شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

عبدالحق عالماڻي

جديد سنڌي ڪهاڻي جوسفر، جيڪو نادر بيگ مرزا کان شروع ٿيو. اهوسفر اڃا به جاري آهي ۽ ڪجهه لوڏن ۽ لمن جي باوجود به ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو پيو وڃي.
سنڌي ڪهاڻي جي حوالي سان مرحوم عبدالحق عالماڻي جو نالو به اهم حيثيت والاري ٿو، عالماڻي،علي بابا، ماڻڪ، مشتاق شوري،شوڪت شوري ۽ مدد علي سنڌي جوهمعصر ڪهاڻيڪار هو، پر موت اسان کان عالماڻي جلد کسي ورتو ۽ سنڌي ٻولي کي عالماڻي جي قلم مان وڌيڪ ڪهاڻيون ملي نه سگهيون.

سوانح
عبدالحق عالماڻي، 1 جنوري 1941ع تي ڳوٺ حسين خان عالماڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ ئي ورتائين. مائٽن جي اڍنگي رويي هجڻ جي باوجود ٽلڪي ٽلڪي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين ۽ مسلم ڪاليج ۾ استاد جي حيثيت سان مقرر ٿيو.
عالماڻي 1965ع ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. ان وقت سنڌ ۾ ون يونٽ کي ٽوڙائڻ ۽ سنڌي زبان کي قومي زبان بنائڻ واري هلچل زورن تي هئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا سڀئي اديب ۽ شاعر ڪنهن نه ڪنهن نموني سياست ۾ حصو وٺي رهيا هئا. انهيءَ هلچل ۾ ٻين رسالن سان گڏ ماهوار ’روح رهاڻ‘ جووڏو حصو هو. روح رهاڻ نون ليکڪن جي هڪ کيپ تيار ڪئي هئي. عالماڻي به روح رهاڻ کان ئي لکڻ جي ابتدا ڪئي.
ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۽ حيدرآباد جي ماحول سبب عبدالحق عالماڻي جي لکڻين ۾ سياست جو عمل دخل وڌيڪ رهيو ۽ هن پنهنجي اڳيان لکڻ جو مقصد سنڌ ئي رکيو هو. ان ڪري هن جي ڪهاڻين ۾ رومانسزم جو عنصر به شامل ٿي ويو هو، هن جي ڪهاڻين جا گهڻا ڪردار ٻين سمورين ڳالهين ۽ لڳ لاڳاپن کي ٽوڙي، سنڌ جي لاءِ قرباني ڏيڻ جي لاءِ نڪري آيا هئا. ڪي ڳوٺن مان شهرن ۾ اچي جلسن، جلوسن ۾ شريڪ ٿي رهيا هئا ته ڪي شهر ڇڏي سنڌ جي ٻيلن ۾ گوربلا ٿي رهڻ لڳا هئا.
عالماڻي جي ڪهاڻين ۾ سنڌي شاگرد جوڌا ۽ سورما هئا ۽ سنڌ کانسواءِ ٻي ڪا وائي هنن جي وات نه هئي. ون يونٽ ٽٽڻ تائين سنڌي ادب تي گهڻي ڀاڱي اها ئي لهر ڇانيل رهي.
انهيءَ سلسلي ۾،عالماڻي جي هڪ ڪهاڻي ”سوريءَ جنين سيج“ جو مرڪزي ڪردار جمال چوي ٿو. ”هيءُ هلچل منهنجي خوابن جي تعبير آهي، اهي خواب مون ڳوٺ جي ننڍڙي اسڪول ۾ ڦرهي پڙهندي ڏٺا هئا. مون کي ياد آهي. جڏهن اسڪول جي ڀت تي لڳل هن نقشي کي ڏسندوهوس ته ائين لڳندو هوم، ڄڻ سنڌو ڪنهن سهاڳڻ جي سينڌ وانگر خوشحالي جو روپ وٺي نڪتي آهي،پر اڄ اها سڀاڳي ٻاجهه جي ديوي مٿي ۾ واريءَ جاٻُڪ وجهيو پئي ماتم ڪري. سندس وارث مري ويا آهن. ڌارين جا سُڪل ٻوٿ سندس رت پَت چوسي ويا آهن.هوءَ ته هاڻي صدين جا پُور به وڃائي ويٺي آهي. پنهنجن جي ڪيل گهاون جا سور ويٺي سهي“.
عبدالحق عالماڻي هڪ قومپرست ليکڪ هو. سندس خيالن جو ڪعبو سنڌ هئي. سندس پيار سان ٻڏل نگاهن جو مرڪز ڌرتي ماتا ئي هئي.
عالماڻي جي حياتي ڏکن سورن عذابن ۾ اسري ۽ نسري، هو اڃا اڻ سمجهه ٻارڙو هو، جو قسمت هن کان پيءُ جي پيار جو ڇانورو کسي ورتو ۽ کيس يتيمي جي نٽهڻ اُس ۾ کڻي اڇليو. هن وٽ پوڙهي ماءُ کانسواءِ ٻيو ڪوبه اهڙو سهارو نه هو،جيڪو سندس ڳوڙها اگهي. ائين عالماڻي جي ننڍپڻ بي سهارا گذريو،جن جو عڪس ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس ڪهاڻين ۾ نمايان نظر ايندو.
سنڌ جون سياسي حالتون ۽ ٻهراڙي جي ڇوڪرن جو شهرن ۾ رهڻ به اهڙا موضوع هئا. جن تي عالماڻي گهڻو سوچيندو ۽ لکندو هو. چوٿين مارچ واري تحريڪ کانپوءِ هن جون سنڌ جي نئين نسل ۾ وڏيون اميدون هيون. هن کي پڪ هئي ته ”هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو جڏهن هن سرزمين جا پيڙهيل ۽ نپوڙيل انسان جلهه ڪري هن ڌرتي جي پاتار ۾ پيٺل نيئر ٽوڙي نڪرندا.“ عالماڻي اهي خواب ڏسندو هو ته ڌرتي جون ڌيئرون پنهنجي ٻچڙن جو دان ڏينديون، ننڍا نيٽا، جواڻ جماڻ سرجي سئن هڻي نڪرندا.
پر اڳتي هلي، زندگيءَ جي آخري سالن ۾ عالماڻي سنڌ جي نوجوانن جي ڪريل حالت ڏسي مايوس ٿي ويو هو. دانشورن ۽ شاگردن ۾ وڌندڙ لالچ ۽ مفاد پرستي سڄي تحريڪ کي ختم ڪري ڇڏيو. هر ڪنهن جا اگهه هئا. انهن سمورين ڳالهين هوندي به عالماڻي جي لکڻيءَ ۾ مايوسي ۽ فرسٽريشن نه آئي. هن کي ادب ۾ داخليت واري ڳالهه نٿي آئڙي، جيتوڻيڪ سندس ٻيا هعصر ڪهاڻيڪار مشتاق شورو، شوڪت شورو، مدد علي سنڌي، ماڻڪ ۽ ڪجهه ٻيا ادب ۾ داخليت پسندي جا وڏا وڪيل ۽ پرچارڪ هئا.
اڳتي هلي سندس ڪهاڻين جا موضوع بدلجي ويا ۽ اهي محدود قومپرستي واري دائري ۾ محدود هئڻ جي بدران وسيع ٿي ويا هئا. هن جي ڪهاڻين ۾ هاڻ مثالي ڪردارن جي بدران عام ماڻهو ۽ انهن جي روزاني زندگي اچڻ لڳي ۽ عالماڻي پنهنجي اندر جي سڄي پيڙا ۽ آنڌ مانڌ کي پنهنجي ڪهاڻين اوتي وڌو.
عبدالحق عالماڻي ڦوهه جوانيءَ ۾ 24اپريل 1975ع تي ڪينسر وگهي وفات ڪئي. سندس لکيل ڪهاڻيون ”روح رهاڻ“ ۽ ٻين رسالن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون آهن، جن کي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، جيئن عالماڻي جون ڪهاڻيون نئين نسل لاءِ انهن جي تخليقي جوهر ۾ نڪري نروار ٿين.
ڪهاڻين کانسواءِ عالماڻي هڪ ناول ”هي جيون،هي سپنا“ به لکيو، جيڪو بهرحال اڻ ڇپيل ئي رهجي ويو.
عالماڻيءَ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ”ڪارو ڪارونڀار“ ڇپيل آهي، جيڪو سندس وفات کانپوءِ.چونڊ ڇهه ڪهاڻيون گڏ ڪري، جولاءِ 1976ع ۾ سندس پهرين ورسي جي موقعي تي سنڌي اڪيڊمي پاران شايع ڪرايو ويو، جيڪو سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ اهم حيثيت والاري ٿو .