موتي پرڪاش
سوانح
موتي پرڪاش ولد سکر امداس شرما 15مئي1931ع تي دڙي ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. موتي پرڪاش جو نانو مهاراج ريوا، جاتيءَ جو رهاڪو هو. هو حڪمت جو ڌنڌو ڪندو هو. پنهنجي ناناڻڪي سبب موتي پرڪاش پهرين دڙي پوءِ جاتيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي.
جاتي ۾ پڙهڻ جي دوران ”پنڊت ڪندن شرما“ سان واقفيت ٿيس. جيڪو مٿس گهڻو مهربان ٿيو، جنهن کيس سنگيت ۽ هارمونيم جي سکيا ڏني. پنڊت کي سنڌي ناٽڪ سان گهڻو چاهه هوندو هو، انهيءَ وقت سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ ناٽڪ جي چڱي لهر آيل هئي. جاتي، سجاول ۽ چوهڙ جمالي ۾ پنڊت ڪندن شرما، مهاراج ريوا چند راجسٿ ۽ ساقي سجاولي ناٽڪ پيش ڪرڻ ۾ ڀڙ هئا. موتي پرڪاش، پنڊت ڪندن شرما جي لکيل ۽ هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪيل ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندو هو. سندس سهڻي صورت سبب گهڻو ڪري کيس زنانو پارٽ ڏنو ويندو هو. ورهاڱي کانپوءِ جڏهن هو هندستان هليو ويو، ته اتي به سندس سنڌي ناٽڪ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار رهيو.
ادبي اوسر
موتي پرڪاش کي ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي هئي ۽ انهيءَ وقت جيڪي سنڌي رسالا نڪرندا هئا. اهي هو چاهه سان پڙهندو هو. انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو:
”ٽپال جي ٿيلهي کلندي هئي ته مان ”گلستان“ مخزن، بمبئي مان ”ٻالڪن جي ٻاري“ جي نڪرندڙ انگريزيءَ مخزن ”پشپ“ ڪراچي مان نڪرندڙ ”رتن“ جي ڪتابن هٿ ڪرڻ لاءِ اتاولو ٿيندو هوس. ڇو جو انهن جو چندو ڀريندڙ خريدار هوس، باقي ڏيپلائي جي عبرت، ڀڳوان تولاڻي ۽ ڪرانتي ڪرپالاڻي جي ’هندو ساهتيه پرڪاش‘ جي ڪتابن جو چندو ڀريندڙ ڀلي ٻيا هوندا هئا ته به پوسٽ ماستر جي پٽ هئڻ جي حيثيت ۾ انهن تي پهريون حق منهنجو هوندو هو، جيستائين پڙهي پورا نه ڪندو هوس، تيستائين انهن تي پهچڻ واري تاريخ جو ٽپالي ٺپو نه لڳندو هو.“
سندس پهريون شعر ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٻارن جي هڪ رسالي ”گلستان“ ۾ شايع ٿيو، جيڪو ”شيوڪ ڀوڄراج“ ڪڍندو هو ۽ هري دلگير انهيءَ جي شاعري واري ڀاڱي کي سنڀاليندو هو ۽ انهيءَ رسالي ۾ ڇپجندڙ هري دلگير جي شاعريءَ کيس ڪافي متاثر ڪيو. اتان ئي کيس ٻارن جو رسالو شايع ڪرڻ جو شوق جاڳيو ۽ پاڻ ”ٻال سنديش“ جي نالي سان هڪ ٻاراڻي مخزن شروع ڪيائين، جنهن جا ڪجهه پرچا شايع ٿيا.
ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ به سندس شعر و سخن جو اهو عمل جاري رهيو. 1959ع ۾ سندس پهريون شعري مجموعو ”آءٌ ته چوريون چنگ“ شايع ٿيو، جنهن جومهاڳ هري دلگير لکيو. هو موتيءَ جي شعر جي اوسر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”سندس شاعراڻو شغل پندرهن سالن کان به پراڻو آهي. جڏهن هو پنهنجا ٻاراڻا گيت مون ڏانهن ”گلستان“ رسالي ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ موڪليندو هو. پرڪاش جي عمر اڃا 25-27 سال مس هوندي، پر کيس ساهيتيه جي کيتر ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪرڻ جو ڪافي آزمودو آهي. سندس اصلوڪي عمر شايد هروڀرو پڪي نه به سارجي، پر ساهيتيه سنسار (ادبي دنيا) ۾ سندس عمر کي پڪي عمر ۾ ئي شامل ڪرڻ گهرجي.“
موتي پرڪاش جو ٻيو شعري مجموعو ”چڻنگ وچ چولي“ 1983ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ موتيءَ جون وايون، نظم، غزل،گيت ۽ بيت شامل آهن، جنهن جو مهاڳ شاعر ’پرڀو‘ وفا لکيو، جنهن ۾ موتي جي شعر جي ڇنڊڇاڻ ڪندي هولکي ٿو:
”موتي پرڪاش جي شاعري ۾ مصنوعي ڪداچت نه آهي. اها خودبخود سندس دل ۽ دماغ مان نڪري ٿي.موتي انڀوي شاعر به آهي ته اڀياس جي ساڌنا سان پنهنجي شاعري کي سنواريو ۽ سينگاريو اٿس“.
جيتوڻيڪ موتي پرڪاش جو شاعريءَ ۾ ڪو استاد ڪونهي، پر سندس شاعري تي شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسيءَ جو بخوبي اثر آهي.
ناٽڪي جيون
موتي پرڪاش 1954ع ۾ هندستان ۾ ليکڪا ڪلا پرڪاش سان پيار جي شادي ڪئي ۽ 1956ع ۾ آل انڊيا ريڊيو سان وابسته ٿيو. ڪلا پرڪاش سان شادي ۽ ريڊيو سان وابستگيءَ سبب کيس ادب جي سٺي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو.
موتي پرڪاش جو تعلق ترقي پسند لڏي سان هو. هندستان ۾ هن ترقي پسند تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. انهي دوران سندس ناٽڪ ۾ ٻيهر دلچسپي پيدا ٿي، جنهن جو هڪ سبب ريڊيو ۽ ترقي پسند تحريڪ سان وابستگي، ٻيو ننڍپڻ کان ئي پنڊت ڪندن شرما جي اثر هيٺ ڪافي سکيا ورتل هيس. سندس ڪيترائي لکيل ڊراما آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيا. هن 1960ع ۾ ”سندو ڪلامندر“ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ ساڻس گڏ شري ڀڏو آڏواڻي ۽ ايس پي منگهاڻي ٻانهن ٻيلي هئا. هن سرڪل کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته انهيءَ پهريون ڀيرو هندستان ۾ ٽه فصلو ناٽڪ سنڌي ڏسندڙن جي اڳيان پيش ڪيو. اهو ناٽڪ رميش مهتاب جو ”انڊر سيڪريٽري“ هو، جيڪو موتي پرڪاش سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. انهي کانپوءِ انهي ناٽڪ منڊل ڪيترائي ننڍا وڏا ناٽڪ اسٽيج ڪيا.
سنڌي ناٽڪ جي حوالي سان موتي پرڪاش جو هند ۾ اهو به ڪريڊٽ آهي ته هنڌ ۾ سنڌي جو پهريون اصلوڪو ناٽڪ ”رات هڪ طوفان جي“، جيڪو نئين ڍنگ ۽ جديد خيالن تي ٻڌل هو،موتي پرڪاش ئي لکيو. اهو نه رڳو ممبئي ۾ ڪاميابيءَ سان اسٽيج ڪيو ويو. پر ساڳئي نالي سان فلمايو به ويو.
موتي پرڪاش جو ٻيو اصلوڪو ناٽڪ ”پردي اڳيان، پردي پٺيان“ آهي، جيڪو طنز و مزاح تي ٻڌل آهي. انهي ناٽڪ تي کيس “اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ طرفان ٻيو نمبر انعام پڻ مليو. موتي جي ناٽڪ جي حوالي سان ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي آنندو ٽهلراماڻي لکي ٿو:
”موتي پرڪاش سنڌي رنگ منچ سان پڻ وڙ ڪيو آهي، ورهاڱي بعد، جن نوجوانن سنڌي رنگ منچ جي شروعات ڪئي. موتي انهن مان هڪ هو.“
موتي پرڪاش شاعري ۽ ناٽڪ کانسواءِ هڪ ناول ”انڌيرو اجالو“ پڻ لکيو. تنهن کانسواءِ ڪيترائي ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا.
موتي پرڪاش تعليمي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو. هن 1956ع ۾ بي اي (آنرس) ۽ ان بعد 1963ع ۾ بي ايڊ پاس ڪئي. هن 1981ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس تحقيق جو موضوع ”سنڌي شاعري ۾ عورت جو عڪس“ هو. پاڻ لڳ ڀڳ 25سال بمبئي ۾ انڊين هاءِ اسڪول جو پرنسپل رهيو ۽ پوءِ آديپور هندستان ۾ انڊين انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر به رهيو.
موتي پرڪاش جي ڇپيل تخليقي ۽ تحقيقي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي.
(1) انڌيرو اجالو (ناول)، (2) ادبي گل (مضمون)، (3) رات هڪ طوفان جي (ناٽڪ)، (4) دل جون ڳالهيون (يادگيريون)، (5) پردي اڳيان پردي پٺيان (ناٽڪ)، (6) سي سڀ سانڍيم ساهه سين (سنڌ جو سفرنامو)، (7) ڏٺي ڏينهن ٿيام (خاڪا)، (8) سنڌي شاعري ۾ استريءَ جوچٽ (پي ايڇ ڊي ٿيسز)، (9)گومي ٻائي جو سنسار (ننڍا ناٽڪ)، (10) گلڙن جا گيت (ٻال ڪوتائون)، جنهن کي 1975ع ۾ ڀارت سرڪار جي تعليمي وزارت انعام پڻ ڏنو، (11) جيءَ اندر جهاتيون (مذاقي اخباري ڪالم)، (12)منهنجي ڳليءَ جو ڳالهڙيون (شاعري)، (13) وقت ۽ ويچار (ادبي مضمون) 2010ع.
کيس سنڌ جي سفرنامي ”سي سڀ سانڍيم ساهه سين“ تي هندستان جي ساهيتيه اڪيڊمي انعام پڻ ڏنو. اهو ڪتاب هندي ۾ پڻ ترجمو ٿي ڇپيو.
مٿين اصلوڪن ڪتابن کانسواءِ موتي پرڪاش ڪيترا ڪتاب ترجمو پڻ ڪيا. جيڪي ڇپيل آهن. انهن ۾ تارا شنڪر بئنرجيءَ جو ناول ڪالندي (بنگالي) صدرالدين عيني جو ناول اَدينا (تاجڪستان) رميش مهتا جو ناٽڪ انڊر سيڪريٽري (هندي) ڪاڪو ڪلو (انگريزي جي مشهور مزاحيا ناول ٿري مين ان اَبوٽ جوترجمو) شامل آهن.