ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
سوانح
عبدالڪريم سنديلو 13ڊسمبر 1919ع تي ڳوٺ ”مهراب خان سنديلو“ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سهراب خان هو. سنديلو صاحب، سنڌي فائينل پاس ڪري، سنڌي پرائمري استاد ٿيو. انهيءَ دوران پاڻ ڀائرن سان گڏ لڏي اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو، جتي سندس گهر لڳ ”جلال“ نالي هڪ وڏو قابل سگهڙ رهندو هو. جنهن جي صحبت ۾ ”سنديلي صاحب“ ۾ لوڪ ادب ۾ دلچسپي پيدا ٿي. پاڻ جلال سان ڪچهرين ۾ ڏور-ڳجهارت جڳ فن سکيو ۽ لوڪ ادب قلمبند ڪرڻ شروع ڪيائين.
پاڻ پرائمري استاد جي حيثيت سان جتي به رهيو، اُتي سگهڙن سان ڪچهريون ڪري، سندن سيني ۾ محفوظ لوڪ ادب کي لکي محفوظ ڪندو ويو. سنديلي صاحب پنهنجي سڄي زندگي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ ڏيڻ ۾ گذاري. پرائمري استاد جي حيثيت ۾ وڏي محنت ڪري، مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ بي.اي، ايم.اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪيائين، پاڻ مختلف هنڌن تي تعليمي خدمتون سرانجام ڏنائين. هڪ سال 54-1953ع ۾ ”جامع سنڌي لغات“ جي عملي ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور ڪم ڪيائين. پاڻ 1974ع ۾ پي-ايڇ-ڊي ڪيائين ۽ انهيءَ کان پوءِ 1979ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، لاڙڪاڻي جي پرنسپال جي حيثيت سان رٽائرڊ ڪيائين. ان کان پوءِ کيس سندس علمي ۽ ادبي صلاحيتن ۽ لياقتن سبب کيس جنرل ضياءُالحق پاران ”مجلس شورى“ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. 1984ع ۾ کيس ادبي ۽ تحقيقي خدمتن جي مڃتا طور ”صدارتي ايوارڊ“ ”تمغهء امتياز“ ڏنو ويو. انهيءَ کان سواءِ کيس ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ مليا. جهڙوڪ: سچل ايوارڊ، پاڪستان رائٽرس گلڊ طرفان ادبي انعام ۽ نائين-ڏهين جي سنڌي ڪتاب تي ”ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ“ ايواڊ مليو.
تصنيف ۽ تاليف
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو هڪ پورهيت اديب هو. هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ پرائمري اُستاد کان ڪئي، ۽ پنهنجي زندگي ٺاهڻ ۽ ڪاميابيون حاصل ڪرڻ ۾ وڏي محنت ۽ جدوجهد ڪئي ۽ ادبي ميدان ۾ سنڌي ادب کي بي بها موتي ميڙي چونڊي ڪتابي صورت ۾ ڏنا. سندس ادبي ڪم ۽ ڪتاب جو مختصر تعارف هيٺ اچي ٿو.
لوڪ ادب جي سلسلي ۾ ڪيل ڪم ۽ ڇپيل ڪتاب.
(1) وينجهار
سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ ۾ جن اديبن ۽ محققن ڪوششون ڪيون، انهن ۾ سنديلي صاحب کي اوليت جو شرف حاصل آهي. لوڪ ادب جي سلسلي جي شروعاتي ڪتابن ۾ جناب عبدالحسين موسوي جا ڪتاب ”سرهاڻ“ ۽ ”سڳنڌ“ به وڏي اهميت رکن ٿا، پر سنديلي صاحب جو ڪتاب ”وينجهار“ منفرد حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ لوڪ ادب جي سٺي صنفن جو فني تعارف ڏنو ويو آهي، ۽ هر صنف جو مواد پڻ ڏنو ويو آهي. هي ڪتاب ڊسمبر 1950ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپيو. هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب ايم ـ اي جي نصاب ۾ شامل ٿيو ۽ رڳو 1960ع تائين هن ڪتاب جا اٺ ڇاپا ڇپيا ۽ پوءِ به ڇپجندا رهيا.
(2) سنڌ جو سينگار
ڊاڪٽر صاحب جو هي ڪتاب لوڪ ادب جي صنف سينگار بابت آهي ۽ 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ مهاڳ طور ٻن اکرن ۾ ”سينگار شاعري بابت وصف جامع انداز“ ۾ بيان ڪئي ويئي آهي، تنهن کان پوءِ سينگار جي شاعرن جا سينگار بابت بيت ڏنا ويا آهن ۽ شاعرن جو مختصر تعارف پڻ ڏنو ويوآهي. ڪتاب جو ٻيو حصو معنى ۽ شرح بابت آهي. سينگار جي بيتن ۾ جيڪي ٻين ٻولين جا لفظ آيل آهن، تن لفظن جي اصل نسل جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي. انهن جو بنياد ۽ معنى سمجهائي ويئي آهي. هن ڪتاب سنڌي لوڪ ادب ۽ سنڌي لغت جو بي بها خزانو آهي.
(3) ڏهس نامون
هي ڪتاب ”لوڪ ادب جي صنف ۽ سينگار“ شاعريءَ سان تعلق رکي ٿو. هن ڪتاب ۾ سنديلي صاحب ”ڏهس نامي“ جا بيت ڏنا آهن. ڏهس جا بيت به سينگار جا بيت ئي آهن.
(4) لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو
1974ع ۾ سنديلي صاحب ”سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هي ڪتاب انهيءَ مقالي تي مشتمل آهي، جيڪو ”سنڌالاجي“ 1986ع ۾ ڇپرايو. ڪتاب ۾ لوڪ ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ: پرولي، ٻهڳڻن جا ٻول، هنر، دڙهو، ست سري، سينگار، ڏهس، ڏور، مناظرا، مداحون ۽ مناجاتون، معجزا،ٽيهه اکريون، مولود، لوڪ گيت ۽ لوڪ ڪهاڻين جو تحقيقي جائزو ڏنو ويو آهي. تنهن کان سواءِ هر صنف جو، فني سٽاءُ ۽ تاريخي ارتقا ڏيئي، هر صنف مان نمونو ڏنو ويو آهي.
لوڪ ادب کان علاوه سنديلي صاحب جو سنڌي لغت تي پڻ چڱو موچارو ڪم ڪيل آهي، جن ۾ ٻي ڪم کان سواءِ سنڌي شاعريءَ جي ٽه مورتي جي پوين ٻن شاعرن، ”سچل ۽ سامي“ تي پڻ لغت جي حوالي سان ڪم ڪيل آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڇپيل ڪتابن ۽ ڪم جو هيٺ جائزو پيش ڪجي ٿو.
تحقيق لغات سنڌي
سنديلي صاحب جي لغت ۽ لوڪ ادب سان دلچسپي ۽ انهن تي تحقيق سندس من پسند مشغلو رهيو. هي ڪتاب پڻ انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ پاڻ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون ڏسيائين. جيئن ”نوَ لکو هار“ يا ”چندن هار“ تي اهو نالو ڪيئن پيو. اڪبر بادشاهه ”نورتن“ ڪهڙي خيال کان اختيار ڪيا. ”ٻٽيهه“ يا ”ڇٽيهه“ لکڻ (پڇڻ) ڪهڙا آهن. اهي ۽ اهڙي قسم جون ڪيتريون ئي ڳالهيون موتين جيان چونڊي ادبي مالها تيار ڪئي اٿس. هي لغت بيحد مقبول ۽ ڪيترائي ڇاپا ڇپجي چڪا اٿس.
سچل لغات
سنڌي لغت تي ڪيل ڪم جي سلسلي ۾، هي ڪتاب به انهيءَ جي هڪ ڪڙي آهي. ”سچل“ جي رسالي ۾ جيڪي انوکا لفظ آيل آهن، هن ڪتاب ۾ انهن جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. دستور موجب پاڻ هر لفظ جو بنياد پڻ ڏنو آهي. انهيءَ سان گڏ صوفيانه اصطلاحن ۽ فقرن جي معنى به سمجهائي ويئي آهي.
سامي ڌاتو ڪوش
سامي سنڌي ٻوليءَ جو اهم شاعر آهي، پر بدقسمتيءَ سان مٿس ايترو تحقيقي ڪم ٿي نه سگهيو آهي. سنديلي صاحب ساميءَ جي سلوڪن ۾ آيل انوکن ۽ ٻين ٻولين جي لفظن جي لغت مڪمل ڪري، ”سامي ڌاتو ڪوش“ جي نالي سان شايع ڪئي، جيڪا پهريون ڀيرو 1978ع ۾ ڇپي ۽ تنهن کان پوءِ ”سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت“ پاران ٻن جلدن ۾ آندل ”ساميءَ جا سلوڪ“ ۾ پڻ لغت طور ڇپي ويئي.
سنڌي اساسي شاعريءَ تي ڪم
سنديلي صاحب لوڪ ادب ۽ لغت کان سواءِ سنڌي اساسي ۽ عوامي شاعريءَ تي پڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي. انهي سلسلي ۾، لاڙڪاڻي ضلعي جي ٽن باڪمال عوامي شاعرن حسين ديدڙ، شاهه محمد ديدڙ ۽ حاجي خانڻ چنجڻي جو ڪلام گڏ ڪري، سهيڙي، سموهي، سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو. هي ٽيئي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. هر ڪتاب ۾ مقدمي کان سواءِ شاعرن جي مختصر سوانح ،ان جي ڪلام جي فني، لغوي، معنوي خوبين ۽ خصوصيتن تي پڻ روشني وڌي ويئي ِآهي.
مٿين ڪم کان سواءِ سنديلي صاحب ايم اي لاءِ ”لاڙڪاڻي ضلع جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي عنوان سان تحقيقي مقالو لکيو، جيڪو اڃا ڇپجي نه سگهيو آهي.
ساميات
سنڌي شاعريءَ جي ٽه مورتي مان ”سچل ۽ سامي“ تي سنديلي صاحب ڪافي ڪم ڪيو آهي. ساميءَ تي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ”سامي ڌاتو ڪوش“ کان سواءِ هڪ ڪتاب ”ساميءَ سنديون سپون“ پڻ ترتيب ڏنائين، جنهن ۾ سنڌي زبان جي هن بلند پايه شاعر جا چونڊ سلوڪ ڏنا ويا آهن، جيڪي ڪُل ٻه سئو آهن. ”ٻيو حصو“ معنى ۽ مطلب تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ساميءَ جي سلوڪن ۾ آيل هندي، سنسڪرت ۽ ٻين ڏکين لفظن جي معنى سمجهائي ويئي آهي. نه فقط ايترو پر هر لفظ جو بنياد ۽ سلوڪن جي ڪن سٽن، فقرن ۽ ويدانتي واين جي سمجهاڻي به ڏني ويئي آهي.
پهاڪن ۽ اصطلاحن تي ڪم
سنديلي صاحب سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن تي پڻ ڪافي ڪم ڪيو آهي،جنهن جا ٻه ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ ۽ ”اصطلاحن جي اصليت“ ڇپجي چڪا آهن.
(1) پهاڪن جي پاڙ
هن ڪتاب ۾ الف کان وٺي ”ي“ تائين الفابيٽ جي حساب سان 122پهاڪن جو وچور ڏنل آهي ۽ هر پهاڪي جي وجود ۾ اچڻ بابت جيڪو واقعو، پس منظر ۽ تاريخي حڪايت کيس معلوم ٿي سگهي آهي. اها بيان ڪئي اٿس. يعني پهاڪن بابت هي ڪتاب روايتي نوعيت جو نه آهي. پر هر پهاڪي بابت تحقيق ڪري پنهنجو تحقيقي نتيجو ڏنو اٿس.
(2) اصطلاحن جي اهميت
هن ڪتاب ۾ اصطلاحن جي اصليت بابت ڪيل تحقيق پيش ڪئي ويئي آهي. هر اصطلاح بابت جاکوڙ ڪري، ان جي لغوي ۽ معنوي پهلوءَ جي اصليت بيان ڪري، اصطلاح جي معنى سمجهائي ويئي آهي. شروع ۾ ”ٻه اکر“ جي عنوان هيٺ اصطلاح جي وصف، افاديت ۽ تاريخي حيثيت بيان ڪئي ويئي آهي. سنڌي زبان ۾ هزارين اصطلاح ملن ٿا، پر هن ڪتاب ۾ فقط اهي اصطلاح ملن ٿا، جن بابت پاڻ تحقيقي ڪم ڪيو اٿس.
ڪلاسيڪي ڪتابن جا رهبر ۽ درسي ڪتاب
ڊاڪٽر سنديلي، استادن ۽ شاگردن جي رهبري ۽ آساني لاءِ مختلف ڪلاسيڪي نثر توڙي نظم جي ڪتابن جا رهبر به لکيا جهڙوڪ: رهبر ديوانِ گل، رهبر روح رهاڻ، رهبر سير ڪوهستان وغيره. هنن ڪتابن ۾ اصل ڪتاب/شعر جو مفهوم نهايت چٽائيءَ سان سمجهايو ويو آهي. ايتري قدر جو ديوان گل جي شرح ۾ لکندي هر غزل جو بحر ۽وزن به ڏنو اٿس.
سنديلو صاحب، ’بيورو آف ڪريڪيولم‘ جي نظرثاني ڪميٽيءَ جو ميمبر پڻ هو ۽ پهرين کان وٺي ڏهين ڪلاس تائين سمورن سنڌي ڪتابن جي نظرثاني جو ڪم پڻ ڪيائون.
نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ کان سواءِ ڊاڪٽر سنديلي، ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سان گڏجي نائين ڏهين ڪلاس جو ”سنڌي“ ڪتاب به لکيو، جنهن کي پاڪستان جي سڀني ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ”ٽيڪس بوڪس“ ۾ بهترين ٽيڪسٽ بوڪ قرار ڏنو ويو.
انهن کان سواءِ ڊاڪٽر سنديلي درسي نوعيت جا ٻيا ڪتاب به لکيا: جهڙوڪ: علم بديع، انگي اصول، تاريخ سنڌ، اسلامي تاريخ وغيره.
مٿين ڪمن کان سواءِ پاڻ سنڌي لغت ۽ لوڪ ادب بابت ڪيترائي مضمون پڻ لکيا اٿس، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل اٿس ۽ هڪ ڪتاب ”مڪليءَ جو سير“ جيڪو پروفيسر محبوب علي چنا جو، مڪلي جي مقام بابت تحقيق تي مشتمل آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ نئين زندگيءَ ۾ قسط وار ڇپيو هو، اهو سنڌي ادبي بورڊ جي چوڻ تي ڪتابي صورت ۾ مرتب ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپجي چڪو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي هن وڏي محقق 2 جنوري 1990ع تي وفات ڪئي.