شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

نجم عباسي

ڊاڪٽر نجم عباسي، سنڌي ادب ۾، انهن ٿورڙن ليکڪن منجهان هو،جن مقصدي ادب لکيو ۽ ادب ۾ نعريبازيءَ کي جائز سمجهندي، پنهنجي لکڻين جي ذريعي پنهنجي نظرين جو پرچار ڪيو.

جنم ۽ تعليم
ڊاڪٽر نجم عباسي، ساهتي پرڳڻي جي قديم تاريخي شهر خانواهڻ ۾ 18آڪٽوبر 1927ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ميان الهه آندو خان عباسي هو ۽ سنڌي پرائمري اُستاد هو. نجم عباسي پنهنجي شروعاتي تعليم اباڻي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾، پنهنجي والد جي نظرداريءَ هيٺ حاصل ڪئي. پرائمريءَ جا چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ انگريزي تعليم خانواهڻ جي ڀرسان ڳوٺ ”تنيا بقا ساهه“ جي اي-پي ڪلاس اسڪول ۾ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ نواب شاهه جي مشهور لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول، جيڪو هن وقت ايڇ-ايم خواجه پراونشلائيزڊ هاءِ اسڪول سڏجي ٿو. ان ۾ داخل ٿيو، جتان 1948ع ۾ انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪري، ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊو ميڊيڪل ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان 1953ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين.

عملي زندگي
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1953ع کان 1958ع تائين سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ سرڪاري نوڪري ڪيائين، پر پوءِ سرڪاري نوڪريءَ ۾ دل نه لڳيس ۽ 1958ع ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي، گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ پنهنجي خانگي اسپتال کوليائين، جيڪا 1989ع تائين فالج جي حملي ٿيڻ تائين هلايائين.
نجم عباسي، جنهن زماني ۾ نواب شاهه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، اهو دور ننڍي کنڊ ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪن، وارو هو. نوابشاهه مرڪزي شهر هئڻ سبب، انهيءَ اثر کان آجو نه هو. ان زماني ۾ مسلم ليگ جو وڏو زور هو ۽ ”آل انڊيا مسلم نيشنل گارڊ“ جا هڪ فوجي تنظيم ۽ مسلم ليگ جي ذيلي شاخ هئي. سا به زورن تي هئي. نواب شاهه جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي ميدان تي، مسلم نئشنل گارڊ طرفان شاگردن کي فوجي سکيا ڏني ويندي هئي.
انهيءَ کان متاثر ٿي نجم عباسي 41-1945ع ۾، خانواهڻ ۾، مسلم نيشنل گارڊ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ سندس ڪيترائي ڳوٺائي، هم ڪلاسي ۽ دوست بهرو وٺڻ لڳا، اڳتي هلي انهيءَ شاخ جو قلعي جي مسلم نيشنل گارڊ سان الحاق ٿيو. 14آگسٽ 1947ع تي جڏهن آزاد پاڪستان جو جشن ملهايو پي ويو ته نجم عباسي هڪ ”قومي ترانو“ لکيو، جيڪو ڇوڪرن اسڪول م ڪورس جي انداز ۾ ڳايو.

ادبي سرگرميون
نجم عباسي، پنهنجي علمي ۽ ادبي زندگيءَ جي شروعات، شاگرديءَ واري، زماني کان ڪئي. پاڻ جڏهن نواب شاهه ۾ پڙهندو هو ته هڪ وڏو اديب، عالم ۽ استاد ’مخدوم امير احمد‘ اسڪول ۾ استاد هو. مخدوم صاحب شاگردن ۾ انگريزي تعليم سان گڏ سنڌي زبان، ادب ۽ قومي جذبو پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪافي ڪوششون ورتيون. مخدوم صاحب اسڪول جي اندر ”بزم ادب“ جي نالي سان هڪ انجمن قائم ڪئي. جنهن جي پليٽ فارم تان شاگرد ۾ علم و ادب، شعر و شاعري سان گڏ تقرير ڪرڻ جي سکيا ڏني ويندي هئي. هر آچر ڏينهن ”بزم ادب“ جي طرفان هڪ مشاعرو ڪرايو ويندو هو. جنهن ۾ شاگرد پنهنجا شعرٺاهي اچي پيش ڪندا هئا، جن جي مخدوم صاحب اصلاح ڪندو هو. نجم عباسي پڻ انهيءَ علمي ماحول کان متاثر ٿي شعر و شاعري شروع ڪئي. هن سڀ کان پهريون شعر 1941ع ۾ جوڙيو، جيڪو ڪافي پسند ڪيو ويو. اڳتي هلي پاڻ انهيءَ ’بزم ادب‘ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو ۽ ائين هو شعر و شاعري ڪرڻ ۽ انهن محفلن ۾ حصو وٺڻ لڳو. انهي دور ۾ سندس ڪيل شاعري ”مون پڻ ڳايو هو“ جي نالي سان 1979ع ۾ ڪتاب صورت ۾ ڇپي.
نجم عباسي، پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”خانواهڻ“ جي علمي ادبي ماحول کان متاثر ٿي لکي. هڪ ڀيري پاڻ پنهنجي والد سان گڏ هڪ ڪچهريءَ ۾ ويو ۽ اُتي ٿيل ڳالهين ۾ هڪ واقعي کان متاثر ٿي پنهنجي پهرين ڪهاڻي 1944ع ۾ ”همت ۽ ڪوشش“ جي نالي سان لکي، جيڪا جولاءِ 1947ع ۾ ”مهراڻ“ رسالي ۾ شايع ٿي. سندس ٻي ڪهاڻي ”کنڊ جي چوري“ پڻ ساڳئي رسالي جي آڪٽوبر-ڊسمبر 1947ع واري پرچي ۾ ڇپي. ائين نجم عباسي، سنڌي ڪهاڻيءَ جي اُفق تي هڪ روشن ستارو ٿي اُڀريو، جيڪو پنجاهه سالن کان به وڌيڪ، سنڌي ادب جي اُفق تي چمڪندو رهيو.

نجم عباسيءَ جون ڪهاڻيون
نجم عباسيءَ بنيادي طور تي ڪهاڻيڪار هو. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌ جي مسڪين ۽ پيڙهيل طبقن، سنڌي قوم، سنڌي ٻولي ۽ سڀيتا،تمدن ۽ ثقافت کي وڏي نمايان اهميت ڏني. سندس ڪهاڻين ۾ دقيانوسي خيالن، وهم پرستي، اجاين ريتن ۽ رسمن جي خلاف درس ڏنو ويو آهي. ۽ پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌيت، سائنسي سوشلزم، انقلاب، آزاديءَ جو وڏي واڪي پرچار ڪيو آهي. ”مان مقصدي ادب لکندو آهيان، مان ادب ۾ پرچار ۽ نعري بازيءَ جو مڃيندڙ آهيان، ڇاڪاڻ ته مان پنهنجي لکڻيءَ ۾ مقصد رکندڙ آهيان.“ نجم عباسي هڪ انٽرويو ۾ چوي ٿو.
نجم عباسي جي ڪهاڻين جي اڀياس مان سندس سوچ، ذهن ۽ مزاج جو پتو پوي ٿو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏو مشاهدو ۽ تجربو پرايو ۽ ساڳئي وقت کيس زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا ڌچڪا لڳا، جن سندس طبيعت کي ڏاڍو متاثر ڪيو. انهن سڀني ڳالهين جو اظهار هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪيو.
نجم عباسي پنهنجي زندگيءَ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سئو کن ڪهاڻيون لکيون ۽ ترجمو ڪيون، سندس طبعزاد ڪهاڻين جا 16ڪتاب ڇپيل آهن. سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”طوفان جي تمنا“ 1969ع ۾ ڇپيو.
نجم عباسي جي ڇپيل ڪهاڻي ڪتاب هن ريت آهن: طوفان جي تمنا (1969ع)، پٿر تي ليڪو (1973ع)،جيڪي منهنجي من ۾ آهي (1977ع)، ناچڻي (1978ع)، ايڏو سور سهي (1978ع)، رشتا نانا (1981ع)، سورج هوندي مرجهايل (1982ع)، للڪار (1983ع)، پروفيسر، دارون هن ديوان جو، ڪهاڻي جو قافلو، دوکو (1988ع)، مٿي سنڌ سڪار (1985ع)، منهنجون بهترين ڪهاڻيون (ڇپيل ڪهاڻين مان چونڊ 1991ع)، پاڻ ۾ويٺا آهيون (1992ع)، اوچا ڳاٽ پهاڙن جا (1993ع). دل وارن جي دنيا (مهراڻ ۾ ڇپيل طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل ڪهاڻيون (2009ع)، مرتب: يوسف سنڌي)

ناول نويسي
ڪهاڻيڪار هئڻ کان سواءِ نجم عباسي هڪ سٺو ناول نويس هو. سندس لکيل ناول به سندس ڪهاڻين جيان ”مقصد“ کي سامهون رکي لکيا ويا آهن.نجم عباسي پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽي اصلوڪا ناول لکيا، جيڪي ترتيبوار ”پيار ڪهاڻي“ (1984ع) ”بلنديون“ (1984ع) ۽ ”تلاش“ (1987ع) ۾ ڇپيا. سندس انهن ناولن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. ان حوالي سان نجم عباسي هڪ ڪامياب ناول نويس پڻ آهي.

ترجمي نگاري
نجم عباسي هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”مون پنهنجي رڪارڊ ۾ ڏنو آهي ته مون پنهنجي تخليق جيترا ئي ترجما ڪيا آهن.“ ائين نجم عباسي هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار، مضمون نگار ۽ شاعر هئڻ سان گڏ هڪ سٺو مترجم پڻ هو. نجم عباسي جي پهرين ترجمو ٿيل ڪهاڻي ”ترڪي محبوبه“ 1948ع جي ”مهراڻ“ جي پرچي ۾ شايع ٿي. ڪهاڻين کان سواءِ نجم عباسي، شعرن، مضمونن، ڊرامن، ناولن، سوانح جي ڪتابن جو پڻ سنڌي ترجمو ڪندو رهيو.
نجم عباسي جي ترجمن جي فهرست تي نظر وجهبي ته پاڻ انهن ۾ به مقصد کي وڏي اهميت ڏني اٿس. ترجمي جي سلسلي ۾ نجم عباسي جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن.

سوانح:
لينن جي انقلابي ڪهاڻي، گانڌي، هڪ انقلابيءَ جو ننڍپڻ.

ناول:
ماسترياڻي، زلزلو، ڳاڙهو لالٽين (چيني ڊرامو).

ترجمائي ڪهاڻيون:
اڪيلا نه آهيون، پهاڙن ۾ پڪار (خليل جبران جي ڪهاڻين جوترجمو).
ائين نجم عباسي جي ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد نوَ (9) آهي، پر سندس هڪ ترجمو ڪيل ڪتاب ”جيڪي بينگال سان ٿيو“، ڪن سببن جي ڪري، سندس اصلي نالي بدران ”رسول بخش پليجي“ جي نالي سان ڇپيو.
ڪهاڻين، ناولن ۽ ترجمن کان سواءِ نجم عباسي شاعري، مضمون، آتم ڪهاڻي، خط پڻ لکيا، جيڪي ڪتاب صورت ۾ ڇپيل آهن، جيڪي هن ريت آهن:
(1) ”ڏٺم اڻ ڏٺل“ (آتم ڪٿا/مضمون)، (2)”تصوف جي چيرڦاڙ“، (3) ”جبل مٿي باهڙي“ (يوسف سنڌيءَ کي لکيل خطن جو مجموعو)، (4)”سوچون هڪ سچار جون“، (سوچن جي آٽو بايو گرافي). (5)”مذهب ادب ۽ سنڌ (مضمون انٽرويو - خط)مرتب يوسف سنڌيءَ (2007ع)، (6) ڪرفيو ۾ لکيل ڊائري (2011ع).
نجم عباسي، زندگيءَ جي آخري ڪجهه سال سخت بيماريءَ ۾ گذاريا، اڌ رنگ جهڙي موذي مرض کيس هلڻ چلڻ کان هلاک ڪري ڇڏيو. مٿس 1989ع ۾ اڌ رنگ جو حملو ٿيو، جنهن سبب اسپتال بند ڪيائين 1990ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيل لساني فسادن سبب، دهشتگردن سندس گهر تي حملو ڪيو ۽ گهر جي سامان کي بيدريءُ سان لٽيو. سندس لئبرري، جيڪا کيس ساهه جيان عزيز هئي، برباد ڪئي ويئي، جنهن کيس سخت صدمون رسايو.
نجم عباسي پنهنجي زندگيءَ جي چئن واقعن کي المناڪ واقعا ڪوٺيندو هو. انهن ۾ پهريون ارينج مئريج، ٻيو گهرو زندگيءَ ۾ اڻبڻت سبب طلاق، ٽيون اڌ رنگ جي بيماري ۽ چوٿون سندس غيرموجودگيءَ ۾ سندس گهر تي دهشتگردن جو حملو ۽ لئبريري کي باهه ڏيڻ شامل آهن. انهن واقعن جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکيو اٿس:
”انهن سڀني المناڪ واقعن ۾ مون کي وڏو ڏک اڌ رنگ جي بيماري پهچايو آهي. منهنجو ساڄو پاسو بيڪار ٿي ويو آهي. منهنجي لاءِ ۽ هر ليکڪ لاءِ وڏي سزا اها آهي ته هو لکڻ کان محروم ٿي وڃي.“
نجم عباسي 25آڪٽوبر 1995ع تي اٺهٺ سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ خانواهڻ ۾ دفنايو ويو.