• زائنده رود جو سُڪل پيٽ
۽ اسان جي وين هاڻ پُل خواجو ڏانهن ڊوڙي رهي هئي ۽ اسانجون اکيون اصفهان جي رستن، گلن ۽ پارڪن کي ڏسنديون، انهن جي سونهن کي اکين جي ماڻڪين ۾ محفوظ ڪنديون رهيون... اصفهان ۾ اسين کليل اکين سان هر شئي جي عڪس بندي ڪري رهيا هئاسين.
ڊرائيور روڊن جو واقف هو ۽ هو مختلف رستن تان شارٽ ڪٽ ڪندو اچي پُل خواجو جي ڪناري سان لڳ هڪ پارڪ وٽ بيٺو ۽ گاڏي بيهاري سامهون اشارو ڪندي چيائين، “پل خواجو... زائنده رود...”
اصفهان جي تاريخي ۽ مشهور پُل خواجو اسانجي سامهون هئي..... ۽ زائنده رود اهو درياهه آهي، جنهن جي مٿان اها پُل اڏيل آهي، درياهه جي تصور سان... ڪو وڏو پاڻيءَ جو اٿاهه سمنڊ ذهن ۾ تري ٿو اچي.... پر هي ته هڪ ننڍي ندي هئي، جهڙي ڦليلي يا پيچاري واهه. “زائنده رود” اصفهان جي بلڪل وچ مان ٿو وهي، زائنده رود جي معنيٰ آهي، “جيئرو درياهه”، پر ان واقف اهو زائنده بدران “مرده رود” هو، مئل حالت ۾، منجهس پاڻي ڪونه هو، صفا سڪو ٺوٺ ٿيو پيو هو، سندس پيٽ ۾ واري پي اُڏامي.
وين مان لهي خرامان خرامان ‘زائنده رود’ جي سُڪل پيٽ کي ڏسندا سامهون پُل خواجو ڏانهن وڌڻ ٿا لڳون. ٽيٽيهن دروازن تي مشتمل هيءَ تاريخي پُل شاهه عباس ٺهرائي هئي. اصفهان ۾ هر هنڌ شاهه عباس صفويءَ جي جهلڪ موجود هئي، هيءَ پل خواجو’ هو عالي قاپو، ڪاخ چهل ستون، ميدان امام ۽ هو جلفاءِ جو ديول... هيءَ مسجد.... زائنده رود تي پُل خواجو کانسواءِ ٻه ٻيون به پليون ٺاهيون ويون، الهه وردي خان پُل ۽ پُل شهرستان. اهي پليون اصفهان جي ٻنهي ڪنارن تي آباد شهر کي ڳنڍين ٿيون. زائنده رود جي پراڻي شاخ تي هڪ ٻي به تاريخي ۽ قديمي پُل آهي. جنهن تان هرڪو فاتح لنگهي اصفهان پهتو، آخري دور ۾ افغانن اُن پُل مٿان قبضو ڪيو ۽ پوءِ نادر شاهه اها پُل اُڪري پٺاڻن / افغانن کي ماري، ان کي پُل تان ڀڄائي ڪڍيو.
پل تي پهچي اسين ٽن ٽولين ۾ ورهائجي وياسين، صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه پنهنجي ڪٽنب سان، آپا مهرالنساءِ ۽ سندس نياڻيون، ساڻن گڏ امين، ۽ آئون اڪيلو اڪيلو. هر ڪو پنهنجي منهن وڙڪڻ لڳو. زائنده رود جي ٻنهي ڪنڌين تي پري پري تائين ڏاڍا سهڻا ۽ ڪشادا پارڪ ٺهيل هئا، انهن پارڪن ۾ ڪاٺ ۽ سيمينٽ جون ڪرسيون ۽ ڪيترائي مجسما کُتل هئا. پل خواجو جي ٻنهي پاسن پارڪ ٺهيل هو، ۽ اتي ڪجهه نوجوان پڻ موجود هئا، اهي پارڪ ۽ پل خواجو اصفهان جي پڪنڪ پوائنٽس به آهن. پل خواجو جون تصويرون مون گائيڊ بوڪ ۾ ڏٺيون هيون، انهن ۾ وهندڙ درياهه جي ڏاڪڻين تي جگمڳ ڪندڙ روشنين ۾ ڪيترن ئي ٽوئرسٽن، مردن توڙي عورتن کي ويٺل ڏٺو هو.
ڏينهن هئڻ سبب جڳ مڳ ڪندڙ روشنيون نه هيون نه وري پاڻي.... آئون اڪيلو ئي پل جي ڏاڪڻين تي ويهي سامهون زائنده رود جي سڪل پيٽ کي ڏسڻ لڳس. پل جي ٻنهي ڪنارن تي شينهن جا مجسما کتل هئا. پُل جي مٿان هڪ هنڌ ٻه جوڙا به موجود هئا، زندگي سان ڀرپور، ڇوڪرين کي مٿن تي فقط اسڪارف ٻڌل هئا، باقي جيئن قم ۾ عورتن کي ڪاريون چادريون ويڙهيل هيون، تيئن نه هو، جوانڙيون اڇيون اڇيون جهڙيون کير.... نصف جهان جون پريون... محسوس ٿيو ته شايد هاڻ ايران ۾ ايتري سختي ڪونهي، جيتري انقلاب جي شروع وارن سالن ۾ هئي.
آئون پل جي ڏاڪڻين تان اُٿي پل جي هڪ پاسي ٺهيل شينهن جي مجسمي کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس، هجي ها جيئرو ته ڌپ به نه ڀريانس ها... پر پٿرجي شينهن کان ڪهڙو ڊپ!
اسان ڪلاڪ سوا اُن پل تي گذاريو، پوءِ هوريان هوريان ويگن جي ويجهو ٿيندا وياسين. اسانجي ايندڙ منزل آرميني چرچ جلفاءِ هئي. وين مختلف رستن تان ڊوڙندي اچي جلفاءِ يا وانڪ جي ديول جي اڳيان بيٺي اهو ديول جلفاءِ نالي عيسائين جي پاڙي ۾ آهي. جلفاءِ جي اها ديول به سترهين صدي جي شروع ۾ 1606ع ڌاري ‘شاهه عباس ڪبير’ پنهنجي آرميني عيسائي رعيت جي لاءِ ٺهرائي هئي. هن وقت ان ديول ۾ هڪ شاندار لئبرري، پبلشنگ هائوس ۽ عجائب گهر قائم آهي. اهو وچ اوڀر ۾ سڀ کان پهريون اشاعت گهر آهي ۽ هن خطي ۾ آرمينائي زبان ۾ سڀ کان پهريون ڪتاب 1938ع ۾ ڇپيو ويو. انهن ماڻهن کي پنهنجو لٽريچر ڇپڻ جي مڪمل آزادي آهي. آرمينيا جي رسم الخط ڏهين صدي عيسويٰ ۾ ايجاد ٿي. ديول جي کاٻي پاسي ميوزم هال جي ٻاهران آرميناجي مشهرو شاعر Golden Poet جو مجسمو کتل آهي، جتي بيهي مون هڪ يادگار فوٽو ڪڍرايو.
جمعي جي ڏينهن هئڻ ۽ ڪجهه دير ٿي وڃڻ سبب ديول ۽ ميوزم بند ٿي چڪا هئا. جنهن جو ڪافي افسوس به ٿيو، بهرحال ٻاهران ئي ٻاهران بيهي آسپاس نظرون ڊوڙائي واپس ورياسين.
هن وقت اصفهان ۾ لڳ ڀڳ پندرهن سورهن هزار آرمينائي عيسائي رهن ٿا، ايران جي آبادي جو لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو مسلمان آهي، جڏهن ته اقليتن ۾ عيسائي، زرتشي، يهودي، آشوري ۽ ڪلداني شامل آهن، ايران جي مجلس شوريٰ يا پارليامينٽ ۾ ٻين اقليتن سان گڏ عيسائي نمائندا به موجود آهن.
ديول جي بروشر مان معلوم ٿيو ته ان جي هڪ ڪُنڊ ۾ هڪ يادگار ٺاهيو ويو آهي، اهو يادگار 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ جي “آرمينا جي شهيدن” جي نالي سان منسوب آهي... چرچ جي ميوزم ۾ بائيبل جا ڪيترائي قديم نسخا، حضرت عيسيٰ عليھ السلام سان منسوب ڪيتريون ئي شيون، حضرت عيسيٰ ۽ بي بي مريم جون تصويرون ۽ آرمينيائي بادشاهن جا خط ۽ ڪپڙا سجائي رکيا ويا آهن. انهن ۾ هڪ ناياب شئي حضرت ابراهيم جو تصويري خاڪو آهي، جيڪو سترهين صدي ۾ مشهور مصور ريمبرانٽ Reambrant ٺاهيو هو، شيشي ۾ محفوظ آهي، تنهن کانسواءِ حضرت عيسيٰ، ۽ آرمينيائي حڪمرانن جا مجسما به ميوزم ۾ رکيل آهن. ميوزم جي ٻاهر ڪائونٽر تي هڪ خوردبيني رکيل آهي، جنهن ۾ وار تي لکيل آرمينيائي زبان ڏسي سگهجي ٿي. ميوزم ڪافي وڏو ۽ نوادرات سان ڀرپور آهي، آرمينيا جي دنيا جي پهرين عيسائي سلطنت هئڻ جي ناتي انهن شين جي وڏي تاريخي اهميت آهي.
جلفاء جي ديول کان اسين ‘مينار جُنبان’ يعني لُڏندڙ مينارن ڏانهن روانا ٿياسين، جيتوڻيڪ هنن ٻن مينارن جي اڏاوت جي تاريخي بابت ڪا حتمي خبر ڪونهي، پر عام طور تي مشهور آهي ته ‘سلطان محمد خده بنده’ جي زماني ۾ هڪ بزرگ ‘عمو عبدالله’ جي وفات کانپوءِ کيس هت دفنايو ويو ۽ عقيدت مندن سندس مزار تي مينار جوڙايا. مشهور آهي ته اهي مينار ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا لڏندا آهن، هڪ ڀيرو صبح جو ۽ ٻيو ڀيرو شام جو، جڏهن هڪ مينار لُڏندو آهي ته ٻيو به لڏڻ شروع ڪندو آهي. مينار ننڍا ۽ عمارت عام قسم جي آهي، عام طور انهن مينارن جي لڏڻ جي ڪرامت اتي دفن ٿيل بزرگ سان منسوب ڪئي وڃي ٿي، پر حقيقت اها آهي ته سڄو ڪمال انهن فني اصولن جو آهي، جن تي اهي مينار اڏيا ويا آهن.
سوچيان ٿو ته هيءَ دنيا به عجائبات سان ڀري پيئي آهي، هڪڙا اهي عجائبات آهن، جيڪي قدرت جو ڪرشمون آهن، جيئن نياگرا آبشار آفريقا جو صحرا، ايورسٽ جي چوٽي، اميزن ٻيلو وغيره، ٻيا وري اهي جيڪي انساني ذهن ۽ هٿن جي فني ڪمال جو نمونو آهن جهڙوڪ مصر جا اهرام، رني ڪوٽ، اجنتا جون غارون، تاج محل، ديوار چين ۽ ٻيا ڪيترائي، جن کي ڏسيو دنگ رهجيو وڃجي. ۽ اسان جهڙا سياح پري پري کان هزارين ميلن تان ڪهي اچيو انهن کي ڏسن ۽ قدرت جي ڪاريگريءَ سان گڏ انساني ذهن ۽ انهن جي فنڪاري جي واکاڻ به ڪن.
مينار جُنبان کان روانا ٿي اچي آتشڪدي پهتاسين، آتشگاهه يا آتش ڪدو زرتشي مذهب جي عبادت گاهه آهي، زرتشتي مذهب جنهن کي پاڻ عام طور تي مجوسيت چئون، ايران جو قديم مذهب هو، زرتشت ان مذهب جو پيغمبر ۽ پرچارڪ هو، زرتشت جي نظر ۾ باهه خدائي نور جو بهترين مثال آهي، ۽ زرتشت ان باهه کي پنهنجي عبادت گاهن ۾ قبلي طور استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڇو ته سندس خيال ۾ باهه خدا جي نور جو لقاءُ آهي، باهه سڀني اونداهين کي ختم ٿي ڪري.
“آتشڪدي وٽ پهتاسين ته ان جي ٻاهران وڏي بورڊ تي لکيل هو.” “بنائي تاريخي آتشگاهه دز ماربين”
اهو هڪ ٽڪريءَ تي هو، هن آتشڪدي جي لاءِ مشهور آهي، ته اهو مجوسين جي عبادت گاهه هو ۽ ساسانين جي دور ۾ اڏيو ويو هو، ٻي روايت آهي ته اهو ‘ٽاور آف سائلنس’ آهي، يعني مجوسين جو قبرستان، مجوسي يا زرتشي پنهنجا مُردا دفنائڻ جي بدران اُن ٽاور ۾ رکي ڇڏيندا هئا ۽ اُتي پکي خاص ڪري ڳجهون، انهن کي کائي وينديون هيون، زرتشتي مذهب ۾ مردا دفنائڻ جي بدران پکين ۽ جانورن جي کائڻ لاءِ ڇڏيا ويندا آهن، ۽ هي آتشڪدو به شايد ان ڪم لاءِ هو ۽ جڏهن ساساني دور حڪومت هو ته آئون تصور ٿو ڪريان ته هن آتشڪدي ۾ ٻرندڙ سڳوري باهه سڄي اصفهان جي رهاڪن کي نظر ايندي هوندي ۽ هو پاڻ کي سڳوري باهه جي پاڇي ۾ محفوظ محسوس ڪندا هوندا.
اُتي پهچي گهڻا دوست ته هيٺان ئي بيهي ڏسڻ لڳا، پر آئون، امين لاکو، فرات شاهه ۽ آپا مهرالنساءَ مٿي چڙهڻ لڳاسين، آپا مهرالنساءَ ٿورو مٿي چڙهي، هڪ پٿر تي ٿڪي پير پساري ويهي رهي، پر اسين مختلف طرفن کان ورن وڪڙن تان ٿيندا، اُڀن ۽ ترڪڻن پٿرن کي جلهيندا، پاڻ کي ڇڪيندا، ويساهيون کائيندا مٿي چڙهندا ويا. نيٺ مٿي آتشڪدي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين، سڄا ساهه مان ڀرجي ۽ پگهر ۾ شم ٿي وياسين، مٿان کان هيٺ لهڻ سولي ڳالهه آهي، پر مٿي چڙهڻ وڏو ٿڪائي ٿو وجهي، ڪجهه سال اڳ جڏهن اسين ڪجهه دوست سائين پرويز، اصغر گگو ۽ رشيد آزاد نوراني جي مزار تي لاهوت لامڪان ويا هئاسين ۽ کٽ جبل تي چڙهڻ لڳا هئاسين ته آئون اڌ ۾ ئي گوڏا ڀڃي ويهي رهيو هوس. جيتوڻيڪ آتشڪدو ايترو، مٿي نه هو، جيتري کٽ جبل جي چوٽي هئي، پر اهڙو ته ٿڪائي وڌائين، جو دل چيو ته پَر هجن ته اُڏامي هيٺ لهان. آتشڪدي جا باقي ڪي آثار وڃي بچيا هئا، لڳو ائين پي ته انهن آثارن جي ڪا سار سنڀال نٿي ڪئي وڃي يا انهن ڏانهن گهڻو ڌيان نٿو ڏنو وڃي.
آئون آتشڪدي جي اڳيان بيهي سامهون ڏسڻ لڳس، اصفهان جو شهر ڪنهن سمنڊ جيان منهنجي اڳيان هو ۽ ڏاڍو خوبصورت نظارو هو، اصفهان جي اُن هوائي نظاري سچ ته من موهي وڌو ۽ سوچڻ لڳس ته صديون اڳ جڏهن زرتشي مذهب ايران جو سرڪاري ۽ اڪثريتي مذهب هو، تڏهن هن آتشڪدي ۽ آسپاس ڪيتري نه چهل پهل هوندي، زرتشي مُلان ڪيڏي نه ٺٺ سان پنهنجي پوئلڳن کي هدايتون ۽ نصيحتون ڪندا هوندا ۽ اهي پوئلڳ نهايت عزت، احترام، نياز ۽ نوڙت سان سڳوري باهه جي اڳيان سر بسجود ٿيندا ۽ نذر ۽ نياز ڏيندا هوندا، ۽ هاڻ زرتشين جو اهو سڳورو هنڌ صفا ڦٽل حالت ۾ پيو لتاڙجي ۽ ايندڙ ويندڙن کي حسرت سان پيو ڏسي. آتشڪدي جون بچيل ڀتيون خاموش زبان سان پنهنجي شاندار ماضي کي ياد ڪري، حال تي خاموش ڳوڙها ڳاڙهينديون هونديون. عربن جي فتح کانپوءِ، جڏهن ساساني سلطنت جو خاتمو ٿيو ته وقت گذرڻ سان گڏ گهڻا ايراني ته مسلمان ٿي ويا، باقي، ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا، انهن مان ڪي ممبئي ۽ ڪراچي ۾ پهتا، ۽ مقامي ماڻهن سان رلي ملي ويا. ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جو ميئر جمشيد نسروانجي به زرتشي مذهب سان واسطو رکندڙ هو، سندس وڏا يقينن ايران کان ئي آيا هوندا. جمشيد نسروانجي جي سنڌ ۾ توڙي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجي سماجي خذمتن جي ڪري وڏي عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ٿو. جسٽس دوراب پٽيل ۽ ارد شير ڪائوسجي به زرتشي مذهب سان واسطو رکن ٿا (زرتشتين کي عام طور تي پارسي يا مجوسي به چيو وڃي ٿو)، ذوالفقار علي ڀٽي جو دوست ۽ مٿس مشهور ڪتاب “ذلفي ماءِ فرينڊ” جو ليکڪ پيلو مودي به پارسي هو. هن وقت ايران ۾ پارسي ٿوري تعداد ۾ موجود آهن، جڏهن ته ڪراچي ۽ ممبئي ۾ پڻ پارسي رهن ٿا، ڪراچيءَ ۾ صدر واري علائقي ۾ پڻ پارسين جي آخري رسمن جي ادائيگي لاءِ ‘ٽاور آن سائلنس’ (خاموشيءَ جو مُنارو) ٺهيل آهي. آتش پرستي دنيا جو قديم ترين مذهب آهي، آتش پرست مڙهه /لاش کي “خاموشي جي مينار” جي مٿينءَ حصي ۾ فطري عمل تحت ڳرڻ ۽ سڙڻ جي لاءِ ڇڏي ڏيندا آهن، ڳجهون به ان عمل جو خاص حصو آهن، ۽ گهڻا تڻا لاش ڳجهن جي ئي خوراڪ بنبا آهن، آتش پرست اهو عمل زمين (ڌرتي) جي احترام ۾ ادا ڪن ٿا، ڇو ته آتش پرستن وٽ زمين کي پوَتر ۽ سڳورو تصور ڪيو ويندو آهي. هنن جي نظر ۾ اهو عمل لاش کي ساڙڻ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ماحول دوست آهي.
هڪ پارسي مذهبي پيشوا موجب سندن عقيدن ۾ موت جو ذميدار Angra Mainyu کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو اونداهيءَ جو ديوتا آهي. موت شر (بدي) جو مادي شڪل ۾ اظهار آهي، ڌرتي خوبصورت آهي ۽ اها خدا جي مڙني تخليقن ۾ نبار (خالص) آهي. تنهن ڪري اُن کي مئل جسمن کان پاڪ رکڻ گهرجي.
ايران ۾ پارسين جي مرڪزي پيشوا موجب مري ويندڙ جي آخري رسمن جو شمار سندن بنيادي مذهبي عقيدن ۾ ٿئي ٿو. جن جي ادائيگي هر آتش پرست پارسيءَ تي لازمي آهي، سندس چوڻ آهي ته اُن سڳوري رسم جي شروعات تي هزار سال اڳ هن ئي سرزمين تان شروع ٿي، پر هاڻ ايران ۾ پارسين جو تعداد تمام گهٽ وڃي بچيو آهي.
ڪنهن زماني ۾ زرتشيت کي رومانيا ۽ يونان کان وٺي روس تائين هڪ وڏي مذهب جي حيثيت حاصل هئي، پر هاڻ هڪ اندازي موجب هن وقت دنيا ۾ پارسين جو تعداد اڻويهن لکن جي لڳ ڀڳ آهي، پر ڪن مورخن موجب اهو تعداد فقط ٻارهن لک چاليهه هزار آهي.
جيتوڻيڪ اڄ پارسين جو تعداد ڪو ايترو ڪونهي، پر محققن چواڻي ان مذهب جي توحيد پرست يا وحدانيت جي تصور ٻين مذهبن تي گهرا اثر ڇڏيا. ڪجهه مورخن جو اهو به چوڻ آهي ته توحيد پرستي جي شروعات جو چٽو تصور “زرتشتين” وٽ ملي ٿو. وحدانيت کانسواءِ هن مذهب ۾ خير ۽ شر ۽ آخرت جو تصور به موجود آهي، جيڪو موجوده دور جي ٽن وڏن مذهبن جو نه رڳو حصو، پربنيادي جُز پڻ آهي.
تهران ۾ پارسين جي مذهبي پيشو ‘مهربان فيروز گري’ جي چوڻ موجب انسان کي اهڙي نموني تخليق ڪيو ويو آهي جو هو طهارت ۽ پاڪائيءَ طرف مائل ٿئي ٿو، ۽ اها اختيار ڪري ٿو. پر بديءَ جي سگهه ناڪاري جذبن، جهڙوڪ نفرت، لالچ ۽ شهوانيت جي ڪري انسان تي غالب ٿئي ٿي، پارسي عقيدي موجب بديءَ جي قوت تي هڪ صاف، ذهن جي ذريعي غالب اچي سگهجي ٿو، ۽ هڪ پاڪيزه ذهن، هاڪاري خيالن، لفظن ۽ افعالن جي ذريعي تخليق ڪري سگهجي ٿو.
پنهنجي گهٽ تعداد جي باوجود به ايراني پارسي ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، هڪ گروهه فقط انهن آتش پرستن کي قبول ڪري ٿو، جيڪي نسل در نسل مذهب جو حصو آهن، جڏهن ته ٻي گروهه موجب بعد ۾ پارسيت قبوليندڙن جي آمد لاءِ به قبوليت موجود آهي. ڏهين صديءَ ۾ مسلمانن حمله آورن کانپوءِ ايران مان پارسين جي لڏپلاڻ ٿي، انهن مان گهڻن هندستان جو رخ ڪيو.
ممبئي ۾ موجود پارسين جي مذهبي اسڪول جو پرنسيپال ‘رميارپي ڪرنجي’ ان ڳالهه تي زور ٿو ڏي ته وٽن مذهب جي تبديليءَ جي ڪنهن به لحاظ کان اجازت ڪونهي، ان جي باوجود به هندستان ۾، جيڪو هينئر پارسين جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي، پارسين جو تعداد تيزيءَ سان گهٽبو پيو وڃي، يونيسڪو جي رپورٽ موجب انهن ۾ هر ڏهن سالن ۾ ڏهه سيڪڙو ڪمي رڪارڊ ڪئي ويئي آهي، اڄ پارسي ڪميونٽي سخت گير اصولن موجب زندگي گذاري رهي آهي ۽ ان ڪميونٽي جي فردن کي رڳو پنهنجي عقيدي جي حامل گهراڻن ۾ شادي ڪرڻ جي موڪل آهي.
هتي هڪ ڳالهه دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي ته پاڪستان جي باني محمد علي جناح ممبئي ۾ جنهن ڇوڪري “رتي” سان شادي ڪئي، ان جو واسطو به پارسي ڪميونٽيءَ سان هو، جناح رتيءَ سان اها شادي پيار جي ڪئي. رتيءَ، جناح سان مسلمان ٿي پوءِ شادي ڪئي، دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته رتي جناح جي پيٽان جنم وٺندڙ جناح صاحب جي اڪيلي نياڻي “دينا جناح” هڪ پارسي نوجوان سان پيار جو پرڻون ڪيو ۽ هوءَ “دينا جناح” مان “دينا واڊيا” بنجي ويئي “دينا، واڊيا” سان شادي کانپوءِ پارسي مذهب اختيار ڪيو.
ايران ۾ هن وقت پارسين جو سڀ کان وڏو مرڪز “يزد” جو شهر آهي. مورخن چواڻي ته “يزد” ئي اهو علائقو آهي، جتي هن مذهب جنم ورتو، پر اڄ شهر جي چئن لکن جي آباديءَ ۾ ان مذهب جي پوئلڳن جو تعداد فقط ٻه سوا ٻه سئو آهي، ۽ ‘يزد’ ۾ ئي پارسين جو آتشڪدو (مينار) آهي، جنهن ۾ گذريل ڏيڊ سئو سالن کان سڳوري باهه ٻري رهي آهي ۽ ان عرصي ۾ اها هڪ ڀيرو به نه وسامي آهي.
ايران ۾ اڄ به پارسين کي قبوليت حاصل آهي، تهران يونيورسٽيءَ جي هڪ پارسي شاگردياڻي ‘پاروانيمرانيا’ جو چوڻ آهي ته ‘پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ جي لاءِ سندن ڪميونٽي (خاص ڪري نوجوان) شاهنامي جي فارسيءَ شاعري جو مطالعو ڪري رهي آهي ۽ قديم فارسي سکڻ جي لاءِ تربيت به حاصل ڪئي ويندي آهي، گڏوگڏ مذهبي تقريبن ۽ تبليغي ڪلاسن ۾ باقاعدگي سان شرڪت ڪئي ويندي آهي.’
ايران ۾ پارسين کي قبوليت جي پويان اهو جذبو به آهي ته هو عظيم ايراني تاريخ ۽ تهذيب جي نمائندگي ڪن ٿا، ۽ ايراني رهاڪو ان عظيم تهذيب تي فخر محسوس ڪندا آهن، ۽ ايران جا رهاڪو بنا ڪنهن مذهبي فرق جي پارسين جي نئين سال “نوروز” کي قومي ڏڻ طور ملهائين ٿا ۽ اُن ڏينهن تي فخر ڪن ٿا.
آئون ڪافي دير آتشڪدي تي بيهي، ڀر پاسي جو نظارو ڪندو رهيس پوءِ هيٺ لهي آيس، ٻي سڄي سنگت آفتاب شاهه، صفدر شاهه، ۽ زائفائون، سامهون پارڪ ۾ ويٺل هيون. مٿي چڙهڻ ۽ هيٺ لهڻ سبب بدن ٿڪي چڪو هو، پارڪ ۾ ٿوري دير ويهي هٿ منهن ڌوئي واپس اچي وين ۾ ويٺاسين، مون هڪدم گاڏيءَ جي ڊئش بورڊ تي ڊرائيور جي رکيل سگريٽن جي پاڪيٽ مان هڪ سگريٽ ڪڍي دکائڻ شروع ڪيو ته پويان امين رڙ ڪئي “ماما!... مسڪين تي رحم ڪر، مفت جا سمجهي نه پي... ڊرائيور اُن تي پئسا خرچ ڪيا آهن، ايئن نه ٿئي جو تنهنجي پيتل سگريٽن جا پئسا به ڊرائيور اسان مان ڪڍي.”