رسول بخش پليجو
سوانح
رسول بخش پليجي جو جنم 21جنوري 1930ع تي ٺٽي ضلع جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ’منگر خان پليجي‘ لڳ ’جنگشاهي‘ ۾ علي محمد پليجي جي گهر ۾ ٿيو. چئن سالن جو ٿيو ته رسول بخش پليجي کي سندس ڏاڏي ”ملان مڪتب“ ۾ قرآن شريف پاڙهڻ جي لاءِ ويهاريو، جنهن جي مرضي اها هئي ته رسول بخش کي ديني تعليم ڏياري شريعت جو صاحب ڪجي. قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين ته کيس پرائمري تعليم لاءِ ”جنگشاهي“ جي اسڪول ۾ ويهاريو ويو. رسول بخش پليجي کي پڙهڻ سان ڪافي دلچسپي هوندي هئي. تنهن ڪري هو جنگشاهي ڇڏي اچي ٺٽي ۾ رهيو ۽ وڌيڪ اتي پڙهيو. ٺٽي مان تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ 1937ع ۾ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ ڪراچي ۾ وڌيڪ پڙهڻ جي لاءِ داخل ٿيو. مئٽرڪ ۽ انٽر اُتان ئي ڪيائين. جتي کيس تمام سٺا ۽ محنتي استاد مليا. جن ۾ محترم محمد ابراهيم جويو، سر ٿامس، ايس ڪي ڀائيجي ۽ غلام حسين سومري جا نالا قابل ذڪر آهن. ”سنڌ مدرسي“ ۾ پڙهڻ جي دوران ئي رسول بخش پليجي جي ذهني ۽ فڪري تربيت ٿي، جنهن ۾ اُستاد محمد ابراهيم جويي جو وڏو هٿ هو. جويو صاحب هڪ ترقي پسند دانشور هوندو هو، جنهن جي نظر ۾ رسول بخش پليجي جهڙن شاگردن جي وڏي اهميت هوندي هئي. سڄي ڪاليج ۾ جويو صاحب واحد استاد هوندو هو، جيڪو بيباڪي سان سوشلسٽ خيالن جو پرچار ڪندو هو. سنڌ مدرسي مان تعليم ختم ڪري، پليجي جناح مسلم ڪاليج مان ايل ايل بي ڪئي.
عملي زندگي
تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ رسول بخش پليجو مختلف هنڌن تي گذر سفر واسطي نوڪري ڪرڻ لڳو. جتان کيس انيڪ تجربا حاصل ٿيا. نيٺ وڪالت جو امتحان پاس ڪري مستقل طور وڪالت ڪرڻ لڳو.اڳتي هلي سندس شمار ملڪ جي چوٽيءَ جي ڪامياب وڪيلن ۾ ٿيڻ لڳو.
ادبي سفر
پليجي جي ادبي اوسر ته 1946ع کان ئي ٿي چڪي هئي. اڳتي هلي جڏهن رجعت پرست حلقن طرفان، سنڌ جي قوم پرست ۽ ترقي پسند اديبن تي حملا ٿيا ته پليجي جي قلم جوش کاڌو ۽ انهن کي وڏي واڪي جواب ڏيڻ شروع ڪيائين. جن قوم پرست ۽ ترقي پسند طبقن جو وڏو بچاءُ ڪيو.
رسول بخش پليجي پنهنجي ادبي سفر جي شروعات 64-1963ع ۾ ’خادم وطن‘ کان ڪئي، انهي زماني ۾ رجعت پسند حلقن پاران شيخ اياز تي وڏي وٺ پڪڙ متل هئي. انهن کي جواب ڏيڻ لاءِ مولانا گرامي پنهنجو مشهور مقالو ”مشرقي شاعري جا فني قدر“ لکي، انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو.انهي دور ۾ ٻيو جيڪو اهم ڪتاب شيخ اياز جي شاعري جي بچاءُ ۾ لکيو ويو. اهو رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ“ جي نالي سان لکيو.اهو پهرين هر هفتي قسطوار ”خادم وطن“ اخبار ۾ ڇپبو هو، جنهن کي لکائڻ ۽ ڇپڻ جو سهرو شمشيرالحيدري ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو هر هفتي ڳوٺ اچي پليجي کان انهي جي لکيل قسط کڻي وڃي اخبار ۾ ڇپيندو هو. اڳتي هلي جڏهن ڪتابي صورت ۾ ڇپيو ته ڪتاب جي مهاڳ ۾ انهن حالتن جو ذڪر ڪندي محترم ابن حيات پنهور لکي ٿو:
”ڪجهه سال اڳ، جديد سنڌي ادب جي خلاف هڪ نهايت خطرناڪ ۽ گمراهه ڪندڙ مهم شروع ڪئي ويئي. سنڌي عوام کي جاهل رکڻ، کيس پنهنجي سجاڳ ۽ هڏ ڏوکي اديبن کان بدظن رکڻ لاءِ مڪر فريب، بهتان طرازي ۽ چغل خوريءَ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ويا. ان صورتحال جي سنگين نتيجن کي محسوس ڪندي، محترم رسول بخش پليجي روزانه ”خادم وطن“ ۾ انهن حملن جو جواب ڏنا.......هي هڪ پنهنجي ليکي نرالي ادبي صنف آهي، جنهن تي في الحال ڪوبه نالو رکڻ ممڪن ڪونهي.“
انهي وقت 64-1963ع ۾ پليجي ”نواءِ سنڌ“ اخبار ۾ ’چاچا چنيسر‘ جي نالي سان ”تعارف ۽ پسمنظر“ جهڙا ڪالم لکي صحافت جي دنيا ۾ اچي وارد ٿيو. اڳتي هلي قادر بخش نظاماڻي جي سرپرستي ۾ نڪرندڙ ”صداقت“ اخبار جوسب ايڊيٽر، تنهن کان پوءِ ”نئين سنڌ“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو.
پليجي پنهنجي سڄي ادبي سفر ۾ پنهنجي قلم وسيلي فڪري محاذ تي سدائين، سنڌ دشمنن جي خلاف، سنڌ دوستن جي ويڙهه ۾ مهنداري وارو ڪردارادا ڪيو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن رسول بخش پليجي جي پارٽي ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پاران ”تحريڪ“ رسالو جو اجراءُ ڪيو ويو ته پليجي قلم کان ترار جو ڪم ورتو. سندس اهڙين نظرياتي ۽ قومي لکڻين جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ ”صبح ٿيندو“ ”دراڙن جا ڌڪ“، ”سنڌ جي سڏ تي“، ”ڳالهيون ڳنوارن جون“ شامل آهن.
پليجو هڪئي وقت ڪالم نگار، نقاد، مترجم ۽ ڪهاڻيڪار به رهيو آهي، جن جو مختصر طور تي جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
رسول بخش پليجي مختلف وقتن تي ڪهاڻيون به لکيون آهن، جن جو هڪ مجموعو 1985ع ۾ ”پسي ڳاڙها گل“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ پليجي جون ڇهه ڪهاڻيون شامل آهن.انهن ۾ ”پسي ڳاڙها گل“، ”جتي باهه ٻري“، ”بختاور“ پليجي جون شاهڪار ڪهاڻيون آهن ۽ اهي سڀئي ڪهاڻيون ٻولي، مواد توڙي پلاٽ جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. ڪهاڻين جو ڇيد ڪندي ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو لکي ٿو:
”مصنف ڳالهه ٻولهه جي هنر جو وڏو ماهر ٿو ڏسجي، هرڪا ڪهاڻي هو گفتگوءَ جي فن جي مدد سان اُڀاري ٿو. هن جا ڪردار سڌي سنواٽي ۽ عام فهم اُها زبان ڪم آڻين ٿا، جيڪا سندن اوسي پاسي هر ماڻهو ڳالهائي ٿو. هن طرح مصنف پنهنجي ڪهاڻين جي مدد سان پنهنجن ڪردارن جي باري ۾ باريڪ ترين معلومات به مهيا ڪري ٿو......
هنن ڪهاڻين ۾ پليجو سنڌ جي عوام ۽ محنت ڪش مزدور هاريءَ جي سماجي حالتن ۽ انهيءَ جوهر جو متلاشي رهيو آهي، جيڪو سنڌ ۾ تمام وڏي درجي ۽ معيار سان موجود نه آهي، پر گهڻي ڀاڱي ڏسڻ ۾ ڪونه آيو آهي، جيئن هر نظرياتي اديب کي هئڻ گهرجي به، هو اهڙي سماج مان پنهنجي سماجيات جو اصول ٺاهي ٿو. سمجهائي ٿو ۽ پکيڙڻ گهري ٿو، پر هر ڪهاڻي جي حالت ۾ هو سنڌ جي ذهن، ريت، حوصلي، همت ۽ برداشت جو راوي آهي ۽ اهائي روايت آهي، جنهن کي ”جيئڻ جي همت“ ٿو چئجي.“
”انڌا اونڌا ويڄ“ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پليجي سنڌ ۾ تخليق ٿيندڙ ادب تي ۽ انهيءَ جي تنقيدي جائزي تي ٻڌل 1983ع ۾ هڪ ٻيو ڪتاب ”سنڌي ذات هنجن“ لکيو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جو مصنف، جيئن سنڌي ادب جي پهرينءَ ۽ پڌري مخالف گروهه جي وار جو بروقت پنهنجي جاندار تصنيف ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ تز جواب ڏنو هو. تيئن هن پنهنجي هن اُملهه تصنيف ”سنڌي ذات هنجن“ ۾ اُن ٻئي پنهنجن جي ويس ۾ لڪل ۽ وڌيڪ خطرناڪ دشمن گروهه جي هاڃيڪاريءَ جو وقتائتو جائزو ورتو آهي.“
اها ڪهڙي هاڃيڪار ڳالهه آهي، جنهن جو پليجي پنهنجي هن ڪتاب ۾ جائزو ورتو آهي. محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:
”جيئن پراڻي شئي جو پراڻو هجڻ ئي ان جي قدر جو ماڻ نه آهي، تيئن نئون هجڻ به ان جي چڱائي جو دليل ڪونهي. نظرياتي طور تي، اسان جا ”جديدي“ دوست پاڻ به پنهنجي اُن ”جديديت“ جي ڪنهن انساني وٿ يا قدر جا قائل نه آهن. بلڪ هوپنهنجي ”جديديت“ کي انسان ۽ انسان جي دنيا کان پري رکڻ ئي پنهنجو منصب سمجهن ٿا. اصل ۾، خود فن به هنن لاءِ ڪا اهميت نٿو رکي، فن کي هو هڪ کيل، هڪ سانگ ئي سمجهن ٿا، ۽ چون ٿا ته زندگي، جيڪا ڳنڀير ۽ ڳري آهي، ان سان فن کي ملائڻ ئي نه کپي. ڇو ته فن رڳو فن ئي رهڻ کپي. ايئن هو زندگيءَ کان فن کي پري رکي، جيئن ادب کي تيئن فن کي به پنهنجي انفرادي مرضي ۽ ريچڪ جي تابع رکڻ چاهين ٿا. بلڪ ان لاءِ هو هر تسليم ٿيل ۽ پسند پيل ادبي ۽ فني معيار جي مذاق اڏائين ٿا، ۽ جديديت جي عشق ۾ پنهنجي نفرت، بلڪ ڪراهت جو اظهار ڪن ٿا ۽ کليو کلايو هو چون ٿا ته هنن جي ”تخليق“ مخصوص ماڻهن لاءِ، بلڪه فقط سندن پنهنجي پاڻ لاءِ آهي. هُنن کي ئي اُن مان مُسرت حاصل ڪرڻي آهي، ۽ ان لاءِ هنن جي اها ڪوشش ٿي رهي ته پنهنجي فن پاري مان انساني دلچسپيءَ جي ڳالهين يا مسئلن کي جيئن پوءِ تيئن گهٽائيندا وڃن. ويندي سندن ادب ۾ سندن ٻولي به ماڻهن جي ٻولي نه رهي. تان جو باقي جيڪا سندن ڪاوش بچي سا خالص سندن ”فن“ هجي، ۽ پوءِ اهو اهڙو وقت هوندو جو ان کي فقط فن جا خاص ڄاڻو، يعني آخري طور رڳو هو پاڻ ئي سمجهي سگهندا، ۽ ان مان سڄي جمالياتي مسرت ۽ ٻيو به جو ڪجهه ان ۾ باقي هجي سگهندو، سو اهي پاڻ ئي ان مان حاصل ڪري سگهندا.“
مٿين ڪتابن کان سواءِ رسول پليجي جا طبعزاد ۽ ترجمن جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. انهن جا نالا هن ريت آهن: اوهان جي پڄاڻان (ترجمو ڪيل شاعري)، مارن مونجهه مُياس (سياسي ۽ ادبي مضمون)، ويهڻ مون نه وڙاءُ (مضمون ۽ انٽرويو)، مُائوزي تنگ، هوچي منهه جي آتم ڪهاڻي، قومي انقلابي جدوجهد ۽ ادب ۽ فن جي اهميت (مائوزي تنگ جو طويل مقالو-ترجمو)، جن جهونا ڳڙهه جلايو (مضمون)، هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن (ڪالم) ۽ سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار.
رسول بخش پليجي جي سڀني لکڻين کي نوجوان اديب جامي چانڊيي ستن جلدن ۾ آڻڻ جي رٿا بندي ڪئي آهي، جن مان سياسي ادب جي نالي سان ٽي جلد شايع ٿي چڪا آهن.
رسول بخش پليجي کي سنڌ جي قومي، انقلابي ۽ جمهوري جدوجهد جي حوالي سان سان ڪافي عرصو قيد ۽ بند ۾ پڻ رکيو ويو. سندس جيل ياترا جو احوال ٻن ڀاڱن تي ٻڌل ڪتاب ”ڪوٽ لکپت جوقيدي“ ۾ ڇپيل آهي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران کيس ”ضمير جو قيدي“ پڻ قرار ڏنو ويو هو.