هري موٽواڻي ”سنڌي“
سوانح
هري نارايڻ سنگهه موٽواڻي نومبر 1929ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هري موٽواڻي فقط چار درجا سنڌيءَ جا پڙهي سگهيو ۽ پنهنجي ناني سان گڏ ’هردوار‘ هليو ويو، جتي ڪپڙي جو دڪان هلائڻ لڳو. اڳتي هلي بمبئي (ممبئي)۾ اچي ترسيو، جتي پنهنجو ڌار ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ادبي سرگرمين ۾ پڻ حصو وٺڻ لڳو.
ادبي اوسر
هري سنڌي اڃا چوٿين درجي ۾ هو ته ڪتابن پڙهڻ جي شروعات ڪيائين. انهن مان هڪ ڪتاب ”ديواندر جاسوس“ کيس گهڻو وڻيو. اتان کان منجهس جاسوسي ناول پڙهڻ جي چوس پئي. پوءِ هو رام منڊلي جو ميمبر بڻيو، ان بعد شيوا منڊلي جو ميمبر ٿيو، ٻنهي هنڌن تان هو ڪتاب وٺي پڙهڻ لڳو. جاسوسي ناولن کانپوءِ هن جو لاڙو قصن ۽ ڪهاڻين ڏانهن ويو.
انهن جاسوسي ناولن کان متاثر ٿي پاڻ پنهنجي هڪ جيڏي دوست پنجوءَ سان گڏجي هڪ جاسوسي ناول ”خوني ٽارچ“ لکيو. اهو ناول ڇپيو ته ڪونه هو. البت پنهنجي چوياري ۾ سڀني پڙهيو.
هري موٽواڻي ورهاڱي کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ سنڌ ڇڏي هردوار ويو هو، جنهن ڪري سندس سنڌي جو اڀياس اڌورو رهجي ويو. پر پوءِ به هو حيدرآباد مان سنڌي ڪتاب گهرائيندو رهندو هو. 1945ع ڌاري سندس مامي کيس هڪ ناول ڏيئي چيو ”تون جاسوسي ناول ڇڏي ههڙا پڙهه...“
”مون اهو ڪتاب پڙهيو، هڪ ڀيرو نه ٻه ڀيرا پڙهيم (۽ پوءِ نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا پڙهيم) ان ڪتاب پڙهڻ سان منهنجي اڀياس جو رخ بدلجي ويو. ان ڪتاب ۾ ڪتاب جي ليکڪ منهنجي زندگي ۾ نهايت اهم پارٽ ادا ڪيو. اهو ڪتاب هو ”شرت چندر“ جو ”آخري التجا،“ جيڪو جڳت آڏواڻي جو ترجمو ڪيل ۽ ڇپايل هو. ان بعد مون شرت جا ۽ ٻيا پنگتي ناول ڪافي انداز ۾ پڙهيا“ (1).
شرت چندر جي ڪتابن جو هري موٽواڻي تي ايترو ته اثر ٿيو جو هڪ ڏينهن هي شرت بابوءَ جو بينگال ڏسڻ جي لاءِ ڪلڪتي وڃي پهتو.1951ع ۾ هري موٽواڻي جي دوستي ’جيوت چاولا‘ سان ٿي، جنهن بدولت ديوداس موٽواڻي ۽ سڳن آهوجا سان واقفيت ٿيس. انهي دوستن جو مٿس وڏو اثر ٿيو. هري موٽواڻي پنهنجي پهرين مجموعي ”هڪ لهر“ (1975ع) ۾ لکيو آهي ته ”مون تي انهن اديبن جي لکڻين جو ڪافي اثر رهيو آهي ۽ خاص طور سڳن آهوجا فن جي باريڪين بابت ڪافي رهنمائي ڪئي هئي“.
انهن ڏينهن بمبئي ۾ ”ساهت منڊل“ جون هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون. جن ۾ هري موٽواڻي به شريڪ ٿيڻ لڳو. هري موٽواڻي پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”تڙي پار“ 1960ع ۾ لکي ۽ بمبئي جي ادبي ڪلاس ۾ پڙهيائين. جيڪا ڪافي پسند ڪئي ويئي. هري موٽواڻي جو پهرين ڪهاڻي ڪتاب ”هڪ لهر“ 1975ع ۾ ڇپيو، جنهن بابت هو لکي ٿو ته ’اهي منهنجي آسپاس جي جيون جون ڪهاڻيون هيون، جن سان مان جڙيل هوس. ان ڪتاب مون کي اديب جي سڃاڻپ ڏني.“ هري موٽواڻي جو ٻيو ڪهاڻي مجموعو ”ڌرتي“ 1983ع ۾ ۽ ٽيون مجموعو ”خوددار“ 1991ع ۾ پڌرو ٿيو، جنهن تي کيس مهاراشٽر جي سنڌي اڪيڊمي بهترين ڪتاب جو انعام ڏنو. سندس ڪهاڻين جو چوٿون مجموعو ”اڇا وار، ڪارا ڀئنور“ 1994ع ۾ ڇپيو.
پنهنجي ڪهاڻين جو ڇيد ڪندي هري موٽواڻي لکي ٿو، ”منهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي الڳ الڳ طبقن ۽ انهن جي زندگي طرف ردعمل ۽ اشارا آهن. منهنجي پنهنجي اسٽائيل ۽نوع ۾. مان ڪرافٽ مئن ڀل نه هجان، جيئن ٻيا ڪيترا ڪهاڻيڪار آهن، جي ڪهاڻي کي گهڙي تراشي پيش ڪندا آهن. مان سنئون سڌو اسٽوري ٽيلر آهيان. مان ڪهاڻي ٻڌايان ٿو، پنهنجي انداز ۾ ، پنهنجي طرز سان...“
هري موٽواڻي جو پهريون ناول ”ابو“ 1988ع ۾ ڇپيو. ابو تي راءِ ڏيندي موهن ڪلپنا لکيو: جي نقاد ڪتاب کي اڇاترو پڙهندا، تن کي اهو اڇاترو ڏسڻ ۾ ايندو، نه ته ڪتاب ۾ ڪافي گهرائي آهي. درد جو درياهه آهي. ابو سنڌ ۽ هنڌ جي تاريخ آهي. صداقت سان لکيل قابل اعتماد هڪ تاريخي انڀو آهي. ابو ورهاڱي جي درد جو سنڌي ۾ پهريون ۽ في الحال آخري ناول آهي.“
ابو ناول تي هري موٽواڻي کي ”هارمني“ ايوارڊ (قومي ايڪتا) ڏنو ويو.
هري موٽواڻي جو ٻيو ناول ”اجهو“ 1990ع ۾ ڇپيو، جنهن جو تاڃي پيٽو، ورهاڱي کانپوءِ ڀارت ۾ سنڌي جيوت آهي. ناول بابت هري موٽواڻي لکي ٿو ”مان ڪافي عرصي کان محسوس ڪري رهيو هوس ته اسان سنڌين سان هتي اهڙو وهنوار ڪيو پئي ويو، ڄڻ اسان کي هتي مهرباني طور اجهو ڏنو ويو هو! ان ڪري جڏهن تڏهن غير سنڌين اسان سان زورايون پئي ڪيون.هر هنڌ!....اديب ۽فنڪار، جيڪو پنهنجي جاتي جوهڪ انگ آهي. اهو جڏهن جاتي تي ٿيل ڏاڍايون پاڻ تي ٿيل ڏاڍايون محسوس ڪرڻ ٿو لڳي،تڏهن هن جي قلم جنبش ۾ اچي ٿو ۽ هو پنهنجي قلم سان ان جبر خلاف احتجاج ڪري ٿو“. انهي ناول تي هري موٽواڻي کي ”ساهيتيه اڪيڊمي“ جو انعام ڏنو ويو.
هري موٽواڻي جو ٽيون ناول ”پاڻياراپکي“ 1993ع ۾ ڇپيو. اهو ناول ۽ انهيءَ جو ماحول ۽ پسمنظر هري موٽواڻي جي ڳوٺ ”ڌامراهه“ جو هو. انهيءَ ناول ۾ هن ڳوٺاڻي ماحول کي چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هري موٽواڻي جو چوٿون ناول ”ٻاهر نڪرڻ جو رستو“ 1995ع ۾ ڇپيو. اهو ناول هري موٽواڻي جي ٽنهي ناولن کان مختلف آهي، جنهن بابت هري موٽواڻي لکي ٿو ”جن منهنجا پهريان ٽي ناول پڙهيا آهن انهن کي مون طرفان هن قسم جي ناول جي اميد ڪانه هئي. انهن ليکي هن ناول ۾ سيڪس جي اُپٽار آهي. منهنجي ليکي سيڪس زندگي جو هڪ اهم حصو ۽ انگ آهي، تنهنڪري ان کان ڇرڪڻ واجب نه آهي“.
مٿين ڪهاڻي ڪتابن ۽ ناولن کانسواءِ هري موٽواڻي جا ٻه ٻيا اهم ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. (1)جڙيل جن سان جند ۽ (2)آخري پنا.
جڙيل جن سان جند:
سنڌ جو سفرنامو آهي. جيڪو 1988ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو. اهو سندس 1987ع جي سنڌ ياترا جي ڪٿا آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ طارق اشرف لکيو، ”هري جي هن سفرنامي ۾ ڏاڍي بي ساختگي آهي. سڪ ۽ محبت صفحي صفحي تي نظر ايندي. هري ڏاڍي سهڻي ۽ دلچسپ نموني سفر جو احوال لکيو آهي. مان سنڌ ۾ رهان ٿو، سنڌ جي شين کي سوين نه بلڪه هزارين دفعا ڏٺو اٿم، پر ڪن ڪن نظارن ۽ شين جوذڪر هريءَ اهڙي نموني ڪيو آهي، ڄڻ مان به سنڌ ۾ اهي شيون پهريون ڀيرو ڏسي رهيو هجان. هن سفرنامي لکڻ کانپوءِ هريءَ جو ادبي قد، ڀارت جي تمام وڏي سنڌي ليکڪ موهن ڪلپنا کان گهڻو گهٽ نه رهندو. هري جا ڪي ڪي جملا اهڙا وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهن، ڄڻ ته اهي هري جا نه بلڪه ڪنهن وڏي شاعر جي رچنا مان ورتل هجن.“
آخري پنا:
هري موٽواڻي جي آتم ڪهاڻي آهي، جيڪو 1997ع ۾ هند ۾ ۽ ساڳئي سال سنڌ ۾ پڻ ڇپيو. سنڌ جي ڇاپي ۾ ناز سنائي لکي ٿو:
”هي آتم ڪٿا هڪ ماڻهو جي آتم ڪهاڻي هوندي به هڪ قوم، هڪ ٻولي ۽ ان جي سڄي ساهت جي ڪهاڻي آهي ته اسين ڪيتريون نيون ڳالهيون پڙهي سگهون ٿا. هڪ ماڻهو جي ان سڄي سفر جي ڪهاڻي آهي، انهن سمورين ڏکن ۽ ڏاکڙن جي ڪهاڻي آهي، جيڪي هن کي پنهنجي سفر دوران پلئه پيا.“
ڪونج جو اجراءَ:
هري موٽواڻي جو وڏي ۾ وڏو ڪارنامو ”ماهوار ڪونج“ مخزن جو اجراءَ آهي. جيڪا هن 1960ع کان شروع ڪئي ۽ اڄ تائين جاري آهي. ڪونج جو پهريون پرچو ڊسمبر 1960ع ۾ ظاهر ٿيو. مخزن جوايڊيٽر موهن ڪلپنا ۽ ٻانهن ٻيلي گنو سامتاڻي ۽ راجن چاولا هئا. هري موٽواڻي انهيءَ جو پبلشر هو، پر ڪجهه پرچن کانپوءِ، موهن ڪلپنا پرچي کان ڌار ٿي ويو ۽ اهو پرچو هري موٽواڻي هلائڻ شروع ڪيو.
”ڪونج“ جو هندستان ۾ سنڌي ادب ۾ وڏي مقام آهي. انهي پرچي جي ذريعي هري موٽواڻي ڪيترن ئي ليکڪن کي باقاعده ليکڪ بڻايو، تنهن کانسواءِ ڪونج پاران ڪيترائي نوان سلسلا پڻ شروع ڪيا ويا. جهڙوڪ ”آئيني جي اڳيان“، جنهن ۾ هر پيڙهيءَ جي اديب جو سيلف پورٽريٽ ڇپيو. اڳتي هلي اهي سيلف پورٽريٽ ساڳئي نالي ”آئيني جو اڳيان“ سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيا. ڪونج پاران سهڪاري ناول ”يوجنا“ ۾ گوبند مالهي کان شروع ڪري موهن ڪلپنا تائين آخري قسط پهتي. اهو سنڌي ادب ۾ ته ڇا پر سڄي ادبي تاريخ ۾ نئون ۽انوکو تجربو هو. ان جون ڌار ڌار قسطون لکندڙ ٽن پيڙهين جا ليکڪ هئا. اهڙي طرح جيئرن اديبن تي ”شخصيت نمبر“ ڪڍڻ جي روايت به ”ڪونج پبليڪيش“شروع ڪئي، تنهن کانسواءِ ڪونج پبليڪيشن پڻ قائم ڪيائين، جنهن پاران هڪ سئو کان به وڌيڪ ڇپايا ويا آهن. انهن مان ڪيترن ئي ڪتابن کي ساهيتيه اڪاڊمي ايوارڊ پڻ مليا. مٿين ادبي ڪم کانسواءِ ’ڪونج ٿيٽر‘ ۽ ’ڪونج فلمس‘ وجود ۾ آندائين. ڪونج ٿيٽر پاران ناٽڪ ”ننڊ نه ڪر نادان“ پيش ڪيو ويو ۽ ڪونج فلمس پاران ”هو جمالو“ نالي سنڌي فلم پروڊيوس ڪيائين، جنهن ۾ ديش پريم ڏيکاريو ويو، جنهن سبب مهاراشٽر، راجسٿان ۽ ڪن ٻين هنڌن تي وندر ڍل معاف ڪئي ويئي.
هري موٽواڻي جا ٽي ناول ”ابو“ ”اجهو“ ۽ ”پاڻيارا پکي“ راجسٿان ۽ ممبئي يونيورسٽين تي ٽيڪسٽ بوڪ طور منظور ٿيل آهن.