شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

”وفا“ ناٿن شاهي

جيتوڻيڪ سنڌي غزل جو پهريون ديوان خليفي گل هالائيءَ جو ڇپيل آهي، پر مير عبدالحسين سانگي غزل جي حوالي سان اهم نالو آهي. جديد سنڌي شاعري ۾ جيڪي غزل گو شاعر ٿي گذريا آهن. تن ۾ ”وفا“ ناٿن شاهي، ”غزل مارشل“ شاعر آهي. سنڌي غزل جي ڪابه تاريخ ”وفا“ جي ذڪر کانسواءِ ٻُسي ڇا، پراڻپوري آهي.

سوانح
”وفا“ ناٿن شاهي جو اصل نالو مشتاق علي قريشي ولد خيرات علي قريشي آهي. هن جو جنم 15مئي 1943ع ۾ بنڊيالا ضلع امرتسر (هندستان) ۾ ٿيو. ”وفا“ جا وڏا بيڊيالا مان لڏي سنڌ ۾ آيا ۽ خيرپور ناٿن شاهه جي هڪ ڳوٺ ”گوزي“ ۾ آباد ٿيا. ورهاڱي کان وٺي گوزي ۾ آباد ٿيڻ جي وچ واري عرصي ۾ کين مهاجر ڪئمپن ۾ گذارڻون پيو. گوزي ۾ رهڻ کانپوءِ کيس اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. پهريون درجو پرائمري اسڪول گوزي ۽ پنجون درجو پرائمري اسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان پاس ڪيائين. ميٽرڪ جو امتحان 1964ع ۾ گورنمينٽ هاءِاسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان پاس ڪيائين. غربت سبب ”وفا“ وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. تنهنڪري جانورن جي پالناواري کاتي يعني اينيمل هسبنڊري کاتي مان اسٽاڪ اسسٽنٽ جو ڪورس ڪري. نوڪري ۾ گهڙيو. تنهن کانسواءِ هو خانگي طور تي پڙهندو به رهيو. انٽر سچل سرمست ڪاليج مان بي اي ۽ ايم اي (پوليٽيڪل سائنس) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ’لا ڪاليج حيدرآباد‘ ۾ داخلا ورتائين، جيڪو هڪ سال ڪري ڇڏي ڏنائين.

ادبي اوسر:
گوزي ۾ ”وفا“ جي اٿي ويٺي ٺيٺ سنڌي ماحول ۾ ٿي. سندس پاڙي ۾ هڪ هوٽل تي سڄو ڏينهن گراموفون تي رڪارڊن جو ڌم لڳي پيئي هوندي هئي. ”وفا“ کي موسيقي بيحد وڻندي هئي. موسيقي سان کيس اهو لڳاءُ پنهنجي والد کان ورثي ۾ مليو هو، جيڪو هو ته اڻپڙهيل، پر گرمکي ڄاڻندو هو ۽ ٺيٺ پنجابي ۾ ”هير وارث شاهه“ ۽ ”سڌي رام جي سهڻي“ وارو داستان، سنگت ۾ ويهي وڏي شوق سان ٻڌائيندو هو. ان زماني ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ ”جڙيل شاهه“ جي ميلي ۾ سنڌ جا ٽاپ جا گويا ايندا هئا. انهن کي ”وفا“ گوزي مان ڪهي وڃي ٻڌندو هو. اتي ئي پاڻ استاد منظور علي خان کي ٻڌائين ۽ انهيءَ جي پڪي راڳ تي خوب ڦٿڪيو هو. اهڙي ئي هڪ محفل مان موٽي رهيو هو، جو هڪ شاعر دوست ”نشتر ناٿن شاهي“ کيس شام جو ٿيندڙ هڪ مشاعري ۾ هلڻ جي صلاح هنئي. انهي جو ذڪر ڪند ”وفا“ هڪ انٽرويو ۾ چيو:
”گهر پهچي، دستور موجب ريڊيو آن ڪيم. عجيب اتفاق ڪنهن ڳائڻ واري غزل پئي ڳايو. آشيانه هوگيا، تازيانه هوگيا....وغيره وغير. بس ته جهٽ ڪري ان ريڊيو تان ايندڙ غزل جا رديف قافيا پني تي لاٿم ۽ ان اردو غزل جهڙو، سنڌي ۾ غزل تيار ڪري شام جو نشتر کي جو ڏيکاريم ته ٽڙي پيو.چيائين: ”استاد تون اڄ کان سچو شاعر ۽ تخلص تنهنجو هوندو ”وفا“ ۽ ان جي پٺيان لڳندو ناٿن شاهي“
ائين ”وفا“ پنهنجو پهريون غزل، انهيءَ مشاعري ۾ پڙهيو، جتي احمد خان آصف مصراڻي، نشتر ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي ۽ ٻيا ڪئين شاعر موجود هئا. جن پڻ پنهنجي شاعري پڙهي. ”وفا“ اتي محسن ڪڪڙائي کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ کيس پنهنجو استاد بڻايائين. ”وفا“ جي مادري زبان پنجابي هئي، پر هن پنهنجي شعري اظهار لاءِ سنڌي ٻولي اختيار ڪئي.
اها سٺ واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي. ناٿن شاهه ته اڳ ۾ ئي شاعرن سان ڀري پئي هئي. ”بزم طالب“ ۽ ”بزم طالب المولى“ جي شاخ به هوندي هئي. مشاعرا عام جام ٿيندا هئا. اهڙين محفلن ۾ اٿندي ويهندي ”وفا“ 1963ع ڌاري پنهنجو پهريون تخليقي غزل لکيو:
پيءُ به ليکو ته پٽ به آ ليکو،
پر سڄڻ سان حساب ئي ڪونهي.
خيرپور ناٿن شاهه جي شعري فضا ۾ استاد محسن ڪڪڙائي جي سرپرستي هيٺ ”وفا“ جو شعري سفر جاري هو. ان وقت ڪراچي مان علي نواز ”وفائي“ جي ”آزاد“ اخبار نڪرندي هئي. جنهن جي شاعري واري ڀاڱي جو انچارج تاج بلوچ هوندو هو. جيڪو وفا جي گهڻي همت افزائي ڪندو هو. انهي ئي زماني ۾ حميد سنڌي جي رسالي ”روح رهاڻ“ جي پليٽ فارم تان جشن روح رهاڻ ٿيندو هو. اهڙي ئي هڪ جشن روح رهاڻ ۾ وفا به وڃي شامل ٿيو ۽مشاعري ۾ پنهنجو شعر پڙهيائين، جيڪو گهڻو پسند ڪيو ويو. اتي موجود سيد صالح محمد شاهه به موجود هو، جنهن سندس گهڻي همت افزائي ڪئي. تنهن کانپوءِ وفا جي شاعري جو نئون ۽ باقاعده دور شروع ٿيو ۽ ساحر لڌيانوي ۽ شيخ اياز کي پڙهڻ لڳو. جن شعر سان گڏ سندس فڪر جي آبياري به ڪئي.بقول وفا جي:
”اياز صاحب جي اهڙي گهري مطالعي بعد مان صحيح معنى ۾ جديد ۽ روشن خيال شاعريءَ کي ويجهو ٿيندو ويس ۽ اڄ جي ادبي دنيا ۾ هي به جديد سنڌي غزل جو چڱو شاعر شمار ٿيان ٿو ته اهو به صرف جديد ۽ ترقي پسند شاعريءَ جي مطالعيءَ باعث.“
”وفا“ جي ادبي سفر کي بيان ڪندي آثم ناٿن شاهي لکي ٿو:
”مشتاق علي، جڏهن ”وفا“ ناٿن شاهي بڻجي رهيو هو، تڏهن هن جي شاعريءَ جي شروعاتي اصلاح محسن ڪڪڙائي ڪئي. ڪجهه وقت کانپوءِ محسن صاحب ”وفا“ جو هٿ منهنجي (آثم ناٿن شاهي) هٿ ۾ ڏنو ۽ مان هن کي بحر، تقطيع، گرامر، سنڌي ٻولي جي لفظي اُچارن ۽ استعمال جي طريقن جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ هن جي ”ماڪوڙن جي ٽنگن“ جهڙن اکرن ۾ لکيل شاعري کي صاف ۽ سهڻن اکرن ۾ ڊائرين ۽ رجسٽرن تي منتقل ڪرڻ ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجڻ لاءِ به موڪليندو رهيس ۽ ائين هي ڏيئي جي لاٽ مان ڏياٽي ۽ ڏياٽي مان مشعل بڻجي شاعري جي دنيا ۾روشن ٿي پيو. ها پر ”وفا“ جي ائين اڀري اچڻ ۾ جتي اسان جون صلاحون، اصلاحون ۽سمجهاڻيون، شاعري جي فني اصولن ۽ ضرورتن بابت بيحد ڪارائتيون ثابت ٿيون، اُتي نازڪ خيالي، تخيل ۽ فڪر سڀ وفا جي پنهنجي ”خداداد“ صلاحيتن جي پيداوار آهن. اهي شيون، ٻيو ڪو ڪنهن کي به ڏيئي نٿو سگهي. ”وفا“ پنهنجي ٽهيءَ جي سڀني شاعرن کان وڌيڪ گهڻ-لکڻو شاعر ۽ مٿانهين حيثيت وارو آهي. هن اڍائي، ٽي هزار غزل، سوين قطعا ۽ رباعيون، ڪيئي نظم، ٽيڙو (هائيڪا) ماهيا، ڪجهه دوها، ٿورا بيت ۽ وايون به لکيون.“
”وفا“ ناٿن شاهي جي لکيل شعري مواد ايترو ته آهي جو هوند ڪيترائي شعري مجموعا ٺهي پون. پر انهن مان فقط ٽي ڪتاب ”اکين ۾ الماس (2000ع)“، ”اوجاڳن جو انت“ ۽ ”وفا“ (2004ع) ڇپجي سگهيا آهن. اهو به هڪ وڏو الميو آهي ته ”وفا“ جنهن معيار ۽ مرتبي جو شاعر هو، انهي جو اندازو خود کيس به نه هو، ۽ ”وفا“ جي غزلن ۾ جيڪا جدت ۽خيالن جي ندرت (نواڻ) آهي، اها تمام گهٽ شاعرن ۾ آهي. هئڻ ته ائين کپي ته سنڌ جا نجي توڙي سرڪاري ادارا (سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيا) گهٽ ۾ گهٽ ”وفا“ جي شاعري جو هڪ هڪ مجموعو ضرور ڇپرائين.
”وفا“ ڪجهه اردو ۽ پنجابيءَ ۾ پڻ شاعري ڪئي. سنڌي ٻولي جي هن منفرد شاعر 3جنوري2005ع تي ڪراچي ۾وفات ڪئي.