• ايستگاهه راهه آهن تهران .... خوب است!
اسين تهران جون زيارتون ڪري ستين بجي ڌاري اچي تهران ريلوي اسٽيشن تي پهتاسين ۽ انتظار گاهه ڏانهن وڌياسين، اسانجي ٽرين ساڍي ڏهين بجي ‘مشهد’ جي لاءِ رواني ٿيڻي هئي. ۽ اهي ساڍا ٽي ڪلاڪ اسانکي ايستگاهه راهه آهن تهران (يعني ريلوي اسٽيشن تهران جي انتظار گاهه) ۾ گذارڻا هئا. ريلوي اسٽيشن ۾ گهڙياسين ته پهرين جنهن شئي تي نظر پيئي، اهو دروازي جي بلڪل سامهون، قرآن شريف جو هڪ وڏو ۽ خوبصورت ماڊل هو. اهو ماڊل ايترو ته سهڻو هو، جو اڳتي وڌڻ کان اڳ گهڙي کن اُتي بيهي رهياسين، تنهن کانپوءِ ساڄي پاسي مڙي سامهون رکيل ڪرسين تي وڃي ويٺاسين، تهران جي ريلوي اسٽيشن ايئرپورٽ جو ڏيک ڏيئي رهي هئي، اندر ننڍا ننڍا شاپس، ريسٽورانٽ، ڪافي شاپس، بوڪ شاپ وغيرهه هئا. اسين هلندا اچي ڪرسين تي ويٺاسين ۽ سامهون کليل ٽي وي کي ڏسڻ لڳاسين، فارسيءَ ۾ ڪا فلم هلي رهي هئي، ايڊونچر قسم جي هئي. سامان رکي ٿانيڪا ٿياسين ته ڀر پاسي جو جائزو وٺڻ لڳس، ڪجهه دوست ٿورو پريان ريسٽورانٽ ۾ هليا ويا، جيئن رستي ۾ کائڻ جي لاءِ ڪجهه وٺي سگهجي... فهد عباسي انهن ۾ سڀني کان اڳرو... ‘واٽ مني ڪيا ماڙي گو’ ٽائپ فارسي ڳالهائي، دوڪاندارن جو مٿو کائي ڪم ٽپائي ٿي ويو، هو اڳ ۾ به ايران اچي چڪو هو.
ڏهين بجي ڌاري وسيم اسانکي هلڻ جي لاءِ چيو، ان وچ ۾ هو ٽڪيٽن تي پوليس انٽري به ڪرائي آيو، هن ٻڌايو ته ٻاهرين ماڻهن تي لازمي آهي ته هو “راهه آهن پُلس” وٽ ٽڪيٽن جي انٽري ڪرائين، “راهه آهن پُلس” جي اُتي ئي آفيس هئي. اسان اُتان اُٿي گيٽ ٽپي اندر ٿياسين، جيئن ايئر پورٽ تي هوندو آهي، ٿوري دير اُتي ويهڻ کانپوءِ سوا ڏهين بجي، ‘مشهد’ ويندڙ ٽرين جي انائوسمينٽ ٿي ته اسين پنهنجو سامان سيڙي وسيم جي رهنمائيءَ ۾ اچي ريل جي بوگيءَ ۾ گهڙياسين ۽ پنهنجون سيٽون سنڀاليوسين، ريلوي جي بوگي ڏاڍي سٺي هئي، مون سان گڏ فرات شاهه جي سيٽ هئي ۽ سامهون چاچي مبارڪ شيدي ۽ سندس گهرواريءَ جون سيٽون هيون.
اڳيان ذڪر ڪري آيو آهيان ته اسانجي قافلي ۾ ڪُل ملائي مرد، زائفائون ۽ ٻار چوويهه ڄڻا هئا، انهن ۾ مبارڪ شيدي ۽ سندس گهرواري به هئا، پاڻ اصل ڪوٽڙيءَ جا هئا، ٻڌايائين ته پاڻ واڍڪو ڪم ڪندو آهي، سندس وڏو پُٽ ميل نرس اسٽاف ۾ شامل آهي، هن ‘ڪاميٽي’رکي هئي، جيڪا کُلي ته هن انهن پئسن مان کين هن زيارتي سفر تي روانو ڪيو ته “وڃو، مولا رضا جي زيارت ڪري زوار بنجي اچو.”
اسين جڏهن حيدرآباد مان ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿيا هئاسين ته مبارڪ شيدي ۽ سندس گهرواريءَ کي سندس پُٽ ۽ ٻي آڪهه سڄي سوزوڪي ڀري، گلن جا هار پارائي، وين تي ڇڏڻ آئي هئي، بلڪل ايئن جيئن حاجين کي حج تي روانو ڪبو آهي.
اسانجي قافلي ۾ هڪ ٻي ميرپور خاص جي فئملي هئي، ذات جا لغاري هئا، انهن جو سريال، سندس پُٽ، ننهن ۽ ٻه ٻار به اسان سان هن سفر ۾ شامل هئا. چاچو لغاري اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا ايران، عراق ۽ شام زيارتن تي وڃي چڪو هو. خبرون چارون ڪندي معلوم ٿيو ته زيارتن تي نڪرڻ کان اڳ پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ “مولا جو نياز”ڪيو هئائين، جنهن ۾ لک روپيا خرچ ڪيو هئائين.
ٽرين جو اهو سفر ڏاڍو آرامده هو، اندر ٽي وي هلي رهي هئي، اي سي هئڻ سبب، ٻاهر جيڪا ٿوري ٿڪي گرمي محسوس پي ٿي، اها به نه رهي هئي، اسين سڀ پاڻ ۾ ڪچهري ڪندا، نيٺ ٻارهين سوا ٻارهين ڌاري، ڪي سيٽن تي ته ڪي پَٽ تي سمهي پياسين، صبح جو جڏهن جاڳياسين ته ست ٿيا هئا، ٽرين ۾ اهڙي ته سُٺي ننڊ آئي، جو ٿڪ جو نالو نيشان به نه هو، ضروري حاجتن مان وانڌا ٿياسين ته ٽرين جي عملي پاران چانهه ۽ بسڪوٽن جا پئڪٽ ناشتي طور ‘سرو’ ڪيا ويا.
ريل مختلف اسٽيشن تان لنگهندي، ڪن تي بيهندي ‘مشهد’ ڏانهن وڌڻ لڳي، وچ ۾ جڏهن “نيشاپور” جي اسٽيشن آئي ۽ ٽرين اسٽاپ ڪيو ته منهنجو ڌيان ٻاهر هليو ويو. نيشاپور جي پنهنجي تاريخي حيثيت ته آهي، پر هن شهر جي وڏي سڃاڻپ اها آهي ته عمر خيام، شيخ فريد الدين عطار ۽ مشهور مصور استاد ڪمال الملڪ جون مزارون هت آهن، ان حوالي سان شعرو ادب سان لاڳاپو يا دلچسپي رکندڙن لاءِ نيشاپور ڪشش جو سبب بنجي ٿو.
مشهد شهر جي وڏي تاريخي حيثيت آهي، ٻي صدي هجري يعني نائين صدي عيسويءَ تائين هي شهر هڪ ننڍو ڳوٺ هو، جنهن جو نالو “سنا باد” هو. حضرت امام رضا جي هتي شهادت ٿيڻ ۽ پوءِ مدفن سبب شهر جو نالو “سنا باد” مان ڦري ‘مشهد مقدس’ يعني “شهيد جي آرام گاهه” پئجي ويو. ان کانپوءِ امام رضا عليھ السلام جي مزار سبب نه رڳو سڄي ايران، پر سڄي دنيا جي شيعن جي لاءِ ‘مشهد’ زيارت گاهه بنجي ويو، ۽ وقت گذرڻ سان گڏ هي شهر ترقي ڪندو ويو، هن وقت مشهد ايران جي صوبي خراسان جي گاڌي جو هنڌ آهي، ماضيءَ ۾ مشهد سڄي ايران جي گاڌي جو هنڌ پڻ رهيو، هي شهر ٻن جبلن “بنا لود” ۽ “هزر مسجد” جي وچ ۾ ‘ڪشف ندي’ واري ماٿريءَ ۾ آهي، هن وقت تهران کانپوءِ مشهد ايران جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، ۽ امام رضا جي روضي هئڻ سبب هر سال هزارين لکين ماڻهو زيارت واسطي هت اچن ٿا. جيئن سڄي دنيا جا مسلمان حج ڪرڻ جي لاءِ ذوالحج جي مهيني ۾ مڪي شريف ۾ اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ نائين ذوالحج منيٰ جي ميدان م گذارڻ سان ‘حاجي’ سڏرائڻ جا حقدار بنجي ويندا آهن. تيئن شيعه ايران ۾ حضرت امام رضا، نجف ۾ حضرت عليرضه ۽ ڪربلا ۾ امام حسينعه جي مزارن جي زيارتن کانپوءِ “زوار” سڏرائيندا آهن. زواريت جي لاءِ ڪي مخصوص ڏينهن يا مهينا مقرر ڪونهن، جيئن حج لاءِ مقرر آهي.. سال جي ڪهڙي به ڏينهن يا مهيني، زواريت لاءِ وڃي سگهجي ٿو، ۽ هر مومن جي اها خواهش هجي ٿي ته هو مشهد، قم، ڪربلا ۽ نجف جي زيارت ڪري، تنهن کانسواءِ عام طور تي، ٻين ملڪن جي ته مون کي خبر ڪونهي، پر سنڌ جي اڪثر مومنن جي اها خواهش هوندي آهي ته کين ڪربلا يا مشهد ۾ دفنايو وڃي، جيتوڻيڪ هر مومن جي اها خواهش پوري ٿيڻ ته ممڪن ڪونهي، پر اڪثر سرنديءَ وارن کي، سندن وصيت موجب، دفنائڻ جي لاءِ اوڏانهن نيو ويندو آهي، سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن مان به ڪن اها وصيت ڪئي هئي، مير عبدالحسين سانگيءَ کي به سندس وصيت موجب پهرين امانت طور سنڌ ۾ ۽ پوءِ ڪربلا معليٰ ۾ دفنايو ويو. منهنجي هڪ دوست مير پور بٺوري جي اعجاز خواجه جي والده کي به سندس خواهش موجب ڪربليٰ ۾ دفنايو ويو.
صبح جو ساڍي ڏهين بجي ٽرين ‘مشهد’ پهتي ته اسين پنهنجو سامان سنڀاري ٽرين مان لٿاسين، مومنن جي مشهد پهچڻ تي عجيب ڪيفيت هئي، هنن جي زندگيءَ جي وڏي خواهش پوري ٿي هئي، ‘راهه آهن مشهد’ به ڏاڍي سُٺي ٺهيل هئي، پر راهه آهن تهران ... خوب است. ٻاهر نڪتاسين ته وسيم هڪ بنا هڊ جي ڊاٽسن ڪري آيو، سڀني جو سامان اُن ۾ رکيو ويو ۽ زوهيب، فهد، حاجي عيسيٰ، آفتاب شاهه، امين لاکو، رضوان ڏهراج ۽ آئون اُن ۾ چڙهياسين، جيئن سامان جي حفاظت ڪري سگهون، ٻي چڪر ۾ زائفائون ۽ ٻار اچڻا هئا. وسيم به اسان سان گڏ هو، جيئن اسان جي رهائش لاءِ هوٽل جو بندوبست ڪري سگهي، سندس چوڻ هو ته هن اڳواٽ ئي اسانجي لاءِ هوٽل بوڪ ڪرائي ڇڏي آهي. اسٽيشن تي وسيم سان هڪ ايراني اچي مليو، جنهن جو نالو ‘مهدي’ هو، اها کليل هڊ واري ڊاٽسن به مهديءَ جي هئي، مهدي کي ڏاڍي سٺي اردو پي آئي، پوءِ خبر پيئي ته هو اڪثر پاڪستان مان ايندڙ زيارتين جي لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ رهائش وغيرهه جو بندوبست ڪندو آهي.
•