سفرناما

اڌ مهينو ايران ۾

هي سفرنامون ايران جي سڀني صدين جي سفر جو ڪتاب پڻ آهي. پنهنجي معلومات ۽ تحقيق ۽ تخليقي جرئت سان هن سڀني زمانن جو ايران آڻي اسان جي اڳيان بيهاريو آهي، سفر ۾ موجود وقت کان هزارين سال پوئتي تائين نهار وجهي هن ڄڻ هرحال ۾ تاريخ ۾ سفر ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 3830
  • 1026
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌ مهينو ايران ۾

• تهران ۾ ڪجهه ڪلاڪَ

تهران، ايران جي گاڌيءَ جو هنڌ آهي، جيڪو البرز جبلن جي ڀڪَ ۾ آباد آهي. انهن جبلن جي وچ ۾ تهران جي بيهڪ هڪ پيالي جهڙي آهي، تهران ڪيسپيئن سمنڊ جي ڏکڻ ۾ هڪ سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، دريا ججرون ۽ ڪرات جي وچ ۾ اُن هنڌ تي آباد آهي، جتي ڪنهن زماني ۾ پراڻو ۽ تاريخي ‘شهر ري’ آباد هو. انهن ڏينهن ‘تهران’ ‘ري’ جي ڀرسان هڪ ننڍو ڳوٺ هو ۽ هاڻ شهر ايترو ته پکڙيو آهي جو ‘شهر ري’ تهران جو هڪ پاڙو يا سيڪٽر بنجي ويو آهي. ‘شهر ري’ کي منگولن پنهنجن حملن ۾ تباهه ڪري ڇڏيو هو، حقيقت ۾ ‘تهران’، ري تي منگولن جي حملي ۽ انهن جي مچايل تباهي کانپوءِ ترقي ڪندو، نيٺ ان اوج تي پهتو جو وقت جي حاڪمن، سندس اهميت محسوس ڪندي، شهر کي ايران جي گاڌي جو هنڌ بنايو.
تهران، 1785ع ۾ ان وقت ايران جي گاڌي جو هنڌ بنيو، جڏهن آغا محمد خان اُن تي قبضو ڪيو ۽ قاچار گهراڻي جو بنياد رکيو... جيڪو گهراڻو 1925ع تائين ايران تي حڪمران رهيو... پوءِ جنرل رضا خان، حڪومت تي قبضو ڪري ورتو ۽ پهلوي گهراڻي جو بنياد رکيو. 1935ع کان اڳ ايران کي فارس يا پريشيا چيو ويندو هو.
تهران کي ايران جي گاڌي جي هنڌ جي حيثيت سان پهريون ڀيرو اهميت ۽ شهرت 1943ع ۾ ٻي مهاڀاري لڙائي جي دوران ملي، ان وقت تهران ۾ ٽن وڏن جو اجلاس ٿيو، اهي ٽي اتحادي جوزف اسٽالن، سر ونسٽن چرچل ۽ فرينڪلن روزويلٽ هئا.
1970ع واري ڏهاڪي ۾ ايران کي تيل جي ٿيندڙ آمدني سبب تهران ترقي ڪندو يورپين طرز جو شهر بنجي ويو، شهنشاهه ايران جي زماني ۾ تهران يورپي طرز جو عيش ڪدو هو. جنهن ۾ ڪيترائي نائٽ ڪلب، جوا خانا ۽ شراب خانا وغيره هئا، جيڪي انقلاب کانپوءِ بند ڪيا ويا.
تهران اقتصادي لحاظ کان به اهم شهر آهي، ايراني مصنوعات جو لڳ ڀڳ اڌ هتي تيار ٿئي ٿو، هتي ڪيترائي اهم تعليمي ادارا ۽ يونيورسٽيون پڻ آهن، تهران شهر جيتوڻيڪ 1200ع ڌاري آباد ٿيڻ شروع ٿيو، پر پراڻو شهر ٽي هزار قبل مسيح ۾ به آباد هو.
جيئن مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته ‘شهر ري’ جي کنڊرن تي تهران جي اڏاوت ٿي آهي، ماضي ۾ ‘شهر ري’ وڏو علمي ۽ ادبي مرڪز به رهيو آهي، شاهه عبدالعزيز ۽ بي بي شهربانو جون مزارون به ‘شهر ري’ ۾ ئي آهن. ‘شهر ري’ ۾ ماضيءَ ۾ ڪيترن ئي عالمن اديبن ۽ سائنسدانن جنم ورتو، محمد بن ذڪريا الرازيءَ کي ‘رازي’ ان ڪري چيو وڃي ٿو ته هو ‘ري’ جو رهاڪو هو. رازي حقيقي معنيٰ ۾ جينئسن هو، هو اعليٰ پايي جو فلسفي، طبيب ۽ سائنسدان، سڀ ڪجهه هو، کيس عرب جو جالينوس چيو ويندو هو... هن ئي ارڙي ۽ ماتا جهڙين بيمارين تي دنيا جو پهريون ڪتاب لکيو. رازي طب کانسواءِ ‘ڪيميا’ جو به نهايت ڌيان سان مطالعو ڪيو ۽ ان موضوع تي “ڪتاب الاسرار” لکيو، جيڪو ڊگهي عرصي تائين يورپ جي درسگاهن ۾ پڙهايو ويندو هو. ‘ري’ جو هڪ ٻيو نالي وارو عالم ‘‘علامه فخر الدين ابو عبدالله محمد بن رازي آهي، جنهن مشهور “تفسير ڪبير” لکيو.
قم کان تهران ايندي، اسانجي شيڊول ۾ پهرين انقلاب ايران جي باني امام خمينيءَ جي مقبري تي هلڻ هو، خمينيءَ جي اها مزار شهر کان ٿورو ٻاهر قم - تهران شاهراهه تي هڪ وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي... اسان جي وين روڊ ڪراس ڪري مزار ڏانهن لڙ ته مون ڊرائيور کان پڇيو، “بهشت زهريٰ؟”
“نِيست.” هن اشارو ڪندي چيو ته “بهشت زهريٰ ڪجهه پريان آهي.”
بهشت زهريٰ اهو قبرستان آهي، جنهن ۾ انقلاب جي دوران پوليس ۽ فوج جي فائرنگ ۾ مرندڙ مظاهرين کي دفنايو ويو آهي، آيت الله خميني جڏهن، پئرس کان واپس تهران پهتو ته هن سڀ کان پهرين “بهشت زهريٰ” وڃي انهن شهيدن جي لاءِ دعا گهري... تنهن کانسواءِ عراق. ايران جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن کي به “بهشت زهريٰ” ۾ ئي دفنايو ويو.
“بهشت زهريٰ” ايران ۾ انقلاب جي علامت کي.
وين مختلف ڦاٽڪ ڪراس ڪري، امام خميني جي مزار جي احاطي ۾ هڪ هنڌ اسٽاپ ڪيو، اسين سڀ هيٺ لٿاسين، سامهون خمينيءَ جو شاندار مقبرو هو ۽ ان جي لڳ ٻيون عمارتون، جهڙوڪ لئبرري، آڊيٽوريم وغيرهه. مزار جي چوڌاري هڪ وڏو ۽ خوبصورت پارڪ ٺهيل هو، جنهن ۾ ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪرسيون کُتل هيون، جن جي مٿان وري قبي نما ننڍي ڇٽي ٺهيل هئي، باغ جي خوبصورتي، صفائي سٿرائي دل کي موهيندڙ هئي ۽ اهڙو ئي پرڪشش ۽ شاندار ٺهيل هو خميني صاحب جو مقبرو...
مون قم ۾ خميني صاحب جو گهر ڏٺو هو... نهايت سادو سوڌو، جنهن جو ذڪر آئون اڳيان ڪري آيو آهيان.. 1963ع ۾ جڏهن شهنشاهه ايران، آيت الله خميني کي جلاوطن ڪيو هو ته ڇاکيس اهو وهم ۽ گمان ۾ هو ته هڪ ڏينهن خمينيءَ ايران موٽي ايندو ۽ پاڻ ايران مان جلاوطن هوندو ۽ سڄي دنيا ۾ کيس ڪٿي به سڪون سان رهڻ نصيب نه ٿيندو... سندس سڀ کان وڏو ۽ عظيم دوست آمريڪا به منجهائنس هٿ ڪڍي ويندو ۽ آمريڪا هٿ ڪڍيا ته يورپ ڄڻ کيس سڃاڻندو ئي نه هو ۽ کيس موت به بي وطنيءَ ۾ نصيب ٿيو ۽ دفن ٿيڻ جي لاءِ به پنهنجي ملڪ بدران پرائي ملڪ جي مٽي نصيب ٿيس... هر آمر ۽ عوام جي خواهش جي ابتڙ ڏنڊي ۽ طاقت جي زور تي حڪمراني ڪندڙ جڏهن عوام جي نفرت جو نشانو بنبو آهي ته سندس اهو ئي حشر ٿيندو آهي، جهڙو شاهه ايران جو ٿيو. شاهه ايران 27 جولاءِ 1980ع ۾ مصر ۾ وفات ڪئي ۽ کيس قاهرا ۾ دفنايو ويو. حڪيم محمد سعيد لکي ٿو:
“ اهو ته مصر جي صدر انور السادات مٿس رحم کاڌو ۽ شهنشاهه ايران مصر جي سرزمين ۾ دفن ٿيو، مون خاص اجازت وٺي وڃي سندس قبر ڏٺي آهي. مرڪزي عمارت جي وچ ۾ هڪ وڏو هال آهي، هال جي بلڪل وچ ۾ سندس قبر آهي، ان تي هڪ وڏي سائيز جو ايراني غاليچو پيل هو، غاليچي جي چئني ڪنڊن تي خوبصورت گُل رکيل هئا. “
آئون هوريان هوريان خمينيءَ جي مقبري طرف وڌان ٿو، اندر ڪئميرا کڻي وڃڻ جي موڪل ڪونهي، امين ۽ آپا مهرالنساءَ ٻاهر پارڪ ۾ ئي کتل ڇٽيءَوارين ڪرسين تي ويهي رهيا، هو اندر نه هليا.. مقبري واري هال ۾ نهايت سهڻا ۽ قيمتي ايراني غاليچا وڇايل هئا. هال جي وچ ۾ هڪ جنگهلو لڳل هو، ۽ ان جنگهلي جي وچ ۾ محو خواب هو آيت الله روح الله خميني... جنگهلي جي ٻاهران، خميني جي قبر جي پيراندي وٽ ٻه ٻيون به قبرون هيون، جن مان هڪ سندس ناٺيءَ جي هئي، جنگهلي جي اندر ڪيترائي ڪرنسي نوٽ پيل هئا، ايران ۾ لڳ ڀڳ سڀني مزارن ۾ زيارتي جنگهلن جي اندر نذراني طور پئسا وجهي ويندا آهن، آئون ڪجهه دير اُتي بيهي خمينيءَ جي قبر کي ڏسندو رهيس ۽ پوءِ ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ مڙيس.
ڪڏهن ڪڏهن ننڍي چڻنگ اوچتو ئي اوچتو ڀنڀٽ بنجي ويندي آهي، ۽ انقلاب جي لاءِ به هڪ چڻنگ جي گهرج هوندي آهي، بظاهر ته هڪ چڻنگ... شايد ڪنهن جو پاڻ ڏانهن ڌيان نه ڇڪائي.... اها ته کن پل لاءِ هوندي آهي، پر جڏهن اها چڻنگ ڀنڀٽ بڻبي آهي ته پهرين ڌيان ان ئي چڻنگ ڏانهن ويندو آهي ته ڪٿان دُکي...
اهڙي ئي هڪ چڻنگ 8 جنوري 1978ع تي لڳي، هڪ مضمون جي صورت ۾. جيڪو ايران جي سرڪاري روزاني اخبار “اطلاعات” ۾ ڇپيو، جنهن ۾ خميني جي شخصيت تي انتهائي ڪريل ۽ غليظ نموني سان حملو ڪيل هو، انهن ڏينهن خميني عراق ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري رهيو هو.
“جڏهن اهو مضمون قم پهتو ته ماڻهو پڙهي غضبناڪ ٿي ويا، ۽ هو رستن ۽ چوڪن تي گڏ ٿيڻ لڳا، جن ماڻهن کي پڙهڻ آيو ٿي، انهن، ٻين کي پڙهي ٻڌايو، ان ڪاوڙ ۽ بي چينيءَ جي اثر هيٺ ماڻهن جو ميڙ وڌندو ويو، ۽ هو وڏي آواز سان ڳالهائڻ لڳا، لڳاتار بحث ڪرڻ جو هونئن به ايرانين کي وڏو شوق آهي، ڪٿي، ڪنهن به مهل، ڏينهن هجي يا رات، ان بحث سان گرمايل ٽولين چقمق جو ڪم ڏنو، ٻُڌڻ وارا انهن جي چوڌاري گڏ ٿيندا ويا. ايستائين جو شهر جي مرڪزي چوڪ ۾ هڪ وڏو ميڙ ڪَٺو ٿي ويو، ۽ اها ئي شئي پوليس کي سڀني کان وڌيڪ ناپسند هوندي آهي، اُن ميڙ جي موڪل ڪنهن ڏني؟ ڪنهن به نه، ڪا به موڪل نه ڏني ويئي آهي ۽ ماڻهن کي رڙيون ڪرڻ ۽ هٿن اُڇلڻ جي موڪل ڪنهن ڏني؟ پوليس کي خبر هئي ته اهي بي معنيٰ سوال آهن ۽ هاڻ چوڪ ۾ گڏ ٿيندر ماڻهن کي منهن ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.”
(ڪاپوشنسڪي: شهنشاهه)
اهائي گهڙي اهم گهڙي هئي، جنهن دوران اُڀريل چڻنگ کي ڀنڀٽ بنجڻون هو، اِهائي اُها گهڙي هئي، جيڪا ملڪ جي، شاهه جي ۽ انقلاب جي تقدير جو فيصلو ڪرڻ واري هئي... هڪ گهڙي... اک ڇنڀ... تاريخ جو وهڪرو بدلائي ٿي ڇڏي...
پوليس ميڙ تي گولي هلائي... گوليءَ جي ٻولي سدائين رت جون نديون وهائيندي آهي... پوليس جي ان هلايل گوليءَ بي گناهه ماڻهن جا لاش ته ڪيرايا، پر انهن لاشن مان وهندڙ ان رتَ شاهه جي تخت جي کتل پاين ۾ وڃي زمين کي پُورو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ جيئن جيئن لاش ڪرندا ويا، انهن جو رت، اڳ وهيل رت سان ٿي مليو ته شاهه جو تخت به رت سان نرم ٿيندڙ زمين ۾ گهڙڻ لڳو... ايئن جيئن ڌُٻڻ ڪنهن شئي کي ڳيهڻ شروع ڪندي آهي... زمين تي شاهه پنهنجو تخت بچائڻ لاءِ ماڻهن جي رت جو ريج ڏيڻ شروع ڪيو ۽ اُن رت زمين اندر وڃي شاهه جي تخت کي پاتال ۾ ڇڪڻ شروع ڪيو، اڍائي هزارن سالن جي شهنشاهيت کي ايئن زمين ڳڙڪائڻ لڳي، ڄڻ ان جو وجود زمين جي مٿان بار بنجي ويو هجي، ۽ هيڏانهن سڄو ايران ان تخت کي پاتال ۾ دفنائڻ لاءِ “مرگ بر شاهه... رود برخميني ۽ مرگ بر آمريڪا” جي نعرن سان ٻُرائجڻ لڳو.
11 فيبروري جو ڏينهن ايران جي تاريخ ۾ سنگ ميل جي حيثيت ٿو رکي، اڍائي هزار ساله شهنشاهيت ڊهي اچي پٽ پيئي، واري جي گهروندڙي جيان ۽ شهنشاهيت ايراني عوام جي دائمي نفرت نشانو بنجي ويئي.
آئون خميني جي شاندار ٺهيل مقبري تي هڪ نظر وجهان ٿو ۽ منهنجي ذهن جي اسڪرين تي هڪ پراڻي فلم هلڻ لڳي ٿي. جنهن ۾ عوام جي نفرت جو اظهار آهي... عوام جي نفرت... روسي انقلاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ زار جي شاهي فوج جي هڪ ڪرنل جو جنازو هڪ ديول ۾ آندو ويو. اڃا آخري رسمون شروع نه ٿيون هُيون ته ‘سرخ فوج’ جي جيالن جو هڪ دستو اُت پهتو... هو تابوت وٽان لنگهيا، هر سپاهيءَ لاش جي منهن تي ٿڪڻ کانپوءِ Eyes Front جو اندازو اختيار ڪري ٿي ورتو، ڪاري ماتمي لباس ۾ ڪرنل جي بيوهه لڙڪ اگهڻ جي لاءِ مُٺ ۾ دٻايل رومال سان پنهنجي مرهيات مڙس جو منهن صاف ڪندي رهي، نيٺ آخري سپاهي آيو ۽ هن لت هڻي تابوت اونڌو ڪري ڇڏيو.
انقلاب کانپوءِ ايراني اڪثر اچي ‘رضا شاهه ڪبير’ جي مقبري تي ٿُڪون اڇلائيندا هئا.
ايراني انقلاب کانپوءِ، ايراني بلوچستان جي هڪ همراهه، جنهن کي غربت وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ شاهه ايران کي فارسيءَ ۾ گهٽ وڌ ڳالهايو، پوءِ ان ئي روانيءَ سان بنا ساهي پٽڻ جي کيس اردؤ ۾ ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون، اهو پروگرام ٽي چار ڀيرا ٽي ويءَ تي ڏيکاريو ويو، تڏهن وڃي ايراني ٽي وي وارن کي خبر پئي ته همراهه ڇا پيو فرمائي.
هن ئي تهران ۾ ‘سعد آباد’ جي محلاتن ۾ شهنشاهه ايران وڏي ٺٺ سان رهندو هو... سعد آباد جي محلات کي هاڻ عجائب گهر ۾ بدلايو ويو آهي. ته جيئن دنيا ڏسي ۽ عبرت حاصل ڪري ته هڪ شهنشاهه عوام کي دٻائي ڪيئن نه سُکي زندگي گذاريندو هو... ۽ خميني ‘قم’ جي هڪ ننڍي ۽ عام قسم جي گهر ۾ رهندو هو، جيڪو پڻ هر ڪو ڏسي سگهي ٿو. هينئر شاهه به هن دنيا ۾ ڪونهي ته خميني به نه آهي... شاهه قاهرا ۾ دفنايل آهي ۽ سندس قبر ڪنهن کي ياد به ڪونهي ۽ خميني هن وڏي ۽ شاندار مقبري جي اندر دفن ٿيل آهي، جنهن جي سامهون هينئر آئون بيٺو آهيان.
انقلاب کانپوءِ، تهران ۾ ‘رضا شاهه ڪبير’ جو مقبرو ڊاهڻ لاءِ جيترو وقت صرف ٿيو، اوترو وقت ڪنهن ٻي شاهي يادگار جي ڊاهڻ ۾ نه لڳو. آئون واپس مُڙان ٿو ۽ سوچيان ٿو، انقلاب سدائين انڌي گهوڙي تي سوار ٿي ايندو آهي ۽ پهرين جيڪو به سامهون ايندو آهي، اهو ان جي سنبن هيٺان لتاڙجي ويندو آهي، نه پنهنجي جي سڃاڻپ ۽ نه پرائي جي، فرانس جي انقلاب ۾ به ايئن ٿيو ته روسي ۽ چيني انقلاب ۾ به... ۽ ايران جو انقلاب به ته انهن کان ڪو گهٽ هو ڇا؟
وين جي ويجهو وڃي ڊرائيور مرتضيٰ کان اشارو ڪري پُڇان ٿو ته “خميني ڪيئن هو.؟”
هن موبائيل جي اسڪرين تي جهڪيل نظرون مٿي کڻڻ کانسواءِ ئي ڌيمي لهجي ۾ وراڻيو، “بدنيست” (خراب ڪونهي)
وين ۾ ويهي خميني جي مقبري تي نظر وجهان ٿو... منهنجي تصور ۾ هڪ وڏو هجوم تهران ۾ “مرگ برشاهه” جا نعرا هڻندو رضا شاهه ڪبير جو مقبرو ڊاهيندي نظر اچڻ لڳو.
وين واپس وڃڻ لاءِ مُڙي منهنجون نظرون خمينيءَ جي مقبري تي کتل هيون ۽ تصور ۾ ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم نعرا هڻندو خميني جي مقبري ڏانهن وڌندي نظر اچڻ لڳو ۽ ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هڪ جملو اُڀريو “مستقل جي تاريخ جي پيٽ ۾ ڇا آهي... ڪهڙي خبر؟”