سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب, ليکڪ : يوسف سنڌي

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب
ليکڪ : يوسف سنڌي
ڪيٽيگري : شخصيتون ۽ خاڪا
ڇپيندڙ : سچائي اشاعت گهر، دڙو / حيدرآباد
شايع ٿيڻ جو سال : 2016
شامل ڪيو ويو : 2016-09-15
ڏِٺو ويو : 19075 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 3010 ڀيرا
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري شخصيتون ۽ خاڪا مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ