علي احمد بروهي
سوانح
علي احمد بروهي 11نومبر 1920ع ۾ ڳوٺ کنڀڙا، تعلقو اوٻاوڙو، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد ڪريم بخش بروهي پهرين ڪئنال آبدار ٿيو ۽ پوءِ پوليس کاتي ۾ جمعدار ڀرتي ٿيو. بروهي صاحب شروعاتي تعليم ”گرو نانڪ اڪيڊمي، ڳڙهي ياسين“ ۾ ورتي، ۽ 1927ع ۾ پنجين درجي ۾ داخل ٿيو ۽ اُتان ئي مئٽرڪ پاس ڪيائين.
علي احمد بروهيءَ شروعاتي طور سونارڪي ڪم سان گڏ، ڊکڻائڪي ڪار، طباعت ۽ سيڌي سامان جو دوڪان هلايو، اڳتي هلي پاڻ 1940ع ۾ نيويءَ ۾ ڀرتي ٿيو. تنهن کان پوءِ مختلف کاتن ۾ نوڪري ڪيائين. ڪسٽم ۾ ڪلارڪ ٿيو. ماستري ڪيائين. تنهن کان پوءِ انفارميشن کاتي ”خيرپور رياست“ ۾ انفارميشن آفيسر ٿيو. اڳتي هلي، ائين مختلف هنڌن تي نوڪري ڪندو ڊائريڪٽر پبليڪ رليشنز ٿيو ۽ سنڌ ليول تي انفرميشن جوسربراهه ٿيو. 1971ع ۾ کيس ذوالفقار علي ڀٽي، چوڏهن سئو سنڌي آفيسرن سان گڏ لاهي ڇڏيو. اڳتي هلي ”شيخ سلطان ٽرسٽ“ ڪراچي جي ڊپٽي ايڊمنسٽريشن جي عهدي ته به رهيو.
ادبي زندگي
هڪ انٽرويو ۽ علي احمد بروهي پنهنجي ادبي سفر جي وارتا بيان ڪندي چيو:
”1927ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پنجين درجي ۾ داخل ٿيس. ان وقت جيڪي سنڌي رسالا نڪرندا هئا، سي پڙهندو هئس ۽ لکڻ شروع ڪيم، شروعات ۾ مون ترجمو ڪيو ۽ گهڻو پوءِ تحقيقي ۽ تخلقيي ادب لکڻ شروع ڪيم، ننڍپڻ ۾ شروعات ادبي لحاظ کان بلڪل وندر خاطر ڪيم،“
علي احمد بروهي پنهنجي پهرين ڪهاڻي انهيءَ ئي دور ۾ لکي ۽ سندس ئي لفظن ۾ ته:
”انهن اوائلي دور جي اڪثر افسانن ۾ جيڪڏهن لفظي ترجمو نه سهي، تڏهن به سندن مرڪزي خيال ضرور اُڌارو ورتل آهي. ڏهاڪو سال لاڳيتو مشق ڪرڻ بعد ڪي قدر لس لکڻ لڳم. ليڪن تڏهن به لکڻ جي اسٽائيل انهن استادن واري پرائي اٿم، جن جي ترجمي ڪرڻ سان الله توهار ڪئي هيم.“
علي احمد بروهي جي ٻين افسانن کان سواءِ طنز و مزاح وارن افسانن کي سٺي پذيرائي ملي، انهن افسانن ۾ ”عثمان حجم جو روز رکڻ“، ”عثمان حجم جو ڏند ڪڍائڻ، ”عدو موچيءَ جو راڳ سکڻ“، ”عدوءَ موچي جو حڪيم ٿي قسمت آزمائڻ“- سنڌي ادب جي يادگار افسانن ۾ ڳڻيا وڃن ٿا.
علي احمد بروهيءَ جي ڪن مزاحيه افسانن ۽انهن جي ڪردار نگاريءَ تي وڌاءُ جو الزام پڻ هنيو وڃي ٿو، جنهن جي جواب ۾ پاڻ هڪ هنڌ لکيو اٿن:
”منهنجي مزاحيه لکڻ متعلق اڪثر هي الزام مڙهيو ويندو آهي ته مضمون جي عبارت، عمارت ۽ اڏاوت ۾ ”وڌاءُ“ کان گهڻو ڪم ٿو وٺان، جو بهتان نه پر حقيقت آهي، ليڪن سوال هي آهي ته ماسواءِ وڌاءُ جي، ٻيو ڪهڙو بي ضرر طريقو آهي، جنهن ذريعي ڪنهن ڪهاڻي يا افساني جي صورتحال کي سلوڻو ۽ کلڻهاب بنائي سگهجي؟ ڇا ڪنهن جي عيب جوئي ڪرڻ يا ڪنهن جي ڪم بختيءَ تي کڳيون هڻندي لکڻ يا کلائڻ کي مزاحيه ادب سڏي سگهجي ٿو؟“
ڪهاڻين کان سواءِ علي احمد بروهي اخباري ڪالم پڻ لکيا، جن جو تعداد پڻ سوَن ۾ آهي. اهڙن ڪالمن جا ڪتاب: (1) ڄام ڄاموٽ ڄامڙا، (2) واٽ ويندي، (3) سڏن مٿي سڏڙا، (4) ڳجهه ڳجهاندر ڳالهڙيون ڇپيل آهن.
علي احمد بروهي جي انهن ڪالمن جي حوالي سان نامور ليکڪ سراج ”واٽ ويندي“ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو:
”ٻولي ۽ ڏات (۽ ڏانءُ) هن جي لکڻ واري شخصيت کي ڄڻ مهميز ڏيئي ٿي ڇڏي ۽ هو جڏهن لکڻ ٿو ويهي ته سمورا بند ٽٽي ٿا پون، سموريون مصلحتون اڏامي ٿيون وڃن ۽ نج سچ ۽ نبار سچائيون.اهي سچائيون اسان جي تاريخ جو هڪ اهڙو حصو بنجي ويون آهن، جن کان لنوائڻ محال آهي.“
مٿين ڪتابن کان سواءِ علي احمد بروهي جي ٻين ڪتابن ۾: ڪک پن، لاهوتي لڏي ويا ۽ The Temple Son Good شامل آهن.
علي احمد بروهي زندگيءَ جي گهڻين لاهين ۽ چاڙهين مان اُڪري پار پيو. جيئن مٿي لکيو اٿم ته هو .انڊين نيويءَ ۾ وڃي ڀرتي ٿيو، جتي هو وائرليس ٽيلي گرافسٽ ٿيو. اتي 1946ع واري گڏيل هندستان جي سامونڊي فوج واري بغاوت جي مهندارن منجهان هو. اها بغاوت 17 فيبروري 1946ع ۾ بمبئي ۾ شروع ٿي ۽ پوءِ سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي. بغاوت وقت بروهي بمبئي جي ايڇ-ايم-ايس تلوار ۾ وائرليس جو انسٽرڪٽر هو. هڙتالي ڪاميٽي جي ميمبرن جي باقاعده چونڊ ٿي، جنهن ۾ علي احمد بروهيءَ کي چونڊيو ويو ۽ کيس بغاوت جي مرڪزي آفيس جو انچارج مقرر ڪيو ويو.
انهيءَ بغاوت جو ذڪر ڪندي بروهي چوي ٿو:
”بغاوت جي دوران اسان جون چوٽي جي پايه وارن اڳواڻن سان ملاقاتون ٿيون. مهاتما گانڌيءَ اسان کي سخت گهٽ وڌ ڳالهايو. هن اسان کي چيو ته اسان سندس سموري ڪمائي تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اسان اهنسا کان ڪم نه ورتو. اسان کيس ٻڌايو ته اسان جي سڄي سکيا ماڻهن کي مارڻ يا پاڻ مارڻ تائين محدود هئي. ان ڪري اهنسا جو ته ڪو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. کيس هي به ٻڌايوسين ته گل ڦل نڇاور ڪرڻ سان انگريز هتان هرگز نه لڏيندو. اهڙي طرح قائداعظم ۽ مولانا آزاد سان به اسان جا ساٿي ڪلڪتي ۽ دهليءَ ۾ مليا، جن اسان سان همدردي ڏيکاري ۽ حمايت ۾ بيان به شايع ڪيا، پر سوشلسٽ پارٽي جي سڀني ليڊرن اسان سان پورو پورو ساٿ ڏنو ۽ نباهيو.“
انهيءَ بغاوت انگريزن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. هو ٻي جنگ عظيم ۾ ايترو ته ڪمزور ٿي ويا هئا، جو منجهن باقي دم نه رهيو هيو. بغاوت جي چوٿين ڏينهن انگلينڊ جي وزيراعظم ائٽلي ”پارليامينٽ“ ۾ اعلان ڪيو ته انگريزن هندستان جي حڪومت ديسي ماڻهن جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڳالهيون هلائڻ جي لاءِ هڪ اعلى سطحي وزارتي وفد هندستان روزانو ڪيو ٿو وڃي. بروهي جي لفظن ۾ ته:
”هندستان ۽ پاڪستان کي آزادي ملڻ جو اصلي ڪارڻ نيويءَ جي بغاوت آهي.“
بغاوت جي خاتمي کان پوءِ، مک مهندار هئڻ جي ڪري، مٿس ٻين ساٿين سان گڏ ڪيس هلايو ويو ۽ ڦاسي جي سزا آيس. پر پوءِ اها قيد جي سزا ۾ تبديلي ڪئي ويئي ۽ ارڙهن مهينا قيد ڪاٽڻ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. اها بغاوت تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ باب آهي، پرافسوس جو پاڪستان ۾ انهي تي ڪو گهڻو ناهي لکيو ويو.
علي احمد بروهي صحافت جي پيشي سان به ڪافي عرصو لاڳاپيل رهيو. پهرين هو ”انقلابي“ اخبار سکر جومئنيجر ٿيو، ”صداءِ سنڌ“ ۽ ”قرباني“ ڪراچي جو ايڊيٽر ٿيو. روزاني ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو.
علي احمد بروهي ڳالهين جي ڳهير ۽ يار ويس ماڻهو هو، جيڪو به سندس ڪچهريءَ ۾ ويٺو، سو متاثر ٿي اُٿيو. مشهور ليکڪ مئڊم ائسٽيلي هولٽ، ايشيائي ملڪن جي سياحت تي آئي ته هتي سنڌ ۾ سندس ملاقات علي احمد بروهي سان ٿي، جنهن جو تفصيلي ذڪر هن پنهنجي ڪتاب Asia and I ۾ ڪيو آهي ۽ هوءَ بروهي کان متاثر نظر آئي.
ان کان سواءِ جڳ مشهور نوبل انعام يافته ليکڪ وي ايس نائيپال پنهنجي ڪتاب Among the Believers ۾ به علي احمد بروهي سان پنهنجي ڪچهرين جو سربستي احوال سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي پڻ بحث ڪيو آهي. خاص ڪري چچ کان وٺي عربن جي فتح تائين واري دور جي باري ۾ انهيءَ ڪتاب تي پاڪستان جي اردو اخبارن ڪافي عرصو ڇوُهه ڇنڊيا.
علي احمد بروهيءَ 30 نومبر 2003ع تي وفات ڪئي، کيس ڪراچي جي ”عبدالله شاهه غازي“ قبرستان ۾ دفنايو ويو.