شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

يـوسـف سـنـڌي (ليکڪ جو پروفائيل)

 نالو : محمد يوسف ميمڻ
 ادبي نالو : يوسف سنڌي
 والد جو نالو : محمد هاشم ميمڻ
 جنم جو هنڌ ۽ تاريخ : پهرين آڪٽوبر 1964ع، دڙو، ضلع ٺٽو.

تعليم:
 پرائمري گورنمينٽ پرائمري اسڪول، دڙو.
 سيڪنڊري گورنمينٽ هاءِ اسڪول، دڙو.
 انٽرميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، سجاول.
 بي ـ اي، بي ـ ايڊ، ايم ـ اي (پوليٽيڪل سائنس)، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.

ادب ۾ آمد:
 لڳ ڀڳ 80/1979ع (ٻاراڻي ادب کان).

سڃاڻپ:
 ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مترجم، پبلشر.

پهرين ڪهاڻي:
 ماهوار ”گل ڦل“ ۾ ”عظيم سوکڙي“ جي نالي سان 1979ع ۾ ڇپي.

مختلف جاري ڪيل پبليڪيشنس:
 1982ع ۾ مئٽرڪ ۾ پڙهڻ جي دوران ”هم ڪلاسي“ دوستن سان ”هوشو پبليڪيشن“ قائم ڪري ٻارن جو هڪ ڪتاب ”هوشوءَ سنڌي هامَ“ مرتب ڪري شايع ڪيو.
 1984ع ۾ ڪجهه دوستن مرحوم حاجي خان تبسم، مرحوم حاجي موسيٰ مشڪور ۽ مرحوم عبدالغني ميمڻ سان گڏجي ”شيرازي پبليڪيشن“ قائم ڪري ”جي هانءُ نه هارين“ جي نالي سان ڪتاب شايع ڪيو.
 1988ع ۾ ”آزاد شاهين“ جي فرضي نالي سان ”سنڌ فورم“ نالي هڪ پرچو شايع ڪيو.
 1991ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت ـ دڙو“ پاران ڪتابي سلسلي جا ٻه ڪتاب ”تون تون مان مان“ ۽ ”امن جي تلاش“ شايع ڪيا.
 ”سنجها“ نالي ادبي مخزن جاري ڪيل. جنهن جا مختلف وقتن تي چار پرچا شايع ڪيا.

ڊرامه نويسي:
 هڪ سولو پلي ”سونهن وڃايم سومرا“ جي نالي سان KTN تان ٽيلي ڪاسٽ ٿيل.

صحافتي تجربو:
 روزانه هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ”ڏات“ جو انچارج ، (3 جولاءِ 2002 کان 14 سيپٽمبر 2004ع تائين).
 روزانه هلال پاڪستان جي عورتن جي صفحي ”سگهڙين سٿ“ جو انچارج ، 4-2003ع.

ايڊيٽر طور خدمتون:
 ماهوار ادب جا ٻه پرچا خاص نمبر (مارچ 1996ع) ۽ الهداد ٻوهيو نمبر (آڪٽوبر 1997ع) مهمان ايڊيٽر طور مرتب ڪيا.
 عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ماهوار رسالي ”هزار داستان“ جو پهرين سب ايڊيٽر، پوءِ ايڊيٽر، 92/1990.
 هفتيوار ”برسات“ ڪراچي (سب ايڊيٽر 1984ع).
 روزاني سنڌو (انچارج ايڊيٽوريل صفحو، 1991ع).
 ميمبر ايڊيٽوريل بورڊ عبرت مئگزين، 91-1990ع
 سنڌي ادبي سنگت جي ترجمان پرچي ”سنگت“ جو ايڊيٽر، (2006ع کان جاري).

تنظيمي وابستگي ۽ ذميواريون:
 سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت، سنڌ (27 اپريل 2008ع کان 11 جولاءِ 2010ع تائين).
 سنڌي ادبي سنگت دڙو جو سيڪريٽري ڪيترائي ڀيرا.
 سنڌي ادبي سنگت ضلع ٺٽي جو رابطا سيڪريٽري 1991ع
 سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي آئين ڪميٽيءَ جو ميمبر 1996ع
 سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي چونڊ ڪميٽيءَ جو ميمبر 1996ع
 سنگت پبليڪيشن جي چئن پرچن ۾ اعزازي صلاحڪار 90/1988
(اها پبليڪيشن محترم غلام حسين رنگريز جي دور ۾ قائم ڪئي ويئي، جنهن پاران پبليڪيشن جا چار پرچا شايع ڪيا ويا).
 اسٿان لطيف سماجي تنظيم (الست) جو فائونڊر ميمبر
 پيغام ڊويلپمينٽ سوسائٽي جو فائونڊر صدر.

پبلشنگ:
 سچائي اشاعت گهر دڙو جو بنياد رکي، ان پاران هيستائين مختلف موضوعن تي 100 کان به وڌيڪ ڪتاب شايع ڪيا آهن.
 سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي اشاعتي شعبي جي انچارج جي حيثيت سان 30 ڪتاب شايع ڪرايا، (2006ع کان 2010ع تائين).

ڇپيل ڪتابن جو وچور:
اصلوڪا:
1. اونداهيءَ ۾ سوجهرو (خاڪا ۽ مضمون) 2002ع
2. نجم عباسي: فن ۽ شخصيت (سوانح) 2002ع
3. پسي تنهنجي تجلي (سوانح) 2003ع
4. سنڌي ادب جا سرچشما (ادبي تاريخ) 2004ع
5. تو ڇو پيار ڪيو؟ (ناول) 2007ع
6. حياتيءَ جي ڦاٽل ورقن جون ڪٿائون، (ڪهاڻيون) 2005ع
(ذوالفقار ڪانڌڙو، اصغر گگو، رشيد آزاد ۽ موٽو مل ڪنول ڪوهستانيءَ سان گڏ ڇپيل).
7. سدائين سفر ۾ (سفري ياد گيريون) 2009ع
8. شهيد جي ماءُ (ٻارن لاءِ اصلوڪيون ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻيون) 1990ع
9. سنڌي ادبي سنگت هڪ جائزو 2006ع
10. نه وڃڻ جو پڇتاءُ (ڪهاڻيون) نئون نياپو اڪيڊمي، ڪراچي، 2011ع.
11. سنڌي ادب سچائي اشاعت گهر دڙو 2011ع

ترجمو (ڇپيل):
12. محمد رسول الله * سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي. 2006ع
13. بک، عشق ۽ آزادي (پرڏيهي ڪهاڻيون)، (ٻيو ڇاپو، ”ڌرتيءَ جو قرض“ جي نالي سان 1990ع ۾ ڇپيل. پهريون ڇاپو 1986ع).
14. منهنجي زندگي ۽ جدوجهد (خان عبدالغفار خان جي آتم ڪهاڻي جي تلخيص ۽ ترجمو، 1987ع).
15. چي گويرا جي ڊائري ـ ٻه ڇاپا (پهريون ڇاپو 1987ع ۽ ٻيو ڇاپو 2004ع).
16. جنين لوهه لڱن ۾ (علي هينري جي جيل ڊائري) 1990ع
17. سدا سرها گل (پرڏيهي اديبن جي سوانح) 1991ع
18. ڏوهاري (خليل جبران جون ڪهاڻيون) چار ڇاپا
19. بغاوت (خليل جبران جو ناول ) چار ڇاپا
20. سنڌ پاڪستان کان پوءِ (پروفيسر عزيز الدين احمد جي ڪتاب جي ٻن بابن جو ترجمو، 4 ڇاپا، پهريون ڇاپو 1987ع، چوٿون ڇاپو ”سنڌ سان ڇا ٿيو؟“ جي نالي سان 2010ع ۾ شايع ٿيو.).
21. سنڌ ۾ قومي مسئلي جو اقتصادي جائزو (روسي ليکڪ تروتينڪو جي طويل مضمون جو ترجمو، ڪتابڙو) 1990ع
22. ڏونگر ڏک ڏٺام (اوريانا فلاسي پاران ورتل بشپ ڊوم هلڊر ڪيمارا جي انٽرويو جو ترجمو، ڪتابڙو)، 1988ع
23. بُک (نٽ همسن جي ناول جو ترجمو)، 1998ع
24. نيلسن منڊيلا جي ڪهاڻي (پهريون ڇاپو 1999، ٻيو ڇاپو، ”آزاديءَ جو ڊگهو سفر“ جي نالي سان ڇپيو،) 2010ع
25. ڀورو بگهڙ (ڪمال اتا ترڪ جي سوانح)
26. ويٽنام مان فرار (نصير ميمڻ سان گڏ ترجمو ڪيل ڪهاڻيون، عبرت گروپ آف پبليڪيشن، حيدرآباد). 1996ع
27. گني بسائو ڪيئن آزاد ٿيو؟ 1989ع
28. اسامه بن لادن جي پُر اسرار دنيا (نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد). 2004ع
29. قديم يونان جون ديون ۽ ديوتا، سنڌ بوڪ ڪلب، نوابشاهه 2000ع
30. ڏيئو ۽ درياءَ (ناول) سچائي اشاعت گهر ـ دڙو 2011ع
31. انقلابيءَ جو موت (ناول) سچائي اشاعت گهر ـ دڙو، 2011ع
32. گولڊ فنگر (ناول) سچائي اشاعت گهر ـ دڙو 2011ع
33. هڪ سئو تاريخ ساز شخصيتون، (مائيڪل هارٽ جي ڪتاب جو ترجمو) 2010ع
34. زندگيءَ جا گم ٿيل ڏينهن روشني پبليڪيشن 2011ع
(ملڪه اوفڪر جي آتم ڪهاڻي)
35. سنڌ صوبائي خود مختياري جو مسئلو، 2011ع
36. ادب، اديب ۽ ڪتابَ 2011ع
37. هيوگو شاويز: نئون دور، نئون نياپو 2011ع
38. خدا جي تاريخ (ڪيرن آرمسٽرانگ جي ڪتاب جو ترجمو) 2011ع
39. اهو سچ آهي ته (اوشو جي آتم ڪهاڻي) 2011ع
40. لينن جي مختصر ڪهاڻي 2011ع

ترتيب ۽ تاليف:
41. چيني انقلاب جون ڪهاڻيون (چيني ڪهاڻين جي سهيڙ، سچائي اشاعت گهر ـ 1987ع).
42. جيڪي منجهه جهان (پهريون ڇاپو 1987ع، باقي ٻه ڇاپا واڌاري سان ڇو، ڇا، ڪيئن ۽ ڪڏهن؟ جي نالي سان 2003 ۽ 2006ع ۾ ڇپيل).
43. جبل مٿي باهڙي (نجم عباسي جي يوسف سنڌي ڏانهن لکيل خطن جي سهيڙ، 1993ع).
44. مذهب، ادب ۽ سنڌ (نجم عباسي جي مضمونن جي سهيڙ، نئون نياپو، اڪيڊمي، ڪراچي. 2006ع).
45. دل وارن جي دنيا، (نجم عباسي جي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي سهيڙ(، 2009ع
46. واٽ ويندي ، (روزاني عبرت ۾ نور عباسي جي ڪالمن ۽ ڪهاڻي ڪتاب ”چمڙي جا واپاري“ جي سهيڙ، عبرت گروپ آف پبليڪيشن)، 1996ع
47. پوپٽ جهڙو پيار، (سنگت پبليڪيشن جي ستن پرچن ۾ ڇپيل ڪهاڻين جي سهيڙ)، 2007ع
48. اسين مسافر ، (ارشاد ساگر جي شعري مجموعي جي سهيڙ(، 2010ع
49. بينظير ڀٽو: آخري ستر ڏينهن ، لبيڪ پبلشرز 2008ع
50. سنڌ ساري ويئي ٻُڏي سچائي اشاعت گهر، دڙو. 2010ع
51. سوڀو گيانچنداڻي: سنڌ جو ڪوهِه نور هيرو ـ سچائي اشاعت گهر، دڙو. 2011ع

اردوءَ ۾ ترجمو:
52. نوحه گر
(يوسف سنڌي جي طبعزاد ڪهاڻين جو اردو ترجمو، جيڪو ننگر چنا ڪيو). فونيڪس پبلشرز، ڪراچي. 2009ع

مختلف رسالن ۾ ڇپيل ڪتاب:
 ورهاڱو ايڪسپريس، (خشونت سنگهه جي ناول ”ٽرين ٽو پاڪستان“ جو ترجمو. ماهوار ڪرزما جي آگسٽ 2005ع پرچي ۾ ڇپيو).
 ابراهام لنڪن: جهوپڙي کان صدارت تائين، (ماهوار ڪرزما جي نومبر 2005ع پرچي ۾ ڇپيو).
 پنجر، (امرتا پريتم جو ناول ماهوار ڪرزما جي آڪٽوبر 2005ع پرچي ۾ ڇپيو).
 معصوم اريندرا، (گارشيا مارڪيز جي ناولٽ جو ترجمو، ماهوار ڪرزما جي فيبروري 2006ع پرچي ۾ ڇپيو).
 هڪ گڏهه جي ڪهاڻي، (ڪرشنچندر جو ناول، ماهوار ڪرزما جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر 2006ع جي پرچن ۾ ڇپيو).
 اونداهيءَ کان روشنيءَ جو سفر، (هيلن ڪيلر جي آتم ڪهاڻي، هلال پاڪستان جي سگهڙين سٿ صفحي ۾ 4-2003ع ۾ قسطوار ڇپي).

رابطي لاءِ:

يوسف سنڌي
موبائل: 0301-3640468