غلام محمد گرامي
سوانح
غلام محمد گرامي ولد جاڙيو خان بلوچ، ميهڙ ضلع دادو ۾ 30 سيپٽمبر 1920ع تي جنم ورتو. شروعات ۾ مدرسن ۾ پڙهيو، پر گهڻو ڪجهه ذاتي مطالعي، تجسس، عالمن،اديبن ۽ بزرگن جي صحبت مان حاصل ڪيائين. پاڻ 1943ع ۾ حيدرآباد آيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ حيدرآباد ۾ رهي پيو. پهريائين سيد علي اڪبر شاهه ميهڙ واري جي تحريڪ تي ”جامع عريبيھ“ ۾ استاد ٿي رهيو. ان کانپوءِ 1951ع کان 1953ع تائين ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد ۾ فارسيءَ جو استاد ٿي رهيو.
صحافت
پاڻ صحافت جي شروعات 1943ع کان ڪيائين، ڪيترن ئي رسالن جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جهڙوڪ: ”شاعر“ الزمان“، ”پاسبان“ هالا،”آفتاب“ ڪراچي، ”عرفان لطيف“ حيدرآباد، ”ترجمان“ ميرپورخاص،ڪن اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون به لکيائين. جهڙوڪ: هلال پاڪستان حيدرآباد، عبرت حيدرآباد، وغيره.پاڻ 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيو. ۽ رسالي ”مهراڻ“ جو مئنيجنگ ايڊيٽر ٿيو ۽ 1958ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ”سھ ماهي مهراڻ“ جو ايڊيٽر رهيو. پاڻ سڄي عمر ادب ۽ صحافت سان لاڳاپيل رهيو ۽ پنهنجي قلم جا جوهر ڏيکاريندو رهيو. حقيقت ۾ جتي پاڻ ”مهراڻ“ رسالي کي پنهنجي قلم جي جوهر وسيلي اهم ادبي ۽ تحقيقي پرچو بنائي ڇڏيائين، اتي مهراڻ ۽ گرامي لازم ۽ ملزوم هئا.
گرامي صاحب انيڪ خوبين جو مالڪ هو. هو عالم به هو ته دانشور به هو. شاعر به هو ته اديب به هو، صحافي هو ته نقاد پڻ هو. اسلامي تصوف جو ڄاڻو هئڻ سان گڏ مغربي ۽ مشرقي فڪر ۽ فلسفي جو اڀياس ڪندڙ پڻ هو. قديم علمن ۽فنن سان دلي لڳاءُ هئڻ سان گڏ، جديد رجحانن سان به ميل جول رکندڙ هو. هن نه رڳو قديم روايتن کان منهن نه موڙيو، پر جديد رجحانن سان پڻ نباهيائين، هن وٽ قدامت پسندي ۽ روايت پسندي به هئي ته نون لاڙن ۽ قدرن جو کليءَ دل سان آڌرڀاءُ به هو. وٽس قديم ۽ جديد جو سهڻو امتزاج نظم اچي ٿو.
گرامي صاحب جدت پسند طبيعت جو مالڪ هو ۽ جدت پسند ۽ ترقي پسند لاڙن کي ترجيح ڏيندو هو ۽ قديم ادب جو جائزو به جديد رجحانن جي روشنيءَ ۾ وٺندو هو. سندس ڊگهو مقالو ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“ جيڪو پهرين ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو ۽ پوءِ ڌار ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو. جنهن انهيءَ دور ۾ رجعت پسند طبقي ۾ وڏو ٻڙدڪ مچايو، نتيجي ۾ مٿس ڪافي تنقيدون به ڇپيون، پراهو مقالو هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
گرامي صاحب تمام گهڻو لکيو. پاڻ ڪيتريون ئي علمي ۽ ادبي تحريرون،مقالا، تقريرون، گذارشون، تبصرا، تعزيت ناما، ڪتابن جا مقدما ۽ تقريطون وغيره لکيائين. انهيءَ سان گڏ گرامي صاحب هڪ سٺو شاعر پڻ هو. پاڻ غزل ۽ نظم پڻ لکيائين. جدت ۽ انفراديت پسندي سندس شاعريءَ جون خاص خوبيون آهن.
سندس تحريرن جو دفتر ايترو ته ٽڙيل ۽ پکڙيل آهي، جو انهن کي باقاعده سهيڙڻ جي ضرورت آهي. سندس انقلاب آفرين تحريرن سان اختلاف ڪندي نه رڳو ڪتابن جا ڪتاب لکيا ويا، پر کيس فتوائن سان پڻ نوازيو ويو، پر پاڻ پنهنجي نصب العين ۽ فڪر تان تِر جيترو به نه هٽيو. سندس چواڻي:
”مقصد، تحقيق ۽ تصديق جي اهڙي هنڌ تي پهچڻ گهرجي، جتي هماليه هٽي سگهي ته ڀلي هٽي، باقي پنهنجي عقيدي ۾ ڪوبه فرق يا ڦير اچڻ نه گهرجي.“
سنڌي ادب ۾ سندس تحرير ۽ اسلوب جو انداز،پنهنجي حسن ۽ نکار جي ڪري ڌار مقام پيدا ڪيو آهي. ٻيو ته سندس لکڻي جذباتي ۽ لفاظيءَ جي طلسم کان آجي نظر ايندي. پڙهندڙ هڪ معنوي روح محسوس ڪندو، جو لفظن جي حسن ۽ تناسب جي لباس ۾ نظر ايندو.
گرامي صاحب ”مهراڻ“ جي لاءِ گذارشون لکيون آهن. اهي ”ادب عاليھ“ جو هڪ بهترين مثال آهن. گهڻو ڪري علم ۽ فن جي هر مسئلي تي بحث ڪيو اٿس، انداز بيان ۽ اسلوب تحرير اهڙو ته دلپذير، ولوله انگيز ۽ جاذب نظر اٿس، جو افساني ۽ ڊرامي، ناول ۽ ڪهاڻي کان به وڌيڪ دلڪش ۽ روح آفرين ٿو محسوس ٿئي. حقيقت ۾ انهن گذارشن کي ڪتابي صورت ۾ سهيڙڻ جي گهرج آهي.
گرامي صاحب “مهراڻ“ جي ايڊيٽري واري زماني ۾ ”مهراڻ“ جا ڪيترائي اهم نمبر پڻ ڪڍيا، جن ۾ شاعر نمبر 1969ع، سندي تنقيدي جائزي جي لحاظ کان سنڌي تنقيدي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.
گرامي صاحب ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا۽ ترجمو ڪيا. جن ۾ ”تاريخي افسانا ۽ ڊراما“، ”قائداعظم جون تقريرون“، ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر“، ”ويا سي وينجهار“ (جيڪو سندس وفات کان پوءِ سيد بچل شاهه ترتيب ڏنو) ”ديوان بلبل“، ”مسلمان ۽ تعليم“، ”جام جم“، ”مزاحيات“ ۽ اڻ ڳڻيا مقالا ۽ مهراڻ لاءِ لکيل گذارشون اهم آهن. تازو سنڌي ادبي بورڊ پاران سندس گڏيل لکڻين جو پهريون جلد ”گرامي جون لکڻيون“ جي نالي سان شايع ڪيو ويو آهي.
اياز قادري ”سنڌي غزل جي اوسر“ ۾ لکي ٿو:
”گرامي صاحب هڪ سٺي نثر نويس سان گڏ بهترين شاعر پڻ هو. پاڻ شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. پر هو بنيادي طور تي غزل جو شاعر هو. پارسي ديوانن جي ڪثير مطالعي ۽ بزم مشاعرن سان گهري ناتي سبب سندس غزلن تي پراڻو رنگ ڇانيل هو ۽ سندس ٻولي پارسي آميز گلقند هئي، جا ڪڏهن ڪڏهن مشڪل به ٿي ويندي هئي. ڪيترن غزلن ۾ هن نوان ۽ وڻندڙ خيال پڻ پيش ڪيا آهن. غزل ۾ سندس درجو اُستاد وارو هو.“
جناب غلام محمد گرامي 15سيپٽمبر 1976ع تي وفات ڪئي.