سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3830
  • 1026
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• مرگ بَرشاهه جلاد

قم ۾ اسين جنهن هوٽل ۾ رهيا پيا هئاسين، ان جي گهٽي بلڪل سامهون مکيه روڊ تي ‘خيابان امير ڪبير’ تي ختم ٿي ٿِي، روڊ ڪراس ڪرڻ سان ‘پل آهنچي’ تائين چئن پنجن سيڪنڊن ۾ پهچي وڃبو هو. ٻي ڏينهن جڏهن هوٽل مان ٻاهر نڪري بي - بي - جي مزار طرف وڃي رهيو هوس ته منهنجي نظر کاٻي پاسي واري ڀت تي پيئي، جنهن تي وڏن اکرن ۾ لکيل هو. مرگ برشاهه جلاد (جلاد شاهه مري / مرده باد)، اهو ڏسي آئون ٿوري دير جي لاءِ بيهي رهيس ۽ انهن کي ڌيان سان ڏسڻ لڳس، ايران مان شهنشاهيت جو خاتمو ٿيندي به 32 سال اچي ٿيا آهن، پر قم جي ان ڀت تي اهو نعرو ايئن لکيل نظر آيو، ڄڻ ڪلهه لکيو ويو هجي ۽ شاهه ايران جي خلاف عوام جي جدوجهد اڃا به جاري هجي، ايران ۾ جن به شهرن ۾ آئون ويس، اتي مونکي سياسي مخالفت جي حوالي سان فقط ٻن هنڌن تي نعرا لکيل نظر آيا، هڪ قم جي ان ڀت تي لکيل اهو نعرو ‘مرگ برشاهه جلاد’ ۽ ٻيو اصفهان جي ڪاخ چهل ستون جي دستشوئيءَ (ڪاڪوس خاني) جي اندر.... جيڪو ايران جي هاڻوڪي رهبر ‘خامنه اي’ جي خلاف لکيل هو. ۽ ان جي اڳيان لکيل “مرگ بر” ڪنهن ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر مارڪر سان لکيل اهو لفظ ڊاهڻ واري کان ڊهي ته نه سگهيو هو، پر ڌنڌلو ضرور ٿي ويو هو، پر قم ۾ لکيل ڀت تي اهو نعرو ايترو ته وڏو ۽ صاف هو، جو اسان جهڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي رهيو هو، مٿين ٻن هنڌن تي لکيل نعرن کانسواءِ باقي مونکي ڪٿي به پاڻ وانگر مرده باد، زنده باد جا نعرا يا چاڪنگ ٿيل نظر نه آئي، ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي ڪٿي حڪومت جي مخالفت يا حمايت ۾ ڪو نعرو لکيل هجي.
مٿين نعرن کانسواءِ مونکي، جتي جتي به اسين وياسين نه ڪنهن سياسي اڳواڻ جي ڪا تصوير نظر آئي ۽ نه ئي وري پارٽين جا جهنڊا وغيره. البت ايران جو جهنڊو جتي ڪٿي ڦڙڪندو نظر آيو، ايئن به ڪونهي ته ڪو ايران ۾ ڪٿي به فوٽو وغيره نظر نه آيا، اڪثر شهرن جي چوڪن، ريلوي اسٽيشنن، بس ٽرمينلن، درگاهن، رستن ۽ مختلف هنڌن تي ايران جي روحاني رهبرن امام خميني ۽ خامنه اي جا وڏا وڏا فوٽو ۽ انهن جي هيٺان سندن لکيل قول لڳل نظر آيا. تنهن کان سواءِ عراق سان ٿيل جنگ ۾ شهيد ٿيل سپاهين جا فوٽو به جتي ڪٿي ۽ هر شهر ۾ نظر آيا. عراق سان هلندڙ انهيءَ اٺن سالن جي جنگ ۾ ايران جو شايد ئي ڪو شهر، ڳوٺ، واهڻ ۽ وستي ۽ گهر رهيل هجي، جنهن ۾ ڪنهن شهيد جو لاش نه پهتو هجي. اندازي موجب عراق سان ان جنگ ۾ اٽڪل ڏهه لک ايراني مرد شهيد ٿيا يا محاذ جنگ تي گم ٿيا. زخمين جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. مٿين تصويرن کانسواءِ ٻي ڪا به تصوير، ايتريقدر جو هاڻوڪي ايراني صدر احمدي نجاد جي به سواءِ هڪ هنڌ تي تصوير نظر اچڻ جي ٻيو ڪٿي به نظر نه آئي. نجاد جي اها واحد تصوير مشهد جي ان هوٽل جي ٻاهرينءَ دروازي جي شيشي تي لڳل هڪ ننڍي اسٽيڪر ۾ نظر آئي، جنهن ۾ اسين رهيل هئاسين. جيڪو به ڪافي پراڻو هو، شايد اهو اسٽيڪر چونڊن جي دوران هنيو ويو هو، ايران ۾ فقط اهي تصويرون هر هنڌ نظر آيون. آيت الله خميني ۽ آيت الله خامنه اي.... انهن تصويرن کي ڏسي ڪنهن دوست چيو، “انقلاب کان اڳ هرهنڌ شاهه ايران ۽ راڻي فرح ديبا جون تصويرون ۽ مجسما هر هنڌ کتل نظر ايندا هئا ۽ انقلاب کانپوءِ خميني ۽ خامنه اي جون تصويرون هرهنڌ ٿيون نظر اچن... ايراني قوم به عجيب آهي... سدائين شخصيت پرستيءَ جي سحر ۾.”
انقلاب کان اڳ واري ايران ۾ شاهه ۽ راڻي جي حيثيت سڀني کان مٿاهين هئي، هنن جو تصور ايراني عوام جي ماءُ ۽ پيءُ جهڙو هو، مٿن تنقيد ڪرڻ قانوني ۽ آئيني طور تي ڏوهه هو، ۽ شاهه ايران جي خلاف ڳالهائيندڙ يا سندس حڪومت تي تنقيد ڪندڙ ايئن گم ٿي ويندو هو، ڄڻ ڄميوئي نه هو. ڪير رڳو بي خيالي ۾ اهو چوندو هو ته “اُف ڪيڏي نه گرمي آهي.” يا “رات ڏاڍي اونداهي آهي.” ته اُن تي به شڪ ڪيو ويندو هو ته ڪٿي انهن لفظن جي پويان شاهه جي خلاف ڪا سازش ته لڪيل ڪونهي ۽ پوءِ ساواڪ جا ڪارندا حرڪت ۾ اچي ويندا هئا. ساواڪ جا ايجنٽ هر هنڌ موجود هوندا هئا، ۽ انهن جي ماڻهن تي نظر هوندي هئي. ‘ساواڪ’ شاهه ايران جي ڳجهي پوليس “سازمان اطلاعت و امينيت ڪشور” جو مخفف هو.
ساواڪ جي دهشت ۽ ظلمن جو اهو حال هو، جو ماڻهو سندس نالي کان ئي ڪنبدا هئا ۽ ان جي باري ۾ ڪيترائي لطيفا مشهور هئا، هڪ لطيفو هن ريت آهي ته: هڪ ايراني وفات ڪري ويو، قبر ۾ منڪر ۽ نڪير پُڇاڻون ڪرڻ آيس، نالو، ولديت، عمر، ڏس پتو ۽ ڌنڌو وغيره جوجواب ته درست ملين. ان کانپوءِ پنهنجي دين، ڪتاب ۽ پيغمبر جو نالو ٻڌائڻ لاءِ چيائونس ان شخص وراڻيو، منهنجو دين پهلوي، منهنجو سڳورو ڪتاب سفيد انقلاب ۽ منهنجي پيغمبر عاليشان جو نالو آريه مهر محمّد رضا شاهه پهلوي آهي. اهو ٻڌي منڪر ۽ نڪير حيران ٿي ويا، کيس هڪ ٻي فرشتي وٽ وٺي ويا، اُن به ساڳيا سوال ڪيس ۽ ايرانيءَ به ساڳيا جواب ڏنس، جنهن تي اُن فرشتي پڇيس، “هي ڪهڙو ڍونگ رچايو اٿئي-؟” ايراني هٿ ٻڌي وراڻيس “قبلا! جان جي امان ملي ته عرض ڪريان” جڏهن فرشتي يقين ڏياريس ته توکي حقيقت بيان ڪرڻ تي ڪجهه به نه چيو ويندو ته همراهه وراڻيو، “آئون ساواڪ جي آسماني شاخ جي ڊپ سبب اهي جواب ڏيڻ تي مجبور آهيان، اميد اٿم ته اوهان منهنجي مجبوري جو خيال ڪندا.”
ساواڪ جي ظلمن ۽ دهشت بابت ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، اهڙي هڪ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ به ترجمو “لڱ منهنجا لوهه” جي نالي سان ٿيل آهي. اهو ڪتاب ‘اشرف دهقاني’ نالي هڪ ايرانڻ جو داستان آهي، جنهن کي ‘ساواڪ’ شاهه جي خلاف سرگرمين ۾ حصو وٺڻ تي گرفتار ڪري، سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو، ان ڪتاب جو سنڌي ترجمو محبوب علي راهو جي ڪيو آهي.
قم جي ان ڀت تي لکيل اهو نعرو.... ماضي ۾ شهنشاهه ايران جي خلاف هليل عوامي تحريڪ جي ياد تازي ڪرائي رهيو هو... ان تحريڪ ۾ ويهن هزارن کان به وڌيڪ ايرانين پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون، تهران جو قبرستان “بهشت زهرا” ان تحريڪ جو يادگار آهي، جتي ان تحريڪ ۾ شهيد ٿيندڙن کي دفنايو ويندو هو... اڳتي هلي قم ان تحريڪ جو مرڪز بنجي ويو.
ايران ۾ پهلوي شهنشاهيت جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن دنيا مان ملوڪيت جودور خاتمي جي ويجهو هو،ان وقت ايران تي قاچار گهراڻي جي حڪومت هئي، ۽ ملڪ جون سياسي حالتون ايتريون ته خراب ٿي چڪيون هيون، جو نيٺ فوج جي سپهه سالار رضا خان سپهه دار 1921ع ۾ تهران ۾ شاهي محل جو گهيرو ڪري قاچاري بادشاهه احمد شاهه کي اقتدار ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، ۽ ان جي جاءِ تي پارليماني حڪومت جي قيام جو اعلان ڪيو ويو. تهران جي هڪ صحافي ‘سيد ضياء الدين طباطبائي’ کي ايران جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو ۽ ڪمانڊر انچيف رضا خان وزير جنگ ٿيو. ڪجهه وقت کانپوءِ طباطبائي جي جاءِ تي رضا خان پاڻ وزيراعظم ٿيو، رضا خان ڪمال اتا ترڪ کان گهڻو متاثر هو. رضا خان ملڪ ۾ ڪمال اتا ترڪ جي طرز تي ڪافي سڌارا ڪيا، هن ملڪي قانون کي اولهائين طرز جي سانچي ۾ وڌو، اولهائين تعليم جو رواج وڌو، رياستي معاملن ۾ مولوين جي مداخلت کي روڪيو. عورتن کي مردن جي برابر حق ڏنا ۽ پردي تي پابندي وڌي ويئي، ماڻهن کي زوري اولهائون لباس پائڻ تي مجبور ڪيو ويو، تنهن کانسواءِ رضا خان نون رستن ۽ نون بندرگاهن جي اڏاوت شروع ڪرائي. ملڪ ۾ يونيورسٽيون قائم ڪيون، ان سان گڏ هن ملڪ ۾ صنعتي ترقياتي پروگرامن جي شروعات ڪئي، ڪيترائي نوان ڪارخانا قائم ڪيا ۽ اڳ ۾ جيڪي موجود هئا تن ۾ سڌارا ۽ واڌارا ڪيا ويا، رضا خان جي دور ۾ جيڪو سڀ کان وڏي ۽ اهم رٿا مڪمل ٿي، اها ‘ٽرانس ايرانين ريلوي سسٽم’ هئي، اها رٿا 1927ع ۾ شروع ڪئي ويئي، ان رٿا تحت چوڏهن سئو ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائن وڇائي ويئي، جنهن تي ان زماني ۾ نوَ ڪروڙ ڊالر لاڳت آئي.
رضا خان کي 31 آڪٽومبر 1925ع تي پارليامينٽ ايران جو بادشاهه قرار ڏنو. ان پارليامينٽ جي فقط چئن ميمبرن رضا خان کي بادشاهه بنائڻ جي مخالفت ڪئي ۽ ريپلڪ بنائڻ جي رٿ ڏني، انهن ۾ ڊاڪٽر مصدق به شامل هو، جيڪو پوءِ ايران جو وزيراعظم ٿيو ۽ هن تيل کي قومي ملڪيت ۾ ورتو.
رضا خان کي خبر هئي ته ساساني گهراڻي جو باني به هڪ معمولي سپاهي جو پُٽ هو، ۽ عثماني سلطانن جو وڏو به هڪ سپاهي هو، صفوي بادشاهن جو مورث اعليٰ مازندران جو هڪ هٿين خالي فقير هو. رضا خان کي به ان ڳالهه تي فخر هو ته هو هڪ سپاهي آهي. بادشاهه بنجڻ کانپوءِ رضا شاهه پاڻ کي “پهلوي” سڏرايو، اهو لفظ پراچين ايراني تاريخ مان اخذ ڪيو ويو، ساسانين جي دور ۾ ايران جي شهنشاهن جي سرڪاري زبان به “پهلوي” سڏبي هئي ۽ انهن جي لکڻين ۽ حڪمن کي “پهلوي” چيو ويندو هو. 1935ع ۾ “فارس” مان بدلائي ملڪ جو نالو “ايران” رکيو ويو، نه ته ان کان اڳ صدين کان وٺي ايران کي فارس سڏيو ويندو هو. هينئر فارس، ايران جي هڪ صوبي جو نالو آهي.
رضا شاهه جي انهن سڌارن ۽ ايران کي جديد بنائڻ جي ڪوشش جي ڪري ئي ايران جديد دنيا ۾ داخل ٿيو. انقلاب کانپوءِ سڄي ايران ۾ رضا شاهه جي مجسمن کي ٽوڙي، سندس يادگار مٽايا ويا. پر سندس ڪمن کي پوءِ به حوالي طور استعمال ڪيو ويو، 2005ع جي ايراني چونڊن ۾ هڪ صدارتي اميدوار ‘محمد باقر قليباف’ اعلان ڪيو ته هو اڄ جي دور جو رضا خان بنجڻ ٿو چاهي. هن چيو ته، “هن وقت ملڪ کي هڪ رضا خان جي ضرورت آهي ۽ آئون حزب الاهي رضا خان آهيان.”
“ايرانين کي پنهنجي تاريخ، تهذيب زبان ۽ پنهجي ادب تي سدائين فخر رهيو آهي، تنهن سان گڏ عربن ۽ ترڪن کان سندن نفرت جي روايت به ڪافي پراڻي آهي، هو عربن کي حقارت مان ‘گوهه خور’ ۽ ترڪن کي ‘خوڪار’ سڏيندا هئا.۽ انهن جي اقتداري دور کي ايران جي تاريخ جو اونداهو دور سمجهندا هئا. ۽ ‘مشروطه تحريڪ’ جي زماني ۾ اهو رجحان اڃا به وڌيو ۽ جڏهن رضا خان تخت تي قابض ٿيو ته هن انهيءَ قومي فخر جي رجحانن مان وڏو فائدو ورتو.
رضا خان کي پنهنجي رياست ۽ بادشاهت جي جواز ۽ استحڪام واسطي ايراني قومپرستيءَ جي نظرييءَ جي گهرج هئي، رضا شاهه سپهه دار، رضا شاهه پهلوي بنجي ويو، ۽ ايران جو جديد رشتو ساساني دور سان جوڙيو ويو ته اهو ئي ايراني تاريخ جو سونهري دور هو. وحشي عربن کي ايراني معاشري جي سڀني براين ۽ خرابين جو ذميدار قرار ڏنو ويو ۽ ايران جي اڳوڻي عظمت جو سڄو سهرو ايران جي اڳوڻن بادشاهن جي مٿن تي ٻڌو ويو ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهي رهي ته ايران، بادشاهه جي ڪوشش سان ئي ٻيهر وڏي طاقت بنجي سگهي ٿو. تاريخ جا ڪتاب اُن ئي نقطه نظر سان لکجڻ لڳا. درسي ڪتابن ۾ اسلام کان اڳ جي ڪارنامن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويو، تاريخي افسانن، ڊرامن ۽ ناولن ۾ انهن ايرانين کي هيرو بنائي پيش ڪيو ويو، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن دور ۾ عربن سان وڙهيا هئا، قديم آثارن جي کوٽائيءَ تي ڌيان ڏنو ويو ۽ قديم فارسي ادب ۽ زبان سيکارڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويو، اُن شاعريءَ جي حوصلي افزائي ڪئي ويئي، جنهن مان شاهه پرستيءَ جو پهلو ٿي نڪتو يا جنهن ۾ اطاعت ۽ بندگي جي تلقين ڪئي ٿي ويئي. فوجين جي تربيت ۾ ‘شاهنامي’ جي حصن کي نمايان جاءِ ڏني ويئي، فردوسيءَ کي ايران جو سڀ کان وڏو ۽ قومي شاعر قرار ڏنو ويو، 1936ع ۾ ايران جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فردوسيءَ جو جشن ملهايو ويو ۽ ان جي يادگار قائم ڪئي ويئي. “
رضا شاهه، جنهن کي ‘رضا شاهه ڪبير’ به سڏيو وڃي ٿو، طبيعت جو ڏاڍو سخت ۽ درشت هو، ان سلسلي ۾ هڪ واقعو تمام گهڻو مشهور ٿيو، اهو هيئن آهي ته ايران جي راڻي، تهران کان ڪجهه ميل ٻاهر موجود امام زادن جي مزارن تي جيڪي ابو المعالي ۾ هئا، فاتح خوانيءَ جي لاءِ ويئي، پر اُتان جو متولي جيڪو سخت پراڻ پسند هو، تنهن راڻيءَ کي نقاب يا برقعي کانسواءِ مزار ۾ گهڙڻ جي موڪل نه ڏني، راڻي واپس تهران موٽي آئي ۽ جڏهن رضا شاهه کي ان قصي جي خبر پيئي ته هو اُن ئي مهل جيپ ۾ چڙهي ‘ابو المعالي’ پهتو ۽ متوليءَ کي هنٽرن سان ڪُٽيائين.
ايران ۾ تيل ته ڪجهه سال اڳ قاچاري دور ۾ نڪري چڪو هو، پر انهيءَ جي آمدنيءَ مان ايران کي مناسب حصو نه پي مليو. رضا شاهه ڪبير جي دور جو هڪ اهم واقعو ايران جي تيل جي صنعت کي قومي بنائڻ به هو. اهو بل 1929ع ۾ پاس ٿيو. جنهن ايران مان انگريزن جي اقتدار کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ کين ملڪ مان واپس وڃڻو پيو، اُن قدم جي نتيجي ۾ دنيا جي ڪيترين ئي تيل ڪمپنين، ايران سان تيل جي خريداريءَ جا ٺاهه ڪيا ۽ ايئن ايران جي اُپت وڌي، اُن سلسلي ۾ هڪ واقعو ڏاڍو مشهور ۽ رضا شاهه جي ڏاهپ جو دليل آهي، هڪ ڀيري رضا شاهه ڏکڻ اولهه ايران جي تيل واري ريگستاني علائقي ۾ هرڻن جو شڪار ڪرڻ ويو، شاهه جي تنبن جي ڪئمپ ايراني تيل جي اُن پائپ لائين جي ڀرسان لڳل هئي، جيڪا ‘ابادان’ جي تيل صاف ڪرڻ جي ڪارخانن ڏانهن ٿي ويئي، هڪ ڏينهن صبح جو جيئن ئي شاهه شڪار لاءِ روانو ٿيو ته سندس نظر تيل جي ان پائپ لائين تي پيئي ته سندس نرڙ ۾ گُهنج پئجي ويا، صلاحڪارن کي هڪدم اندازو ٿي ويو ته شاهه جي ذهن ۽ دل ۾ ڪا اهڙي ڳالهه ضرور اچي ويئي آهي، جنهن کيس فڪرمند ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، شاهه ‘وزير دربار’ ڏانهن ڏٺو ۽ کيس حڪم ڏنو ته جيڪڏهن هت آسپاس “اينگلو ايرانين آئل ڪمپنيءَ” جو ڪو وڏو آفيسر هجي ته کيس هڪدم گهرايو وڃي، شاهه اُن ڏينهن شڪار ملتوي ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن ڪمپنيءَ جو انگريز آفيسر حاضر ٿيو ته کيس حڪم ٿيو ته، “تيل جي هيءَ پائپ لائين هتان ٽوڙائي ڇڏ، آئون تيل جو ڦوهارو بلند ٿيندي ڏسڻ ٿو چاهيان... هڪدم عملو گهرائي ۽ لائين ٽوڙائي... اصل دير نه ڪر...”
انگريز آفيسر سمجهيو ته اوڀر جو حڪمران آهي ۽ اوڀر جي حڪمرانن جو دماغ سدائين خراب هوندو آهي، ۽ سندن شوق به اُبتا سُبتا هوندا آهن، هن شاهه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پائپ لائين ٽوڙڻ سان تمام گهڻو تيل ذيان ٿيندو ۽ ڪمپنيءَ کي نقصان ٿيندو. پر کيس حڪم مليو ته “اُلڪو نه ڪر... اسين ذيان ٿيل تيل جي پائي پائي ادا ڪنداسين.” هاڻ انگريز آفيسر جي لاءِ ٻيو ڪو بهانو نه بچيو هو. تنهن ڪري گهربل عملو گهرائي پائپ لائين ٽوڙي ويئي، پائپ لائين جي ٽٽڻ سان تيل جو ڦوهارو بُلند ٿيو ۽ تيل وهي واريءَ ۾ جذب ٿيڻ لڳو. رضا شاهه اُتي ئي ڪرسي گهرائي ويهي رهيو ۽ حڪم ٿيو ته تيل جو اهو ڦوهارو پورو هڪ ڪلاڪ جاري رهي، اسين پوري هڪ ڪلاڪ تائين اهو تماشو ڏسنداسين... پنهنجي ڪمپنيءَ کي چئو ته جيترو به تيل وهي انهيءَ جو بل منهنجي نالي موڪلي ڏي.”
ايران جو بادشاهه شيل ۽ شڪار مان وانڌو ٿي واپس تهران پهچي چڪو هو، ۽ هن جي چريائپ ۽ جنون جا قصا نه رڳو تهران، پر پرڏيهي سفارتخانن ۽ پرڏيهي رهاڪن جي ڪلبن ۽ پرڏيهي اخبارن ۾ مرچ مسالن سان بيان ٿيڻ لڳا. هيڏانهن ايراني به پنهنجي بادشاهه جي اُن حرڪت کي چريائپ سمجهي دل ئي دل ۾ مٿس ناراض ٿيڻ لڳا.
“اينگلو ايراني آئل ڪمپنيءَ” هڪ ڪلاڪ تيل وهڻ جو بل شاهه کي موڪلي ڏنو، ڪمپنيءَ جا ڊئريڪٽر اهو سوچي رهيا هئا ته شايد ايراني حڪومت اهو بل روڪڙ جي صورت ۾ ادا نه ڪري سگهي ۽ کين ذيان ٿيل تيل جي قيمت ايراني حڪومت کي ملندڙ سالياني رائلٽي مان ڪٽڻي پوي، پر اوچتو رضا شاهه پهلويءَ اهڙو ته بم ڇڏيو، جنهن نه رڳوڪمپني کي پر برطانوي حڪومت کي به بدحواس ڪري ڇڏيو، ڇو ته ايراني حڪومت، شاهه جي نالي وهيل تيل جو بل ملندي ئي ‘اينگلو ايراني ڪمپنيءَ’ کي نوٽس ڏنو ته هُن ايراني حڪومت سان تيل ڪڍڻ جو جيڪو 99 سالن جو ٺاهه ڪيو آهي، ان ۾ وڏو فراڊ ڪيو ويو آهي، ڇو ته ايراني حڪومت کي رائلٽي ادا ڪرڻ جي لاءِ تيل نڪرڻ جي ‘في ڪلاڪ’ جيڪا رفتار ٻڌائي ويئي آهي، اها وصول ٿيل بل موجب هڪ ڪلاڪ ۾ ذيان ٿيندڙ تيل جي مقدار کان گهڻي گهٽ آهي، ان موجب ڪمپني جيترو تيل ڪڍي رهي آهي، اُن جي چوٿين يا پنجين حصي جي مشڪل سان رائلٽي ادا ٿي ڪئي ويئي وڃي. تنهنڪري گذريل سڀني سالن جي ان طريقي سان هضم ڪيل سڄي رائلٽي ادا ڪئي وڃي نه ته اينگلو ايرانين آئل ڪمپني۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل 99 سالن جو تيل ڪڍڻ جو ٺاهه رد ڪري، ڪمپنيءَ جا هڙئي ڪارخانا، پائپ لائينون ۽ ٻيون سڀ شيون ضبط ڪيون وينديون.
انگريز ڪمپني سياڻي ڪانگ وانگر ٻه ٽنگي ڦاسي چڪي هئي، ڇو ته اها پنهنجي ٺڳيءَ جو انڪشاف پاڻ ئي ڪري چڪي هئي. تنهن ڪري سندس ڪو به حيلو بهانو نه هليو ۽ کيس ان مد ۾ ڪروڙين اسٽرلنگ پائونڊ ادا ڪرڻا پئجي ويا، جنهن سان ايران جي خزاني ۾ ايترا ته پئسا اچي ويا ، جو ملڪ جي ترقي ۽ اڏاوت لاءِ ڪيتريون ئي نيون رٿائون شروع ڪيون ويون، جن پرڏيهي اخبارن ۽ حلقن شاهه جي چريائپ جو مذاق اڏايو هو، اهي سڀ حيران ٿي ويا، هاڻ هو نه رڳو شاهه جي ڏاهپ ۽ عقلمنديءَ کي داد ڏيڻ لڳا، پر اينگلو ايرانين ڪمپنيءَ جي مذمت ڪرڻ ۽ ايران سان همدري ڪرڻ لڳا.
رضا شاهه به هٽلر جيان آرين جي نسلي مٿڀرائپ جو علم بردار ۽ جمهوريت کي ناپسند ڪندو هو. اها ڳالهه هٽلر ۽ رضا شاهه جي وچ ۾ سهڪار جو سبب بني. هٽلر، ايرانين کي نج آريائي نسل قرار ڏيئي، انهن کي ‘نور مبرگ’ جي نسلي قانون کان آجو ڪري ڇڏيو (ان قانون موجب ڪا به جرمن عورت، ڪنهن غير جرمن سان شادي ڪري نٿي سگهي) 1936ع ۾ هٽلر جي ماليات واري وزير ‘ڊاڪٽر شاخت’ تهران جو دورو ڪيو، ان کانپوءِ جرمنن جون ايران ۾ سرگرميون وڌي ويون ۽ جرمن صلاحڪارن جو تعداد به وڌي ويو، ٻي مهاڀاري جنگ شروع ٿي ته ان وقت هٽلر سان همدردي رکندڙن جي گهڻائي ايران جي سڀني اهم عهدن تي مقرر هئي، جيڪا ڳالهه اتحادين جي مفادن وٽان نه هئي، نتيجي ۾ اتحادي فوجون ايران ۾ داخل ٿي ويون ۽ ايران تي ٽن طاقتن، هڪ حصي تي روس، ٻي تي آمريڪا ۽ ٽي تي برطانيا جو قبضو قائم ٿي ويو، ۽ تهران به ٽن حصن ۾ ورهايو ويو ۽ ٽن وڏن يعني اسٽالن، روز ويلٽ ۽ چرچل جي هڪ ڪانفرنس به ان ئي سال تهران ۾ برطانوي سفارتخاني ۾ ٿي.
ايران تي اتحادي ملڪن جي قبضي جي نتيجي ۾ رضا خان پهلوي کي پنهنجي پُٽ محمد رضا جي حق ۾ تخت تان دستبردار ٿي، ڏکڻ آفريقا ۾ پناهه وٺڻي پيئي، جتي هن 1944ع ۾ وفات ڪئي. سندس دستبرداري کانپوءِ 17 سيپٽمبر 1941ع تي محمد رضا، آريه مهر محمد رضا شاهه پهلوي جي لقب سان تخت تي ويٺو.
رضا خان پهلويءَ جي معزول ٿيڻ جو واقعو به ڏاڍو دلچسپ آهي. ايراني فوج اتحادين جو مشڪل سان چوويهن ڪلاڪن تائين مقابلو ڪري سگهي. ان وقت تهران ۾ برطانيا جو سفير ‘سر ريڊر بلرڊ’ هو. جنهن پنهنجي سياست سان نازي جرمنيءَ جي سفير “فان پين” کي شڪست ڏيئي وچ اوڀر جي ان حصي ۾ جرمن اثر رسوخ کي ختم ڪري ڇڏيو، ايراني فوج هٿيار ڦٽا ڪري چڪي هئي ۽ رضاشاهه پهلويءَ ڪابينا جو هنگامي اجلاس گهرائي ورتو ته جيئن ان صورتحال تي ويچاري سگهجي، ڪابينا جي اجلاس هلندي ئي شاهه کي اطلاع ڏنو ويو ته برطانوي سفير ‘سر ريڊر بلرڊ’ ساڻس ملاقات جي لاءِ آيو آهي. ايران شڪست کائي چڪو هو، تنهن ڪري برطانوي سفير سان ملڻ کان انڪار جو ته سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. تنهن ڪري هڪدم حڪم ٿيو ته کيس پيش ڪيو وڃي، جڏهن سر ريڊر بلرڊ، تعظيم جي لاءِ جهڪڻ واسطي شاهه ڏانهن وڌي رهيو هو ته شاهه فارسيءَ ۾ مٿس گارين جو ڌوڙيو لايو بيٺو هو، هن وزيراعظم آقاءِ سهيل ڏانهن ڪاوڙ مان منهن ڪري چيو، “اين پدر سوخته جا چرا آمده است؟” (هي ڪتي جو پُٽ هينئر وري ڇو آيو آهي؟)
۽ ان کان اڳ جو وزيراعظم کيس ڪا وراڻي ڏي، سرريڊ بلرد، تعظيم کانپوءِ پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان اهو فرمان ڪڍي وڏي آواز ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن تحت رضا شاهه پهلويءَ کي پنهنجي پُٽ وليعهد محمد رضا پهلويءَ جي حق ۾ تخت تان دستبردار ڪيو ويو هو ۽ فرمان فارسي زبان ۾ هو ۽ اڳوڻي شاهه ۽ وزيرن کي اُن وقت خبر پيئي ته برطانوي سفير فارسي زبان جو ڄاڻون به آهي.
آريه مهر محمد رضا شاهه پهلويءَ جي تخت تي ويهڻ سان ايران ۾ آمريڪا جي اثر و رسوخ جي شروعات ٿي، آمريڪا جي عالمگير سامراجي حڪمت عمليءَ جي لاءِ وچ اوڀر ۽ ايران جي اهميت ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي، محمد رضا شاهه پهلوي سدائين آمريڪا جي مرضي جي تابع رهيو ۽ هن جيڪي به قدم کنيا ۽ پاليسيون ٺاهيون، تن ۾ آمريڪا جي مرضي شامل هئي، پوءِ جڏهن شاهه ايران ڪم جو نه رهيو ته آمريڪا منجهائنس هٿ ڪڍي ڇڏيا، هاڻ اها ڳالهه لڪيل ڇپيل ڪانه رهي آهي ته خود شاهه ايران جي زوال ۾ به آمريڪا جو هٿ هو، جنهن جو ذڪر خود اڳوڻي شهنشاهه ايران پنهنجي ‘آتم ڪهاڻيءَ’ ۾ به ڪيو آهي.
آريه مهر محمد رضا شاهه پهلوي جڏهن ٺهي جڙي تخت تي ويٺو ۽ حالتن تي ڪنٽرول ڪيائين ته هن ملڪ ۾ ترقياتي رٿائن شروع ڪرڻ سان گڏ، ملڪ کي زبردست فوجي طاقت به بنائڻ شروع ڪيو. ايران کي ترقي، خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري هڪ جديد مملڪت بنائڻ لاءِ شاهه جيڪو پروگرام شروع ڪيو، ان کي “سفيد انقلاب” جو نالو ڏنو ويو، ان سان گڏ شاهه هن خطي ۾ آمريڪا مفادن جي رکوالي لاءِ پوليس مين جو ڪردار به ادا ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ اندازي موجب ايران رڳو هڪ سال ۾ لڳ ڀڳ ساڍن ٽن ارب ڊالرن جو جنگي سامان آمريڪا کان خريد ڪيو، شاهه ايران جيترو جنگي فوجي سامان خريد ڪيو، ان جو مثال ڏکڻ ويٽنام ۾ آمريڪا جي هٿياربند مداخلت کانسواءِ ٻيو ڪٿي به نٿو ملي.
اپريل 1951ع ۾ ڊاڪٽر مصدق ايران جو وزيراعظم ٿيو ته هن تيل جي صنعت کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ جو اعلان ڪيو ۽ شاهه ايران کي به پارليامينٽ جي منظور ڪيل ان بل تي صحيح ڪرڻي پيئي، ايراني حڪومت جي ان قدم سان خطي ۾ نئون تڪرار شروع ٿيو، ايراني حڪومت جي ان قدم جي جواب ۾ ‘اينگلو ايرانين ڪمپنيءَ” آڪٽومبر 1951ع ۾ تيل جي کوهن ۽ ‘ابادان’ جي آئل ريفائنري کي بند ڪري، ملازمن کي واپس وطن روانوڪري ڇڏيو. نه رڳو اهو، پر آمريڪي ڪمپنين جي تيل ڍوئيندڙ جهازن انتقام طور ايراني تيل کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري ايران ۾ وڏ اقتصادي گهوٽالو منهن ڪڍڻ لڳو. سوويت يونين مصدق حڪومت کي صنعت بحال ڪرڻ جي لاءِ روسي ماهرن جون خدمتون آڇيون ۽ گڏ ٿيل تيل خريدڻ جو به وعدو ڪيو، پر ڊاڪٽر مصدق ٻيئي رٿون رد ڪري ڇڏيون، ڊاڪٽر مصدق ايران جو پاپولر ليڊر هو، جيئن پاڻ وٽ ذوالفقار علي ڀٽو، پر ڊاڪٽر مصدق هڪ جذباتي انسان هو، منجهس ترت فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت جي کوٽ هئي، سندس اهڙين جذباتي پاليسين جي ڪري ايران کي وڏو نقصان ٿيو، اهڙي صورتحال ۾ رضا شاهه ايران ڇڏي اٽلي هليو ويو. هوڏانهن آمريڪي سي . آءِ . اي به حرڪت ۾ اچي ويئي، شاهه جي ايران ڇڏڻ جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڊاڪٽر مصدق جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ کيس گرفتار ڪري نظر بند ڪيو ويو، هن جي باقي عمر قيد ۾ ئي گذري ۽ قيد ۾ ئي وفات ڪيائين، شاهه ٻيهر اقتدار ۾ اچي ويو، شاهه کي واپس اقتدار ۾ آڻڻ جي پويان آمريڪا جي اها پاليسي هئي ته محمد رضا شاهه جي غير موجودگيءَ ۾ متان ايران سوويت يونين جي اثر ۾ نه هليو وڃي.
1979ع ۾ ايران ۾ شهنشاهيت جي خاتمي جي پويان، جنهن دوران قم جي ڀت تي اهو نعرو لکيو ويو هو، ايران جي محنت ڪشن، پورهيتن ۽ وطن دوستن جي جدوجهد جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي، مختيار مسعود چواڻي، “انقلاب ڀلي ڪيترو به پراڻو ڇو نه ٿي وڃي، پر ان جو داستان سدائين تازو رهندو آهي، اميد ۽ عمل، بيداري ۽ خود شناسي، جنون ۽ لهوءَ جو داستان به ڪڏهن پراڻو ٿي سگهي ٿو.؟” اُن ايراني انقلاب جي اسرڻ، نسرڻ ۽ اُڀرڻ ۾ ايران جي حزب توده (ڪميونسٽ پارٽي) جيڪا ڊاڪٽر مصدق جي گرفتاري کانپوءِ انڊر گرائونڊ هلي ويئي، جو اهم ڪردار آهي، ايراني عالمن ۽ مذهبي ڌرين به عبادت گاهن ۾ آمريڪي سامراج ۽ شهنشاهيت جي خلاف عوام کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
شاهه جي خلاف جدوجهد ڪرڻ تي حزب توده ۽ ايراني عالم سدائين حڪومت جي نشاني تي رهيا، 1958ع ۾ ڪيترن ئي ڪميونسٽ اڳواڻن کي موت جون سزائون ڏنيون ويون ۽ ڪيترن کي جيلن ۾ واڙيو ويو، جيڪي سالن جا سال جيلن ۾ سڙندا رهيا، حقيقت ۾ ايران ۾ 1979ع واري انقلاب جو بنياد ‘حزب توده’ رکيو، هنن ايران جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هڙتالون منظم ڪيون ۽ عوام کي سامراجيت ۽ شهنشاهيت جي خلاف ويڙهه جي لاءِ تيار ڪيو ۽ هنن پنهنجي جانين جي نذرانن سان انقلاب جي آبياري ڪئي. پر ايراني سماج تي عالمن جي اثر سبب انقلاب جو سڄو فائدو عالمن کي مليو ۽ آيت الله خميني ايران جو سياسي، روحاني ۽ مذهبي سربراهه بنجي ويو. بعد ۾ کيس امام جو درجو ڏنو ويو ۽ سندس حيثيت شهنشاهه کان به مٿاهين بنجي ويئي. توده پارٽي ايران جي قديم مارڪسٽ پارٽي آهي، جيڪا 1920ع ۾ قائم ٿي، ۽ 1942ع ۾ ‘حزب توده’ (توده پارٽي) جي نالي سان پنهنجون سرگرميون شروع ڪيائين، 1979ع جي انقلاب جي دوران توده پارٽيءَ جي سڄي قيادت مشرقي جرمني جي شهر ‘لائپزيڪ’ ۾ موجود هئي، انقلاب کانپوءِ پارٽي ايران ۾ پنهنجون سرگرميون شروع ڪيون ۽ خود انهن ڏينهن جون اخبارون ۽ تجزيا نظر مان ڪڍبا ته انقلاب کي اندروني طور تي سگهارو ڪرڻ جي لاءِ سوويت يونين جو به وڏو ڪردار ٿو نظر اچي. 1983ع ۾ اقتدار جي جنگ اندروني جهيڙي ۾ مذهبي عنصر حاوي ٿي ويو، ۽ توده پارٽيءَ جي اڳواڻن تي سوويت جي جاسوسي تنظيم ڪي. جي. بي ۽ فوجي اطلاعات جي اداري سان رابطن جو الزام لڳائي، گرفتار ڪري، کين موت جون سزائون ڏنيو ويون.
حزب توده جي ان جدوجهد کي شهنشاهه ايران پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، “ايران جي ٻاهر اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو ته اهو “مُلن” جو آندل انقلاب آهي، يعني شيعه مولوين جو آندل انقلاب... ان ۾ ڪابه سچائي ڪونهي... اها هڪ وڏي غلط فهمي آهي... فساد جي اصل جڙ ته ڪميونسٽ پارٽي آهي.”
شاهه جي جلاوطني ۽ انقلاب کانپوءِ آيت الله خميني، مهدي بازرگان کي ايران جو وزيراعظم نامزد ڪيو ۽ ڪيترائي لبرل عنصر حڪومت ۾ شامل هئا. پرپوءِ جيئن سدائين ٿيندو آهي، لبرل ۽ مذهبي قوتن ۾ اختيارن ۽ اقتدارن جي اندروني جنگ شروع ٿي ويئي. مهدي بازرگان جي استعفيٰ کانپوءِ ابوالحسن بني صدر وزيراعظم ٿيو. عراق مان نڪرڻ کانپوءِ پئرس ۾ جلاوطني جي دوران آيت الله خميني، بني صدر وٽ ئي رهيو هو. اندروني تضادن جي ڪري بني صدر کي جان ڀڄائي لڪي وڃڻون پيو، بني صدر جي ڀاڄ سان ايران ۾ لبرل قوتن جي خلاف مذهبي ڌرين هڪ نئين مهم شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ مهدي بازرگان ۽ بني صدر جي ڪابينا جي ڪيترن ئي لبرل وزيرن سان گڏ انيڪ ماڻهن کي يا ته ملڪ مان ڀڄڻون پيو يا فائرنگ اسڪواڊ ۽ مذهبي دهشتگردي جو نشانو بنجڻون پيو، خود ابو الحسن بني صدر ۽ فدائين خلق جي سربراهه مسعود رجاويءَ ملڪ ڇڏي اچي پئرس ۾ پناهه ورتي، جيڪڏهن اهي ايران مان نه ڀڄن ها ته سندن لاش به ايران ۾ نه لڀجن ها. حزب توده (ڪميونسٽ پارٽي) جي سيڪريٽري جنرل نورالدين ڪيانوريءَ کي گرفتار ڪري، مٿس روس لاءِ جاسوسي ڪرڻ جو الزام هڻي سخت تشدد کانپوءِ موت جي سزا ڏني ويئي. ۽ ايران ۾ اقتدار جي هڪ نئين جنگ شروع ٿي ويئي، جنهن ۾ فدائين حڪومت جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر هٿيار کنيا، انهي جنگ ۾ ٻنهي ڌرين وڏي قيمت ادا ڪئي ۽ خود تهران ۾ هڪ اجلاس دوران بم ڌماڪي ۾ ايران جو صدر جواد باهنر ۽ وزيراعظم محمد علي رجائي، ڪيترائي وزير ۽ پارليامينٽ جا ميمبر مارجي ويا، ان صورتحال جو فائدو وٺي عراق، آمريڪا جي هشيءَ تي ايران تي حملو ڪري ڏنو، اٺن سالن تائين هلندڙ اُن جنگ سبب ڪيتري تباهي ٿي هوندي ۽ ايراني عوام ڇا ڇا نه سَٺو هوندو، ان جو فقط تصور ئي ڪري سگهجي ٿو.
هن وقت ايران ۾ حزب توده سميت لبرل ۽ سيڪيولر پارٽين تي پابندي آهي، پر انهن جو اثر ته ضرور هوندو ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ سرگرم ۽ عوام سان رابطي ۾ هونديون، پر رياست جي ڪڙي نظر سبب گهڻا محتاط به هوندا، حزب توده جي ذڪر تي مونکي ياد آيو ته اصفهان جي “ميدان امام” واري تاريخي بازار ۾ وڙڪندي جڏهن مون هڪ دڪاندار وٽ ‘صادق هدايت’ جو ڪتاب ڏٺو، جنهن جو ذڪر آئون اڳيان ڪري آيو آهيان ته انهن ڪجهه نوجوان نهايت احترام سان مونکي چيو، ‘اوهين چاهيو ته هي ڪتاب کڻي وڃي سگهو ٿا.’ هنن صادق هدايت کي توده (ڪميونسٽ) ليکڪ چيو ۽ اهو به چيو، “توده ممنوع ايران است” انهن نوجوانن سان ملي ڪجهه ئي گهڙين ۾ مونکي احساس ٿيو ته توده پارٽي جي جدوجهد هينئر به ايراني نوجوانن کي ياد آهي.
تازو ‘ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان’ جي اپريل 2011ع ۾ حيدرآباد ۾ ڪانگريس ٿي، جنهن ۾ هنن جي شايع ٿيل ‘سرخ پرچم’ ۾ حزب توده پاران موڪليل پيغام پڻ ڇپيل آهي، هن وقت ‘حزب توده’ جو هيڊ ڪواٽر پئرس ۾ آهي، ان پيغام ۾ چيو ويو آهي:
“اسان جو ملڪ ايران انتهائي حساس دور ۾ داخل آهي، جنهن ۾ عوامي تحريڪون جيڪي جمهوريت، سماجي انصاف ۽ انساني حقن جي لاءِ وڙهن پيون، اهم موڙ تي پهتيون آهن، جيئن ته اوهين ڄاڻو ٿا ته 12 جون 2009ع کان ايران وڏي مقبول عوامي جدوجهد ۾ گهيريل آهي، جيڪا امن، جمهوريت، سماجي انصاف جي لاءِ ڪئي پئي وڃي، جنهن جو مثال گذريل ٽن ڏهاڪن کان نٿو ملي، ايراني حڪومت جيڪا وڏن آفيسر شاهي ۽ بورزوا ۽ فوج جي نمائندا آهي، جيڪا ايران جي معاشي وسلين تي قبضو ڄمائي رکڻ چاهي ٿي، موجوده سرڪار ان جدوجهد کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سڀئي هٿ ڪنڊا استعمال ڪري رهي آهي، هيءَ حڪومت اهڙيون معاشي پاليسيون اختيار ڪري رهي آهي، جن کي نيو لبرل سوشو اڪنامڪ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. جنهن جو مطلب سڄي ملڪ ۾ نجڪاري جي عمل جي ذريعي پورهيتن جا حق ڦٻائڻ آهي.”
قم جي ڀت تي لکيل ‘مرگ بر شاهه جلاد’ جي ان نعري، شاهه جي حڪومت جي خلاف، ايراني عوام جي ڊگهي جدوجهد جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي ۽ مون فهد عباسي کي سندس ڪئميرا سان اهو فوٽو ڪڍڻ جي گذارش ڪئي، جو مون چاهيو ٿي ته ٻٽيهه ٽيٽيهه سال اڳ ‘قم’ جي ڀت تي لکيل اهو نعرو، ايراني عوام جي شاندار جدوجهد جي ياد طور مون وٽ محفوظ رهي.