الطاف شيخ
جنم ۽ تعليم
الطاف شيخ، 14 نومبر 1944ع تي هالا ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو گل محمد شيخ هو. شروعاتي تعليم هالا جي اسڪول مان ورتائين، جتي کيس نهايت ئي قابل ۽ محنتي اُستادن پڙهايو. پرائمري تعليم بعد هالا جي مخدوم غلام حيدر اسڪول ۾ پڙهيو. هالا مان ٽي درجا انگريزي جا پڙهڻ بعد ڪيڊٽ ڪاليج ۾ آيو، جتي پنج سال رهي مئٽرڪ ۽ انٽر پاس ڪيائين. جتان انٽر بعد مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ کان پهرينءَ ۽ اڪيلي شاگرد جي حيثيت سان چٽگانگ (بنگلاديش) ويو، جيڪو اُن وقت اوڀر پاڪستان هو. مئرين انجنيئر ٿيڻ بعد ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سويڊن) مان ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن (انجنيئرنگ) ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين. 1968ڳ کان وٺي هيستائين دنيا جي سمنڊن تي جهاز هلايا اٿائين. تنهن کان سواءِ ڪجهه ڪناري جون نوڪريون به ڪيائين. جهڙوڪ:شپ يارڊ يا بندرگاهه ۾ انجنيئر ٿي ڪم ڪرڻ يا ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل جو چيف انجنيئر ٿيڻ. تنهن کان سواءِ مختلف هنڌن تي پڙهائڻ جوڪم پڻ ڪندو رهيو. انهي ۾ سڀ کان وڏو عرصو ملائيشيا ۽ جپان ۾ گذاريائين.
تصنيف ۽ تاليف
پنهنجي لکڻ جي حَوالي سان، ملندڙ اُتساهه جو ذڪر ڪندي هڪ انٽرويو ۾ الطاف شيخ ٻڌايو:
”ڪاليج جي مخزن ۾ سنڌي سيڪشن ڪڍڻو هو. سنڌي لکڻ وارا گهٽ هئا. مون ۽ منهنجي ڪلاس ميٽن پنهنجي ۽ ٻين پاران لکي سنڌي سيڪشن مڪمل ڪرڻ ٿي چاهيو، نه ته اهو خوف رهيو ٿي ته ماڻهو کلندا ته سنڌ ۾ ڪاليج ٿي ڪري به سنڌي سيڪشن ڪونهي. پوءِ اڳتي هلي بنگال مان دل چاهيو ته پنهنجي ديس جي ماڻهن کي بنگال جي سرزمين جون دلچسپ ڳالهيون ٻڌايان.“
انهيءَ جذبي تحت الطاف شيخ لکڻ شروع ڪيو ۽ گڏوگڏ ڪهاڻين ۽ افسانن کي سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪي هو ڇپجڻ جي لاءِ هو مختلف اخبارن ۽ رسالن کي موڪليندو هو. سندس اهي ليک روزاني ”عبرت“ ۽ ٻين اخبارن ۾ شايع ٿيندا هئا ۽ اڳتي هلي الطاف شيخ لکڻ پنهنجو معمول بنائي ڇڏيو ۽ هينئر سندس پنجاهه کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپيل آهن، انهن مان ڪيترن ڪتابن جا ته چار چار ۽ پنج پنج ڇاپا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
الطاف شيخ جي ڪتابن کي بنيادي طور تي ٽن قسمن ۾ ورهائجي سگهجي ٿو.
(1) اهي ڪتاب جيڪي باقاعده سفرناما آهن ۽ انهن ۾ مختلف ملڪن جي حال احوال، سير سپاٽي، ۽ سامونڊي زندگي وغيره جو ذڪر ڪيل آهي.
(2) اهي ڪتاب جيڪي پاڻ ترجمو ڪيائين. انهن ۾ ناول، ڪهاڻي ۽ مهم جوئي جهڙا موضوع شامل آهن. انهن کي سفرنامن ۾ ڳڻي نٿو سگهجي. انهي حساب سان الطاف شيخ هڪ سٺو مترجم پڻ آهي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي ٻاهرين ادب مان ترجمو ڪري مالا مال ڪيو آهي. سندس اهڙن ڪتابن ۾ ”اناميڪا“ (ڪهاڻيون)، ”خدا ڏي خط“ (ڪهاڻيون)، ”موج نه سهي مڪڙي (مهم جوئي)، ”لنڊن تائين لفٽ“(ڪهاڻيون)، ”ٻارن جون آکاڻيون“ (ڪهاڻيون)، ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ (ناول)، ”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“ (ڪهاڻيون)، ”ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“، ”سوزي سان پيار“ وغيره شامل آهن.
(3) اُهي ڪتاب جيڪي مرتب ڪيل اٿس، جهڙوڪ: بهترين سفرناما، جنهن ۾ آغا سليم ۽ ٻين ليکڪن جي سفرنامن کي سهيڙيو اٿائين، يا ”الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان“ جنهن ۾ سندس مطالعي هيٺ آيل ڪتابن وغيره مان ڪوٽيشن ڏنل آهن. اهڙن ٻين ڪتابن ۾ ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ (جنهن ۾ پهاڪا ڪيل آهن) Proverbs of Far Easter شامل آهن.
ائين، الطاف شيخ جي باري ۾ اها ڳالهه چٽي هئڻ گهرجي ته هو نه رڳو بهترين سَفرناما لکندڙ آهي، پر هڪ سٺو مترجم ۽ سهيڙڪار به آهي.
الطاف شيخ جا ڪتاب
الطاف شيخ جا هيستائين پنجاهه کان به مٿي ڪتاب ڇپيل آهن. انهن مان ڪي ڪتاب اردوءَ ۾ ڇپيا اٿس، جن جو ترجمو پڻ پاڻ ڪيو اٿائين. الطاف شيخ جو پهريون ڪتاب ”اناميڪا“ ڇپيو هو. جيڪو ترجمو ڪيل ڪهاڻين تي مشتمل هو. الطاف جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي:
”اناميڪا“،”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“،”پيار جي گهٽ“، ”وايون وڻجارن جون“،”سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين“،”سمنڊ جي سيوين“،”سي ئي جوڀن ڏينهن“، ”ڪويت ڪنارا“، ”بندر ديسان ديس“،”جاني ته جهاز ۾“، ”جپان جن جي جيءَ سان“،”ڳالهيون تنهن جپان جون“،”خدا ڏي خط“،”جپان رس“،”سانباهو سمونڊ جو“،”موج نه سهي مڪڙي“،”الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان“، ”بهترين سفرناما“، ”لنڊن تائين لفٽ“، ”ٻارن جون آکاڻيون“، ”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ (اهو ڪتاب مس سدا بهار چنبيلي جي نالي سان پڻ ڇپيل آهي)، ”مڪلي کان ملاڪا تائين“، ”سنگاپور ويندي ويندي“، ”ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه“،”ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ“، ”دنگيءَ منجهه درياهه“، ”ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون“،”جت جَر وهي ٿو جال“، ”انڊلٺ“، ”ڳالهيون آهن ڳچ“، ”اي جرني ٽو ٿائلينڊ“،”سوزي سان پيار“،”Proverbs of Far East“،”او هريا جي عميق ڏي“،”اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“، ”ملير کان مالمو“، ”جت برف پئي ٿي جام“،”ڪراچي کان ڪوپن هيگن“، ”ارائونڊ دي ورلڊ“، ”رٺي آهي گهوٽ سان“،”يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون“، ”اي روڊ ٽو مدينھ“،”هيلنسڪي جي حسينا“،”سنگاپور ٿو سڏ ڪري“، ”آل ابائوٽ سنگاپور“،”ڀلي پارتان ڀيرو“،”بوتلن جوسفر“،”ملائيشيا منهنجي من ۾“،”ملائيشيا 12سالن کان پوءِ“،”سمندر ڪي دِن، سمندر ڪي راتين“ (اردو)، ”ملائيشيا ڪي دِن“، ”يورپ ڪي دِن“ (اردو) ايران ڏي اُڏام.
الطاف شيخ جي انهن ادبي ڪاوشن کي هر سطح تي پسند ڪيو ۽ کيس ساراهيو ويو آهي ۽ سندس خدمتن جي مڃتا ڪئي ويئي آهي. انهي سلسلي ۾ مدد علي سنڌي روزاني هلال پاڪستان جي 26جنوري 1991ع جي اشاعت ۾ ”هڪ تاثر“ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکيو آهي:
”سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف تي جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته مؤرخ جو قلم يقيناً الطاف جي نانءُ تي اچي بيهي رهندو. ڇاڪاڻ ته الطاف شيخ ئي اهو اڪيلو ليکڪ آهي، جنهن جي سفرنامن سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو خزانو ڏنو.“
الطاف شيخ جي سفرنامن نه رڳو سنڌي ادب ۾ واڌارو ڪيو، پر سفري ادب جي پڙهندڙن ۾ پڻ واڌارو ڪيو. انهي سلسلي ۾ علي احمد بروهي جي لفظن ۾:
”الطاف شيخ سفرنامو لکي، پنهنجي ملڪي ماڻهن کي ديس پرديس جي ماڻهن سان روشناس ڪرائي ٿو ته جيئن سندس ملڪي ماڻهن ۾ مسافري ڪرڻ ۽ ملڪ گهمڻ جو شوق پيدا ٿئي. هونئن به هيرن جو قدر کاڻ ۾ ٿورو ئي ٿيندا آهي، جتي هو ڍڳ ۽ ڍيريون ٿي پيل هوندا آهن.“
الطاف شيخ جو تخليقي سفر جاري و ساري آهي.