سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3830
  • 1026
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• محمد علي ‘باب’ ۽ بابيت / بهائيت

مون ڪافي هنڌن تي ذڪر ڪيو آهي ته ايران جي سرزمين سدائين تحريڪن، مذهبي پرچارڪن ۽ انقلابن جي سرزمين رهي آهي، ايران جا قديم رهاڪو بُت پرست هئا، يونانين جي حملي “هخا منشي” دور جو خاتمو ڪيو، جيڪي زرتشت جي دين جا پوئلڳ هئا. اشڪانين جي شان ۽ شوڪت ساسانين جي اڳيان جهڪي ٿي، جن زرتشتي عقيدن کي گڏي هڪ نئون دين پيش ڪيو. عربن جي حملي ساساني اقتدار جي پُڄاڻي ڪري ڇڏي ۽ ايران اسلامي سلطنت جو حصو بنجي ويو. اسلامي دور ۾ ايراني مذهبي عقيدن تي معتزله عقيدن، الاشعري تعليم، اخوان لصفا، شعوبيه تحريڪ، شيعان علي ۽ اسماعيلي فرقي پنهجا اثر مرتب ڪيا ۽ تصوف جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، معروف ڪرفي، ذوالنون مصري، ۽ حسن بن منصور جي اثر هيٺ فنا، توحيد، حال، مقام، اتحاد ۽ رجعت جهڙن اصلاحات، عشق ۽ علم باطن تي زور ڏنو ويو، بايزيد بسطاميءَ “آئون حق آهيان” ۽ “آئون وحدت الوجود آهيان.” جو نعرو هنيو.
ابو مسلم خراسانيءَ چيو، “خدا مون ۾ حلول ڪري ويو آهي.” ۽ المقنع پاڻ کي خدا جو جلوه قرار ڏنو، جڏهن ته سرمد “لا اِلا” کان اڳيان ڪلمو پڙهڻ کان انڪار ڪندي شهادت ماڻي.
ان ئي ايران جي سرزمين تي اڻويهين صديءَ جي آخر ۾ هڪ نئين تحريڪ جنم ورتو، ان تحريڪ جي پٺيان شيعن جو اهو عقيدو هو ته اسانجي ڇوٽڪاري جو وسيلو “امام مهدي” آهي، امام مهدي “اثنا عشري” فرقي جو ٻارهون امام آهي، جنهن لاءِ روايت آهي ته هو 873ع ۾ “سامره” جي هڪ غار ۾ غائب ٿي ويو آهي، هن وفات نه ڪئي آهي، پر جيئرو آهي ۽ هن دنيا ۾ جڏهن ظلم، ڏاڍ، فتنو. فساد ۽ نا انصافي وڌندي ته هن جو ظهور ٿيندو ۽ هو هر هنڌ عدل ۽ انصاف جي حڪومت قائم ڪندو.
ان پسمنظر ۾ سيد محمد علي شيرازيءَ پنهجي ‘باب’ هئڻ جو اعلان ڪيو (باب معنيٰ دروازو)، سيد محمد عليٰ شيرازي جي بابي تحريڪ مذهبي تحريڪ ضرور هئي. پر اُن جي اقتصادي ۽ سياسي سببن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. محمد علي ‘باب’ جو شيراز جي واپاري ڪٽنب سان واسطو هو. شيراز، يزد ۽ ڪرمان جي واپارين کي اها شڪايت هئي ته حڪومت اُترين علائقن جي واپارين جي ڀَر ٿي کڻي ۽ ڏکڻ جي واپارين سان ريا وارو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. ٻيو سبب اهو هو ته قاچارين، شيراز ۽ ڪرمان جي ماڻهن تي وڏا ظلم ڪيا هئا، پر تهران جي شيعه مجتهدن انهن ظلمن جي خلاف آواز اُٿارڻ بدران، قاچارين جي حمايت ڪئي هئي. تنهنڪري ڏکڻ ايران جا شيعا، مجتهدن کي پسند ڪونه ڪندا هئا. بابي تحريڪ دراصل انهن شهرن جي پڙهيل لکيل ۽ وچينءَ طبقي جي مايوسي ۽ شڪست خوردگيءَ جي احساس خلاف هڪ ردعمل هو.
محمد علي باب پنهنجي تقريرن ۾ سلطنت جي اميرن ۽ وزيرن جي عياشين، ظلمن، پر ماريت ۽ بدعنوانين تي سخت تنقيد ڪندو هو. ۽ ماڻهن کي ڏڍ ڏيندي چوندو هو ته، “گهٻرايو نه، جلد اهو وقت اچڻ وارو اهي، جڏهن نه ڪو امير رهندو ۽ نه ڪو غريب، نه ڪو محتاج نه ڪو آقا هوندو نه ڪو غلام، سڀني کي هڪ جهڙا حق حاصل هوندا، ظلم ۽ پرماريت جو خاتمو ٿي ويندو.” هن پنهنجي خيالن جي تشريح لاءِ هڪ ڪتاب به لکيو، جنهن جو نالو “بيان” هو.
محمد علي باب جي انهن ڳالهين جو عام ماڻهن، خاص ڪري واپارين، هنرمندن، ڪاريگرن ۽ هيٺيئن طبقي جي مولوين تي وڏو اثر پيو ۽ هو باب جا مريد ٿيڻ لڳا. پر، شيعه مجتهدن محمد علي باب جي ان ڳالهين کي پنهنجي حيثيت لاءِ سخت خطرو محسوس ڪيو ۽ محمد علي باب جي سخت مخالفت ڪئي، مٿس ڪفر جي فتويٰ جاري ڪئي ۽ حڪومت کان گهر ڪئي ته محمد علي باب ۽ سندس مريدن کي قتل ڪيو وڃي. حڪومت به ‘باب’ جي سياسي نظرين کي پنهنجي لاءِ خطرو تصور ڪري رهي هئي. تنهنڪري ‘محمد علي باب’ کي قيد ڪيو ويو، پر اُن هوندي به بابين جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو.
1848ع ۾ جڏهن ناصر الدين شاهه قاچار وفات ڪئي ته بابين هٿيار بند بغاوت جو ارادو ڪيو، تنهنڪري ست سئو بابي، “مازندران صوبي” جي ‘بروفروش’ شهر جي ويجهو هڪ قلعي ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ بغاوت جي تياري ڪرڻ لڳا، جلدئي سندن تعداد ٻن هزارن کان به ٽپي ويو، ۽ ڀرپاسي جا ڪمي ڪاسبي ۽ هنرمند به اچي ساڻن گڏيا. انهن جي اڳواڻن جو نالو محمد علي برفروش هو. هن “عدل ۽ انصاف” جي حڪومت جو اعلان ڪيو. سموري جائيداد گڏيل ملڪيت قرار ڏني ويئي ۽ هر شخص کي ان ڳالهه جو پابند بنايو ويو، ته هو اجتماعي اصولن موجب محنت ڪري ۽ روزي روٽي ڪمائي.
مقامي عملدارن ان بغاوت کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهيا ته بغاوت کي ڪچلڻ جي لاءِ شاهي فوجي موڪلي ويئي، پر بابين ان کي به ڊوڙائي ڪڍيو. برفروش جيان شيخ طبريس، يزد، نيريز، تبريز ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ بغاوتن منهن ڪڍيو.
اُن تحريڪ جي بنيادي خامي اها هئي ته محمد علي ‘باب’ ماڻهن کي ڪنهن واضح سياسي ۽ اقتصادي منصوبي تحت منظم ڪرڻ جي بدران “امام مهدي” هئڻ جي دعويٰ ڪري ماڻهن کي روحاني فضيلتن ۽ ڪرامتن جي طلسم ۾ ڦاسائي، پنهنجي ذات جو گرويدو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ بابي تحريڪ، شاهي جبر جي خلاف هڪ تحريڪ بنجڻ جي بدران هڪ مذهبي گروهه بنجي رهجي ويئي، ان گروهه جا عقيدا به عام ايرانين جي عقيدن کان مختلف هئا. محمد علي باب جا مريد وڏي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا هئا. پر هو ڪا اهڙي مرڪزي تنظيم قائم نه ڪري سگهيا، جيڪا بغاوتن جي رهنمائي ڪري سگهي.
بابي بغاوت کي سختيءَ سان دٻايو ويو ۽ محمد علي باب کي 1850ع ۾ قتل ڪيو ويو، بابي هر هنڌ بهادري سان وڙهيا، نيٺ کين يقين ڏياريو ويو ته هو هٿيار ڦٽا ڪندا ته کين معاف ڪيو ويندو. جڏهن هنن ان وعدي تي هٿيار ڦٽا ڪيا ته فوج جوانن، پوڙهن، عورتن ۽ ٻارن کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. باقي جيڪي بابي بچيا، سي جان بچائڻ جي لاءِ روپوش ٿي ويا. 1852ع ۾ هڪ مٿي ڦريل بابيءَ سلطان ناصرالدين قاچار تي قاتلاڻو حملو ڪيو ته بابين تي ٻيهر تشدد شروع ٿيو ۽ انهن کي چونڊي چونڊي گرفتار ڪري سخت اذيتون ڏيئي ماريو ويو، چون ٿا ته فقط تهران ۾ هڪ ڏينهن ۾ اسي بابين کي سخت جسماني اذيتون ڏيئي قتل ڪيو ويو، انهن مقتولين ۾ ايران جي شعله نفس شاعرا قرة العين طاهرا به شامل هئي.
هن وقت بابي يا بهائي سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهن، ۽ هو گهڻو ڪري ‘بهائي’ طور مشهور آهن، کين بهائي ان ڪري چيو وڃي ٿو، جو محمد علي باب جي قتل کانپوءِ سندس خليفي ‘بها الله’ نه رڳو ٽڙيل پکڙيِل بابين کي گڏ ڪيو، پر بابيت جا اصول مقرر ڪيا، جن تي اڳتي هلي بهائين / بابين پاڻ کي منظم ڪيو ۽ تبليغ ڪئي. تنهن کانپوءِ “عبدالبهاء” خليفي طور ڪم کي اڳتي وڌايو. هن وقت بابين / بهائين جا سڄي دنيا ۾ ست وڏا ‘هائوس آف ورشپ’ آهن، جيڪي دهلي (هندستان) اپيا (ويسٽرن ساموئا) سڊني (آسٽريليا) ڪمپالا (يوگنڊا) پانامه سٽي (پانامه) فرينڪفرٽ (جرمني) ولميٽ (آمريڪا) ۾ آهن، سندن مرڪز اسرائيل جي شهر “حيفه” ۾ آهي، جيڪو ‘يونيورسل هائوس آف جسٽس’ يعني “بيت العدل” جي نالي سان مشهور آهي. حيفه ۾ ئي محمد علي باب جو مقبرو پڻ آهي، جڏهن ته بها الله جو مقبرو اسرائيل جي هڪ ٻي شهر “عڪره” ۾ آهي.
بهائي پنهنجن عقيدن جي ڪري ايران ۾ ناپسند ڪيا ويندا آهن، جيئن پاڻ وٽ قاديانين کي پنهنجن عقيدن سبب ناپسند ڪيو ويندو آهي. 1979ع ۾ ايراني انقلاب جي دوران مذهبي شدت پسنديءَ کان ڊڄي ڪيترن ئي بهائين پنهنجو مذهب ڇڏي اسلام قبول ڪيو ۽ ٻيا ملڪ ڇڏيا ويا. ان هوندي به ايران ۾ ڪافي بهائي رهن ٿا، ايران جي پارليامينٽ ۾ ٻين اقليتي گروهن لاءِ سيٽون ته مخصوص آهن. پر بهائين لاءِ ڪا به سيٽ مخصوص نه آهي، هن وقت بهائي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رهن ٿا، خود پاڪستان ۾، ڪراچي ۾ پڻ ڪافي بهائي رهن ٿا، گرو مندر جي ڀرسان سندن سينٽر به آهي، بهائي سياسي معاملن کان پري، علم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڪافي اڳڀرا آهن، هنن جي دعويٰ آهي ته سندن ڪميونٽي جو ڪو به فرد اڻ پڙهيل ڪونهي.