شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي

جن سنڌي عالمن، اُستادن ۽اسڪالرن، پنهنجي وت ۽ وس آهر سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پتوڙيو ۽ نور نچوئي بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ادب جي آبياري ڪئي، انهن ۾ ڪاڪي ڀيرومل جو نالو وسارڻ جو ڳو ڪونهي. بقول سائين جي-ايم-سيد:
”سرڳواسي ڀيرومل سنڌ جي چوٽيءَ جي اديبن مان هو. سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچرل روايات ۽ زبان بابت کوجنا ڪري، هن جيڪو مواد ڪٺو ڪيو ۽ ڪتابي صورت ۾ آندو آهي، سو تعريف جي لائق آهي. سنڌين کي جڳائي ته هن بي مثل اديب جو نالو دلين تان نه وسارين.“

سوانح
ڀيرومل مهرچند، حيدرآباد جي عامل پاڙي جي مشهور آڏواڻي ڪٽنب ۾ 1975ع ڌاري، ديوان مهرچند آئل مل جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم مڪاني اسڪول ۾ ورتائين. سيڪنڊري تعليم حيدرآباد جي مشهور يونين اسڪول ۾ ورتائين. اُتي ساڌو هيرانند شوقيرام آڏواڻي ۽ سندس ڀاءُ ديوان تاراچند شوقيرام آڏواڻي کان ٻي تعليم وٺڻ سان گڏوگڏ، هو شاهه لطيف جو ڪلام پڻ پڙهيو هو. ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي 1895ع ۾ ويهن سالن جي ڄمار ۾، سالٽ (لوڻ) ايڪسائيز کاتي ۾ پنجويهه روپيا ماهوار تي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. ۽ اُتي 28 سال نوڪري ڪري 1924ع ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر جي عهدي تان ٻه سئو روپيا پگهار تي پينشن تي لٿو.
انهي وقت اسڪولن ۾ سنڌي مئٽرڪ تائين پاڙهيندا هئا. 1924ع کان پوءِ بي-اي تائين پڙهائڻ شروع ڪيائين. سا به فقط ڊي-جي سنڌ ڪاليج ۾ پڙهائي ويندي هئي. 1924ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڊائريڪٽوريٽ جي ڊگري لاءِ ولايت اُسهڻ کان پوءِ، اُن عهدي تي ڀيرومل کي ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي. هن جو لاڙو اڳ ۾ ئي علمي ۽ ادبي ميدان طرف هو. جيتوڻيڪ اُتي پگهار ايڪسائيز کاتي جي ڀيٽ ۾ گهٽ هئي. تڏهن به اها آڇ قبول ڪيائين. ائين پاڻ ڪراچي جي ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج (ڊي-جي ڪاليج) ۾ سنڌي جي ليڪچرار طور ڪم شروع ڪيائين. پاڻ لکي ٿو:
”هڪ سئو روپيا (ماهوار) پينشن وٺي ايڪسائيز کاتو ڇڏي آيس. جو هيءَ ڪم منهنجي دل وٽان هو. بي-اي جي شاگردن ۾ سنڌي لاءِ چاهه وڌايم ته پوءِ ڪاليج جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي ۽ پنهنجو پورهيو سجايو سمجهيم.“
ڊي-جي ڪاليج ۾ ڀيرومل کي پنهنجو من پسند ماحول مليو. اُتي کيس ڪيترن ئي عالمن ۽ اديبن سان اُٿڻ ويهڻ جو موقعو مليو، جن ۾ پرنسپال صاحب سنگهه چندا سنگهه شهاڻي، پرنسپال بٽاڻي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻي شامل آهن.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي، جيئن اسان کان ٻيا اديب ۽ عالم جدا ڪيا، تيئن ڪاڪو ڀيرومل به جدا ٿي ويو. ورهاڱي وقت هي پهرين ته ڪراچي ۾ رهيو پيو هو.پر پوءِ حالتن جي ڪري نومبر 1949ع ۾ بمبئي لڏي ويو، جتي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندو رهيو. اُتي هن 7جولاءِ 1950ع تي وفات ڪئي.
ڪاڪي ڀيرومل جو کوجنا ۽ تاريخ جي کيتر ۾ اهم مقام آهي. بقول هيري ٺڪر جي:
”سندس دور سنڌي نثر جي آغاز جي ٻين منزل وارو دور هو، جنهن ۾ ڪوڙو مل کلناڻي، راج رشي ڏيارام گدومل، مرزا قليچ بيگ جهڙا مهارشي اڳ ۾ ئي پنهنجو يوگدان ڏيئي چڪا هئا ۽ ڄيٺمل پرسرام، پرمانند ميوارام ۽ لعلچند امر ڏني مل جهڙا ڪيئي ساهتڪار پنهنجو يوگدان ڏيئي رهيا هئا، پر جيستائين سنڌ ۾ تحقيقي ۽ تواريخي ادب جو واسطو آهي. اُتي هڪ لحاظ کان ائين به چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ ان قسم جي ادب جي پيڙهه ڪاڪي ڀيرومل ٻڌي. هن واحد شخص اُن کيتر ۾ اهڙو ۽ ايترو ڪم ڪيو، جهڙو ۽ جيترو اڳ ڪڏهن ٿيو ئي نه هو.“
ڪاڪو ڀيرومل سٺو شاعر پڻ هو. پاڻ ”غريب“ جي تخلص سان شاعري ڪندو هو. سندس ڪيل شاعريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهاڱي سگهجي ٿو. هڪڙا اصلوڪا شعر جيڪي پاڻ جوڙيا اٿائين ۽ ٻيا ڪيترا شعر وري ٻين ٻولين مان سنڌي ۾، شاعراڻي قالب ۾ ترجمو ڪيا اٿائين.
ڀيرومل جي شاعري گهڻي تڻي واقعاتي آهي، ڪي واقعا وغيرهه ڏسندو هو ته سندس جذبا اُٿل کائي اُٿندا هئا ۽ انهن واقعن کي شاعريءَ ۾ قلمبند ڪندو هو. تنهن کان سواءِ 1905ع کان وٺي، سنڌي درسي ڪتابن ۾ اٽڪل هڪ سئو کن سبق هن جا لکيل آهن.نظم توڙي نثر ۾، جهڙوڪ: ”مونکي ڪنهن ٿي کير پياريو“ ۽ لاباري بابت- ”اجهو اسوءَ جو مهينو آيو، لاباري جو ڪريو سعيو.“ ۽ ماکيءَ جي مک بابت ۽ ”وقت چوي ٿو مان بادشاهه“ وغيرهه.
ڪاڪو ڀيرومل هڪئي وقت کوجنيڪ، تاريخ نويس، لسانياتي ماهر، مضمون نگار، ڪٿاڪار، ناٽڪ ڪار، سيلاني، شاعر ۽ مترجم پڻ هو. هيري ٺڪر جي ڪيل تحقيق موجب ڪاڪي ٽن فل ۽ هڪ اڌ ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو. اهي هن ريت آهن: حرص جو شڪار (شيڪسپيئر جي ڪنگ جان جو ترجمو)، گلن جا گوندر (ايڇ بي اشو جي ڪتاب ”انڪل ٿامس ڪئين“ جو ترجمو)، ٽئگور جي ناٽڪ ”پوسٽ آفيس“ ۽ والٽر اسڪاٽ جي ناول ”ٽئلمسن“ عرف غازي صلاح الدين جو پويون اڌ ترجمو ڪيائين. اهو ڪتاب پهرين ساڌو هيرانند سنڌي ۾ آڻڻ ۾ شروع ڪيو، پرهن جي وفات کان پوءِ باقي رهيل حصو ڪاڪي ڀيرومل ترجمو ڪيو.
هيري ٺڪر جي ڪيل تحقيق موجب ڪاڪي ڀيرومل جي ڪُل ننڍن وڏن مختلف موضوعن تي ڇپيل ڪتابن جو تعداد 60آهي. تنهن کان سواءِ ڪاڪي ڀيرومل جا ڪيترائي مضمون، جيڪي علمي، ادبي، تاريخي، تنقيد ۽ تحقيقي قسم جا آهن، سي ماهوار ”سنڌو“، ”مهراڻ“، ”انڊس“، ”سرسوتي“، ”ڦلواڙي“ مخزنن ۽ ڊي-جي-سنڌ ڪاليج جي مسلني وغيره ۾ ڇپيل آهن. جيڪڏهن انهن کي ميڙي چوندي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪجن ته ڪئين ڪتاب جڙي پون. ڀيرومل جي ڇپيل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن:

تاريخ ۽ تحقيق
هنڌستان جي تاريخ، عاملن جو احوال، سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ، سنڌ جي هنڌن جي تاريخ (ٻه ڀاڱا)، قديم سنڌ، هندن جون ريتون رسمون، ريتن رسمن جو بنياد، هنڌن جي جيوت، پهاڪن مان پڌري، انگلينڊ جي تاريخ (پروفيسر ڇٻلاڻي سان گڏ لکيل) سنڌ جي تاريخ (لسانيات گرامر)، غريب اللغات، پهاڪن جي پيڙهه، وڏو سنڌي وياڪرڻ، ننڍو سنڌي ويا ڪرڻ (مرزا قليچ بيگ سان گڏ لکيل)، سنڌي ٻولي، گلقند (ٻه ڀاڱا)، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي وئتپتي ڪوش، اصطلاحن جو بنياد، لفظن جوبنياد.

مضمون/ ادبي انتخاب
هيري جون ڪڻيون (ايڊٽ ڪيل)، گلزار نثر، بهار نثر، جوهر نثر.

ناول/ڪهاڻيون
آنند سندريڪا، وريل ۽ نعمت، موهني ٻائي، ڏي ۽ وٺ.

ناٽڪ
ڌرو ڀڳت، بزازين جو ناٽڪ، مڙس جي مڙسي، پنگتي مقدمو، گوپيچند.

شعر
گلزار نظم، چونڊ ڪلام، نوءَ بهار، جوهر نظم.

سئر سفر
سنڌو سيلاني، لطيفي سئر

ترجما
حرص جو شڪار، گولن جا گوندر، آزادي جوڪوڏي، طلسم.

متفرقه
پريم جو مهاتم، گهرو ڪفايت، هندن جي لڏپلاڻ، سنڌ جون سوکڙيون، سر سورٺ معنى سان، مرزا قليچ بيگ جي حياتي، حڪمتي ماجسٽريٽ، شري ڪرشن، شيطان منجهان انسان، موتين جي مالها، پتري پستڪ، سورهان سنسڪار، وچن مالا، ٻاراڻيون ٻوليون، سرٿامس موئر، موئن جو دڙو (انگريزي ۾).
ڪاڪي ڀيرومل سنڌي ادبي بورڊ واري ”جامع سنڌي لغات“ جي پهرين جلد مرتب ڪرڻ ۾ سرگرم حصو ورتو. ڀيرومل سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ (جيڪو اڳتي هلي سنڌي ادبي بورڊ ٿيو) جو شروع کان وٺي ميمبربه رهيو هو. بعد ۾ هو ان مرڪزي بورڊ جو ڪجهه وقت لاءِ وائيس چيئرمين به ٿي رهيو. بورڊ جي ماهوار رسالي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر به هو. هو جتي به رهيو، اُتي پنهنجي محنت سان آمٽ ڇاپ ڇڏيائين.