئڻ سان گڏ هڪ وڏو صنعتي مرڪز به ڳڻيو وڃي ٿو. تنهن کانسواءِ اصفهان قالينن جي صنعت ۾ پڻ مشهور آهي، اصفهان جا ٺهيل غاليچا پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن.
اسين اصفهان ۾ داخل ٿي چڪا هئاسين، نصف جهان ۾.. ان جي پهرينءَ لُڪ ئي اسانکي ڏاڍومتاثر ڪيو، اصفهان ڄڻ گلستا و بوستان (باغن ۽ باغيچن) جو شهر هو ۽ اصفهان هڪ اهڙو شهر آهي، جيڪو کليل اکين، کليل دماغ سان ڏسڻ جهڙو شهر آهي، هيءَ جيڪا سچي دنيا نصف جهان... اڌ جهان پيئي ڪري، سا هروڀرو ته چري به ڪو نه ٿي آهي. اصفهان سچ ته ماڻهو جي حواسن تي ڇانئجي وڃي ٿو، پير حسام الدين راشدي چواڻي، “اصفهان هڪ اهڙو ماڳ آهي، جتي پهچڻ بعد حيرانيءَ ۾ ماڻهو سڀ ڪجهه ڀُلايو ڇڏي... ڪڏهن ڪڏهن انساني عقل ايترو ته خطا ٿيو وڃي، جو پنهنجو پاڻ به وسري وڃي ٿو.”
ڊرائيور پڇيو، “پهرين ڪٿي هلئون..؟”
“جتي تنهنجي مرضي...” وراڻيم.
“پهرين بيبي زينب جي زيارت ٿا ڪريون....” اهو چئي ڊرائيور درود ۽ سلام پڙهڻ شروع ڪيو.
“ٺيڪ آهي پهرين سانئڻ جي زيارت...” اسان ڄڻ يڪ آواز ٿي چيس.
ڊرائيور وين سڌو ‘بيبي زينب’ جي مزار تي ڪاهي آيو، ۽ اسان سڀني هيٺ لهي نصف جهان جي سرزمين تي قدم رکيو، ايران جي لڳ ڀڳ هر شهر ۾ ڪونه ڪو زيارتي هنڌ يا مزار آهي، ڪي ته قم، تهران ۽ شهر جي زيارتن جيان مشهور آهن، ته ڪي وري غير معروف. زيارتي اڪثر مٿين شهرن ۾ زيارتون ڪن ٿا، باقي ٻيون زيارتون ڏورانهن هنڌن تي ۽ غير معروف هئڻ سبب نٿا ڪن يا کين قافلن جي صورت ۾ آڻيندڙ پري هئڻ سبب اوڏانهن وٺي نٿا وڃن.
ٻين مزارن جيان بيبي زينب جي مزار به ڏاڍي ڪشادي ۽ خوبصورت ٺهيل هئي، اڏاوتي ڪم هلندڙ هو، اسين آسپاس جو سرسري چڪر هڻي، دعا گهري ٻاهر نڪري اچي وين ۾ ويٺاسين.
“هاڻ ڪيڏانهن ٿا هلئون؟” وين جو دروازو بند ڪري ڊرائيور کان پڇيم.
“ميدان امام.” ڊرائيور وراڻيو.
“پر اسين پل خواجو، جلفاءِ جو چرچ ۽ ڪاخ عالي قاپو، ڪاخ چهل ستون ڏسڻ ٿا چاهيون..” مون گائيڊ بوڪ کولي نالا پڙهندي چيو. هن ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ وين اصفهان جي رستن تي روان دوان هئي، ٿورو اڳيان وڌياسين ته هڪ بازار نظر آئي ۽ خواتين جو روح رسڪي پيو.
“ادا، ٿورو گاڏي ته بيهاريو.... جيئن بازار مان چڪر هڻجي...” آپا مهرالنساءِ پويان آواز ڏنو.
“هائو ادا.....” منهنجي جواب کان اڳ ئي ٻين خواتين به آپا جي ڳالهه جي تائيد ڪئي. “ٺيڪ آهي آپا” مون وراڻيو، “پر منهنجي خيال ۾ ‘ميدان امام’ هلجي، اتي به هڪ وڏي ۽ تاريخي بازار آهي.”
دل ۾ خيال آيم ته جي ٿي هت وين بيهارجي ته سڄو پروگرام ڊانوال ڊول ٿي ويندو. پوءِ اسان به اصفهان گهمي سا گهمي... خواتين کي خريداريءَ جي لاءِ بازار موڪلي، پوءِ ٻانهن سري کان ڏيئي سمهي رهجي.
“جنهن کي ٿي اڳين سيٽ ملي سو رڳو پنهنجي ٿو هلائي” منهنجي جواب تي پويان رمارڪ آيو. حقيقت ۾ هن سفر ۾ اسانجي سالار وسيم ڏهراج اسان سان جيڪا جُٺ ڪئي هئي، پويان ايندڙ جملو اُن جو رد عمل هو.
پويان ايندڙ ان رمارڪ کي ٻُڌو اڻ ٻڌو ڪري آئون مرڪي ماٺ ٿي ويس، وين شهرجي مختلف رستن تان ڊوڙندي اچي ‘ميدان امام’ پهتي، ميدان امام وڏو، مستطيل ۽ فرش جو ٺهيل آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي خوبصورت پارڪ ۽ وچ ۾ حوض ٺهيل آهي، جنهن ۾ لڳل ڦوهارو وڻندڙ ڏيک ڏي ٿو. هن ميدان جي چئني پاسن ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون يعني ڪاخ عالي قاپو، مسجد امام، مسجد شيخ لطف الله، ڪاخ چهل ستون وغيرهه آهن، اهو ميدان صديون اڳ شاهه عباس صفويءَ جي دور ۾ ٺهيو هو ۽ ان جي ڪري “ميدان شاهه” جي نالي سان مشهور هو، پر انقلاب کانپوءِ جتي شاهه جو نالو ۽ نشان مٽايو ويو، اُتي شهنشاهيت سان منسوب سڀني عمارتن جا نالا به مٽايا ويا. هن ميدان جو نالو بدلائڻ جي پويان به اهو ئي سبب هو، اهو ميدان جيڪو ڪنهن زماني ۾ اصفهان جي مرڪز ۾ هو، پولو، گهوڙي سواري ۽ نيزي بازيءَ جي ڪم ايندو هو، هاڻ تفريح گاهه جو ڪم ٿو ڏي.
وين مان لهي هيٺ بيٺاسين، ميدان (باغ) جي من موهيندر نظاري اکيون ئي ٿڌيون ڪري ڇڏيون، خواتين کي جڏهن خبر پيئي ته بازار سامهون آهي ته هو بازار وڃڻ جي لاءِ آتيون نظر اچڻ لڳيون، هاڻ اسين ٽن ٽولين ۾ ورهائجي وياسين، يعني صفدر شاهه، آفتاب شاهه ۽ سندن ڪٽنب. آپا مهرالنسا ۽ سندس نياڻيون ۽ اسين ٻئي يعني آئون ۽ امين لاکو. طئي اهو ڪيوسين ته ٻين بجي هن ئي هنڌ تي وري گڏباسين، پروگرام طئي ٿيو ته جنهن جو جيڏانهن ڪنڌ، تيڏانهن پنڌ.
‘ميدان امام’ جي چوڌاري هڪ بند بازار آهي، جيڪا تاريخي اهميت واري آهي، اصفهان جي اها بازار، اصفهان جي ڏسڻ جهڙن هنڌن مان آهي. آئون ۽ امين ان بازار ۾ گهڙي پياسين، جمع جو ڏينهن ۽ جمع جي نماز جو وقت هئڻ سبب بازار جا ڪيترائي دوڪان بند هئا ۽ رش نه هئڻ جي برابر هئي. انهن دوڪانن تي ايراني دستڪاريءَ جا ڏاڍا سهڻا نمونا ۽ مني ايچز وڪري لاءِ موجود هئا، جيڪي رڳو ڏسڻ سان ئي دل خوش ٿيو ٿي ويئي. انهن مني ايچز ۾ شيشي، چاندي، ٽامي ۽ پتل جا منقش ظروف، ننڍا ننڍا دستي قالين، ڪڙا، پينٽنگز، ٻيو الائجي ڇاڇا هو، جيڪڏهن آئون ان بازار کي خوبصورت شين جو عجائب گهر چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو. هڪ دوڪان تي هڪ بي حد سهڻي تصوير فريم ٿيل نظر آئي، جنهن ۾ حضرت عيسيٰ عليھ السلام پنهنجن ٻارهن حوارين سان گڏ آخري ماني کائي رهيو هو، ان دعوت کانپوءِ حضرت عيسيٰ کي رومين گرفتار ڪيو ۽ مٿس ڪيس هلائي کيس صليب تي چاڙهيو. واهه جي تصوير هئي، آرٽسٽ ٺاهڻ ۾ وڏو ڪمال ڪيو هو. قيمت پڇيسين ته ٻارهن هزار تومان، يعني لڳ ڀڳ هڪ هزار روپيا، دل هرکي ته وٺان، پر کڻجي ڪيئن؟ سنڀالجي به ته ڪيئن؟ دوڪاندار کان اجازت وٺي ان پينٽنگز جي تصوير ڪڍيسين ۽ واپس سنڌ اچي، جنهن به دوست کي ڏيکاريم اهو واهه واهه ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو. مون اها تصوير ۽ فردوسي جي مزار جي تصوير وڏي ٺهرائي فريم ڪرائي گهر ۾ هڻي ڇڏيون آهن.
اُتي ڪافي دوڪانن تي اسان کي سيلز گرلز طور ڇوڪريون به ويٺل نظرآيون. اسڪارف پاتل، رنگ جون ڳوريون چٽيون، ڄڻ سنگ مرمر جون ٺهيل ڪي گُڏيون هجن. هر ايندر ويندڙ جو مُرڪي آڌر ڀاءُ ڪري رهيون هيون. دوڪاندار جي مُرڪ، گراهڪ کي ڦاسائڻ جي پهرين ڪوڙڪي هوندي آهي، ۽ اها مُرڪ وري ڪنهن ڇوڪريءَ جي هجي ۽ ان مُرڪ مان اهو تاثر ملي ته اها رڳو اوهانجي لاءِ ئي مرڪي رهي آهي، ته پوءِ شڪار ته ڦاٿو نه...؟ اسان به ڦاسندي، پوءِ ڦٿڪندي جند ٿي ڇڏائي، پر هڪ دوڪان تي نيٺ ڦاسي پياسين ۽ ٻارهن هزار تومان ڏيئي ڪوروش اعظم (سائرس اعظم) واراٽي فريم ٿيل نقش خريد ڪياسين، ٻه مون ۽ هڪ امين، اصل ۾ انهن دوڪانن تي رکيل مني ايچز ايترا ته دلڪش ۽ جاذب نظر هئا، جو انهن کان بچي اڳتي وڌڻ سچ پڇو ته ڏاڍو ڏکيو هو. منهنجي خيال ۾ اصفهان جي ان بزار ۾ ڪو ٻاهريون سياح اچي ۽ ڪجهه به نه خريدڻ کانسواءِ خالي هٿين ٻاهر نڪري اچي، سواءِ بي ذوقي جي، ٻيو ڪو لفظ چوڻ مناسب ڪونهي.
بازار مان نڪري وري ميدان ۾ آياسين، جيئن ‘ڪاخ عالي قاپو’ ڏسي سگهون. ڪاخ عالي قاپو، يارهين صدي هجريءَ جي شروعات ۾ شاهه عباس صفويءَ ٺهرائي، ان محل هڪ دروازي جو ڪم ٿي ڏنو، هتان ئي ٽن ميلن تي پکڙيل شاهي محلاتن طرف رستو ويندو هو. “ڪاخ چهل ستون” پڻ هن ئي محل جو ڀاڱو هو، عالي قاپو سان گڏ باغ، بادشاهه جي بيٺڪ ۽ ديوان پڻ هئا. صفوي بادشاهه هتي غير ملڪي مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندا هئا ۽ هتي ئي ويهي پولو راند ڏسندا هئا، هن عمارت جو ست منزلون آهن، عالي قاپو نالي پوڻ جي سبب جي ته خبر ڪونهي، پر مشهور اهو آهي ته اهو نالو ‘علي’، مان ڦري “عالي” ٿيو هوندو.
شاهه عباس صفويءَ لڳ ڀڳ اڌ صدي ايران تي حڪومت ڪئي، هن بادشاهه پنهنجي حڪومت کي قائم رکڻ جي لاءِ ڇاڇا نه ڪيو، پنهنجي هڪ پُٽ کي رڳو ان ڪري مارائي ڇڏيائين، جو کيس شڪ هو ته هُن جي نظر سندس تخت تي آهي، ٻي پُٽ جي اکين ۾ گرم ڪاني ڦيرائي کيس انڌو ڪري سڄي عمر کيس پنهنجي حال تي روئڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنائين. ايران توڙي هندستان يا ٻين اسلامي سلطنتن ۾ وقت جي سلطانن تخت ۽ تاج لاءِ پنهنجن رشتيدارن، مٽن مائٽن سان ڇاڇا نه ڪيو.؟ هندستان جي مغل بادشاهن، خاص ڪري اورنگزيب پنهنجي پيءُ کي قيد ڪيو، پنهنجي جگرجي ٽڪرن کي به نه بخش ڪيو... اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال آهن، اقتدار سدائين رت جو درياءَ اُڪري پوءِ حاصل ٿئي ٿو.... پوءِ ان اقتدار کي ڪهڙو به سهڻو نالو ڏجي يا انقلاب چئجي.
ڪتابن ۾ لکيل آهي ته شاهه عباس صفوي هڪ زبردست منتظم به هو، هن ڪيترائي علائقا فتح ڪيا... سلطنت ۾ امن امان بحال ڪيو، نيون اڏاوتون ڪرايون، کيس شاهه عباس اعظم به چيو وڃي ٿو.
ڪاخ عالي قاپو ۾ گهڙياسين ته سامهون دريءَ ۾ ٻه نوجوان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو، سگريٽن جي دم لڳايو ويٺا هئا. عمريون ڪي ويهه ٻاويهه سال ڳورا چٽا... هنن اسانکي ايندي ڏٺو ته دوستاڻي مرڪ مُرڪيا، اسان به دوستاڻي مرڪ جو تبادلو ڪيو، پوءِ هيلو چئي هٿ ملايوسين، ٻئي افغانستان جا هئا، موڪلن هئڻ سبب ايران گهمڻ آيا هئا.
“ڇورا افغانستان جا آهيو... طالبان ته ڪونه آهيو؟” تعارف ٿيو ته کلندي پڇيو مان... جنهن تي هنن زور دار ٽهڪ ڏنو، زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ، ڄڻ طالبانن جي خاتمي سان گڏ هنن کي زندگيءَ جون رعنائيون به موٽي مليون هجن “نونو! طالبانز از ويري ڊينجرس” هنن کلندي وراڻيو.
ٿوري دير هيلو هاءِ ڪري، اسان هنن سان ۽ هنن اسان سان هڪٻئي جي ڪلهن تي ٻانهون رکي پنهنجي پنهنجي ڪئميرائن سان فوٽو ڪڍيا. پوءِ مرڪندي هڪ ٻئي کان موڪلايوسين.
امين لاکي کي پاتل سنڌي ٽوپي ۽ سلوار قميص هر ڪنهن جي نظرن جو مرڪز ٿي رهي ۽ هر هنڌ ايندڙ ويندر مرڪي امين ڏانهن ٿي ڏٺو ۽ امين وري هُش ۾ خوش، “ڪيئن ماما.... ڏسين پيو منهنجي ٽوپي ۽ سلوار قميص جو ڪمال....” جڏهن به ڪنهن امين کي مرڪي ٿي ڏٺو ته امين خوش ٿي مونکي ٿي چيو.
“هائو يار! وڏي لئه اٿئي....!” جواب ۾ چيومانس ٿي، پر امين جي ان ٽوپيءَ سبب اُتي هڪ مسئلو پيدا ٿيندي ٿيندي بچي ويو، ٿيو هيئن جو ‘بند بازار’ ۾ گهمندي هڪ دوڪان تي ويٺل نوجوان کي ڏٺم ته. سندس ڪائونٽر تي ‘صادق هدايت’ جو ڪو ڪتاب رکيو هو، جيڪو شايد سندس مطالعي هيٺ هو، مون هٿ وڌائي اهو ڪتاب کڻي ڏٺو، تعارف ٿيو ته همراهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي اشارن ۾ چيائين ته “ڀلي تون ڪتاب پاڻ سان کڻي وڃ.” مون سندس مهرباني مڃي، پر ڪتاب نه کنيو، جو اهو فارسيءَ ۾ هئڻ سبب منهنجي ڪم جو نه هو، ٿوري دير هيلو هاءِ ڪري ساڻن فوٽو ڪڍائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي جو کڻي سامهون ڏسان ته امين ٺهي ئي ڪونه، کيس ڳولهيندي ڳولهيندي بيزار ٿي ٻاهر نڪتس ته ڏٺم، امين هڪ ننڍي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺو سگريٽ پي رهيو هو ۽ ٻه مختلف ورديون پاتل همراهه ساڻس گڏ ويٺا هئا. الائجي ڇو منهنجي ذهن ۾ گهنٽي وڳي، امين ڪافي بي احتياطو يار آهي، خيال ٿيم ته ائين امين کي سگريٽ پيئندي همراهه ڦري آيا هوندا. ويجهو وڃي سلام ڪيومان. پوءِ خبر پئي هو ٻئي پوليس جي مختلف کاتن سان واسطو رکندڙ هئا ۽ امين کي ائين اڪيلو ڦرندي سگريٽ پيئندي ڏسي. کائنس خبرچار ڪرڻ لڳا، انهن موڪلايو ته امين چيو “ڏٺئي ماما! منهنجي ٽوپيءَ جو ڪمال.”
مون مرڪي وراڻيو مانس “واقعي به...!” پر کيس پنهنجن خدشن کان آگاهه نه ڪيم.
جڏهن هو ويا ته امين مونکي چيو، “ماما تون ٻي جو خيال نٿو ڪرين... جتي ڪٿي بيهي ٿو رهين.... لڳي ٿو پاڪستان مان جيڪو ٽارگيٽ کڻي آيو آهين، اهو پورو ڪرڻ ٿو چاهين.”
“واقعي به تون صحيح ٿو چوين، مونکي هر هنڌ بيهڻ بدران، ڪنهن به پاسي نهارڻ يا ڏسڻ بدران نڪ جي سُڌ ۾ هلندو رهڻ گهرجي.” مون سندس ڳالهه کي غير سنجيدگيءَ سان وٺندي چيو، “پر لاکا صاحب اهو ته ٻڌايو ته آئون ٻين جو خيال ڪيئن نٿو رکان... ۽ منهنجا ڪهڙا ٽارگيٽ آهن.”
“ڏس! مئڊم توکي بازار ۾ گاڏي بيهارڻ جي لاءِ چيو، پر تو گاڏي نه بيهاري ۽ هينئر به بيهي رهين.”
“ها صحيح ٿو چوين يار... اسين ته آيا ئي گهمڻ آهيون. سمهڻ يا ويهي، هلي وقت گذارڻ نه.... بهرحال آئندهه خيال رکندس.” مون امين سان وڌيڪ بحث نه ڪند ي چيو.
*
جيتوڻيڪ اصفهان جي اهم تاريخي هنڌن مان گهڻائي هڪ ئي هنڌ ۽ ان جي آسپاس آهي، پر اصفهان جي گهٽي گهٽي، ڪوچو ڪوچو تاريخي مسجدن ۽ جاين سان ڀريو پيو آهي، اصفهان جو هي “ميدان امام” جيڪو ڪنهن وقت شهر جو مرڪزي هنڌ هو، سو اڄ به مرڪزي حيثيت رکي ٿو. اسين “عالي قاپو” مان ٻاهر نڪري آياسين، جمع جي ڏينهن هئڻ سبب ‘مسجد امام’ ۾ نمازين جي وڏي رش هئي. اسان ڏٺو ته ماڻهو پري پري کان، آسپاس جي ٻين شهرن مان به بسون ۽ ويگنون ڀري جٿن جي صورت ۾ نماز جي ادائيگي جي لاءِ اُتي اچي رهيا هئا. سندن گاڏيون “ميدان امام خميني” ۾ پارڪ ٿيل هيون. اُتي رش ڏسي سوچيم، ميدان امام جيڪو هينئر تفريح جو مقام ۽ ايترو مصروف علائقو آهي، تنهن جو صفوي دور ۾ ڪهڙو شان هوندو.... اهو رڳو تصور ئي ڪري سگهجي ٿو.
سامهون پاڻي جي حوض ۾ هلندڙ ڦوهارو ڏاڍو سهڻو لڳي رهيو هو ۽ ان جي صاف شفاف ۽ ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڪيترائي ٻار وهنجي انجواءِ ڪري رهيا هئا، حوض جي ننڍين ڀتين تي ڪيترائي مرد ۽ عورتون ويٺا انهن ٻارن کي تڙڳندا ڏسي رهيا هئا. مٿن ڦوهاري مان نڪرندڙ پاڻيءَ جا ڇنڊا پئجي رهيا هئا. اُتي بيٺل گلن ۽ ساو ڪ جو هڳاءُ ماحول کي وڌيڪ خوبصورت بنائي رهيو هو. اسانجي سامهون ‘مسجد امام’ هئي. اها مسجد به عباس شاهه صفوي جي دور جي يادگار آهي. اڳ ۾ ان جو نالو بادشاهي مسجد يا مسجد شاهه هو، پر انقلاب کانپوءِ اهو نالو بدلائي مسجد امام خميني رکيو ويو آهي. ان مسجد جو شمار دنيا جي سهڻين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان جي اڏاوت جو ڪم ارڙهن سالن جي عرصي ۾ مڪمل ٿيو ۽ ان جي ٺاهيندڙ جو نالو استاد علي اڪبر اصفهاني هو ۽ اندر جيڪا خطاطي ۽ ٽائلسن جي گلڪاري آهي، اهو ڪم علي رضا عباسي نالي ڪاريگر جو ڪيل آهي.
ان مسجد ۾ انجنيئرنگ جو هڪ ڪمال اهو به آهي ته خطيب ان جي گنبذ جي هيٺان بيهي نماز پڙهائي ٿو يا خطبو ڏي ٿو ته اهو آواز هزارين نمازين کي صاف ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پاڻ وٽ ٺٽي ۾ ٺهيل “شاهجان مسجد” جنهن کي ٺٽي جا ماڻهو “سئو قبن واري مسجد” چون، ان ۾ پڻ اهڙي خوبي رکيل آهي. مسجد جي هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته ان ۾ هڪ پٿر جي اهڙي سر آهي، جنهن تي عين ان وقت پاڇولو پويٿو، جڏهن ڏينهن جا ٻارهن وڄندا آهن، سال جي 365 ڏينهن ۾ فقط ڏينهن جو ٻارهين بجي ئي پاڇو اُن پٿر تي اچي ٿو.
مسجد جي اڳيان پٿر جو هڪ وڏو پيالو به رکيل آهي، جنهن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته نماز جي وقت اهو شربت سان ڀريو ويندو هو، جيئن نمازي نماز پڙهڻ سان گڏ شربت مان به لطف اندوز ٿين... هاڻ ته نه اهي بادشاهه رهيا آهن، جو اهو پيالو شربت سان ڀرين ۽ نه ئي اهي نمازي....
مسجد امام سان گڏ ‘مسجد شيخ لطف الله’ به آهي، جيڪا پڻ عباس شاهه صفوي جوڙائي، ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته شيخ لطف الله، عباس شاهه جو خسر هو، شيخ لبنان جو رهاڪو هو ۽ واپس لبنان وڃڻ جو خواهشمند هو، پر عباس شاهه جي خواهش هئي ته هو اصفهان ۾ ئي رهي پوي، هن کيس آڇ ڪئي ته جيڪڏهن هو هت رهي پوي ته اها مسجد سندس نالي سان ‘منسوب’ ڪئي ويندي اِيئن هو اصفهان ۾ رهي پيو ۽ هيءَ مسجد سندس نالي سان منسوب ڪئي ويئي.
ٻي روايت آهي ته شيخ لطف الله هڪ عالم دين هو، جيڪو ڊگهي عرصي تائين هت امامت ۽ خطابت جا فرض ادا ڪندو رهيو هو ۽ پنهنجي علم سبب آسپاس جي مدرسن ۾ پڻ پڙهائڻ ويندو هو. ان مسجد کي سندس نالو ڏيئي سندس اُن مقام جو اعتراف ڪيو ويو آهي، ان مسجد جي انفراديت اها آهي ته ان ۾ نه ڪو مينار آهي ۽ نه ئي ڪو اڱڻ. چيو وڃي ٿو ته اها مسجد شاهي گهراڻي جي عورتن لاءِ مخصوص هئي، پوءِ جيڪي حالتون پيدا ٿيون ۽ پردي جي سختيءَ جي ڪري ‘ڪاخ عالي قاپو’ کان مسجد تائين هڪ سرنگ کوٽي ويئي ته جيئن زائفائون سولائي ۽ آزادي سان مسجد تائين اچي وڃي سگهن.
“ڪاخ چهل ستون” به شاهي محلاتن جي ڪڙي آهي، اهو ڪاخ (محل) به شاهه عباس ئي ٺهرايو هو، ان محل جا ويهه ٿنڀا آهن، فارسيءَ ۾ چهل جي معنيءَ چاليهه آهي، ‘ڪاخ چهل ستون’ معنيٰ ‘چالهين ٿنڀن وارو محل.’ اوهين سوچيندا هوندا ته جڏهن ٿنڀا ويهه آهن ته پوءِ ‘چهل ستون’ ڇو؟ اصل ۾ ان عمارت جي اڏاوت ۾ به وڏي ٽيڪنڪ رکي ويئي آهي، ان محل جي اڱڻ ۾ هڪ تلاءُ آهي ۽ انهيءَ ٽيڪنڪ تحت انهن ويهن ئي ستونن (ٿنڀن) جو عڪس انهيءَ تلاءُ ۾ پويٿو، يعني اهي ٿيا چاليهه (چهل) ستون، ان نسبت سان اها سڏجي ‘ڪاخ چهل ستون.’
اصفهان هڪ عجيب جهان آهي، ميدان امام جي آسپاس ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون ۽ ميوزم جن ۾ موزه چهل ستون، موزه قرآن، موزه حيوانات وغيرهه آهن. اهي سڀ ڏسڻ جي لاءِ به ڏينهنَ کپن ۽ ڪلاڪن جي ته ڳالهه ئي ڪونه هئي.