شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

نياز همايوني

سنڌي ادب ۾ نياز همايونيءَ جو نالو شاعري، تحقيق، ترجمي، ترتيب ۽ تدوين جي حوالي سان نهايت مٿانهون آهي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ سندس طويل قومي نظم مشاعرن، ادبي ۽ قومي ڪانفرنس جي نه رڳو جان، پر قومي ۽ادبي ڪارڪن لڏي لاءِ وڏي اُتساهه جو سبب هوندا هئا.

سوانح
نياز همايوني (اصل نالو مشتاق حسين ميمڻ) 12 اپريل 1930ع تي شڪارپور جي تاريخي ڳوٺ ”همايون شريف“ ۾ هڪ غريب هاري قائم الدين جي گهر ۾ پيدا ٿيو. اُن وقت تعليم جا وسيلا گهٽ هوندا هئا ۽ انهيءَ سان گڏ نياز همايونيءَ جا وڏا مذهبي خيالن وارا ۽ اسڪولي تعليم جي خلاف هوندا هئا. تنهن ڪري نياز همايوني اسڪولن جي بدران مدرسن ۾ پڙهيو. مدرسن ۾ پڙهڻ جي دوران ٻه چار استاد اهڙا آيا، جيڪي ڪانگريسي خيالن وارا هئا، جن جو اثر نياز همايونيءَ تي ٿيو ۽ هو ڪانگريسي خيالن وارو ٿي ويو. مدرسي جي تعليم کانپوءِ طبي تعليم حاصل ڪيائين. نوڪريءَ جي سلسلي ۾ پهرين ڪجهه عرصي جي لاءِ حيدرآباد جي ”طيبه ڪاليج“ ۾ ليڪچرار ۽ وائيس پرنسيپال ٿي رهيو. اڳتي هلي ”مرڪزي اردو بورڊ“ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. جتان نوڪريءَ جو مدو پورو ڪري رٽائرڊ مينٽ ورتائين.

ادبي اوسر
نياز همايونيءَ شاعريءَ جي شروعات ورهاڱي کان اڳ 1943ع ڌاري، آزادي جي هلچل جي دوران، پنهنجي هڪ مائٽ ۽ برک قومي ڪارڪن محمد صالح ”عاجز“جي صحبت ۾ اچي ڪئي. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي نياز همايونيءَ هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو:
”مون شاعري تڏهن شروع ڪئي، جڏهن اسان قومي رنگ ۾ آياسون. جيئن ماڻهن کي قومي جدوجهد ۾ اڳتي اچڻ جي لاءِ سجاڳ ڪجي، ڇو ته انهيءَ زماني ۾ اها هڪ ضرورت ٿي پئي هئي ته عوام جو قومي تحريڪ ڏانهن رُخ ڦيرائجي. ان لاءِ اسان شاعري به ڪندا هئاسون. ننڍيون ننڍيون ڪچهريون به ڪندا هئاسون، جنهن مان ايترو ٿيو ته اسانجي شاعريءَ جي ڪري، ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ڪري، انهن ۾ سياسي شعور جاڳيو ۽ آهستي آهستي ماڻهو سجاڳ ٿيندا ويا ۽ ڳوٺن ۾ لائبرريون کولڻ جو رجحان پيدا ٿيو.“
نياز همايوني جا طويل نظم سنڌي شاعريءَ جو جز بنجي ويا. نياز شروعاتي دور ۾ ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“ سان به وابسته رهيو ۽ انهيءَ جي مشاعرن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. اڳتي هلي ”سنڌ رائيٽرس گلڊ“ جي نالي سان ادبي ادارو قائم ڪيائين. جنهن پاران حيدرآباد ۾ ”سنڌ رائيٽرس گلڊ ڪو آپريٽو ساسائٽي“ قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتائين. انهي دور ۾ پاڻ محترم جي-ايم-سيد جي ويجهو آيو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لڳو. نياز جا نظم جيڪي هو مشاعرن ۽ ”بزم صوفياءِ سنڌ“ جي ڪانفرنس ۾ سُر سان پڙهندو هو. انهن محفلن جي جان هوندا هئا، ۽ ماڻهن جي قومي جذبن کي بيدار ڪرڻ جو سبب بنبا هئا، نياز همايوني جي اهڙي شاعري تي تبصرو ڪندي محمد صالح ”عاجز“ لکي ٿو:
”هن پنهنجي شاعري جي شروعات ۾ ئي ”غم جانان“ کي ”غم دوران“ سان ملائي، انفرادي معاملا درگذر ڪري، اجتماعي مسئلن کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بنايو ۽ وقت جي تقاضا موجب تحريڪ آزاديءَ سان پاڻ کي همڪنار ڪري ڇڏيائين.
نياز همايوني بنيادي طرح قومپرست شاعر آهي. جيتوڻيڪ هي ترقي پسنديءَ جي رنگ ۾ اشتراڪيت ڏانهن به رغبت رکندو اچي ٿو. ان هوندي به سندس قومپرستيءَ وارو جذبو ڪڏهن فنا ٿي نه سگهيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ جديد ۽ قديم فن ۽ فڪر جا عناصر ڏٺا وڃن ٿا. پرهن جيڪا ان ۾ نواڻ پيدا ڪئي آهي، تنهن کي ڌيان ۾ رکندي اهو فيصلو ڏيئي سگهجي ٿو ته نياز بيشڪ منفرد شاعر آهي.“
نياز همايونيءَ شاعريءَ سان گڏ ڪافي ترجما پڻ ڪيا. هو فارسي زبان جو وڏو ڄاڻو هو. ترجمن ڪرڻ جي حوالي سان هڪ انٽرويو ۾ چيائين:
”مونکي هڪ قسم جو شوق آهي ته اسانجو جيڪو پراڻو ادب آهي ۽ جيڪو فارسي ۽ ٻين زبانن ۾ آهي. اُن کي سنڌيءَ ۾ آندو وڃي ته جيئن سنڌي ادب ۾ واڌارو ٿئي ۽ ماڻهن کي خبر پوي ته اسان وٽ عربي ۽ فارسيءَ کان گهڻو نه ته به ان کان گهٽ ادب ڪونهي.“
نياز همايونيءَ شاهه عبدالڪريم بلڙي، خواجه محمد زمان، قاضي قاضن ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي فارسي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيو: ”اهو انهيءَ لاءِ ته اسان ۾ جيڪا احساس ڪمتري گهر ڪري ويئي آهي ته اسان وٽ اردو جي ڀيٽ ۾ ادب گهٽ آهي، اصل ۾ ائين نه آهي. اهو جيڪو چيو پيو وڃي ته اڃا ڪالهه پيدا ٿيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اسانجا بزرگ، جيڪو ادب ۽ شاعري ڇڏي ويا آهن، اها تمام گهڻي ۽ معياري آهي.“ انهن ترجمن جو سبب بيان ڪندي نياز همايوني هڪ انٽرويو ۾ چيو.
مٿين شاعرن جي شاعري اردو ۽ فارسيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ کانسواءِ نياز همايونيءَ سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي ماخذ جيڪي فارسيءَ ۾ هئا، تن جوپڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. جيڪي سڀ ڇپجي چڪا آهن.
نياز همايوني جو ٻيو ڪم، جنهن تي سنڌي ٻولي سدائين ناز پئي ڪندي، اهو ڪم ”سنڌ جي طبي تاريخ“ لکڻ جو ڪارنامو آهي. جنهن جو ذڪر ڪندي هو چوي ٿو. ”مون ”سنڌ جي طبي تاريخ“ انهيءَ خيال کان لکي ته سڀڪو پيو چوندو آهي ته هندستان، ايران ۽ يونان جا هيترا يا هيترا ڏاها، حڪيم ۽ حڪمت جا صاحب ٿي گذريا آهن. پر مون سنڌ جي طبي تاريخ لکي ته ماڻهن کي حيرت لڳي ته اسان وٽ به ايڏا وڏا ماڻهو پيا آهن. اڃا تائين اسان جا ماڻهو ۽ حڪيم انهيءَ احساس ڪمتريءَ ۾ آهن ته اسان وٽ وڏا ماڻهو پيدا ئي ڪونه ٿيا آهن. اسان ماڻهن جي حوالي سان ننڌڻڪا رهيا آهيون يا جاهل رهيا آهيون. اهو رڳو ان ڪري ته اسان پنهنجن اڪابرن جي سنڀال ئي ڪا نه ڪئي آهي.“

ترتيب ۽ تدوين
شاعري ڪرڻ، سنڌ جي تاريخ جي ماخذن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ کانسواءِ نياز همايونيءَ سنڌي ٻولي جي ٽن شاعرن مولانا عبدالغفور همايوني، فقير دريا خان ڪنڊڙي واري ۽ فقير اشرف جي ڪلام جي ترتيب ۽ تدوين پڻ ڪئي آهي. جيڪي (1)”ديوان مفتون“ (2)آڪانگا ڪر ڳالهه ۽ (3)ڪلام اشرف جي نالن سان ڇپجي چڪا آهن. تنهن کانسواءِ مولانا عبدالغفور ”مفتون“ همايونيءَ جي ننڍڙي ڪتابڙي ”فرهنگ مفتون“ جي پڻ ترتيب ۽ تدوين ڪيائين. جيڪو سندس وفات کانپوءِ 2004ع ۾ ڇپيو.
نياز همايونيءَ جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
(1)فرهنگ جعفري (3ڀاڱا) (2)ديوان مفتون(3)هفت زباني لغت (4)ساڻيهه جي ساک (شاعري) (7)ملوڪ الڪلام فارسي (8)سنڌي نامه اردو (9)تاريخ مظهر شاهجاني (فارسيءَ مان ترجمو) (10)تاريخ طاهري (فارسي مان ترجمو) (11)مقصود العارفين (فارسيءَ مان ترجمو) (12)اهوان صحرا (قاضي قاضن جي ڪلام جو اردو ترجمو) (13)سنڌي شاعري انتخاب (اردو) (14)تاريخ تازه نواءِ معارڪ (فارسيءَ مان ترجمو) (15)ارمغان لطيف (لطيف جي ڪلام جو منظوم فارسي ترجمو) (16)فرهنگ مفتون (17)آڪانگا ڪر ڳالهه (18)ڪلام اشرف (19)رساله اويسھ (ترجمو).
نياز همايونيءَ 3جنوري 2003ع تي وفات ڪئي.

نياز همايونيءَ جي ڪجهه ڪتابن جو تعارف:
(1) ڌرتي جا گيت:
هي نياز همايونيءَ جو ٻيو شعري مجموعو آهي. جيڪو 1977ع ۾ ڇپيو. هن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوها ۽ ڪي وايون شامل آهن. طويل نظمن ۾ ”پرهه ڦٽي کانپوءِ“ نظم به شامل آهي، جنهن کي لوڪ ڪهاڻي جو سرو ڏنو ويو آهي. هن نظم بابت شاعر لکيو آهي ته، ”هي طويل نظم ون يونٽ واري دور سان تعلق رکي ٿو. ليڪن هن جو مقصد صرف انهيءَ دور جي حالتن تائين محدود نه هو. ان ڪري هن نظم جي مستقل افاديت جي پيش نظر هن جي ٻيهر شايع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي.“
”هن مجموعي ۾ شامل نياز جي نرالي شاعريءَ ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي،شعوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون. تنهن کانسواءِ فڪر ۽فن جو مڙيئي خوبيون منجهس موجود آهن.“ (4)
2-سنڌي شاعري: اڪيڊمي ادبيات پاڪستان اسلام آباد، طرفان 1987ع ۾ ڇپايل هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي 115قديم، توڙي جديد شاعرن جي چونڊ ڪلام جو نثري ترجمو ڪري ڏنو ويو آهي. پيش لفظ ۾ ترجمي جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪندي مترجم لکي ٿو. ”مون تيرهين صدي کان وٺي ويهين صدي عيسوي تائين ڏنو آهي، جيڪا ايترو جامع ته ڪونهي، پر انهي حد تائين ڪافي ضرور آهي ته انهيءَ جي مطالعي سان پڙهندڙ کي ٿوري گهڻي افاديت ميسر ٿي ويندي..“