مولائي شيدائي
تعليم و تربيت
مولائي صاحب شروعاتي تعليم غريب آباد سکر ۾ آخوند خدا بخش ابڙي جي مدرسي ۾ حاصل ڪئي، جتي هن ”قاعده بغدادي“ پورو ڪيو. تنهن کان پوءِ وري کيس ٻي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پاڻ قرآن پاڪ جا ڏهه سيپارا ختم ڪري، اڃا ”ڪريما“ ۽ ”پند نامه عطار“ مس شروع ڪيائين، جو سندس پيءُ کيس اُتان ڪڍي اچي ”سنڌي اسڪول“۾ ويهاريو. سنڌي چوٿين درجي ۾ پهچڻ کان پوءِ مولائيءَ کي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو پوءِ صفا جنوني ڪيفيت اختيار ڪري ويو. سندس حالت اها هوندي هئي، جو کيس گهران جيڪا به خرچي ملندي هئي، اها ڪتابن جي خريداريءَ ۾ صرف ڪندو هو. ان زماني ۾ مولائيءَ صاحب فقط افسانوي، ڪلاسيڪي ادب ۾ نيم تاريخي قصن ڪهاڻين پڙهڻ سان شوق رکندو هو. جهڙوڪ: الف ليلى،گل بڪاولي، داستان امير حمزا، فسانه عجائب، ليلى مجنون، يوسف زليخا وغيرهه.انهن ڪتابن مان سندس سڀ کان پسنديدهه ڪتاب ”داستان امير حمزو“ هو، جيڪو پاڻ ڪيترائي ڀيرا پڙهيائين ۽ بار بار پڙهيائين.
علم ۽ تاريخ سان شوق
چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ مولائي صاحب سکر جي ”ائلگو ورنيڪيولر اسڪول“ ۾ داخلا ورتي. جتي هن ڇهين درجي انگريزي تائين تعليم حاصل ڪئي. اُتي سندس تاريخ جو اُستاد هيمراجاڻي هو، جنهن مولائي صاحب جو ڪتابن سان شوق ڏسي کيس وڌيڪ شوق ڏياريو ۽ پنجين درجي انگريزيءَ ۾ ئي هيمراجاڻي کيس ڪيترائي تاريخ جا ڪتاب پڙهايا، جن ۾ انقلاب فرانس ۽ 1857ع جي غدر وغيرهه شامل آهن ۽ شاگرديءَ واري زماني ۾ ئي مولائي صاحب کي تاريخ جي علم تي ايتري ته دسترس هئي، جو سالياني امتحان جي وقت، اُستاد تاريخ جي جوابي پيپر تي مارڪن بدران Excellent لکندا هئا.
انهيءَ کان سواءِ شاگرديءَ واري زماني ۾ اخبارون به وڏي شوق سان پڙهندو هو، انهن ۾ ”الحق“ ۽ ”آفتاب“ شامل هيون، جيڪي ٻيئي سکر مان نڪرنديون هيون. پاڻ پنهنجي مطالعي جي پورائيءَ واسطي، ۽ ڪجهه خرچ پکي ڪڍڻ واسطي انهن اخبارن ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن وڃي بنا اجوري جي ڪم ڪندو هو. مطالعي جي وڌيڪ اُڃ اُجهائڻ لاءِ پاڻ سکر جي مشهور جنرل لئبريريءَ ۾ به روز شام جو وڃي مطالعو ڪندو هو. اُتي ٻاهرين ملڪن جون سڀئي اخبارون ۽ رسالا باقاعدگيءَ سان ايندا هئا.
اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ سان گڏ، مولائي صاحب تاريخ جي ڪتابن جو به مطالعو جاري رکيو ۽ انهن کي ڄڻ گهوٽي پيئندو هو. مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته افسانوي ادب ۾ ”داستان امير حمزو“ سندس پسند جو ڪتاب هو. خود مولائي شيدائي جو چوڻ آهي ته ”اهو ئي ڪتاب آهي، جنهن پهريائين منهنجي سڀاءُ جي رجحان کي علم تاريخ ڏانهن موڙيو ۽ منهنجي مورخ بنجڻ جو ابتدائي محرڪ شايد اهوئي ڪتاب آهي.“
نوڪريءَ ۾ گهڙڻ
1913ع ۾ ڇهه درجا انگريزيءَ پڙهڻ کانپوءِ، مولائي شيدائي اسڪول کي ڇڏي، ريلوي کاتي ۾ فائر مئن ڀرتي ٿيو. جتان ستت ئي هن کي ترقي ڏيئي ريلوي ٽريفڪ کاتي ۾ ”ٽرين ڪلارڪ“ مقرر ڪيو ويو. ڪجهه عرصي کان پوءِ کيس روهڙي اسٽيشن تي 65روپين پگهار سان يارڊ-فورمئن مقرر ڪيو ويو. اهڙي نموني وقت گذارڻ سان گڏ ترقي ڪندو رهيو ۽ يارڊ فور مين مان، سيڪنڊ گارڊ ۽ پڇاڙيءَ ۾ سيڪنڊ گارڊ مان وڃي گارڊ تي پهتو.
مولائي صاحب 1939ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائرڊ ڪيو ۽ پراويڊنٽ فنڊ جي مليل اٺ هزار روپين مان سکر جي ”ڪنگس هل“ ٽڪريءَ تي جاءِ جوڙائي رهڻ لڳو ۽ پڇاڙيءَ تائين اتي ئي رهيو.
مولائي شيدائي 12فيبروري 1978ع تي وفات ڪئي.
مولائي شيدائي نالي جو پوڻ
ريلوي گارڊ واري زماني ۾ مولائي صاحب پنهنجي واندڪائي جو وقت سکر جي اخبار ”ستاره سنڌ“ جي آفيس ۾ گذاريندو هو. جنهن جو ايڊيٽر پير علي محمد راشدي هو. پاڻ ان وقت اخبارن ۾ مضمون پڻ لکڻ شروع ڪيا هئائين ۽ سرڪاري جي نظر ۾ اچڻ کان بچڻ لاءِ، سرڪاري ملازم هئڻ جي ڪري، پير راشدي کيس ڪنهن فرضي نالي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني. جيڪا صلاح مولائي صاحب کي وڻي ۽ هن راشدي صاحب کي ئي ڪو نالو تجويز ڪرڻ جي صلاح ڏني. ان تي پير علي محمد راشديءَ سندس فقيراڻي ۽ دلچسپ طبيعت کي نظر ۾ رکندي، هن لاءِ ”مولائي“ جو تخلص تجويز ڪيو. پير حسام الدين جو خيال هو ته هن لاءِ ”شيدائي“ تخلص وڌيڪ مناسب رهندو. نيٺ گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ مولانا دين محمد وفائي مرحوم جي رٿ تي ٻيئي تخلص گڏي ”مولائي شيدائي“ تخلص اختيار ڪيائين. ان ڏينهن کان مير رحيمداد جو نالو ”مولائي شيدائي“ ٿي ويو ۽ اهوئي نالو سندس سڃاڻپ بنجي ويو.
مضمون نگاري
1930ع ۾ جڏهن مولانا دين محمد وفائي ڪراچيءَ مان ”توحيد“ رسالو ڪڍيو ته مولائي صاحب جا تاريخي مضمون ۽ مقالا پهرين پهرين ان ۾ ڇپجڻ لڳا. انهيءَ دور ۾ هندن طرفان هلايل ”شڌي تحريڪ“ زورن تي هئي ۽ مولائي صاحب هڪ هندو اخبار پاران شاهجهان جي راڻي ممتاز محل جي باري ۾ ”هندو راڻي“ هئڻ واري مضمون جي جواب ۾، مولانادين محمد وفائي جي زور ڀرڻ تي، ممتاز محل جي باري ۾ هڪ مضمون لکيو، جيڪو پوءِ ”توحيد“ ۾ ڇپيو ۽ اهوئي رسالو هو، جنهن مولائي صاحب جي شهرت جو شعاع چوڏس پکيڙيو ۽ ائين اهو مضمونن جو سلسلو هلي پيو. اهڙي طرح مولائي صاحب جي هڪ تاريخدان جي حيثيت سان شهرت هنڌين ماڳهين پکڙجي ويئي ۽ اڳتي هلي سندس مقالا سنڌي اخبارن کانسواءِ اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ پڻ شايع ٿيڻ لڳا.
شعر و شاعري
مولائي صاحب کي ننڍي هوندي، شاگرديءَ واري زماني کان ئي شاعريءَ سان لڳاءُ رهيو ۽ پاڻ سنڌي توڙي اردوءَ جي سرموڙ شاعرن جو ڪلام گڏ ڪندو ۽ ياد ڪندو هو ۽ گڏوگڏ کيس شعر چوڻ جو پڻ شوق جاڳيو ۽ پاڻ تُڪبندي ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين،پر سندس ڪا همت افزائي نه ٿي ۽ ايئن اهو جذبو سرد ٿي ويو. اڳتي هلي وقت بوقت اهو جذبو اُڀري پوندو هو ۽ پاڻ شاعري ڪرڻ لڳندو هو ۽ ڪافي صنفن تي طبع آزمائي ڪيائين، جن مان ڪجهه شاعري ”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپيس.سندس شاعري جو پڻ ڳوڙهو اڀياس ڪيل هو. نموني طور سندس هڪ بيت ڏجي ٿو:
گوڪل ۽ گرنار جا، سنگ سڀيئي ٽوڙ،
جي رنگ اندر رتڙيا، تن سان جيءَ جوڙ،
مدن، منوهر سپرين، هيرو جنم جوڙ،
تان مرليءَ سندو ٻول، ٻڌين بيراڳي بن ۾،
صحافتي خدمتون
ٻي مهاڀاري جنگ واري زماني ۾ جڏهن الهه بخش سومري ۽ سندس دوستن ”آزاد“ نالي روزاني اخبار ڪڍي ته مولائي صاحب کي گهرائي کيس اخبار جو نائب ايڊيٽر مقرر ڪيو. اخبار جو ايڊيٽر مولاناعبدالڪريم چشتي مقرر ٿيو. جيڪو آبڪلاڻي واري موسم جي ڪري رستو بند ٿي وڃڻ سبب ڪراچي پهچي نه سگهيو ۽ اهي فرائض به مولائي شيدائي کي سرانجام ڏيڻا پيا. سندس مدد لاءِ گوبند مالهي ۽ قادر بخش نظاماڻيءَ کي پڻ مقرر ڪيو ويو. هن جلد ئي اخبار کي عوام ۾ مقبول ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي صحافت جا خوب جوهر ڏيکاريا. اڳتي هلي پاڻ اخبار جي پاليسيءَ تان اختلاف سبب استعيفى ڏيئي ڇڏيائين. اخبار جي پاليسي ڪانگريس جي حمايت ڪرڻ هئي ۽ ”مولائي شيدائي“ کي انهيءَ ڳالهه سان اختلاف هو.
اڳتي هلي جڏهن منشي عبدالشڪور ”حيدرآباد“ مان ”هلال پاڪستان“ اخبار ڪڍي ته مولائي شيدائي کي اخبار جو چيف ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. پاڻ انهيءَ اخبار تي پڻ خوب محنت ڪيائين ۽ اخبار کي عوام ۾ مقبول بنائي ڇڏيائين. انهيءَ اخبار جا ڪيترائي سلسلا ۽ معرڪا مشهور رهيا.
تاريخ تي ڪم
مولائي صاحب کي 1950ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو فيلوشپ مقرر ڪيو ويو. فيلوشپ جي پهرين سال پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ”روضتھ السنڌ“ نالي هڪ ڪتاب تاريخي، جاگرافي حوالن سميت تيار ڪري ڏنو. پوءِ جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ڪراچي مان کڄي حيدرآباد آئي ته يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي، مولائي صاحب کي 1951ع ۾ ڊاڪٽر سي-ڊوييز جو هندستاني تاريخ تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ”Reader of Indian History“ کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن جو ترجمو پاڻ ضروري نوٽن سان ”تاريخ هندستان“ جي نالي سان ڪري يونيورسٽيءَ جي حوالي ڪيو.تنهن کان سواءِ مولائي صاحب فرينچ محقق گستاولي بان جي مشهور ڪتاب ”تمدن عرب“ جي نموني تي ”تمدن سنڌ“ جا ٽي جلد پڻ لکيا ۽ هڪ ڪتاب ”تاريخ سکر“ پڻ لکيائين. سندس ٻين شايع ٿيل ڪتابن ۾ ”تاريخ ٽالپر“، ”سنڌ جا پراڻا شهر“،”تاريخ قلات“ (اردو)، ”مهدوي تحريڪ” (اردو)، ”سرزمين بلوچ“،”سنڌ جي سياست“ ۽ ”تاريخ خاصخيلي“ شامل آهن.
مٿين ڪتابن کان سواءِ مولائي صاحب ٻيا هيٺيان ڪتاب لکيا آهن:
(1)تاريخ بلوچستان:
جيئن ته بلوچستان جي تاريخ تي ڪو مستند ڪتاب ڪونه هو، تنهن ڪري پاڻ اها ضرورت محسوس ڪندي، بلوچستان جي مختصر تاريخ لکي، جيڪا 1940ع ۾ ڇپي. اها سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهڻي مقبول ٿي. اهو ڪتاب مولائي صاحب جو پهريون شاهڪار هو، جيڪو نه رڳو لئبررين ۽ سيڪنڊري اسڪولن لاءِ منظور ڪيو ويو، پر کيس برٽش بلوچستان جي گورنر جنرل جي ايجنٽ پاران چار سئو ۽ درٻار قلات پاران اڍائي سئو روپيا انعام طور مليا.
(2) جنت السنڌ
هي ڪتاب سنڌ جي تهذيب ۽ تمدن جي هڪ مڪمل تاريخ آهي، هي ڪتاب به مولائي صاحب جي ٻين تصنيفن وانگر حوالن جي خصوصيت کان خالي ڪونهي. هن ڪتاب جا ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن.
(3)سفينھ النوح
هي ڪتاب ٻن جلدن تي مشتمل آهي. پهرين جلد ۾ حضرت مخدوم نوح جي سوانح ۽ ٻي ۾ سندس ملفوظات ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ضرورت موجب نقشا پڻ ڏنا ويا آهن، جن مان هالا شهر جي جاگرافيائي پوزيشن ظاهر ٿئي ٿي. هي ڪتاب مخدوم نوح سروري جي سوانح تي بهترين ڪتاب آهي.
مٿين ڇپيل ڪتابن کان سواءِ مولائي صاحب جا ٻارهن کن اڻ ڇپيل ڪتاب پڻ موجود آهن.