ليکڪ پاران
ڪافي سال اڳ مون سنڌي ليکڪن جو هڪ سوانحي سلسلو شروع ڪيو هو، جنهن جا ڪجهه مضمون اخبارن ۽ ڪن رسالن ۾ ڇپيا ۽ دوستن ڪافي پسند ڪيا. پوءِ 2004ع ۾ انهن مان 43 سوانحي مضمون ”سنڌي ادب جا سرچشما“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. دوستن پاران سٺي موٽ ملڻ تي منهنجي لکڻ جو اهو سلسلو هلندو رهيو ۽ ايئن ٻيو ڀاڱو به تيار ٿي ويو.
ڪجهه وقت کان پوءِ اڳ ڇپيل ڪتاب ۾ آيل سوانحي مضمونن ۽ نون لکيل مضمونن کي ’الف بي وار‘ ترتيب ڏيئي، هن ڪتاب جو مسودو تيار ڪيم ۽ اڳ لکيل مضمونن ۾ پڻ واڌارا ڪري مسودو سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئر پرسن ڊاڪٽر فهميده حسين کي ان گذارش سان ڏنم ته جي اٿارٽي ڇپرائي ته خوشي ٿيندم، پر ڊاڪٽر صاحبه اهو عذر ڏيئي پڙهي واپس ڪيو ته اٿارٽي هن قسم جي ڪتابن کي ڇپرائي نٿي سگهي، اسين هاڻ فقط ٻولي بابت ئي ڪتاب ڇپينداسين، البته اها مهرباني ڪيائين جو ڪتاب بابت پنهنجي راءِ لکي ڏنائين، جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل ڪئي اٿم.
هڪ ڏينهن هن ڪتاب جو ذڪر ثقافت کاتي جي سيڪريٽري جناب شمس جعفراڻيءَ سان ٿيو، جنهن هڪدم حامي ڀري ۽ مون کي منهنجي ئي نگرانيءَ ۾ ڪمپوز ڪرائي ڏيڻ لاءِ چيائين. ڪمپوزنگ دوران ڪجهه منهنجي سُستي ۽ ڪجهه ٻين سرگرمين سبب دير ٿي ويئي، تيسين شمس جعفراڻي صاحب رٽائر ڪري هليو ويو ۽ ثقافت کاتي جي تعليم کاتي مان ڊيپوٽيشن تي آيل ڊائريڪٽر، کاتي جي وزير صاحبه جي اڳيان منهنجو اهڙو ته خطرناڪ نقشو پيش ڪرڻ شروع ڪيو، جو مون وڌيڪ کين چوڻ مناسب نه سمجهيو. ايئن هن ڪتاب ۾ دير پوندي رهي.
نيٺ هڪ ڏينهن هن ڪتاب جو ذڪر پنهنجي مهربان دوست آغا نور محمد پٺاڻ سان ڪيم. هو اُن مهل ته خاموش رهيو، پر هڪ ڏينهن مون کي فون ڪري چيائين: ”اوهان کي ڪو خط پهتو؟“
”نه...“ وراڻيم.
”اوهين پڇا ڪريو، مون اڪادمي ادبيات جي چيئرمين کي هن اهم ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ لکيو هو، هن ان لاءِ ڪجهه گرانٽ منظور ڪئي آهي، چيڪ جلدي اوهان کي پهچي ويندو.“
آئون آغا صاحب جي ان خاموش محبت جو ڪهڙن لفظن ۾ ٿورو ادا ڪيان... سندس ئي ڪوششن سبب هي ڪتاب اوهان جي هٿن ۾ آهي.
يوسف سنڌي
2011/03/18
Cell: 0301-3640468