مهاڳ
ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌي ادب کي دنيا جي ادب ۾ عموماً ۽ ننڍي کنڊ جي ادب ۾ خصوصاً هڪ جوڳي جاءِ وٺي ڏيارڻ ۾ جن ليکڪن جو گهڻو ڪردار رهيو، هيءُ ڪتاب انهن جي سوانحي خاڪن تي مشتمل آهي، جن ۾ سندن لکڻين جو به مختصر احوال ڄاڻايل آهي. انهن مان ڪي نقاد ۽ محقق آهن، ڪي ڪهاڻيڪار ته ڪي شاعر جڏهن ته ڪي آل رائونڊر (گهڻ رخا) ليکڪ به آهن. انهن هر طرح سان سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي ڪشادو ڪيو ۽ ان کي مالامال ڪيو. سچ ته انهن کي جس هجي، گڏوگڏ هن ڪتاب جي خالق کي به جس هجي، جنهن ادبي تاريخ جي هن اهم پهلوءَ کي محفوظ ڪيو آهي.
ادب ۾ ڪنهن به خطي جي تهذيب ۽ تمدن جي تاريخ ۽ سماجي شعور جو عظيم ۽ لطيف انداز ۾ اظهار هوندو آهي. انهيءَ جي مختلف دؤرن ۾ موجود ادبي تحريڪن، فڪري ڌارائن، فني قدرن ۽ تخليقي محرڪن کي قلمبند ڪري هر دوءَر جا سرجڻهار پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. سندن حياتيءَ ۽ علمي ادبي ڪاوشن جي باري ۾ ڄاڻڻ جي هر پڙهندڙ کي خواهش به هوندي آهي. سندن فن ۽ شخصيتن، فني، موضوعاتي توڙي نظرياتي لاڙن ۽ وابستگي جي مختصر پر جامع معلومات ادب جي شاگردن کي کين سمجهڻ ۾ مدد ڏيندي آهي. ان لحاظ کان هي ڪتاب وڏي اهميت رکي ٿو ۽ سوانحي ادب ۾ هڪ سٺو اضافو آهي.
هنن تحريرن کي پڙهڻ کان پوءِ، ۽ هن ڪتاب ۾ شامل ليکڪن جي باري ۾ ڄاڻڻ کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته بظاهر فني لحاظ کان نثر ۽ نظم ادب جا ٻه جدا جدا اظهار جا طريقا آهن، پر اظهار جي معنويت توڙِي احساس جي گهرائيءَ جي حوالي سان انهن ۾ ڪو گهڻو فرق ڪو نه ڪري سگهبو، خاص ڪري تخليقي صنفن ۾ صرف ڳالهه ڪرڻ جي ڍنگ ۽ لفظن جي چونڊ جو فرق هجي ٿو. يعني ٻوليءَ جو ورتاءُ (Treatment) ٻنهي جو مختلف هجي ٿو. مشهور انگريز نقاد ”پي گري“ موجب نظم لفظن جي بنيادي معنائن سان گڏ پاسائتيون توڙِي مددي معنائون (Subsidiary Meanings) پڻ هونديون آهن. اسان جي هنن نثر نگارن توڙِي شاعرن پنهنجي لکڻين ذريعي نه صرف خود ادب جي واڌاري ۽ ڄاڻ جي ميدان ۾ وسعت مهيا ڪئي، پرهنن سنڌي ٻوليءَ کي به شاهوڪار ڪيو، وسعت بخشي ۽ نواڻ آندي.
هن ڪتاب لکڻ تي آءٌ محترم يوسف سنڌيءَ کي پڻ انهيءَ ساڳئي سٿ ۾ شمار ڪريان ٿي، جن سنڌي ٻوليءَ کي ايڪيهين صديءَ ۾ مانائتو ڪيو آهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين