• قم ۾ گانڌي مارڪيٽ
چارئي ڄڻا تيار ٿي هيٺ لهي اچي ‘پل آهنچي’ جي اڳيان بيٺل ٽئڪسين وارن سان تهران هلڻ جي لاءِ ڳالهائڻ لڳاسين، ساڻن بارگيننگ ڪندي اچي ٻارهن ٿيا. مقامي ماڻهو ته ٽئڪسي وارن جي بدمعاشين ۽ ڀاڙن کان واقف آهن، پر اسان جهڙا خارجي (ٻاهريان) انهن جي هٿان مُڏي ڪاتيءَ سان ڪُسجن، نيٺ هڪ ٽئڪسي وارو سترهزار تومانن ۾ تهران کڻي هلڻ ۽ وري موٽائي آڻڻ جي لاءِ تيار ٿيو، ان وچ ۾ مون ڏٺو ته هڪ همراهه بيٺو اسانکي ٽئڪسي وارن سان ڳالهائيندي ڏسندو رهيو، اهو به سُري اچي ويجهو ٿيو ۽ اسان کان اردوءَ ۾ حال احوال ورتائين، اسان کيس ٻڌايو ته اسين تهران وڃڻ ۽ گهمڻ ٿا چاهيون، حال احوال وٺڻ کانپوءِ هن چيو، “سترهزار تومان تمام گهڻا آهن، هتان کان تهران تائين اوٽ موٽ وڌ ۾ وڌ چاليهه پنجيتاليهه هزار تومان ڀاڙو آهي.” پوءِ هن اسان پاران ٽئڪسي وارن سان فارسيءَ ۾ ڳالهايو، اوچتو پڇيائين، “اوهين تهران ۾ ڇاڇا ٿا ڏسڻ چاهيو؟” مون کيس جايون ٻڌايون ته هن ٿوري دير سوچي اسانکي چيو، “منهنجي صلاح مڃو ته اڄ تهران نه وڃو... رمضان شريف جي ڪري ڪاخ گلستان، نمائش گاهه ۽ سعد آباد محل هڪ بجي تائين بند ٿي ويندا، ۽ اوهانجو وڃڻ اجايو ٿيندو.... بهتر آهي ته سڀاڻي وڃجو.... ٻارهن ته هت اچي ٿيا آهن..... اوهين اهي ڏسي نه سگهندا.....”
“سڀاڻي ته اسين اصفهان وينداسين” مون وراڻيو.
“ٺيڪ آهي ته پوءِ پرهينءَ وڃجو، ٿورو سوير ڀرو نڪرجو.... جيئن اوهين اهي سڀ هنڌ آرام سان ڏسي سگهو.”
“پرهينءَ ته اسين هونئن به تهران وينداسين.”
اُن همراهه جو نالو عباس هو ۽ هندستان جي شهر لکنوءَ جو هو، هو قم ۾ تعليم پرائي رهيو هو. هن جي صلاح دل سان لڳي. عباس ڏاڍو سٺو ماڻهو هو. هن اسانجي ڪافي رهنمائي ڪئي. ان مهل هو مشهد وڃي رهيو هو ۽ کيس ڏاڍي تڪڙ به هئي ۽ کيس هرَ هرَ هڪ دوست جي فون به اچي رهي هئي، پر هن فون تي کيس چيو، “يار ٿورو صبر ڪر ملئون ٿا... هنن مسافرن جي رهنمائي ڪرڻ ضروري آهي، اهو به ثواب جو ڪم آهي.”
عباس جي ان جذبي مونکي ڪافي متاثر ڪيو، هن پنهنجو فون نمبر به اسانکي ڏنو ته مشهد ۾ جي ڪو مسئلو ٿئي يا ڪم ڪار هجي ته رابطو ڪري وٺجو، افسوس جو اسين مشهد ۾ ساڻس ڪو رابطو ڪري نه سگهياسين. موڪلائڻ مهل عباس کان پڇيم ته “آستانه مقدس ميوزم” ڪٿي آهي ته هن ٻڌايو ته معصومه جي مزار جي بلڪل اڳيان مدرسه فيضيه جي ڀرسان آهي.
اسان عباس جي صلاح تي عمل ڪندي تهران نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ميوزم ڏسڻ جي لاءِ روانا ٿياسين.
“موزه آستان مقدس” جي دروازي تي پهچي پنج پنج سئو تومان في ماڻهو ٽڪيٽ وٺي اندر گهڙياسين، فارسيءَ ۾ ميوزم کي موزه چون. ٽڪيٽ واري دريءَ وٽ هڪ عورت ويٺي هئي، جيڪا پئسا وٺي ٽڪيٽون ڏيئي رهي هئي. فقط چهرو کليل هوس، ميوزم اندر به پوري وچ تي هڪ عورت ڪاري چادر ويڙهي، هٿ ۾ تسبيح جا داڻا ڦيريندي ويٺل نظر آئي. هوءَ هر ايندڙ توڙي ويندڙ تي نظر رکي رهي هئي ته متان ڪير ڪو فوٽو ڪڍي يا ڪنهن شئي کي نقصان پهچائي.
‘موزه آستانه مقدس’ ننڍو پر ڏاڍو سهڻو ٺهيل آهي ۽ منجهس رکيل نواردات به ڏاڍي قريني ۽ صفائيءَ سان رکيل نظر آيا. اندر گهڙندي ئي اسانجي پهرين جنهن شئي تي نظر پئي، اهي قاچار دور جي بادشاهن فتح شاهه قاچار، محمّد شاهه قاچار ۽ مظفر شاهه قاچار جي شبيهن وارا سنگ مرمر جا ٺهيل نهايت سهڻا سنگ خيز يعني مزارن جا ڪتبا نظر آيا. انهن تي انهن بادشاهن جي حشمت ۽ ڏيا وارين شبيهن سان گڏ قرآن شريف جي آيتن جي به نهايت سهڻي اُڪر ٿيل هئي. ميوزم ۾ گهڻيون شيون قاچار ۽ صفوي دورن جون هيو، ڪجهه نوادرات تيموري دور جا به هئا. تنهن کانسواءِ ڪجهه نوادرات قبل از اسلام يعني ساساني دور جا به رکيل نظر آيا. اتي مٿين ٽن بادشاهن کانسواءِ ڪيترن ئي ٻين قاچاري بادشاهن جون روغني تصويرون پڻ رکيل هيون، قرآن شريف جا به ڪيترائي نهايت خوبصورت قلمي نسخا، مختلف سائيزن ۽ خطن ۾ لکيل رکيل هئا.
ميوزم جو خاص حصو هيٺ هو، اسين ڏاڪڻيون لهي هيٺ آيا سين، ان حصي ۾ جن شين اسانجو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪرايو، اهي حضرت عليرضه، امام حسين، ۽ ٻين امام زادن ۽ ڪيترن ئي اصحابي سڳورن جون تصويرون هيون، اهي مصور تصويرون گهڻيون تڻيون قاچار دور جون ٺهيل هيون، مون قم ۽ مشهد ۾ ڪيترن ئي دوڪانن تي حضرت عليرضه، امام حسينرضه ۽ ٻين جون تصويرون مختلف سائيزن ۾ عام جام وڪري لاءِ رکيل ڏٺيون، حضرت عليرضه جو اهو پورٽريٽ جيڪو فقط سندس شبيهه هئي، پُڇڻ تي خبر پيئي ته حضرت عليرضه، جو اهو پورٽريٽ هڪ تخيلاتي تصوير آهي، جيڪو گذريل صدي جي پهرين اڌ ۾ ايران جي هڪ خاتون آرٽسٽ ٺاهيو هو. اهو پورٽريٽ ڪنهن ميوزم ۾ رکرايو ويو ۽ هي ان پورٽريٽ جون ڪاپيون آهن ۽ وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهن ذهني طور تي اهو قبولي ورتو ۽ حضرت عليرضه سان عقيدت ۽ محبت جي اظهار طور اها تصوير پنهنجن گهرن ۾ هڻڻ برڪت جو باعث سمجهن ٿا، جيتوڻيڪ اهو هڪ فنڪار جو تخيل آهي. حقيقي شبيهه کي ڪينوس تي منتقل ڪرڻ ته ممڪن ڪونهي. اسلامي تاريخ جي مقدس شخصيتن جون تصويرون اڃا تائين منظرعام تي نه آيون آهن، جيتوڻيڪ پڙهيو اٿئون ته، ان دور ۾ به وڏا وڏا سنگتراش ۽ مصور موجود هئا، پر شايد ڪنهن به ان پاسي ڌيان نه ڌريو، يا وري ڪو اهڙي همت ڪري نه سگهيو. اڄ ڏينهن تائين حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليھ السلام کان وٺي، اسلامي تاريخ جي جن سپهه سالارن جون تصويرون پاڻ تائين پهتيون آهن، اهي سڀ مصورن جو پنهنجو تخيل آهن. البت چيو وڃي ٿو ته حضرت عيسيٰ جي تصوير حيقيقت جي گهڻي ويجهي آهي.
گهڻن پڙهندڙن کي اهو ياد هوندو ته ڪجهه سال اڳ تائين ۽ هاڻ به ڪٿ ڪٿ سنڌ ۾ امام بارگاهن ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي حضرت علي عليھ السلام جي ٺهيل هڪ خيالي تصوير نظر ايندي آهي، جنهن ۾ حضرت عليرضه جو هڪ پير شينهن تي رکيل ۽ هڪ هٿ ۾ اُڀي تلوار ڏيکاريل آهي.
ميوزم ۾ رکيل هڪ ٻي تصوير به ڏاڍي پرڪشش ۽ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ هئي. جنهن ۾ ڪيترن ئي صحابي سڳورن کي هڪ ميڙ جي صورت ۾ ڏيکاريو ويو هو. انهن جي ڇاتين تي انهن جا نالا به لکيل هئا، حضرت ابوبڪر، حضرت عثمان، حضرت عمر، حضرت علي، ابوسفيان، معاويه، سعد بن ابي وقاص وغيره، ان تصوير ۾ اهي سڀ صحابي سڳورا ڏاڍي ڌيان سان پاڻ سڳورن جو خطبو ٻڌي رهيا هئا. جيڪو سامهون بيٺل ڏيکاريل هو. جنهن ۾ پاڻ سڳورن جي شبيهه مبارڪ ڏيکاريل نه هئي.
ڪٿي پڙهيو هوم ته عثماني ترڪن سورهين صديءَ عيسويءَ ۾ حيات نبوي جو سڄو البم مصور ڪرايو هو. اهو البم هينئر “توپ ڪپي ميوزم استنبول” ۾ موجود آهي، ايراني تصويرن ۾ انهن ترڪي تصويرن ۾ فرق اهو آهي ته پوين ۾ رسول الله جي شبيهه مبارڪ جي بدران، چهري مبارڪ تي نقاب ڏيکاريو ويو آهي. ڪٿي پڙهيو ته اسرائيل ۾ يروشلم جي “ميوزم آف يروشلم” ۾ حضرت ابراهيم جي هڪ تصوير رکيل آهي، جنهن ۾ هن جي ساڄي هٿ ۾ ڇري جهليل آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ پنهنجي ننڍڙي پُٽ جي مٿي جي وارن کي جهلي رکيو اٿس، پٽ جي اکين تي پٽي ٻڌل آهي ۽ هن جو ڪنڌ قربان گاهه تي رکيل آهي، جڏهن ته هن جو بدن کاٻي پاسي فلورتي 45 ڊگري جي زاويي تي ليٽيل آهي، جي بدن تي ڪو به ڪپڙو ڪونهي، فقط شرم گاهه تي هڪ ننڍي لنگوتي ٻڌل اٿس.
اسين ننڍي هوندي کان اهو پڙهندا ۽ مولوي سڳورن کان ٻڌندا پيا اچون ته اسلام ۾ تصوير ڪشيءَ جي منع آهي. پر هت يڪيون هيتريون ساريون تصويرون ڏسي نه رڳو سخت حيرت ٿي، پر ٿوري دير جي لاءِ پاڪستان ۾، يورپ ۾ حضور صلعم جي ٺهندڙ خيالي ۽ عڪسي تصويرن تي ٿيل هنگامن ۽ احتجاجن جو منظر به اکين آڳيان ڦري ويو.
اهي تصويرون منهنجي لاءِ هڪ نئون تجربو هو، ۽ انهن کي غور سان ڏسندو رهيس، پر پوءِ منهنجا احساس انتظار حسين جي هنن لفظن جو روپ وٺڻ لڳا ته، “اهي چهرا، اِهي نقش، اُهي سراپا نه آهن، جيڪي منهنجي تصور ۾ جڳ مڳائي رهيا آهن، اسان وٽ انهن شخصيتن جو جيڪو تصور آهي، اهو هنن سان متصادم آهي.”
ميوزم ڏسي ٻاهر نڪتاسين ته ساڳئي نوجوان مرڪي آڌر ڀاءُ ڪيو ته مون کانئس ميوزم بابت ڪو سووينئر گهريو.
“ڪٿان آيا آهيون؟” هن پڇيو.
“پاڪستان کان!”
هن مرڪي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ٻه خوبصورت سووينئر کڻي اسانکي ڏنا. هن ڪجهه ڪتاب به ڏيکاريا، جيڪي ايراني ڪلچر جي باري ۾ هئا. پر اسان اهي خريد ڪرڻ جي بدران چيو، “يار اسين تنهنجا مسلمان ڀائر آهيون، هي ته اوهانکي اسانکي گفٽ طور ڏيڻ گهرجن.”
جواب ۾ هن افسوس جو اظهار ڪيو ته هنن جي قيمت آهي.
اسين ٻاهر نڪري آياسين ۽ ڀرسان ئي آئسڪريم جي دوڪان تان آئسڪريم وٺڻ لڳاسين، تيسين ان نوجوان کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺوسين، هن اسان وٽ پهچي ٻه سي ڊيز اسان ڏانهن وڌائيندي چيو، “گفٽ فار .... ويلڪم اَور ڪنتري” اسان سندس مهرباني مڃي، انهن سي ڊيز ۾ قم جي زيارتن جي حوالي سان وڊيو فلمون هيون.
هاڻ اسان وٽ وقت ئي وقت هو، آفتاب شاهه جو خيال هو ته ايئن پنڌ ئي پنڌ گهمجي، اسانکي ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي پي سگهيو. سو اسين اتان هلندا، سامهون خيابان ارم (روڊ) تي اچي بيٺاسين، هونئن به جيڪو پنڌ گهمڻ ۾ مزو آهي، اهو گاڏين ۽ موٽرن ۾ ڪٿي....! روڊ ٽپي ٻي پاسي آياسين ۽ سامهون هڪ مارڪيٽ ۾ گهڙي وياسين. جيڪا ڏاڪڻ جي ذريعي هيٺ به هئي ته دوڪانن جون قطارون مٿي به هيون، اندر گهڙندي ئي اسانجي نظر سامهون مهاتما گانڌي جي هڪ ننڍي پتلي تي پيئي، جيڪو ڀت ۾ کُتل هو، ان جي هيٺان لکيل هو “گانڌي مارڪيٽ” اسان سڀني جون نظرون هڪ ئي وقت ان پتلي ڏانهن کڄي ويون ۽ اسانجي زبانن مان بي اختيار “واهه واهه” نڪري ويئي.
“هيءَ ته حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته قم ۾ گانڌيءَ جو پتلو ۽ گانڌي مارڪيٽ...” امين چيو.
“واقعي به!” صفدر شاهه چيو.
“منهنجي خيال ۾ ان ۾ حيرت ۾ پوڻ جي ته ڪا ڳالهه ڪونهي.” مون چيو، “گانڌي ايڏي وڏي شخصيت آهي، جو ايران ۾ سندس نالي سان مارڪيٽ منسوب ڪئي وڃي.... پر منهنجي خيال ۾ ته ان ۾ گانڌي جي شخصيت جي ڪمال کان وڌيڪ هندستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو عنصر به شامل آهي.”
“هائو، هندستان جي پرڏيهي پاليسي، پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ جاندار ۽ حالتن کي سامهون رکي مستقل بنيادن تي جوڙي وڃي ٿي.” آفتاب شاهه وراڻيو.
“هائو، اوهين صحيح ٿا چئو.” مون چيو، “هندستان آمريڪا جو ڳيجهو ڪونهي ۽ هندستان جا حڪمران اهڙا به ڪونهن جو آمريڪا مان ايندڙ هڪ فون تي پنهنجي ملڪ جي سڄي خارجه پاليسي بدلائي، سندس پويان ليفٽ رائٽ ڪندا رهن.... هاڻ ته هو ڪڏهن ڪڏهن آمريڪا کي به پيا اکيون ڏيکاريندا آهن ۽ هيڏانهن وري پاڻ پاڪستاني آهيون، جيڪي جيئن ٿو آمريڪا چوي، تيئن ٿا ڪريون، ان جو هڪ ننڍو مثال ايران کان هندستان تائين وڇائجندڙ گئس جي لائن بابت پاڪستان جي فيصلي بابت آهي، پاڪستان پاران ٻن پاڙيسري ملڪن جي مفادن ۽ پنهنجي فائدي بابت سوچڻ بدران آمريڪي مفادن کي ترجيح ڏيڻ آهي.....”
“ويجهڙ ۾ سنڌ ۾ ڪنهن اخبار ۾ ان پائيپ لائين بابت هڪ مضمون ڇپيو هو، جيڪو منهنجي نظرمان گذريو هو.” آفتاب شاهه چيو.
“سائين ٿورو ان بابت ٻڌايو؟” صفدرشاهه پڇيو.
“قصو هيئن آهي، سائين!” مون صفدر شاهه جي سوال جي جواب ۾ چيو، “هندستان ايران کان گئس خريد ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ اهڙو ٺاهه به ٿي ويو آهي، ۽ هندستان تائين اها گئس جنهن پائپ لائين جي ذريعي ويندي اها پاڪستان مان گذارڻ چاهي ٿي ۽ پاڪستان کي ان جي عيوض اربين ڊالر سالياني مسواڙ يا رائلٽي جي صورت ۾ ملندا، پرپاڪستان آمريڪا جي دٻاءُ ۽ اعتراضن سبب اڃا تائين ها يا نه بابت ڪو فيصلو ڪري نه سگهيو آهي....”
“اهو ته سٺو ٿيندو.... پاڪستان کي ته وڏو فائدو ٿيندو.... پر آمريڪا کي ان تي اعتراض ڇو آهي؟” صفدر شاهه پڇيو.
“سائين ڏسو نه، آمريڪا ايران تي سَڙيو ويٺو آهي، ۽ ايران پاران ائٽمي توانائي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن نه رڳو آمريڪا کي ڪاوڙائي وڌو آهي، پر هو هر طريقي سان ايران کي اقتصادي نقصان رسائڻ ٿو چاهي آمريڪا پاران يو اين او جي هٿان ايران متان پابنديون لڳرائڻ ۽ اها پائپ لائين وڇائڻ تي اعتراض جو وڏو سبب اهو آهي ته اُن مان ايران کي ته وڏو اقتصادي فائدو ٿيندو، پر هندستان به ايران کان خريد ڪيل ان سستي گئس سبب اقتصادي ميدان ۾ اڃا به سگهارو ٿيندو، ۽ پاڪستان کي جيڪا رائلٽي ملندي، ان سان پاڪستان کي ڪافي مدن ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا، پر آمريڪي امداد تان ڪنهن حد تائين انحصار به گهٽبس..... ۽ آمريڪا اهو سڀ ڪجهه ٿيندو ڏسڻ نٿو چاهي، جو ايئن ٿيڻ سان هن خطي مان آمريڪا جو اثر گهٽبو”
“اهو ته نسورو ظلم ٿو ڪري آمريڪا.” صفدرشاهه چيو.
اسين چارئي “گانڌي مارڪيٽ” ۾ ڦرندا، پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا ۽ ونڊو شاپنگ ڪندا ٻاهر روڊ تي نڪري آياسين ۽ خيابان ارم ڏيئي اڳتي “شبستان ارم” ڏانهن وڌڻ لڳاسين، جو صفدر شاهه ۽ آفتاب شاهه جو خيال هو ته “بيت خميني” ڏسجي، جيڪو ٻه ڏينهن اڳ اسين ڏسي آيا هئاسين.
•