عبدالغفار ”تبسم“
سوانح
عبدالغفار ”تبسم“ ولد قادر بخش ڀٽي، 20نومبر 1951ع تي ڳوٺ ميرپور ڀٽو، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم نئين ديري ۽ ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ 1966ع ۾ بي اي آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1972ع ۾، ۽ ايم اي (بين الاقوامي تعلقات) سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾، ٻي پوزيشن حاصل ڪري پاس ڪيائين.
ڪاليج واري دور 1972ع ۾ آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج ۾ اسٽوڊنٽس يونين جو جنرل سيڪريٽري، سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ اسٽوڊنٽس يونين جو ڪلاس نمائندو، سنڌ آزاد ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو عهديدار، گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي تقريري ۽ ادبي سوسائٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ لاڙڪاڻو اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو نائب صدر به ٿي رهيو. هن تقريري مقابلن ۾ ڪيترائي انعام پڻ کنيا. ان کان اڳ 1963ع ۾ الفتح اسٽوڊنٽس فيڊريشن نئون ديرو جو جنرل سيڪريٽري، سنڌ گريجوئٽس ايسوسيئيشن نئون ديرو شاخ جو باني ۽ نئون ديرو ڊراميٽڪ سوسائٽي جو صدر ۽ سرپرست پڻ رهيو. هن پليٽ فارم تان ”شيرين فرهاد“ آغا حشر ڪاشميري جوسنڌي ترجمو ڪيل ڊرامو ”باغبان“، تاريخي ڊرامو ”ليلا چنيسر“ ۽ ٻيا ڊراما پڻ پيش ڪيا ويا.
عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترن ئي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ هيرو ٿي ڪم ڪيو، جنهن ۾ 1974ع ۾ پيش ٿيل ڊرامون ”بري هن ڀنڀور ۾“ به شامل آهي. پاڻ ڪيترن ئي علمي ادبي ۽ راڳ رنگ جي محفلن جو ميزبان به ٿيو، جنهن ۾ ٽيليويزن جي پروگرام ”سنڌ سينگار“ جوميزبان ڪمپيئر 1981ع کان 1982ع تائين رهيو. 1983ع ۾ پاڻ هڪ سنڌي فلم پڻ ٺاهيائين. هڪ سنڌي فلم ’برسات جي رات‘ ۾ هيرو ۽ ايس گل جي فلم ”سهڻا سائين“ ۾ ولين جو ڪردار اداڪيائين.
نوڪريون
عبدالغفار ”تبسم“ پهرين 1972ع ۾ استاد، پوءِ فئملي پلاننگ آفيسر، پوءِ 1983ع ۾ يو بي ايل بئنڪ ۽ آخر ۾ 1975ع ۾ پي آءِ اي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. مارشلا جي دوران 1981ع ۾ ملازمت تان لاهڻ کانپوءِ ٺيڪيداري به ڪيائين. 1983ع کان 1987ع تائين نئون ديرو ميونسپالٽي جو چيئرمين ٿي رهيو. 1990ع ۾ نوڪري ۾ بحال ٿيو ۽ هن وقت پي آءِ اي ۾ پنهنجون ذميداريون نڀائي رهيو آهي.
ادبي اوسر
عبدالغفار ”تبسم“ 1964ع ڌاري شاعري شروع ڪئي. پاڻ پهريون شعر 1966ع ۾ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد جي زير اهتمام مخدوم طالب المولى جي صدارت هيٺ ٿيندڙ مشاعري ۾ پڙهيائين. انهي کان اڳ پاڻ هڪ ناول لکڻ شروع ڪيو. انهي جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو: ”منهنجي پهرين پين جو نب ناول تي هليو آهي. جنهن جون قسطون اڃان تائين مون وٽ آهن. منهنجي هڪ آس اها به آهي ته مان هڪڙو ناول لکان ۽ ڀرپور لکان ۽ ان ۾ ئي پنهنجي شاعراڻي تاس جي پورائي ڪري سگهان ۽ اها منهنجي زندگي جي اهم لکڻي هجي.“
عبدالغفار ”تبسم“ جو پهريون شعري مجموعو ”گلشن جهڙا گل“ 1966ع ۾ ڇپيو. عبدالغفار ”تبسم“ ڪيترائي سال روزاني عوامي آواز لاءِ قطعو لکندو رهيو. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪيسٽون رليز ٿيون آهن. هي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو پهريون شاعر آهي، جنهن جي آمريڪا مان 1999ع ۾ سي ڊي رليز ٿي.
عبدالغفار ”تبسم“ شاعري کانسواءِ سفر نامو ۽ آتم ڪهاڻي پڻ لکي آهي. سندس آمريڪا جوسفرنامو ”زندگي تنهنجا رنگ هزار“ ۽ آتم ڪهاڻي ”سي ئي جوڀن ڏينهڙا“ 1994ع ۾ شايع ٿي. عبدالغفار ”تبسم“ جا هيستائين اٺ شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. جن جو وچور هن ريت آهي. گلشن جهڙا گل (1966ع) شفق وارا ڇانورا (1982ع) مٽي جا سُر (1991ع) سوچون صحرا سراب (1995ع) نيڻن جي آڳر (1996ع) ڪندي ڪناري ناوَ (1999ع) موسيقي، موسم ۽ تبسم (2003ع) اُڀ هيٺان اُڃارا گيت لڇن (2004ع). سج آرسيءَ ۾ (2005ع).