مرزا قليچ بيگ
”سنڌي ٻولي اردو ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ڪيترين ئي ٻولين کان ڪافي اڳتي آهي، انهن ٻولين کي پنهنجو ڪوبه قليچ بيگ نه مليو ،پر توهان وٽ آهي. جيڪو به ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا شئي ترجمو ڪري ٿو، سو قليچ بيگ جي دانشوراڻي ڪٽنب جو ڀاتي آهي. جيڪو ليکڪ به هو ۽ مترجم به.“
سوانح
مرزاقليچ بيگ جو جنم 7آڪٽوبر 1853ع تي حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو ’مرزا فريدون بيگ‘ هو، جنهن کي ست پُٽ هئا. قليچ بيگ انهن ۾ ٽيون نمبر هو. مرزا فريدون بيگ جارجيا جو ويٺل هو ۽ هڪ امير عيسائي گهراڻي سان واسطو هئس. پاڻ ننڍي هوندي 1797ع ڌاري، ڪنهن جنگ ۾ گرفتار ٿي ايران آندو ويو. ڏهن سالن جي عمر ۾ مير ڪرم علي خان وٽ، ايران جي حڪومت طرفان سوکڙي ڪري موڪليو ويو. اڳتي هلي مسلمان ٿيڻ جي ڪري سندن نالو ”سڊني“ مان بدلائي فريدون رکيو ويو ۽ پاڻ فريدون بيگ سڏجڻ لڳو.
مير ڪرم علي خان ”فريدون بيگ“ کي پنهنجي اولاد وانگر نپايو. سندن خاندان جو وڌيڪ احوال مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن ”تاريخ سنڌ“ (انگريزي)، ”يادگيريون“ ۽ ”حيات قليچ“ مان ملي سگهي ٿو.
تعليم ۽ تربيت
انهيءَ وقت جي دستور موجب قليچ بيگ ابتدائي تعليم فارسي سکڻ ۽ قرآن شريف پڙهڻ سان شروع ٿي. تنهن کان پوءِ هو سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو. جتي سنڌي سان گڏ عربي ۽ انگريزي تعليم به حاصل ڪيائين. اها قليچ بيگ جي خوش قسمتي هئي ته کيس اتي نهايت همدرد ۽ قابل استاد نصيب ٿيا، جن سندس شخصيت کي ٺاهڻ ۾وڏو ڪم ڪيو. قليچ جي انهن شروعاتي بزرگن استادن ۾ لڪشمڻ وشنو مرهٽو ۽ قاضي حاجي احمد مٽيارين وارو مخدوم مکيھ آهن. پرقليچ جو ڪردار ٺاهڻ ۾ جنهن استاد سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪيو، سو هو پروفيسر مرزا حيرت. قليچ جڏهن اسڪولي تعليم پوري ڪري، بمبئيءَ ۾ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ اعلى تعليم جي لاءِ داخل ٿيو (1873ع) ته مرزا حيرت اتي پروفيسر مقرر ٿي آيو ۽ هن قليچ کي پنهنجي پٽ وانگر ڀانئيو. قليچ کي فارسي ۽عربي چڱي ايندي هئي ۽ پروفيسر حيرت کيس انهن ٻولين جي علمي ڪتابن مطالعي ڪرڻ جو شوق ڏياريو. بعد ۾ ترڪي زبان پڻ سيکاريائينس.
ڪاليج جي زماني ۾، ڪاليج جا ڪيترائي هم ڪلاسي ٻين ٻولين، قومن ۽ مذهبن جا هئا. جهڙوڪ: مرهٽا، گجراتي،پارسي وغيرهه انهن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۽ سنگت ساٿ جو قليچ تي اثر پيو ته هن جي دل مذهبي تعصب جي اثر کان پاڪ رهي. هو صوفي منش ٿي پيو. مڙني مذهبن، قومن ۽ نسلن جو احترام ڪرڻ سکيو، جو هڪ اعلى انسان جو مَرڪ آهي. انهي حوالي سان پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿس:
”ماڻهو مون کان پڇندا آهن ته تنهنجو ڪهڙو مذهب آهي؟ سني آهين يا شيعو آهين. يا وچئون ڪو ٻيو مذهب اٿيئي؟ تنهنجو پير يا مرشد ڪير آهي ۽ اهڙن وقتن تي آءُ ڏاڍو مُنجهي پوندو آهيان ۽ نيٺ کين چوندو آهيان: آءُ سني به آهيان، شيعو به آهيان، بلڪ سڀني مذهبن جو آهيان. سڀني مذهبن جا احوال ڄاڻان ۽ انهن تي ڪتاب لکيا اٿم ۽ سڀني سان تعصب کان سواءِ گذاريندو آهيان.“
ڪيو تعصب ڌار ٻاهر، هندو ۽ مسلم جو ٿانءُ،
نه ته اندر ميخاني ۾ ساقي به هڪ ساغر به هڪ.
عملي زندگي
ڪاليجي تعليم پوري ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي صحت جي خرابيءَ سبب بمبئي مان موٽي آيو. ڪجهه وقت صحت سڌارڻ ۾ لڳس ۽ پوءِ روزگار واسطي سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. پهرين هو شڪارپور جي ڪڪڙ تعلقي جوهيڊ منشي مقرر ٿيو. نوڪري نهايت ايمانداري ۽ خوش اسلوبيءَ سان ڪيائين. انهي ڪري ترقي ڪندو ويو ۽ وڃي ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهتو ۽ 1909ع ۾ انهي عهدي تان پينشن تي لٿو. ان وقت سندس عمر ڇاونجاهه سال هئي. مرزا قليچ بيگ ٽي شاديون ڪيون، جيڪي پاڻ هڪٻئي جي پويان وفات ڪرڻ بعد ڪيائين. کيس انهن مان اولاد يارنهن فرزند ۽ ٽي نياڻيون پيدا ٿيون.
تصنيف ۽ تاليف
مرزا قليچ بيگ جي گهر جو ماحول علمي هو. قليچ جو پيءُ ۽ نانو فارسي زبان جا عالم هئا ۽ کين ڪتابن گڏ ڪرڻ جو گهڻو شوق هو. پنهنجي نانيءَ ۽ پيءُ جي علمي شوق کان متاثر ٿي، قليچ پنهنجي ٻالڪپڻ ۾ فارسيءَ ۾ نظم جوڙيندو هو. جي پوءِ سندس نانو ۽ پيءُ درست ڪري، پنهنجي مهمانن کي ڏيکاريندا هئا. مهمان خوش ٿي، قليچ کي شاباس ڏيندا هئا ۽ سندس لياقت جي واکاڻ ڪندا هئا. انهيءَ همت افزائي قليچ جو حوصلو وڌايو ۽ اهڙي ريت، هن جي لکڻ، پڙهڻ جو لاڙو جيئن پوءِ تيئن پڪو پختو ٿيندو ويو.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي به گهڻو سڌاريو ۽ وڌايو ويو ۽ وڏا وڏا يورپي عملدار پنهنجي علائقي جي ٻولي ۽ تاريخ جو اڀياس ڪندا هئا ۽ مفيد معلومات ڪٺي ڪري ڪتاب لکندا هئا. انهي ڳالهه مرزا قليچ کي، پنهنجي ننڍپڻ جي علمي شوق کي، نوڪريءَ واري زماني ۾ قائم رکڻ لاءِ همت ڏياري. سرڪاري نوڪريءَ ۾ به واندڪائي جو وقت گهڻو ڪري هو ڪتابن لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ صرف ڪندو هو. ڪي ڪتاب هن خاص سرڪاري حڪم سان لکيا.انهن ڪتابن تي سرڪار وٽان کيس انعام ۽ اڪرام پڻ مليا. ٻيا ڪتاب وري پاڻ پنهنجي ذوق ۽ شوق سان لکيا. سي وري سندس همت افزائي لاءِ تعليم کاتي وارن درسي ڪتاب يا هوشيار اسڪول شاگردن لاءِ انعامي ڪتاب يا وري اسڪولن لاءِ لئبرري ڪتاب ڪري منظور ڪيا.
ملان مڪتبن جاري ٿيڻ بعد، ڪيترائي ڪتاب انهن مڪتبن جي شاگردن لاءِ لکيائين. ڪجهه ڪتاب زنانن مڪتبن ۽ ڪي خاص مذهبي مسلمانن لاءِ لکيائين.ڇاڪاڻ ته مسلمانن ۾ تعليم جوشوق گهٽ هو ۽ اهڙي ڪتابن جي ان وقت از حد گهرج هئي. تنهن کان سواءِ ٻين مذهبن ۽ سوسائٽين جي اصولن بابت پڻ، انهن جي پوئلڳن جي فرمائش تي ڪتاب لکيائين. جن مان ڪي نثر ۾ هئا ته ڪي نظم ۾، ٻين لکندڙن کي پڻ سندن فرمائش تي ڪتابن جا ديباچا يا مهاڳ لکي ڏيندو هو.
سندس انهن علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض سرڪار طرفان پهرين 1924ع تي هن کي ”خان بهادر“ جو لقب مليو. پوءِ ”شمس العلماءَ“ جو خطاب مليس. ان کان اڳ کيس ”قيصر هند“ جو تمغو پڻ ڏنو ويو.
مرزا صاحب کي پنهنجي زبان سان والهانه عشق هو. ان ڪري هن نت نرالن موضوعن تي، ٻين ٻولين مان ترجما ڪري ڪتاب لکي، سنڌي ٻولي کي مالا مال ڪيو. سندس ڪتابن جي موضوعن کي ڏسبو ته حيرت وٺندي ته شايد ئي ڪو موضوع هجي، جيڪو مرزا صاحب جي قلم مان نه نڪتو هجي. مرزا صاحب جي ڪُل ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو تعداد ڪُل 457 بيهي ٿو. اهو ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته مرزا صاحب هڪ نهايت مصروف سرڪاري عملدار هوندي ۽ بجلي، ريڊيو، ٽي-وي ۽ ٻين سهوليتن نه هوندي به ايترا ڪتاب لکيا، جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته هو صحيح معنى ۾ هڪ اورچ، لائق ۽ محنتي انسان هو ۽ زندگي عيش ۽ آرام ۾ وڃائڻ بدران علم ادب جي کيتر ۾ قلم جي هر هلائڻ کي ترجيح ڏنائين. علي احمد بروهيءَ جي لفظن ۾ ته: ”اهڙي علمي بلندي کي سرڪيائين، جنهن جي پهچ لاءِ ڪو سوچي به نٿو سگهي. آئون نٿو سمجهان ته مرزا مرحوم زندگي جي ڪا اجائي گهڙي بسر ڪئي هوندي.“
سندس انهيءَ علمي ڪم کي ڏسي چئي سگهجي ٿوته هو صحيح معنى ۾ ”عالمن جو آفتاب“ هو. پر انهيءَ هوندي به هو پنهنجي نهٺائي جو اظهار ڪندي هڪ شعر ۾ هيئن ٿو چوي:
ڪنهن علم کان پڻ، قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو، جو اُن کي مفهوم نه ٿيو،
ستر جي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
معلوم ٿيو ته ڪي به معلوم نه ٿيو.
قليچ جا ڪتاب
مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن بابت اعجاز علي بيگ مرزا جي تحقيق موجب ڪُل ڪتابن جو تعداد 457 بيهي ٿو. تنهن کان سواءِ سندس مختلف هنڌن تي ڪيل تقريرن جو تعداد پڻ ٽيهن کان وڌيڪ آهي. تنهن کان سواءِ ٻين تحريرن ۽ تقريطن جو تعداد اڃا به وڌيڪ آهي. ڊائرين يا روزنامچن جو به ڪافي تعداد آهي، جيڪي سنڌ جي تاريخ جي مواد سان ڀريل آهن.
مرزاقليچ بيگ جي لکيل يا ترجمو ڪيل ڪتابن جي ٿلهي ليکي موضوع وار ترتيب هن ريت ٿي بيهي.
(1)مختلف موضوعن تي انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيل 69 ڪتاب، (2) انگريزي ۾ لکيل ڪتاب 41، (3) فلسفو ۽ اخلاقيات 89 ڪتاب، (4) سنڌي ڊراما 20 ڪتاب، (5)ناول يا آکاڻيون 23، (6) ادبي ۽ اسڪولي 119ڪتاب، (7) زناني تعليم تي لکيل ڪتاب 19، (8) ٻارن لاءِ لکيل ڪتاب 17، (9)سنڌي نظم ۾ مختلف ڪتاب (ترجما ۽ طبعزاد) 29، (10) فارسي ۾ لکيل ڪتاب 22، (11) عربي ۾ لکيل ڪتاب 30، (12) اردو ۾ لکيل ڪتاب 5، (13) بلوچي گرامر هڪ ڪتاب.
اندازي موجب اڃا تائين مرزا صاحب جي اڻ ڇپيل ڪتابن جو به وڏو انگ سندس پونيئرن وٽ قلمي صورت ۾ موجود آهي.
وفات
نوڪري پوري ڪري پينشن تي لهڻ بعد مرزا مرحوم جي خاص مشغولي نواب شاهه ۾ سرڪار وٽان مليل زمين جي سار سنڀال ۽ نظرداري ڪرڻ هو۽ هو پنهنجو اڪثر وقت اُتي ئي گذاريندو ۽ لکڻ پڙهڻ ۾رڌل رهندو هو.
1929ع جي اپريل مهيني ۾ گردي ۾ سور ۽ ستت ئي پوءِ نمونيا ٿي پيس، علاج کان پوءِ ڪجهه ٺيڪ ٿيو ته لکڻ پڙهڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ جنبي ويو، جنهن ڪري بيماري اُٿلي پيس. نيٺ 3جولاءِ 1929ع ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. کيس حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
دنيا مان گهڻيئي، صاحب اقبال ويا،
دولت نه وئي ساڻ، نه اطفال ويا،
پهچائي قبر تائين وري آئي خلق،
جي ساڻ ويا ته يارو اعمال ويا.