خاقاني
سلجوقي دور ۾ ئي انوري، ظهير فاريابي ۽ خاقانيءَ جهڙا ڪمال جا قصيدي گو شاعر پيدا ٿيا.
خاقاني جو نالو ‘بديل’ ۽ لقب ‘افضل الدين’ هو. سندس جنم 515هه جي لڳ ڀڳ ٿيو. سندس پيءُ ‘واڍڪو’ ڪم ڪندو هو. سندس امڙ عيسائي ٻانهي هئي. جيڪا پوءِ مسلمان ٿي ويئي. خاقاني اڃا ٻارڙو ئي هو، جو سندس پيءُ وفات ڪري ويو، تنهن ڪري زندگي ڏاڍي ڏکي گذريس، پر سندس چاچي هن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو. هن پڙهڻ سان گڏ شاعري به شروع ڪئي، جنهن جي ‘اصلاح ابوالعصلا گنجويءَ’ کان ڪرائيندو هو. گنجويءَ پهرين کيس شاگرديءَ ۾ پوءِ فرزنديءَ ۾ قبول ڪيو. خاقاني، گنجوي جي ذريعي ئي خاقان اڪبر منوچهربن فريدون شيروانشاهه جي دربار ۾ پهتو، ان ئي نسبت هن پنهنجو پهريون لقب “حقائقي” ڇڏي “خاقاني” اختيار ڪيو، دربار ۾ کيس وڏي عزت نصيب ٿي. پر اُستاد گنجوي ۽ شاگرد ۾ گهڻو عرصو سٺا لاڳاپا قائم رهي نه سگهيا ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي “هجو “ ڪئي، خاقاني جيڪو سلوڪ پنهنجي اُستاد سان ڪيو، اهو ئي کيس پنهنجي شاگرد “مجير بيلقاني” جي هٿان سُهڻو پيو، جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي!
خاقاني کي گهمڻ ڦرڻ جو به وڏو شوق هو. پر خاقان کيس ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندو هو، جنهن جو اظهار هن جي ڪيترن ئي قصيدن ۾ ملي ٿو. هڪ ڀيري سفر جي موڪل مليس ۽ هو اڃا ‘ري’ شهر تائين مس پهتو، جو خراسان تي غورين جي حملي جي خبر ٻُڌي واپس وريو، ٻي ڀيري خاقاني حج بيت الله جي لاءِ ويو، واپسيءَ تي هن حج جي تاثراتي ٻڌل فارسيءَ ۾ پهريون ‘منظوم سفرنامو’ لکيو. ان سفر جي دوران هو قديم ايراني شهر ‘مدائن’ جي کنڊرن وٽان لنگهيو ۽ انهن کان متاثرثي ‘ايوان مدائن’ جي نالي سان هڪ قصيدو لکيائين، جنهن جو شمار فارسي شاعري جي شاهڪارن ۾ ٿئي ٿو، اهو قصيدو خاقاني جي قديم ايران سان عقيدت جو اظهار آهي. ان ئي سفر جي دوران خاقاني اصفهان به ويو، جتي هڪ “هجوءَ” جي ڪري ماڻهن جي هٿان ذليل ٿيڻون پيس، اصل ۾ اها ‘هجو’ سندس هڪ شاگرد ‘بيلقاني’ لکي، خاقاني جي نالي سان مشهور ڪري ڇڏي هئي.
سفر تان موٽڻ کانپوءِ درٻاري سازشن جي ڪري خاقاني کي قيد ۽ بند جون تڪليفون به برداشت ڪرڻيون پيون. قيد خاني ۾ خاقانيءَ اعليٰ پائي جا قصيدا لکيا. خاقاني جي سڄي زندگي تلخين ۾ گذري. هو اُن درٻار مان مطمئن نه هئڻ جي باوجود به اُتي رهڻ تي مجبور هو. هن خوازرم شاهه وٽ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُن جو درٻاري شاعر ‘رشيد اغواط’ سندس اچڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل رهيو.... سلجوقين جي درٻار ۾ وڃڻ جي تمنا ڪيائين، پر سلجوقين جي سلطنت غورين جي هٿان تباهه ٿي ويئي، ‘خاقان شيروانشاهه’ وٽ رهندي به هو مختلف بادشاهن کي قصيدا موڪليندو رهيو، پر سندس خواهش موجب کيس ڪٿان به سرپرستي نه ملي، ان وچ ۾ سندس جوان پُٽ ۽ زال به گذاري ويئي، انهن صدمن سبب خاقاني گوشئه نشين ٿي ويو، هن 595هه ۾ تبريز ۾ وفات ڪئي.
خاقاني کي فارسيءَ جي پهرينءَ جوڙ جي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، هن جو ڪمال اهو آهي ته هن حڪمت جي گهرائين کي شعر جي دلڪشيءَ ۾ وڏي خوبيءَ سان سموئي ڇڏيو آهي. پنهجي عيسائي امڙ جي ڪري هو مسيحي روايتن کان به واقف ٿيو، سندس ڪلام ۾ ان جي فضيلت جي جهلڪ نظر اچي ٿي. هن جي قصيدن ۾ مسيحي روايتن سان گڏ، اسلامي تعليم جا حوالا به عام ملن ٿا.
خاقانيءَ پنهنجي ڪلام ۾ مختلف علمن جي اصطلاحن کي ڏاڍي بي تڪلفيءَ سان استعمال ڪيو آهي ۽ انهن علمن کان واقف ٿيڻ کانسواءِ سندس ڪلام کي سمجهڻ سولوڪونهي، پر ان جي باوجود به سندس ديوان ۾ سادا ۽ روان قصيدا پڻ وجود آهن. جيڪي سندس دلي وارتائن جو عڪس آهن. ڪي قصيدا ته وري واقع نگاريءَ جو عملي نمونو آهن. ڪجهه قصيدن ۾ رديف ته آهن، پر قافيا نه آهن ۽ انهن جا رديف به ڪافي ڏکيا آهن، ڪن قصيدن ۾ هن فطرتي منظرن کي به ڏاڍي خوبصورتي سان پيش ڪيو آهي.