شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

احمد ملاح (مولوي)

نه رڳو لاڙ، پر سڄي سنڌ پنهنجي هن مايه ناز فرزند تي سدائين ناز ڪَندي رهندي، جنهن پنهنجي شعرن ذريعي پير پرستي، قبر پرستي ۽ ٻين مشرڪانه بدعتن خلاف سخت تنقيد ۽ ويڙهه ڪئي، پر پنهنجي ڪلام ذريعي مئل دلين کي جاڳايو ۽ منجهن روحاني روح ڦوڪيو ۽ توحيد پرستي جي تبليغ ڪئي.

[b]سوانح[/b]
مولوي احمد ملاح 1877ع ڌاري بدين تعلقي جي ڳوٺ ڪنڊيءَ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو ”نانگيو ملاح“هو. سندس پيءُ هڪ مسڪين ماڻهو هو، تنهن ڪري کيس ننڍپڻ ۾ ئي مال چارڻ جي ڪم سان لڳايائين. مال چاريندي کيس علم جو شوق اچي ٿيو ۽ مال کي ڇڏي وڃي پڙهڻ ويٺو، جنهن جو ذڪر پنهنجي منظوم سوانح حيات ۾ هيئن ڪيو اٿائين.
ڍور چاريندي اچي ويو، اوچتو مونکي خيال،
علم ري انسان کي ڪجهه ناهي، عزت احترام،
علم ري انسان جو، حيوان وانگر حال بد،
وهٽ ڦرجن ۽ ويامن، ٻيءَ نه ڪيان ڪو قيام.

[b]تعليم و تدريس
[/b]پهريائين ٻهڊميءَ جي مدرسي ۾ حافظ حاجي عبدالله مينڌري وٽ قرآن شريف پڙهيو ۽ انهيءَ کان پوءِ ڀڳڙاميمڻ، تعلقي بدين ۾ مولوي محمد هاشم ڪڇيءَ وٽ فارسيءَ جي تعليم ورتائون. تنهن کان پوءِ ٽوها، بدين، سجاول، گهڙو ۽ نانگو شاهه جي مدرسن ۾ پڻ عربي، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم پرايائين. تنهن کان سواءِ شاهه قادريءَ جي درگاهه تي مولوي محمد اڪرم وٽ پڻ ڳچ ڏينهن پڙهيو ۽ عربي ادب جو مطالعو ڪيائين. سندس دستاربندي گهڙو ڳوٺ ۾ ٿي، جتي مولوي خير محمد مگسي علم جي فيض کي جاري رکيو پي آيو.
مولوي احمد ملاح تعليم ختم ڪري، پنهنجي ڳوٺ ڪنڊي ۾ موٽي آيو. گولي منڌري جي ڳوٺ ۾ مڪتب ۾ استاد مقرر ٿيو. اُتان پوءِ ”لاکو پير“ ڪنڊو ۽ ٻهڊميءَ ۾ عربي فارسي ۽ سنڌي جي تعليم ڏيندو رهيو. آخر بدين ۾ ”مدرسھ مظهرالعلوم“ جي بنياد وڌائين ۽ ان جو منتظم ٿي رهيو. ان سان گڏ معلمي جا فرائض پڻ سرانجام ڏيندو رهيو.
1942ع ۾ وهابي ۽ سني جماعتن جي وچ ۾ مناظرا ٿيڻ لڳا، تنهن ڪري درگاهه شاهه قادري جي سجاده نشين پير عالي شاهه کي مدرسي جو ڪنجيون ڏيئي پاڻ هليو ويو. جيتوڻيڪ مولوي صاحب جي دلي همدردي وهابين سان هئي، پر بحثن ۾ حصو وٺڻ نقصانڪار سمجهيائين، پنهنجي مذهبي عقيدي بابت. کانئس سوال پڇندڙن کي هيئن جواب ڏنو اٿائين:
احد ۽ احمد سان آرام مون،
مڃو دل منجهان دين اسلام مون،
گلن مثل گفتا، ڪندو گام مون،
پروڙج پڙهي پر، پڇين نام مون،
ته الحمد مان ڪڍ اکر لام مون،
ڀلا ڪر ڀلو، دين اسلام جو.
بعد ۾ مولوي صاحب ”مدرسي مظهر العلوم“ کي ڇڏي ، غريب آباد بدين ۾ زمين جو ٽڪر وٺي پهريائين مدرسي جو بنياد رکيائين ۽ سال ٻن کان پوءِ مسجد جوڙايائين. اهو مدرسو ۽ مسجد اڄ به ”مولوي احمد ملاح“ جي نالي سان قائم آهي.
انهي مدرسي ۽ مسجد قائم ڪرڻ جو سبب اهو هو ته انهي وقت لاڙ جي علائقي ۾ مذهبي مناظرا زورن تي هئا، پر مولوي صاحب شروع کان ئي اجاين بحثن مباحثن کان پري رهندو هو. ڇاڪاڻ ته سندس نظر ۾ انهن بحثن مان ڪو فائدو ٿيڻ ۽ سٺو نتيجو نڪرڻ جو امڪان نه هو. پاڻ سڄي عمر انهيءَ تعميري نقطه نظر تي قائم رهيا ۽ پاڻ کي غير ضروري مذهبي بحثن ۽ مناظرن ۾ نه اُلجهايائون.
”مولوي صاحب فارسي، عربي، اردو، سرائيڪي ۽ سنڌيءَ ۾ مهارت رکندو هو. سنڌي ۾ هڪ بهترين شاعر هو. سندس سنڌي شاعري ٻوليءَ، لغت جي ڄاڻ ۽ ٻين انيڪ خوبين سان ڀريل آهي.“

[b]سياست[/b]
درس و تدريس، شعر و شاعري ۽ تصنيف تاليف کان سواءِ مولوي صاحب سياست ۾ پڻ حصو وٺندو هو. پهرين مهاڀاري جنگ سبب جڏهن ترڪن تي ظلم و جبر جا پهاڙ ڪيرايا ويا، تڏهن برصغير ۾ ترڪن ۽ خليفي جي حمايت ۾ ”تحريڪ خلافت“ شروع ٿي. مولوي احمد ملاح ”خلافت تحريڪ“ توڙي قطع تعلقات تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پنهنجن جوشيلن شعرن سبب انگريزن خلاف نفرت جي باهه ٻارڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. سندس انهيءَ دور جو شعر غيرت، حيرت ۽ جذبي جهاد سان سرشار آهي.
مولوي صاحب جي جوشيلن شعرن ۽ باغيانه خيالن جي پرچار جي سلسلي ۾ انگريز سرڪار کيس جيل ۾ وجهي ڇڏيو، جيل موڪلڻ کان اڳ مٿس هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ مٿس ڪوڙا شاهد بيهاري کيس سزا ٻڌائي ويئي. قيد ۾ به کيس ڪافي تڪليفون ڏنيون ويون، انهيءَ قيد خاني ۾ ٿيل سلوڪ جو پڻ هڪ شعر ۾ مختصر ذڪر ڪيو اٿس.
سخائون وٺ ڪري سرڪار، سياسي لوڪ سان سگهڙي،
متان تنهنجو مسافر، منهن نه ٿئي هن ملڪ ڏي موٽي!
اڙي قرآن تان قيدي ٿيل، ڪهڙا ڪرين ٿو غم،
سگهي پاپن سبب پٽبي، انهن ڄامن جي ڄاموٽي.
مولوي احمد ملاح، مير غلام علي خان ٽالپور جو دوست هو ۽ چونڊن جي زماني ۾ مولوي صاحب جي مدد لاءِ هرڪو اُميدوار ڪوشش ڪندو هو.

[b]لنواريءَ وارو فتنو
[/b]لنواري شريف ۾ خواجه زمان جا درگاهه آهي، جتي چون ٿا ته نقلي حج ٿيندو هو. مولوي احمد ملاح انهيءَ بدعت جي خاتمي لاءِ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ 1938 ع ۾ مولوي عبدالرحيم پڇمي، مولوي خير محمد نظاماڻي، مولانا عبدالحق رباني ۽ ٻين هزارين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ ٻيو ڀيرو جيل ويو. نيٺ سرڪار انهيءَ تحريڪ کان مجبور ٿي 6 ذوالحج کان 13 ذوالحج تائين لنواري شريف جي پنجن ميلن جي دائري اندر 144 قلم لڳائي، هر قسم جي ميڙ، گڏجاڻي ۽جلسي جلوس تي پابندي لڳائي ڇڏي. مولوي صاحب انهيءَ تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ هو ۽ پنهنجي شعرن ذريعي انهيءَ بدعت جي خاتمي لاءِ خوب پرچار پڻ ڪيائين.
مولوي صاحب جي انهيءَ پرچار ايترو ته اثر ڪيو، جو اُن وقت سنڌ جو ڪهنه مشق صحافي م-ع-ڏيپلائي پڻ کانئس گهڻو متاثر ٿيو ۽ مولوي صاحب جو هڪ ڪتاب ”هيڪڙائي حق“ ’اداره اسلاميھ الاشاعت حيدرآباد‘ مان هڪٻئي پويان ٻه ڀيرا ڇاپي پڌرو ڪيو. ڏيپلائي صاحب ڪتاب جي تعارف ۾ لکي ٿو:
”هن ڪتاب ۾ اهڙا ڪلام گڏ ڪيل آهن، جي مسلمانن کي پيري مريديءَ جي چڪر مان ڪڍي توحيد جي رستي تي لڳائن ٿا ۽ سندن دلين ۾ حق تعالى جي هيڪڙائي جو يقين نقش ڪن ٿا.“

[b]سڀاءُ ۽ سيرت
[/b]مولوي احمد ملاح سادو سودو ۽ سٻاجهو انسان هو. قدرت طرفان اعلى ظرفي ۽ بلند حوصلو ورثي ۾ مليو هئس. هو دوستن جو دوست ۽ يارن جو يار هو. وڏو عالم ۽ بي نظير شاعر هو. توحيد جو مبلغ بنجي حياتي گذاريائين. درگاهن تي ٿيندڙ مشرڪانه ريتن ۽ رسمن جي خلاف جهاد ڪيائين، جنهن ڪري پيرن ۽ مرشدن جو طبقو سندس دشمن بنجي پيو ۽ گهڻيون ئي تڪليفون سٺائين. قدرت پاران کيس نهايت حساس دل ملي هئي، جنهن ڪري ڪنهن تي به ٿيندڙ ظلم ۽ واقعي تي شعر سندس اندر مان اُڀري ايندو هو. سندس اهڙا واقعاتي ۽ تاريخي شعر پڻ تمام گهڻا آهن. جن ۾ ويهين صديءَ جي ثقافت. تاريخ، سماجي توڙي مذهبي قدرن جو ڪافي ذخيرو گڏ ٿيل آهي.

[b]تصنيف ۽ تاليف
[/b]مولوي احمد ملاح ٻين معرڪن کان سواءِ تصنيف، تاليف ۽ ترجمي جي ڪم ۾ پڻ چاهه وٺندو هو. نثر ۽ نظم ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن. انهن مان ڪي ڪتاب هي آهن. (1) معرفت الاالله، (2) گلزار احمد، (3) گلشن احمد، (4) هيڪڙائي حق، (5) فتح لنواري، (6)شرڪ چٽ، (7)بياض احمد، (8)پيغام احمد، (9)ديوان احمد ۽ (10)نورالقرآن.
پويون ڪتاب قرآن پاڪ جو منظوم سنڌي ترجمو آهي.

[b]قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو نورالقرآن
[/b]مولوي احمد ملاح جو سڀ کان وڏو ڪارنامو خداجي ڪلام ”قرآن پاڪ“ جو سنڌي بيتن ۾ ترجمو آهي. اهو ترجمو پاڪ انتهائي باريڪ بيني، عرق ريزيءَ ۽ محنت سان ڪيائين. اهو ساهه سڌير، دلپذير ۽ عظيم ڪم پاڻ پنهنجي پوئين عمر ۾ ۽ ڏهه سال رات ڏينهن جي محنت بعد پورو ڪيائين، جنهن جو ذڪر پنهنجي منظوم سوانح عمريءَ ۾ هيئن ڪيو اٿس:
پنجونجاهه کان پوءِ پيم پهه ترجمي سنڌيءَ سندو
عمر پوري پنجهٺ ۾ ترجمو ٿيڙو تمام.
سندس قرآن پاڪ جو اهو دلپذير ترجمو هڪ اهم ڪارنامون آهي. تاريخي روايت آهي ته قرآن پاڪ جو دنيا ۾ پهريون ترجمون 270هه (883ع ۾) ”سنڌيءَ ٻولي“ ۾ ٿيو هو ۽ اها به حقيقت آهي ته قرآن پاڪ جو پهريون منظوم ترجمو به سنڌيءَ ۾ ٿيو آهي.
هيٺ سندس انهي ترجمي مان نموني طور ڪن سورتن جو اصل قرآن سميت ترجمو درج ڪجي ٿو:
سورة الاخلاص
بسم الله
قُل هُوَ اللهُ اَحَدۡ اَللهُ الۡصَّمَدۡ
لَمۡ يَلِدۡ وَلَمۡ يُوۡلَدۡ وَلَمۡ يَکُنۡ لَهُ کُفۡواً اَحَدۡ.

ترجمو
اول نام الله جو، برڪت بيشمار،
سو ڏيهن ڏاتار، سو سٻاجهو سڀين پرين،
چئبو آهي، حق اهو، ته الله آهي هيڪڙو،
الله بي احتياج سو، نه ڪنهن سان سڱ سهو،
نه ڄائين، نه ڄائو ڪونهيس ڪيڙ ڪهو،
جنهن جيڏو، جنهن جهِو، هر گز ناهي هيڪڙو.

سورة الفلق
ٻول، ته ٻيلي ٿو وٺان، صبح جو سائين،
ڪنان خرابي خلق جي، جيڪي جوڙيائين،
پڻ رولاڪن کان رات جي، جڏهن ڇمن تي ڇائين،
ڳنڍيون ڦوڪيندڙن جي، سوڻيان سدائين،
۽ جڏهن بُڇان ڀائين، تنهن بڇڙي جي به بُڇان کان.

سورة لهب
هٿ ٻيئ ابو لهب جا، چُڪن، به چُڪي پاڻ،
جو ميڙيائين، ڪِ مال سندس. ڪجهه نه ڇڏايس ڪاڻ،
اُلون واري آڳ ۾، آيو رهيو ڄاڻ،
۽ پڻ عورت اُن جي، قابو ڪاٺين ساڻ،
اٿس اُت اهڃان، ڪنڌ ۾ رسو ڪاٻاڙ جو.


[b]وفات[/b]
آخري عمر ۾ مولوي صاحب گهڻو ڪري بيمار گذاريندو هو ۽ پڇاڙيءَ جا ٻه سال صاحب فراش رهيو ۽ بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ بيماريءَ سان منهن ڏيندي 19جولاءِ 1969ع تي وفات ڪيائين. وفات وقت سندس عمر لڳ ڀڳ سئو سالن جي هئي. مولوي احمد ملاح جي شخصيت ۽ ڪم تي تاج جويي هڪ ڪتاب ”موحد شاعر“ ترتيب ڏنو، جيڪو ماڻڪ موتي تنظيم پاران ڇپايو ويو آهي.
آڻ ”احمد“ چئي وري، آگا! وطن ۾ او عجيب،
جيءَ ڇڄي ساجن سونهارا،دوست ٻئي ڪنهن ديس ويا.