ليکراج عزيز
سوانح
ليکراج ڪشچند ميرچنداڻي 19ڊسمبر 1897ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. سندس والد ڪشنچند نائون مل هڪ وڏو زميندار هو. انهيءَ هوندي به هو پڙهيو ۽ ايگزيڪيوٽر انجنيئر ٿيو. ليکراج عزيز شروعاتي تعليم ”نولراءِ هيرانند اڪيڊمي هاءِ اسڪول“ ۾ حاصل ڪئي. ميٽرڪ به ان ئي اسڪول مان 1915ع ۾ پاس ڪئي. ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، بمبئي پڙهڻ ويو، جتي هو ”ايلفسٽن ڪاليج“ ۾ داخل ٿيو، پر گريجوئيشن جو امتحان ڏيئي نه سگهيو، پر عشق جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي تياري ڪرڻ لڳو. اهڙي طرح ليکراج ڪاليجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڏني ۽ پوءِ اها وري ڪڏهن به پوري ڪري نه سگهيو.
شعر و شاعري
ليکراج کي بمبئي ۾ عشق جي اهڙي ته چوٽ لڳي جو هو سڀ ڪجهه ڇڏي وڃي پيءُ جي جواهرات جي دڪان تي ويٺو ۽ وري اها نازنين به نه مليس، جنهن سان پيچ اڙايو هئائين، انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”هاڻي جيتوڻيڪ مان فارغ هوس ۽ دل به پريشان هئي ۽ روح بيقرار، اندر ۾ هڪ بُٺ پئي ٻريو، جنهن کي نه اکين جو آب اجهائي ٿي سگهيو ۽ نه ڪنهن جي وصال جو پاڻي. گهر ۾ راحت جو سامان موجود هوندي به منهنجي دل ملول ٿي رهي. اوطاق جي تنهائي ۾ مجرد گذارڻ لڳس. سڀني کان ڪناراڪشي ڪري پئي بسر ڪيم. جڏهن به دل، غم جو بار لاهي نه سگهندي هئي ۽ منهنجا احساس بي اختيار منظوم (شعر ۾) ٿي نڪرندا هئا، تڏهن اهي هڪ ڪاپيءَ ۾ درج ڪري ڇڏيندو هوس “
شاعري جو اهوشوق اڳتي هلي دوستن جي صحبتن ۽ ڪتابن جي مطالعي جي ڪري پختو ٿيس. انهن ڏينهن، حيدرآباد ۾ سندس گهر جي ويجهو مشاعرن جون محفلون ٿينديون هيون .جن ۾ ان وقت جا مشهور شاعر پنهنجو ڪلام ٻڌائيندا ۽ داد وٺندا هئا. ليکراج عزيز اهڙن شاعرن ۾ ٻڌندڙ جي حيثيت سان شريڪ ٿيندو هو ۽ انهن مان فيضياب ٿيندو هو.
هڪ ڀيري نيٺ ڪجهه دوستن جي زور ڀرڻ تي هو هڪ مشاعري ۾ شريڪ ٿيو، جنهن جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي. انهيءَ ۾ هن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو ۽ داد حاصل ڪيو، جنهن جو ذڪر ڪندي ليکراج لکي ٿو. ”مان جڏهن شعر پڙهڻ کان واندو ٿيس تڏهن (مرزا قليچ بيگ) چيائين، جي عزيز مشق ڪندو آيو ته هڪ ڏينهن سندس جهڙو شاعر سنڌ ۾ ڳولهيو مشڪل لڀندو.“
انهيءَ همت افزائي، کيس پنهنجو ڪلام شايع ڪرائڻ تي اُتساهيو ۽ انهي سان گڏ سنڌي ۽ اردو شاعريءَ جي اڀياس سندس شعر ۾ ڪافي سڌارا آندا. عزيز جي ڪلام جو پهريون مجموعو ”ڪليات عزيز“ جي صورت ۾ 1938ع ۾ شايع ٿيو، جنهن کي خوب پذيرائي ملي.
”ڪليات عزيز“ جي پهرين ڀاڱي ۾ غزلن جو ديوان ۽ ٻيون صنفون هيون، ٻي ڀاڱي ۾ ”مصر جي راڻي“ ۽ ”ڪيمياگر“ نالي ٻه مثنويون هيون. ان وقت (1936ع ڌاري) سنڌيءَ ۾ شاعرن جا 7-8 ديوان مس نڪتل هئا.
”ڪليات عزيز“ جو مهاڳ، ٽکڙ جي مشهور شاعر بسمل ٽکڙائيءَ لکيو. جنهن ۾ هن عزيز ۽ هن جي ڪلام جي اهميت بيان ڪندي لکيو:
”حيدرآباد پنهنجي شاعريءَ جي تاريخ ۾ ڪهڙا ڪهڙا ارباب ڪمال شاعر ۽ نڪته نواز سخنور پيدا ڪيا آهن. اهو داستان ڊگهو آهي، پر جيڪڏهن هي سوال ڪجي ته هنن جي عهد ۾ سنڌي شاعريءَ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي، زبان جي صفائي ۽ خيالن جي وسعت ڪٿي وڃي پهتي آهي ۽ شاعريءَ جا مختلف عنوان، حسن اسلوب، بندش جي خوبي، مضمونن جي بلندي، طرز ادا جي ندرت (نرالپ) محاورن جي ڪثرت، تخيل، تشبيهه، استعاره، جدت، جوش بيان وغيره ڪهڙي بلند پايي تي پهتا آهن ته ان جي جواب ڏيڻ لاءِ وڌيڪ درد سري ڪرڻ ۽ ورق گرداني جي ڪابه ضرورت ڪانهي. مسٽر عزيز جو ڪلام حاضر آهي. جنهن ۾ شاعري جي هرهڪ پهلوءَ جا اهڙا لاجواب مثال پيش ٿيل آهن، جي هر ڪنهن قادر الڪلام سخنور جي شعر ۾ هئڻ گهرجن.“
ليکراج عزيز جو ”ڪليات“ ۽ ڪلام هندو توڙي مسلم عوام ۾ سٺي مقبوليت حاصل ڪئي، جنهن جو ذڪر ڪندي پير حسام الدين راشدي مرحوم ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ لکي ٿو:
”شعر چوڻ جو هندن کي سو ڏانءُ ڪونه ايندو هو. پهريون شاعر جيڪو مون ٻڌو، سو ليکراج ڪشچند عزيز هو، جنهن پنهنجي شعر جا ڪتاب انهيءَ دور ۾ ڇپايا ۽ جنهن جي شاعريءَ ۾ فارسي اکرن جي ڪثرت هوندي به اوريجنل خيال هئا ۽ پنهنجي ماحول سان تعلق رکندڙ ڳالهين کي بيان ڪيو ويو هو“.
ناٽڪ نويسي
ليکراج عزيز هڪ سٺي شاعر هئڻ سان گڏ، ناٽڪ نويس به هو. 1931ع کانپوءِ ٽن سالن جي اندر هڪٻئي پٺيان هن ٽي وڏا ناٽڪ: ڪمار اجيت سنگهه (1931ع) غريبان مار (1931ع) ۽ مسٽر مجنون (1931ع) لکيا ۽ اسٽيج تي پيش ڪيا. انهن ٽنهي ناٽڪن جي ٻولي نهايت سليس، سهڻي ۽ اصطلاحن سان ڀرپور آهي. پويون ناٽڪ مسٽر مجنون، جڳو آڏواڻي سان گڏ لکيائين.
انهن ناٽڪن جي ڪاميابي بابت پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو:
”ليکراج پنهنجو شاعراڻو قلم ناٽڪ نويسيءَ تي خوب هلائيندو هو. هن صاحب ٽي سٺا ناٽڪ لکيا. سندس پهريون ناٽڪ ”ڪمار اجيت سنگهه“ (1931ع) راجپوت تاريخي کيل هو، جو اسٽيج تي چڱيرڙو بيٺو هو. سندس ٻيو ناٽڪ ”مسٽر مجنون“ هڪ سچو مذاقي کيل هو، جنهن جي پٺيان نئين زماني جي مجنن ۽ لئلائن تي سماجي طنز لکيل هئي. هيءَ ناٽڪ 1933ع ۾ بلڪل ڪاميابيءَ سان حيدرآباد ۾ ڪري ڏيکاريو ويو. هن جهڙو ڪامياب مڪمل مذاقي کيل سنڌ ۾ ڪونه ڏسڻ ۾ آيو. عزيز صاحب جو آخري ناٽڪ ”غريبان مار“ خود عزيز جي زمينداري پيشي تي ٻڌل مسڪين هارين ۽ زميندارن جي ظلمن بابت اثرائتو کيل هو.“
ليکراج عزيز چوٿون ناٽڪ ”هارجيت“ جي نالي سان 1931ع ۾ لکيو. جو پڻ اڳين ناٽڪن جيان اسٽيج ڪيو ويو. جيڪي سڀ ڪتابي صورت ۾ پڻ ڇپيا. سندس انهن ناٽڪن تي تبصرو ڪندي برک ليکڪ اي جي اُتم پنهنجي ڪتاب ”ليکراج عزيز“ (1986ع)۾ لکي ٿو:
”ليکراج عزيز جا هي ٽي ننڍا وڏا ناٽڪ نه رڳو زندگي جي ٽن مکي پهلوئن (سماجي، ملڪي ۽ اقتصادي) جي ترجماني ڪن ٿا. پر مائيدار ۽ محاويدار ٻوليءَ ۽ ناٽڪي فن جو پڻ مثال پيش ڪن ٿا.
ناٽڪن ۾ ڏنل سڀاويڪ گفتگو، ٺهڪيل رٿا، سيرت نگاري ۽ واقع نگاري اهڙي ته سڦل آهي، جو ڀانئجي ٿو ته عزيز کي نه صرف ناٽڪن لکڻ، پر اهي پيش ڪرڻ (اسٽيج) جي فن جي به پوري پوري پروڙ هئي.“
مضمون نويسي
”ڪليات عزيز“ جي اشاعت کانپوءِ 1941ع ۾ ليکراج عزيز جي مضمونن جو مجموعو ”ادبي آئينو“ شايع ٿيو. جنهن کيس مضمون نويسن جي پهرين صف ۾ آڻي بيهاريو. ”ادبي آئينو“ ۾ 29مختلف موضوعن تي مضمون شامل هئا. هي ڪتاب نه رڳو ان وقت، پر اڄ به سنڌي ادبي مضمون نويسيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ان وقت کان وٺي ورهاڱي تائين ”ادبي آئينو“ سان ملندڙ جلندڙ مضمونن جو ايڪڙٻيڪڙ مجموعو نڪتو هو. سنڌ سرڪار جي ادبي صلاحڪار بورڊ عزيز جي ان ڪتاب تي 1941ع ۾ انعام به عطا ڪيو هو، جيئن کيس ”ڪليات عزيز“ ۽ ”غريبان مار“ ناٽڪ تي به انعام مليا هئا.
پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ”ادبي آئينو“ جي ادبي ڪٿ ڪندي ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ لکي ٿو:
”منجهس هر قسم جا بياني، مذاقي، ادبي، فيلسوفاڻا مضمون هئا، جي سڀ موزون اصطلاحي ٻولي ۾ پيش ڪيل هئا. هن ڳٽڪي به سنڌي مضمون نويسي کي چڱي اوج ڏني.“
ليکراج عزيز جي مضمونن جي اهميت ان مان به ثابت ٿئي ٿي، جو سندس ڪيترن ئي مضمونن کي درسي ڪتابن ۾ به شامل ڪيو ويو. جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ته هو نه رڳو هڪ سٺو شاعر ۽ ناٽڪ نويس هو، پر چوٽيءَ جو نثر نويس به هو.
سنڌيت جي هلچل ۾ حصو
ڀارت ۾ سنڌي جاتي جي هستي برقرار رکڻ ۽ سنڌي ٻولي، لپي، ادب کي سلامت رکڻ جي لاءِ سنڌي اديبن جيڪا هلچل هلائي، ليکراج عزيز انهيءَ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. هو 1962ع ۾ ”سنڌي ساهت منڊل“ جو صدر ۽ 1959ع ۾ شروع ٿيل ”سنڌي لپي سڀا“ جو آخر تائين صدر هو. هو ”بمبئي يونيورسٽي بورڊ آف اسٽڊيز“ جو ميمبر به هو.
ليکراج عزيز 1956ع ۾ڪي سي ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيوته هن اتي ”سنڌي ادبي دنيا“ جي نالي سان ”تنظيم“ ٺاهي، جيئن انهن ۾ ادبي ذوق پيدا ٿئي.
1966ع ۾ ليکراج عزيز جي ڪتاب ”صراحي“ کي ساهيتيه اڪيڊمي ايوارڊ ڏنو ويو، پوءِ 1967ع ۾ دهلي ۽ بمبئي ۾ سندس مان ۾ ميڙ ڪوٺايا ويا.
ان ئي زماني ۾ هند سرڪار ”سنڌي ٻوليءَ“ کي تسليم ڪري ڀارتي جوڙجڪ جي اٺين شيڊيول ۾ ٻين ٻولين سان قومي ٻوليءَ طور شامل ڪيو، جنهن لاءِ سنڌي ليکڪن خاص طور زبردست تحريڪ هلائي هئي ۽ پروفيسر ليکراج عزيز انهن جو هڪ سرگرم رُڪن هو.
ليکراج جا ڪتاب
ليکراج عزيز جا ننڍا وڏا ڪل 19ڪتاب ڇپيل آهن، جن جو وچور هن ريت آهي. 1-ڪمار اجيت سنگهه (ناٽڪ 1931ع) 2-غريبان مار (ناٽڪ 1931ع) 3-مسٽر مجنون (ناٽڪ 1933ع) 4-ڪليات عزيز (پهريون ڀاڱو-غزلن جو ديوان 1938ع) 5-ڪليات عزيز (ٻيو ڀاڱو: ٻه مثنويون (1938ع) 6-ادبي آئينو (مضمون 1941ع) 7-گلزار عزيز (شعر 1944ع) 8-شاعراڻي شمع (شعر 1944ع) 9-پيغام عزيز (قومي شعر: 1964ع) 10-پڇتاءُ جا لڙڪ (ٽي مثنويون 1946ع) 11-آبشار (شعر 1953ع) 12-گل و خار (تنقيد 1955ع) 13-صراحي (غزلن جو ديوان: 1963ع)14-سامي (تنقيدي مضمون 1965ع) 15-للڪار (قومي گيت: 1965ع) 16-سوز و ساز (شاعري: 1970ع) 17-ٻڳهڻ ٻول (ٻارن لاءِ ڪويتائون: 1970ع) 18-ڪلهه جي ياد (متفرقه: 1971ع) 19-سنڌي اصطلاح (ڀاڱو پهريون: جيڪو سندس وفات کان پوءِ 1976ع ۾ ڇپيو.)
پروفيسر ليکراج ڪشچند عزيز 19آگسٽ 1971ع تي وفات ڪئي.