• عظيم انقلابي مزدڪ
مزدڪ اهو بدنصيب انقلابي آهي، جنهن جون حالتون ۽ فڪر اسان تائين سندس مخالفن جي ذريعي پهتو، جنهن به مؤرخ، پوءِ ڀلي اهو زرتشتي هجي يا يهودي، عيسائي هجي يا مسلمان، مزدڪ جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن سندس تعليم کي مسخ ڪري پيش ڪيو آهي ۽ مٿس لعنت ۽ ملامت جا تير وسايا آهن، اهو سلسلو ارڙهين صديءَ تائين جاري رهيو... البت اڻويهين صديءَ ۾ جڏهن اوڀر جي مورخن قديم ايران جي اڻ ڌري تاريخ سهيڙڻ شروع ڪئي ته هنن تعصب جي ان ڍڳَ کي صاف ڪيو، جنهن ۾ مزدڪ جون صحيح حالتون دٻيل هيون.
مزدڪ، جنهن نموني منتشر زندگي گذاري، ان مان اها توَقع رکڻ صحيح ڪونهي ته هن پنهنجي نظرين کي سهيڙيو هجي، پر جي ڪجهه گهڙين جي لاءِ کڻي ايئن سمجهجي به، ته به هن جي اهڙي هر لکڻي زرتشتي تعصب جي نذر ٿي ويئي، تنهنڪري هنن مزدڪ جي دشمنن جي لکڻين مان ئي اصل حقيقت جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي.
مزدڪ جو فارسي شاعريءَ ۾ سڀ کان پهرين تذڪرو فردوسيءَ (1010ع) ڪيو، جنهن ايران جي هن انقلابي شخصيت جي عروج ۽ زوال جو داستان افسانوي انداز ۾ بيان ڪيو آهي، هن مزدڪ کي “سخن گوئي با دانش درائي د کام” (يعني هڪ شخص (مزدڪ) پيدا ٿيو، جيڪو عقل ۽ فهم جون ڳالهيون ڪندو هو.) جي لقبن سان ياد ڪيوآهي.
مزدڪ جو جنم “مادرايا” شهر ۾ ٿيو، جيڪو دجله نديءَ جي ڪناري آباد هو، سندس پيءُ جو نالو ‘بامدان’ هو، هن جي جنم جي سال جي خبر ڪونهي ۽ نه ئي اهو پتو پئجي سگهيو آهي، ته هن جو يا سندس پيءُ جو ايران جي ڪهڙي طبقي سان واسطو هو، البت هن پاران قباد (488ع- 531ع) کي سندس تخت نشينيءَ کان اڳ هم خيال بنائي وٺڻ مان اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته مزدڪ 460ع ڌاري پيدا ٿيو.
مزدڪي تحريڪ کي سمجهڻ جي لاءِ ايران جي ‘ساساني دور’ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو مطالعو ڪرڻو پوندو. تاريخ جي مطالعي مان اسين ان نتيجي تي پهتا آهيون ته ايران جي ساساني حڪومتن هڪ اهڙي سماج کي پيدا ڪيو، جنهن ۾ سياست، جابريت جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي، وقت جي اشرافيه، انساني زندگيءَ جا هڙئي دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا، ان دور جي طبقاتي نظام ۾ درد ناڪ حد تائين خاندانيت، ٻانهپ ۽ جاگيرداريت جا خوني چنبا مضبوطيءَ سان کُتل هئا.
ساساني دور ۾ ست اشرافيه خاندان ئي اڇي ڪاري جا ڌڻي هئا ۽ سدائين پنهنجو اثر ۽ رسوخ وڌائڻ جي چڪر ۾ دائمي رقابت ۾ مبتلا هوندا هئا، تنهن کانسواءِ ايران ۾ طبقاتي فرق جا بنياد ايترا ته سگهارا هئا ۽ انهن جون حدون مقرر ٿيل هيون، خواص ۽ عوام جي وچ ۾ موجود اُن فرق کي ڪير به ختم نٿي ڪري سگهيو. عام ماڻهن کي اميرن جهڙا ڪپڙا پائڻ، انهن جهڙا طور طريقا اختيار ڪرڻ ۽ انهن جهڙا شوقيه مشغلا اختيار ڪرڻ جي به موڪل نه هئي. انهن کان به وڌيڪ سخت قانون اهو هو ته ڪو به شخص پنهنجو اباڻو ڌنڌو ڇڏي نٿي سگهيو، جيڪڏهن ڪو شخص هاريءَ جي گهر جنميو هو ته هو سڄي وهي ٻني ٻارو ۽ پوکي راهيءَ جو ڪم ڪرڻ تي مجبور هو ۽ جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن امير گهراڻي ۾ جنميو هو ته کيس ڪا به طاقت پنهنجي خانداني مرتبي کان محروم ڪري نٿي سگهي، ۽ امير ۽ شاهوڪارن جو حسب نسب ۽ انهن جي ملڪيتن جو تحفظ قانون جي ذمي هو، وڏ گهراڻن جا نالا سرڪاري رجسٽرن ۾ لکيل هوندا هئا. عوام کي وڏ گهراڻن جي ملڪيت خريدڻ جي موڪل نه هئي، جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي اباڻي زرتشتي مذهب کان ڦرندو هو ته ان جي ملڪيت ضبط ڪري سندس ويجهن مٽن مائٽن ۾ ورهائي ويندي هئي.
هارين جي حالت ته عام شهرين کان به خراب هئي، انهن کان هر قسم جي ڇيڙ، بيگر ۽ خذمت چاڪري ورتي ويندي هئي، پر کين زمين رکڻ جو حق حاصل نه هو، جنگ جي موقعي تي کين زوري زبردستي فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويندو هو. پر کين ڪو به اُجورو يا پگهار نه ملندي هئي، هڪ مؤرخ لکي ٿو. “انهن مسڪين هارين جا وڏا وڏا جٿا فوج جي پويان پنڌ هلندا هئا، ڄڻ ابدي غلامي هنن جي ڀاڳ ۾ لکيل هئي، ڪنهن به قسم جي پگهار يا اُجرت سان سندن حوصلي افزائي نه ڪئي ويندي هئي.”
مال ۽ دولت جي حرص کانسواءِ ايراني اشرافيه جو عورتن جي معاملي ۾ رويو به صفا غير انساني هو. ساساني دور جو بادشاهه خسرو پرويز، جيڪو “مزدڪي انقلاب” کانپوءِ تخت تي ويٺو ۽ پنهنجي ٺٺ ۽ ٺانگر، مال ۽ دولت، شان ۽ شوڪت جي حوالي سان وڏو نالو ڪڍيو، تنهن جي باري ۾ فردوسي پنهنجي “شاهنامي” ۾ هيئن ٿو بيان ڪري:
غلام د پرشنده از هر دري، ذُ در وز ياقوت دهر گوهري،
ز دنيا گنجش ڪرانه نبود، چنو خسرو اندر زمانه نبود.
(بادشاهه جي هر دورازي تي ٻانها ۽ پرستار (پنهنجي سونهن ۽ سوڀيان ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ) گوهر ۽ يا قوت وانگيان هئا، هن جي خزاني جي ته ڪا حد ئي نه هئي، هن جهڙو بادشاهه سڄي زماني ۾ نه هو.)
فردوسي وڌيڪ چوي ٿو:
به مشڪوئي زرين ده و دو هزار،
ڪنيزڪ بڪردار خرم بهار.
(هن جون هزارين ٻانهيون هيون، جيڪي بهار جي فصل جيان صحت مند ۽ سنهري پٽين سان سَجيل هيون.)
فردوسيءَ اهيءَ شعر بادشاهه جي خزاني ۽ زالن جي تعداد کي نظر ۾ رکندي چيا هوندا.
جڏهن بادشاهه جا اهي حال هجن ته پوءِ سندس درٻاري، امير، وزير ۽ وڏ گهراڻا ڪيئن ٿي پٺتي رهي سگهيا، عام خيال اهو ڪيو وڃي ٿو ته انهن درٻارين، اميرن، وزيرن، ۽ وڏ گهراڻن ايتري ته ڦرلٽ ڪئي، مال، ملڪيتن تي قبضا ۽ عورتن کي پنهنجي حرمن جي زينت بنايو، ۽ انهن طبقن اناج وغيره جا ذخيرا به فقط پنهنجي ذاتي استعمال جي لاءِ محفوظ ڪري ورتا ۽ خلق خدا کي بُکن وگهي مرڻ جي لاءِ ڇڏيو ويو، جيئن فردوسيءَ شاهنامي ۾ لکيو آهي.
ز خشڪي “خورش” تنگ شد درجهان
(يعني: ذخيري اندوزيءَ جي ڪري اُن دور ۾ ڏڪار پئجي ويو)
ڏڪار منهن ڪڍيو ته ماڻهن ۾ بي چيني پيدا ٿي ۽ رڙو ريهه مچي ويئي، هو بُکن وگهي پاهه ٿيڻ ۽ مرڻ لڳا، ايتريقدر جو خود شهنشاهه جي درٻارين جي وات مان به ماني ۽ پاڻيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو لفظ ئي نٿي اُڪليو، ڏڪار پوندي ئي ‘مزدڪ’ جي صبر جوپيالو ڇلڪي پيو ۽ هن انقلاب جو جهنڊو اُڀو ڪيو، نيٺ مزدڪ وڏي رمز سان ماڻهن کي چيو، “بادشاهه جلدئي اوهانجي لاءِ اُميد جو راهون کولي ڇڏيندو.”
پوءِ هو ڀڄندو بادشاهه وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين، “سائين! آئون اوهانکي هڪ گذارش ڪرڻ ٿو چاهيان، پر ڀلائي ڪري مونکي ان جو جواب ضرور ڏجو.” بادشاهه موڪل ڏنيس ته مزدڪ پڇيو، “جيڪڏهن ڪنهن شخص کي نانگ ڏنگهي وجهي ۽ هو مري رهيو هجي ۽ ٻي شخص وٽ اُن جو ترياق هجي، پر هو ڏيڻ کان انڪار ڪندو هجي ته اهڙي شخص کي ڪهڙي سزا ملڻ گهرجي؟” بادشاهه قباد وراڻيو، “ترياق جو مالڪ قاتل آهي، اُن کي شهر جي وڏي دروازي تي ڦاسي ڏيڻ گهرجي.”
اهو جواب ٻُڌي مزدڪ اُٿيو ۽ فريادين وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو، “مون بادشاهه سلامت کي گذارش ڪري ڇڏي آهي.... اوهين سڀاڻي صبح تائين انتظار ڪريو، ان وقت آئون اوهانکي اهو رستو ڏيکاريندس، جنهن تي هلي اوهين پنهنجا حق حاصل ڪري سگهو ٿا.” ماڻهو فڪرمنديءَ ۽ پريشانيءَ مان واپس هليا ويا ۽ مزدڪ پري کان انهن جي ڪاوڙيل انداز کي ڏسندو رهيو، تنهن کانپوءِ هو ٻيهر بادشاهه وٽ ويو ۽ عرض ڪيائين، “ڪالهه مون اوهانجي سامهون هڪ ڪيس پيش ڪيو هو ۽ اوهان جيڪا ورندي ڏني هئي، تنهن سان مون تي بند ٿيل دروازو کلي ويو هو، جيڪڏهن اوهين موڪل ڏيو ته هڪ ٻيو ڪيس اوهانجي اڳيان پيش ڪريان؟” قباد اجازت ڏيندي چيس ته، “ڀلي پيش ڪر... تنهنجون ڳالهيون منهنجي لاءِ فائدي واريون هونديون آهن.” مزدڪ عرض ڪيو، “جيئندا قبلا! جيڪڏهن ڪنهن شخص جا هٿ ۽ پير ٻڌا وڃن ۽ کيس کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڏجي، ايستائين جو هو مري وڃي... جڏهن ته ٻي شخص وٽ کاڌو هجي، پر اهو شخص هٿ پير ٻڌل شخص کي کائڻ لاءِ نه ڏي... حضور جن رهنمائي فرمائين ته جنهن شخص وٽ خوراڪ آهي، سو خدا ترس آهي يا نه؟” بادشاهه وراڻيس، “اهڙي شخص جو ته خون به معاف آهي.” اهو ٻُڌي مزدڪ زمين کي چمي ڏني ۽ ٻاهر نڪري ويو، ۽ ڏڪاريلن وٽ اچي کين چيائين، “وڃو، اوهان کي جتي به ڪڻڪ جا لڪيل ذخيرا ملن ته انهن تي قبضو ڪريو ۽ اهي ڪتب آڻيو.. البت ذخيري اندوز جيڪڏهن ان جو ملهه گهرن ته اهو کين ڏجو.”
پوءِ ته بکايل ۽ ڏڪاريل اناج جي گودامن تي ڪڙڪي پيا، ايتريقدر جو قباد جا ذخيرا به نه بچيا، شاهي محافظن بادشاهه کي سڄي صورتحال کان واقف ڪيو ۽ ان ڦر لٽ جو سڄو ذميدار مزدڪ کي قرار ڏنو، قباد، مزدڪ کي گهرايو ۽ پُڇيس، “تو هي ڪهري حرڪت ڪئي، ۽ ماڻهن کي ڦر لٽ تي هشڪاريو،” مزدڪ عرض ڪيو “جيئندا قبلا! مون ته فقط اوهان کان جيڪو ڪجهه ٻُڌو، اهو وڃي ماڻهن کي ٻڌايو.” قباد لاجواب ٿي ويو، مزدڪ جو عذر معقول هو.
ان واقعي کانپوءِ ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ مزدڪيت جا پوئلڳ بنجڻ لڳا، سلطنت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ماڻهو ڇُلنگين جون ڇُلنگيون مزدڪيت اختيار ڪرڻ لڳيون، مزدڪ چيو ته دنياوي ملڪيت مان سڀني کي هڪ جهڙو حصو ملڻ گهرجي. مزدڪين سماجي براين جي خلاف کلي عام جدوجهد جو اعلان ڪيو، هنن گهر ڪئي ته وڏيرن ۽ رئيسن کان ضرورت کان وڌيڪ ملڪيت کسي وڃي، مزدڪ جي نظر ۾ جوف، حرص ۽ خود غرضي ئي سڀني براين جي جڙ آهي.
مزدڪ، مذهبي رسمن جي اهميت گهٽائي. هن جو نظريو هو ته اصل مذهبي ماڻهو اهو هوندو آهي، جيڪو ڪائنات جي اصول کي سمجهي ۽ انهيءَ موجب هلي، هن نفس ڪشيءَ تي زور ڏنو، ڇاڪاڻ ته نفسياتي خواهشون ئي لالچ کي جنم ڏين ٿيون، جيڪا ٻين جي پرماريت تي هرکائي ٿي، هو، زرتشتي مُلن جي سگهاري پوزيشن تي سخت تنقيد ڪندو هو، هن جي خيال موجب انهن زرتشتي ملن ئي عوام کي محڪوم بنائي رکيو آهي، ۽ انهن جي غربت وڌائي آهي، مزدڪ جي نظر ۾ خدا شروع ۾ هن زمين تي گذران لاءِ ڪافي ڪجهه مهيا ڪيو، پر سگهارن ماڻهن، ڪمزورن کي گمراهه ڪري، بالادستي قائم ڪري اڻ برابري پيدا ڪئي، ان بدبختيءَ جو علاج فقط انصاف جي بحالي آهي ۽ هر شخص ضرورت کان وڌيڪ شين ۾ هڪ جيترو حقدار آهي، ان مقصد جي لاءِ سڀني شين کي گڏيل بنائڻ گهرجي.
بادشاهه جي پٺڀرائيءَ ۾ ‘مزدڪ’ سڌارن جا پروگرام جاري رکيا، جن ۾ زرتشتي ملن جي مخالفت ۽ غريبن جي لاءِ امدادي پروگرام وغيرهه شامل هئا. زرتشتي مُلن ۽ وڏيرن جي طاقت تمام گهڻي وڌي چڪي هئي ۽ بادشاهه انهن جي سگهه کي ڪمزور ڪرڻ ٿي چاهيو، تنهن ڪري قباد اول، ان نئين نظريي جي حمايت ڪئي ۽ مزدڪي مذهب ۾ شامل ٿي ويو. هن مزدڪ جي تعليم موجب معاشي سڌارا ڪيا، جنهن سان زرتشتي مُلان ۽ وڏيرا سندس خلاف اُٿي کڙا ٿيا ۽ رد انقلاب ۾ 496ع ۾ قباد کي تخت تان لاهي، سندس ڀاءُ ‘جما سپ’ کي تخت تي ويهاريو، تخت ۽ تاج ايئن هٿن مان ويندو ڏسي قباد سڄي صورت حال جو جائزو ورتو ۽ هڪدم پاسو بدلايو، ٽن سالن کانپوءِ هن ٻيهر زرتشتي مذهب اختيار ڪيو ۽ تخت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻ هو سمجهي چڪو هو ته مزدڪيت هڪ اهڙو انقلاب آهي، جيڪو هن جي بادشاهت جو خاتمو ڪري ئي دم پٽيندو، تنهنڪري هن ئي مزدڪين جو قتل عام شروع ڪيو، جنهن جي اڳواڻي سندس پُٽ خسرو اول ڪئي، جنهن کي پوءِ نوشيروان جو خطاب مليو.
نوشيروان وڏيرن ۽ مُلن جي اڳواڻي ڪري مزدڪيت قبول ڪرڻ جو ڍونگ رچايو، ان لاءِ هن هڪ جشن منعقد ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي، جنهن ۾ کيس باقاعده مزدڪيت قبول ڪرڻ جو اعلان ڪرڻون هو. هن شاهي باغ ۾ جشن ملهائڻ جي لاءِ سڀني مزدڪين کي دعوت ناما جاري ڪيا، مقرر ڏينهن تي جڏهن مزدڪين جو هر گروپ باغ ۾ داخل ٿيندو ويو ته اڳواٽ لڪيل فوجي کين جلهي ماري پوءِ مٿي ڀر ائين زمين ۾ کوڙي ٿي ڇڏيو. جو سندن ٽنگون هوا ۾ ڪنهن وڻ جيان نظر ٿي آيون، جڏهن سڀ قتل ڪيا ويا ته نوشيروان مزدڪ کي دعوت ڏيڻ ۽ پاڻ هلي وڃي مکيه دروازي تي سندس آجيان ڪئي ۽ پوءِ کيس باغ جو سير ڪرڻ جي دعوت ڏني، اندر وڃي نوشيروان رڙ ڪري هٿين خالي مزدڪ کي چيو، “بيهي رهو.” پوءِ هن زمين ۾ کتل لاشن ڏانهن اشارو ڪندي چيو، “هي اهو فصل آهي، جيڪو تو پنهنجي شيطاني نظريي سان پوکيو هو.” هن اشارو ڪيو ۽ فوجين مزدڪ کي کڻي جهليو ۽ کيس ٻڌي باغ جي وچ ۾ ان مقصد جي لاءِ خاص طور تي تيار ڪيل هڪ مٿاهين هنڌ تي جيئرو ئي زمين ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ پوءِ سندس جسم تي تيرن جو وسڪارو لاهي ڏنو، اهو واقعو 528ع يا 529ع جي شروع ۾ پيش آيو.
مزدڪين جي ان قتل عام جي باري ۾ تاريخن ۾ آهي ته نوشيروان جي حڪم سان مزدڪي فرقي جي ننڍن وڏن ٽيهن هزارن کان به وڌيڪ ماڻهن کي هڪ ئي ڏينهن ۾ تلوارن جو کاڄ بنايو ويو، جنهن جو تفصيل فردوسيءَ، شاهنامي ۾ هن انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
بدان راه بد نامور سه هزار،
بفر زندگفت آن زمان شهريار.
ڪه بادين سراف هرچه خواهي بڪن،
و زين پس مزدڪ مگر سخت دان.
(مزدڪ جا نالي وارا پوئلڳ) ٽي هزار هئا، (جنهن تي) بادشاهه پنهنجي پُٽ کي چيو، انهن سردارن سان جيڪو وڻئي سو سلوڪ ڪر، ان کان پوءِ وري مزدڪ جو ذڪر ٻُڌڻ ۾ نه اچي.)
بدرگاهه ڪسريٰ يڪي باغ بود،
ڪه ديوار از برتراز داغ بود،
همه گرد برگرد آن ڪنده ڪرد،
مراين مردمان را پرڪنده ڪرد.
(ڪسريٰ جي محل ۾ هڪ باغ هو، جنهن جون ڀتيون اوچيون هيون، بادشاهه جي حڪم سان اندرينءَ حصي ۾ کڏا کوٽيا ويا، ته جيئن انهن کڏن ۾ سڀني ماڻهن کي دفن ڪيو وڃي.)
بڪ شتند شان هم بسان درخت،
ز بَر پائي وسر زير آ ڪنده سخت.
(انهن کڏن ۾ مزدڪين کي ايئن کوڙيو ويو، جو انهن جا پير مٿي ۽ مٿو زمين ۾ گَتل هو.)
اها ته هئي مزدڪي سردارن جي ڪهاڻي، هاڻ مزدڪ جي قتل جو منظر فردوسيءَ جي انداز ۾ پڙهو.
يڪي دار فرمود ڪسريٰ بلند،
فرد هشت ار دار پهچان کمند،
نگون بخت رازنده بردار کرد،
سر مرد بي دين نگو سار کرد.
(ڪسريٰ جي حڪم سان هڪ وڏو ٽياس کوڙيو ويو، جنهن تي هڪ پيچدار رسو لڙڪايو ويو (ڦاسي جي شڪل جو) مزدڪ بد بخت کي جيئرو ٽياس تي لڙڪايو ويو ۽ ايئن ان بي دين کي نگهوسار ڪيو ويو.)
پوءِ فردوسي “مزدڪ” جي انجام کي نظر ۾ رکندي پڙهندڙن کي تنبيهه ٿو ڪري.
و زان پس بڪ شتش به باران تير،
نوگر با هُشي زه ‘مزدک’ گير.
(ان کانپوءِ تيرن جي وسڪاري سان کيس ماريو ويو، سو جيڪڏهن تون عقلمند آهين ته هرگز مزدڪي واٽ نه وٺ)
شاهنامي ۾ هڪ ٻه شعر اهڙا به آهن، جن جي مفهوم تي سنجيدگيءَ سان ويچاري سگهجي ٿو.
همين بود با شرم چندي قباد،
به نفرين را مزدک همين کرد يال،
به درويش بخشيد پسيار چيز،
بر آ تشکده خلصت افگند نيز.
(ان صورتحال تي قباد کي ندامت به ٿي، پر پوءِ به هو مزدڪ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو، البت هن غريبن کي نوازڻ شروع ڪيو ۽ مذهبي آتش ڪدن تي نذر ۽ نياز ڏيندو رهيو.)
مزدڪي انقلاب حاڪم طبقن، وقت جي وڏيرن ۽ مُلاشاهيءَ جي خلاف هو، جن عوام کي پيڙهي، انهن جي سسئيءَ ۾ رڳو ايترو ساهه ڇڏيو هو، جو هو جيئرو رهي، سندن بزگيري ڪندو رهي، اهو ئي سبب آهي جو مزدڪ ۽ سندس پوئلڳن جي قتل عام کانپوءِ نه رڳو مزدڪي تعليم جي هر حرف کي مٽائي ڇڏيو ويو، پر ماڻهن ۾ هن لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ جي لاءِ مٿس طرح طرح جا الزام هڻي، مٿس ملامتن جا تير به وسايا ويا، سندس تعليم کي مسخ ڪندي مٿس سڀ کان وڏو الزام اهو هنيو ويو ته، “مزدڪ عورتن کي گڏيل ملڪيت ۽ گڏيل استعمال جي شئي سمجهندو هو.”
حقيقت ۾ اهو الزام مزدڪ جي انقلابي تحريڪ کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ حاڪمن طبقن ۽ مُلاشاهيءَ جي سازش هئي، ان الزام جو جواب ڏيندي مشهور ايراني مؤرخ محمد علي جمال زاده لکي ٿو:
“مزدڪ بي حد ڏاهو، تدبر وارو، خيرانديش ۽ خدا جي مخلوق جو همدرد هو، اُن جي باوجود به مزدڪ تي اهو الزام ته هو، “عورت” کي گڏيل ملڪيت سمجهندو هو، انتهائي حيرت ۾ وجهندڙ آهي. اسان به دنيا جي تاريخ جو مطالعو ڪيو آهي، ۽ مختلف قومن جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن جي باري ۾ تاريخي روايتن جو سهارو به ورتو آهي، داستان به پڙهيا آهن، فلمن ۽ ٽيلي ويزنن تي به مرد ۽ عورت جي ميلاپ جي منظرن جو مشاهدو ڪندا رهيا آهيون، تنهن کانسواءِ اسانکي به خبر آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ هڪ عورت جا ڪيترائي مڙس به آهن، پر ڪيترن ئي هنڌن تي زالن جي تعداد جو به باقاعده رواج رهيو آهي، پر اسان اهو ڪڏهن به نه ٻڌو يا پڙهيو (گهٽ ۾ گهٽ مون نه ٻڌو ۽ نه پڙهيو آهي.) ته مزدڪ جهڙو ڪو روحاني پيشوا ظاهر ٿيو هو، جنهن ماڻهن کي اها ترغيب ڏني ته جيڪو به مرد چاهي، اهو هر عورت پوءِ ڀلي ڀيڻ هجي يا ماءُ، ان سان ميلاپ جو مجاز آهي، اسان اهڙي ڳالهه ته ڪنهن انار ڪسٽ ۽ نيهلسٽ کان به نه ٻُڌي، ان لحاظ کان ۽ ان بحث جي پيش نظر گهٽ ۾ گهٽ آئون ته مزدڪ جي سلسلي ۾ ائين سوچي نٿو سگهان. البت ان سلسلي ۾ آئون ٻي قسم جي تاويل پيش ڪري سگهان ٿو ته مزدڪ پنهنجي “هم وطنن” کي چيو هوندو ته اي ماڻهؤ! يزدان پاڪ جي نظر ۾ اها ڳالهه پسنديدهه ڪونهي ته سڀئي سهڻيون عورتون سرمائيدارن جي حرمن جي زينت بنيل رهن ۽ ٻين جي لاءِ مناسب ۽ موزون عورتون ئي نه بچن، تنهنڪري جيستائين ممڪن ٿي سگهي (قانون جي حدن ۾) شادي ڪريو ۽ ڪٽنب ٺاهيو، اولاد پيدا ڪريو ۽ دنيا جي نعمتن مان فائدو وٺو، آئون ته اهائي تاويل ڪري سگهان ٿو ۽ ان کي مڃي به سگهجي ٿو. “
نوشيرون جي هٿان مزدڪ ۽مزدڪين جي قتل عام جي باوجود به ظاهر آهي ته هيڏي وڏي نظريي کي هڪ ڏينهن ۾ ته ختم ڪرڻ ممڪن نه هو، پر اهو نظريو / فلسفو ته مزدڪ جي شهادت کانپوءِ به صدين تائين جاري رهيو، بنا شڪ جي مزدڪ جي انقلابي تحريڪ اسانجي خطي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي طبقاتي تحريڪ هئي، ڪميونزم ۽ مزدڪيت ۾ سواءِ اُن جي ٻيو ڪو به فرق ڪونهي ته مزدڪيت مذهبي خصوصيت ٿي رکي.
•
____
5 ايران کا عظيم انقلابي: مزدڪ (حالات وافڪار) ڊاڪٽر خيال امر و هوي... ڪلاسيڪ لاهور 1987ع.