شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

هري دلگير

جديد سنڌي شاعريءَ ۾، ڪشچند بيوس، جي ڏات جو وارث، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪوٺجي ته اهو ’هري درياني دلگير‘ آهي، جيڪو پاڻ کي بيوس جي شاخ مان ڦٽي نڪتل گل سڏرائيندو هو، جنهن لاءِ خود بيوس لکيو. ”دلگير جي مٺي ٻوليءَ جو منهنجي شاعري جي موجوده روپ تي ته وڏو ئي اثر آهي“.

سوانح:
هري دلگير 15جون 1914ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ گرڏني مل جي گهر ۾ جنم ورتو، جيڪو پڙهيل لکيل ۽ سرڪاري کاتي ۾ مئجسٽريٽ هو. هري شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ئي حاصل ڪئي. اڳتي هلي بمبئي يونيوسٽيءَ مان ڊبل گريجوئيٽ، بي ايس سي ۽ بي اي سول ڪيائين. 1942ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿي 1958ع ۾ نوڪري ڇڏيائين. هري دلگير 1958ع ۾ مختلف سببن جي ڪري، سنڌ مان لڏي هندستان هليو ويو، جتي هو ٻين سرگرمين سان گڏ راجنيتي معاملن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. 1968ع ۾ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي ”گانڌيدام“ ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ چونڊيو، پر راجنيتي رمزن مان بيزار ٿي ميمبري جي مدي پوري ٿيڻ کان ٽي سال اڳ ميونسپالٽي مان استعيفا ڏئي آيو. سندس واسطو ”ساهيتيه اڪاڊمي“ ۽ هند سرڪار جي سنڌي صلاحڪار بورڊس، نيشنل بوڪ ٽرسٽ، گجرات ساهيتيه اڪاڊمي، بمبئي ۽ گجرات جي سنڌي يونيورسٽين جي سنڌي بورڊس سان پڻ رهيو.
ادبي اوسر:
هريءَ جو گهراڻو پڙهيل لکيل هوندو هو. سندس پيءُ گرڏنو مل پڻ ٿوري ٿوري سنڌي ۽ سرائيڪي صوفياڻي شاعري ڪرڻ سان گڏ روزاني اخبارن ۾ انگريزيءَ ۾ليک پڻ لکندو هو، تنهن ڪري گهر ۾ ادبي ڪتابن جو هئڻ لازمي هوندو هو، جيڪو هري واندڪائيءَ جي وقت ۾ پيو پڙهندو هو. انهيءَ سان گڏ هري جي والد کي راڳ ويراڳ سان به چاهه هوندو هو، جنهن جي ڪري سندس گهر ۾ به صوفياڻي راڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون، جن ۾ روحل فقير، بيدل ۽ بيڪس جو ڪلام ڳايو ويندو هو، جيڪي هو ڌيان ۽ گيان سان ٻڌندو هو. اٺين ڪلاس (ان وقت چوٿون) ۾ پڙهڻ دوران هري دلگير کي ڪشچند بيوس جو ڪلام پڙهڻ جي لاءِ مليو، جيڪو ڪورس طور پڙهايو ويندو هو. ڪشچند جي ڪلام هريءَ جي دل تي گهرو اثر ڪيو. سندس من ۾ شاعر ته اڳ ۾ ئي لڪل هو ۽ بيوس جي ڪلام انهي شاعر کي اچي جاڳايو ۽ هري شاعر ڪرڻ لڳو. ”ياد اٿم ته ٻه چار ڪوتائون روهڙي ۾ لکيون هئم، ڪنهن پاڙيسرياڻي ڇوڪريءَ تي، ٻي سنڌونديءَ تي، جا هرروز سامهون وهندي ڏسندو هوس. ٽين ڪوتا سردار ڀڳت سنگهه جي ڦاسي تي (انهن ئي ڏينهن کيس ڦاسي تي چاڙهيو ويو هو) پر خود مون کي ئي پنهنجين ڪوتائن مان مزو نه آيو.“
پر، هري جي شاعريءَ جي صحيح معنى ۾ شروعات لاڙڪاڻي ۾ ٿي، لاڙڪاڻو ان وقت نه رڳو سياسي تحريڪن جي حوالي سان مشهور هو، پر اتي مشاعرا به خوب ٿيندا هئا، جن ۾ شاعر حضرات نه رڳو پنهنجو ڪلام اچي ٻڌائيندا هئا، پر بعضي پوسٽ جي رستي به ڏياري موڪليندا هئا، جيڪو انهن مشاعرن ۾ پڙهيو ويندو هو. لاڙڪاڻي ۾ رهڻ دوران هري جي دوستي ’هوند راج دکايل‘ سان ٿي، جيڪو قومي تحريڪ جوسرگرم اڳواڻ ۽ جوشيلو شاعر پڻ هوندو هو، تنهن کانسواءِ هريءَ جي جڏهن بيوس سان ملاقات ٿي ته هو انهيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويو. انهي وقت هري دلگير جي ٻين اهم همعصرن ۾ ”پرڀو وفا“ ”رام پنجواڻي“ ”گوبند ڀاٽيا“ وغيره هئا. جيڪي پڻ ڪشنچند بيوس کي پنهنجو شعري استاد ڪري مڃيندا هئا. 1930ع ۾ هري دلگير جو هڪ شعر لاڙڪاڻي جي ڪنهن هفتيوار اخبار ۾ ڇپيو، جيڪو نواز علي ”نياز“ جي نظرن مان گذريو، جنهن هري جي دل کولي همت افزائي ڪئي ۽ هري کائنس شعري فن جي سکيا ورتي. جنهن جو ذڪر ڪندي هري دلگير لکي ٿو ”استاد نواز علي نياز کان مون شعري فن سکيو ۽ بيوس سائين (ڪشچند) کان ڪويتا جي پرک پرايم“.
انهي وقت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا، سي گهڻو ڪري طرحي هوندا هئا. ’طرح‘ گهڻو ڪري اردو مان ترجمو ڪري ڏني ويندي هئي. جنهن تي شاعر پنهنجو شعر جوڙيندا هئا. اهڙي ئي هڪ مشاعري ۾ (1930ع)هري دلگير پنهنجو شعر پڙهيو. ان وقت سندس عمر چوڏهن سال هئي. انهي شعر تي کين خواب داد مليو ۽ اڳتي هلي کيس مشاعرن ۾ سٺو مان ملڻ لڳو. گڏوگڏ سندس شعر سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ پڻ ڇپجندا هئا، جن ۾ ماهوار ”سنڌو“ پڻ شامل هئي، جيڪا انهي وقت مشهور مخزن هوندي هئي ۽ انهيءَ ۾ ڇپجڻ هر ليکڪ جي خواهش هوندي هئي.
1940ع ۾ ”سنڌو“ رسالي جي ايڊيٽر ’بولچند واسو مل راجپال‘ هري دلگير کي رسالي جي شاعري واري ڀاڱي جو انچارج مقرر ڪيو، جيڪا ذميداري هن اڍائي سال سنڀالي. 1941ع ۾ امر لعل هڱوراڻي سان گڏجي ”ساقي“ رسالو ڪڍيائين. اهو رسالو ڪرائون سائيز جي ويهن صفحن تي مشتمل هوندو هو ۽ قيمت هڪ آنو (هاڻوڪا ڇهه پيسا) هوندي هئي. ان رسالي جون ڇهه هزار ڪاپيون نڪرنديون هيون. سنڌي ٻولي جي امر ڪهاڻي ”ادو عبدارحمٰن“ (ليکڪ امر لعل هڱوراڻي) پهرين ”ساقي“ رسالي ۾ ڇپي. هري دلگير 1947ع تائين ٻارن جي رسالي ”گلستان“ جي شاعري جي حصي جو پڻ ايڊيٽر رهيو، جيڪو ’شيوڪ ڀوڄراج‘ ڪڍندو هو.
1939ع ۾ هري دلگير جي ملاقات فتح چند واسواڻي سان ٿي، جيڪو حيدرآباد مان ”سنڌي ساهيتيه“ رسالو ڪڍندو هو. اهو سنڌي جو پهريون رسالو هو، جنهن ۾ ٻين ٻولين جون ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڏنيون وينديون هيون. هن ئي هري دلگير جو پهريون شعري مجموعو ”ڪوڏ“ 1941ع ۾ ڇپايو. ان ئي سال هري جو ٻيو ڪتاب ”هرشچندر جيون ڪوتا“ ڇپيو. انهن ٻنهي ڪتابن تي هري دلگير کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جا انعام مليا. هري دلگير شاعري جي شروعات ۾ ڪشچند بيوس کان گهڻو متاثر هوندو هو ۽ پنهنجي پهرين ڪتاب ”هرشچندر جيون ڪوتا“ جو مهاڳ به کائنس لکرايائين. جنهن ۾ هو لکي ٿو:
”منهنجي ڪوي سنگ جي ساٿين مان دلگير به هڪ آهي. ڪوتا جي ميدان ۾ هو پنهنجي حقي نوجوان وهيءَ کان مون کي ويهارو سال رسيلي ”پنڊي پڪو ميوو“ آهي جتان چک اتان رسيل.“
هري دلگير هڪ آشا وادي شاعر آهي ۽ اميد ئي هن جو اصول ۽ سپنو رهيو.
”مان آشا وادي جو جهنڊو کڻي گهمندڙ شاعرن مان آهيان، آشا منهنجو احوال آدرش ۽ سپنو آهي.“
دلگير جي شاعري بابت راءِ ڏيندي سحر امداد لکي ٿي:
”دلگير هڪ سچو شاعر آهي. هن جي شاعري جو رنگ بنهه نئون نيارو آهي. هن جو نج پنهنجو رنگ آهي، جيڪو ڪنهن کان به اُڌارو ورتل نه آهي. هن جي شاعري جي نواڻ ۽تازگي پنهنجي پڙهندڙ کي به نواڻ ۽ تازگي عطا ڪري ٿي. هن جي شاعري ۾ موجود من موهيندڙ نغمگي، هن جي شاعري جو نئون ردم، هن جي لفظ لفظ جي جڙ مان ڦٽندڙ ترنم ريزي، هن جي شاعري جو نئون نرالو آڪار-هن جي شاعري ۾ موجود النڪارن جي انفراديت، اهي سڀ شيون ملي هن جي شاعري کي هڪ بنهه نرالو ۽ يڪتا روپ سروب عطا ڪن ٿيون.“

دلگير جا ڇپيل ڪتاب:
شعر ۾:
”ڪوڏ“ (1941ع) (2)هرشچندر جيون ڪوتا (1941ع) (3)موجي گيت (بيوس سان گڏ-1942ع) (4)ماڪ ڦڙا (نارايڻ شيام سان گڏ-1953ع) (5)موج ڪئي مهراڻ (1944ع) (6)پل پل جو پڙلاءُ (1977ع) (7)امر گيت (گيتا-شعر ۾ 1981ع) (8)مزيدار گيت (ٻارن لاءِ -983ع) (9)رولو آواز (1984ع) (10) گيت گلابي (ٻالڪ گيت-1987ع) (11)جهنگلي گل (نثر نظم-1988ع) (12)پروليون (ٻارن لاءِ-1991ع) (13)جپ صاحب (شعر ۾ ترجمو-1991ع) (14)لهرن لک لباس (1993ع) (15)اڪيلو چنڊ (1998ع) (16)صبح جو سهاڳ (2001ع)

ٻيا ڪتاب:
(1)شعر بيوس (چونڊ شاعري معنى سان-1968ع) (2)ڪهاڻي ڪرم يوگيءَ جي (1975ع) (3)ڪشچند بيوس (1982ع) (4)چولو منهنجو چڪ ۾ (آتم ڪٿا-1987ع) (5)بيوس جي ڪوتا-جائزو (1993ع) (6)بيوس: هڪ گلدستو (ترتيب:1991ع) (7)گند منهنجي گوڏ ۾ (آتم ڪٿا-2003ع).
هري درياني دلگير 12-اپريل 2004ع تي وفات ڪئي.
مرنداسين ته کڻي وينداسين، هڪڙي دل بيتاب،
تنهن سان گڏ ڪي گيت اڌورا ۽ اڻپورا خواب.
(دلگير)