سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3834
  • 1034
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• الوداع!........ اي شاعريءَ جا ديس

لڳ ڀڳ ٻه اڍائي ڪلاڪ، ڊگهي قطار ۾ ڪنهن مهل هڪ ٽنگ تي ته ڪنهن مهل ٻي ٽنگ تي بيهندي، يا وري سامهون بئنچ تي ويهندي، اک سامان ۾، ڌيان قطار تي.... يا وري ايراني اميگريشن پوليس جي سپاهيءَ تي، يا وري ماڻهن جي آندل سامان جي ڍڳن تي، جنهن ۾ ججهي اليڪٽرانڪ جي سامان سان گڏ، جوسن ۽ ايراني لسيءَ جي بوتلن جا کوکا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هو. ‘ايران مان سامان کڻي اچڻ تي ڪا به جهل پل ڪونهي’. ڪنهن چيو هو. “آمريڪا پاران لڳايل واپاري پابندين سبب ايران مان سياح ۽ زيارتي جيتري به خريداري ڪندا، اُن جو فائدو ته لازمي طور تي ايران جي معيشيت کي ٿيندو...”
اسانجي قافلي مان گهڻن وٽ ڪو خاص سامان نه هو. زائفائن جيتوڻيڪ دل کولي خريداري ڪئي هئي، پر انهيءَ ۾ ڪا خاص شئي نه هئي. البت هنن ڪپڙي جي خريداري خوب ڪئي هئي... جنهن مهل به ڏس ته سندن هٿن ۾ ڪا نه ڪا شاپر... پر مون ڇا ورتو ايران مان...؟ ايران جيڪو شاندار تهذيب سان گڏ شاعريءَ جو به ديس آهي. ۽ اُن شاعريءَ جي ديس مان مون سڀ کان قيمتي شئي خريد ڪئي هئي شاعري... فردوسي، خيام ۽ فريدالدين عطار جي شاعري... سنڌ به ته شاعري ۽ شاعرن جو ديس آهي... هڪ شاعريءَ جي ديس جو رهواسي، ٻي شاعريءَ جي ديس مان سُٺي خريداري شاعريءَ جي ئي ته ڪري سگهيو ٿي.
ٻن اڍائي ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن قطار کٽي ۽ پاسپورٽ تي واپس پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو ٺپو لڳي مليو ته آئون ٻاهر نڪري ويس ۽ تفتان واري پاسي پُٺ ڏيئي، مير جاوا جي ايراني علائقي تي هڪ ڀرپور نظر وڌم، منهنجون نظرون سامهون اُس ۾ وهنتل جبلن تان ترڪنديون ايئن هيٺ لهڻ لڳيون، جيئن منهنجي من ۾ فردوسي، سعدي، خيام، رومي، عطار، انوري ۽ طاهرا جي شاعري جهرڻا بنجي پيهي رهي هئي.
ٻه هفتا اڳ، جڏهن ايران اُسهڻ جي لاءِ ڪوئٽا پهتس ۽ ڊاڪٽر شاهه محمد مريءَ سان مليس ته هن چيو، “عجيب ماڻهون آهين... مُلن جي ملڪ ۾ وڃي پيو... سو به رمضان جي مهيني ۾...” ٻين لفظن ۾ ڊاڪٽر شاهه محمد چيو ته “مُلن جي ملڪ ۾ ڪهڙو مزو ايندئي...؟”
۽ اڄ جڏهن واپس وران پيو ته سوچيان پيو، “واهه جو مزو آيو... شاعريءَ جي ديس ۾...” جيڪڏهن مَن ملئون ڪونهي ته پوءِ حسن درس جي لفظن ۾:
زندگيءَ جي ساز تي
موت جي گنڀير ڌُن
سڀ سُڻندا ٿا رهن
۽ ازل خاني منجهان
موهه ۽ ماڻا مڙيئي
درد جا پيلا پکي
چاهه چُڻندا ٿا رهن
شاعري جي ديس ۾
وارتا جي ويس ۾
ساز جا ساوا پکي
عشق اُڻندا ٿا رهن.
*
ڪلهه منجهند ڌاري ‘مشهد مقدس’ مان نڪتاسين ۽ هڪ ڊگهو سفر ڪري، اڄ يارهين ڌاري ‘مير جاوا’ پهتاسين. صبح جو سوير زاهدان جي ويجهو بس خراب ٿي پيئي، ايئن ٻه اڍائي ڪلاڪ وچ روڊ تي بيٺي جبلن کي تڪيندي چَٽ ٿي ويا. ساڳئي بس نه ٺهي ته ٻي بس ۾ چڙهياسين ۽ زاهدان کان ڦرندا سڌو مير جاوا ۽ هاڻ سرحد اُڪري پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيا آهيون. ڪلهوڪي ۽ راتو ڪي سفر ٿڪائي به خوب ڇڏيو هو. رستي ۾ هڪ ٻن هنڌن تي ايراني شهرن جي ٻاهران بس ٿوري دير جي لاءِ اسٽاپ به ڪيو. ‘آراين’ شهر جي ٻاهران هڪ ريسٽورانٽ تي ويهي اسان پيٽ پوڄا ڪئي. رستي ۾ ڪجهه ٻيا ڇڊا پاڊا ايراني شهر به آيا. خاش . بم... وغيرهه پر اسانجو سفر شهرن جي ٻاهران ئي ٻاهران... بس پري کان روشنين جي جهرمر ڏسي وري وري نانگ جيان، جبلن جي وچ ۾ رستي تي روان دوان...
ڪالهه صبح جو سوير اُٿي ‘حرم’ ويس، جيئن الوداعي حاضري ڀري ۽ واپسيءَ جي سفر جي لاءِ ڪجهه سامان خريد ڪري سگهان. اڌ مُنو ڪلاڪ ‘حرم’ ۾ ويهي الوداعي درود ۽ سلام پڙهي ٻاهر نڪري آيس، ۽ سڌو ‘شيرازي اسٽريٽ’ هليو ويس. ارادو اهو به هو ته ان روڊ تي موجود اخباري اسٽال تان ايراني اخبارن جا نالا نوٽ ڪرڻ سان گڏ يادگيريءَ طور ڪا هڪ اڌ اخبار به خريد ڪري اچان. ايران جي مختلف شهرن ۾ ڪوشش جي هوندي به مونکي ڪا انگريزي اخبار نظر نه آئي. البت فارسيءَ ۾ اخبارون جام هيون. خراسان، القدس، ڪيهان، اطلاعات وغيرهه. پر افسوس جو سوا ڏهين بجي تائين به اسٽال بند هو. شايد ايراني اسٽالن تان اسان وانگر سوير اخبارون خريد ڪرڻ جا عادي نه آهن، يا رمضان شريف جي ڪري اخبارن لاءِ جلدي نٿا ڪن، رات جو عبادت سبب اهو وقت سمهڻ جو هوندو اٿن.؟
اخباري اسٽال بند ڏسي آئون ٿورو اڳتي نڪري ويس ۽ نادر شاهه افشار جي مقبري واري چوڪ وٽ بيهي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي ڏسڻ لڳس ۽ پوءِ نادر شاهه جي مقبري تي لڳل گهوڙي ۽ ان تي ويٺل نادر شاهه جي مجسمي تي سرسري نظر وجهي واپس ‘سوئيت ماسي مصيبيتي’ ڏانهن ورڻ ٿو لڳان. وچ ۾ هڪ بيڪري تان 500 تومان ڏيئي اڍائي کن نان به خريد ڪيم، جيڪي پوءِ اڄ صبح تائين منهنجي ۽ امين جي پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي رهيا. اهو سفر اسان ‘نان ماست نوش’ ڪندي گذاريو.
وسيم جي وٺ وٺ تي اسين سامان گهيلي پاڪستان ڏانهن وڌڻ ٿا لڳون ۽ گيٽ ڪراس ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿي ٿا وڃون. سامهون افغاني پٺاڻن جو هجوم ڌوڪيندو پي آيو ايران وڃڻ جي لاءِ.... منهنجي سامهون پاڪستاني سرحد جا ڀڙ ڀانگ جبل اُس ۾ تپي رهيا هئا. مون مُڙي هڪ نظر ٻيهر ايراني آسمان طرف وڌي هڪ ڀيرو ٻيهر ايران اچڻ جي آس سان.... پوءِ نظر وڌم سامهون کتل ايراني جهندي تي ۽ پوءِ ان جي هيٺان لڳل آيت الله خميني ۽ خامنه اي جي تصويرن تي... پوءِ هوريان هوريان منهنجي ذهن تان ايران جو اهو تصور ڌنڌلائجڻ لڳو ۽ منهنجي ذهن ۾ اُڀرڻ لڳو شاعري جي ديس جي خوبصورت شاعريءَ جو تصور ۽ آئون فردوسيءَ جو شعر جهونگارڻ لڳس.
که ايران بھشت است يا بوستان،
همي بويءَ مشک آيد ازدوستان.
(ايران عدن آهي يا باغن جو بھشت، جنهن جي خوشبوءِ دوستن ۽ ساٿين کي ملي ٿي.)
۽ اُن سان گڏ وڌڻ ٿو لڳان پاڪستاني اميگريشن چوڪيءَ ڏانهن، جيئن پنهنجي پاڪستان ۾ ٻيهر موٽي اچڻ جي انٽري ڪرائي، پنهنجي ‘سنڌ’ ديس ڏانهن سفر کي جاري رکي سگهان.
فرض کردم ڪه خراسان و بخارا نه شوي
ڪ نه باسم مگر از هنڌ، زپنجاب، اي سنڌ.
(فرض ٿو ڪريان ته اي سنڌ! تون خراسان يا بخارا نه آهين، پر هِنڌ ۽ پنجاب کان ته گهٽ ڪونه آهين.)