گرداس واڌواڻي
”ڪنهن زماني ۾ جڏهن مون مطالعو شروع ڪيو ته آسان ۽ مٺي زبان وارا تمام گهڻا شهپارا منهنجي نظر مان گذريا. انهيءَ دور ۾ مون کي ڪڏهن لعل چند امرڏنو مل پسند ايندو هو ته ڪڏهن ڪشنچند ’بيوس‘ ته ڪڏهن ليکراج عزيز،انهيءَ سونهري دور ۾ سهل ۽ دل لڀائيندڙ زبان استعمال ٿيندي هئي، جن مان ڪجهه لفظ مون به اختيار ڪيا. مون جڏهن پهريون ڀيرو ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪاڪي گرداس واڌواڻيءَ جا ڪالم پڙهيا ته مون کي اهو زمانو ياد اچي ويو. جڏهن زبان پينگهه ۾ لڏڻ جو سرور مکڻ ۽ ماکي جو لطف ڏيندي هئي. ڪاڪا جي لکڻين ۾ جيڪا مٺاس آهي. اها اڄ جي قلمڪارن ۾ بنهه گهٽ ٿي نظر اچي. ڪاڪي پنهنجي ڪالمن ۾ هن دنيا جون ڪهاڻيون ۽ وساريل ڳالهيون نهايت خوبصورت انداز ۾ بيان ڪيون آهن.“
سوانح
گرداس واڌواڻي جو جنم 7جون 1911ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. سندس واسطو حيدرآباد جي عامل گهراڻي سان هو. شروعاتي تعليم حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي مان حاصل ڪيائين ۽ مئٽرڪ 1929ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. انهي وقت سنڌ جا سڀ اسڪول ۽ ڪاليج بمبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل هئا. گرداس واڌواڻي پنهنجي ادبي زندگي جي شروعات شاگرديءَ واري زماني کان ڪراچي مان ڪئي.1931ع ۾ کيس واپس حيدرآباد ڏاڏي وٽ وڃڻو پيو، جو سندس والد شهدادپور ۾ هو.
گرداس واڌواڻي ويهن سالن جي عمر ۾ صحافت اختيار ڪئي ۽ سنڌي روزنامه ”ديش متر“ سان لاڳاپو ٿيس. انهي اخبار جو ايڊيٽر ’کيمچند دتارام‘ هڪ بهادر صحافي هو. گرداس واڌواڻي 1931ع کان 1939ع تائين هڪ رپورٽر ۽ پوءِ ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيو. انهي دوران گرداس واڌواڻي سنڌ جي بمبئي کان جدائي واري تحريڪ جي سلسلي ۾ مختلف شخصيتن، دانشورن، سياستدانن کان انٽرويو ورتا، جيڪو سلسلو گهڻو مقبول ويو ۽ ڪراچي جي وڏي سنڌي اخبار ”الوحيد“ انهن انٽرويوئن کي جيئن جوتيئن شايع ڪيو.
تنهن بعد هن انگريزي صحافت جوائن ڪئي ۽ ”سنڌ آبزرور“ ۾ پروف ريڊر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. ”مسٽر ڪي پنيا“ انهيءَ اخبار جو ايڊيٽر هو. 1943ع ۾ ڊاڪٽر تارا چندلالواڻي شام جي پهرين اخبار ”ڪراچي ڊيلي“ شروع ڪئي ته هن انهيءَ ۾ رپورٽر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو. سندس ڪم کي ڏسندي ڊاڪٽر تاراچند کيس سنڌجي ٻي وڏي اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ رکيو.
1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته گرداس واڌواڻيءَ جوسڄو ڪٽنب هندستان لڏي ويو، پر هي هتي ئي رهي پيو. جيتوڻيڪ ڪجهه دوستن سندس سلامتي جي خيال کي نظر ۾ رکندي کيس سنڌ ڇڏڻ جو مشورو ڏنو. پر هن انڪار ڪيو ۽ ڪراچي ۾ سدائين لاءِ رهي پيو ۽ پنهنجي ڪرت يعني صحافت کي لڳو رهيو. 1948ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ هندو مسلم فسادن جي بيباڪي سان رپورٽنگ ڪيائين.
”سنڌ آبزرو“ بند ٿي ته دادا گرداس ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ شامل ٿيو. جنهن جو ايڊيٽر هڪ انگريز ”رابرٽ ٽيلرڪو سارن“ هو، پر ڪجهه وقت کانپوءِ اها اخبار بند ٿي ويئي. انهي کانپوءِ گرداس واڌواڻي ”هندستان اسٽينڊرڊ“ ۽ مدراس جي ”هندو“ اخبار جو رپورٽر مقرر ٿيو. 1961ع ۾ ”مارننگ نيوز“ جوائن ڪيائين. 1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ جي ڪري ”هندستان اسٽينڊرڊ“ ۽ ”هندو“ڇڏڻيون پيس.
ائين گرداس واڌواڻي زندگي جا ايڪيتاليهه سال صحافت کي ڏنا، پوءِ نيٺ 1972ع ۾ صحافت ڇڏي ڏنائين.
ورهاڱي کان اڳ هن سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڪهاڻيون به لکيون، جيڪي ان وقت جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيون.
گرداس واڌواڻي 1974ع کان روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ ”جيڪي ڏٺو مون“ جي عنوان سان ڪالم لکڻ شروع ڪيو، جن ۾ هو پنهنجي زندگي جا انيڪ مشاهدا ۽ تجربا بيان ڪندو رهيو.
انهيءَ کانسواءِ گرداس واڌواڻي ٻارن لاءِ به ڪافي ڪجهه لکيو. هن ڊنمارڪ جي مشهور ٻارن جي ليکڪ اينڊرسن جون ڪهاڻيون سنڌي ۾ ترجمو ڪيون، جيڪي ”شاهي بلبل“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
گرداس واڌواڻي جي لکڻ جو انداز نهايت وڻندڙ ۽ سليس هوندو هو.ممتاز مهر جي لفظن ۾:
”گرداس واڌواڻي جو انداز بيان وڻندڙ ۽ منفرد آهي، سندس ڪالمن جو رنگ ادبي آهي. ڪي ڪالم ته انشائيه (ESSAYS ) لڳندا آهن ۽ ادبي شهپارن جو درجو رکن ٿا.“
گرداس واڌواڻي جي ساروڻين ۽ ڪالمن جا چار ڪتاب (1)جيڪي ڏٺو مون (1980ع) (2)ساروڻيون (1981ع) جنهن کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي انعام پڻ ڏنو (3)ڳالهه ٻولهه (1982ع) ۽ (4)جڏهن آدم آيو (1987ع) شايع ٿيل آهن.
برک صحافي علي نواز وفائي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب ”جيڪي ڏٺو مون“ جي مهاڳ ۾ سندس لکڻين جو جائزو وٺندو لکي ٿو:
”هي ڪتاب مسٽر واڌواڻي جي آزمايل آزمودن، تلخ تجربن، مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ سمجهجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ان کان علاوه پنهنجي يادگيرين، قصن ۽ ڪهاڻين کي جنهن اديبانه انداز ۾ ادا ڪيو آهي، ان جو اندازو صرف پڙهندڙ ئي لڳائي سگهندا.“
گرداس واڌواڻي جا اهي ڪالم / مضمون/ ساروڻيون سنڌ جي اتهاس جو هڪ باب آهن، جن جي مطالعي کانسواءِ پنهنجي تاريخ جو مطالعو اڻپورو ٿو لڳي.
گرداس واڌواڻي کي سندس صحافتي خدمتن جي ڪري ”گرو“ يعني ”مرشد“ ڪري سڏيو ويندو هو.
هن لڳ ڀڳ اسي سالن جي عمر ۾ 1991ع ۾ پولوڪ پڌاريو.
دادا گرداس واڌواڻي کي خراج تحسين پيش ڪندي برک صحافي يوسف شاهين داداجي ڪتاب ”جڏهن آدم آيو“ جي مهاڳ ۾ لکيو:
”دادا هڪ ليکڪ، هڪ صحافي ۽ اديب کان وڌيڪ وڏو انسان ۽ مثالي سنڌي آهي. هي جڏهن پنهنجي لکڻين جي ذريعي، مٺن لولن،لال ليارن، پڪن ٻيرن، ٻاجهر جي ڍوڍن، چانورن جي چلهن جي ڳالهه ٿو ڪري، تڏهن تاريخ جو هڪ اهڙو باب اٿلون ڏيئي، اکين جي اڳيان اُڀري اچي ٿو، جنهن ۾ لڙڪ ۽ مرڪ، وڇوڙي ۽ وصال جا ڪئين داستان لڪل آهن.ولر کان وڇڙيل، 74سالن جي هن پيرسن، زندگي جا چاليهه سال اڪيلي سر گذاري ڇڏيا آهن، نه مٽ نه مائٽ، نه ڀيڻ نه ڀاءُ، نه چاچو نه مامون، نه ڪو عزيز قريب سڀ هن کان وڇڙي ويا. سڀ هن کي ڇڏي ويا، پر هن سنڌ کي نه ڇڏيو، پنهنجي امڙ کي نه ڇڏيو. شال! اها ساڃهه، اهو نينهن سڀني کي نصيب ٿئي.“
دادا گرداس جي انهيءَ ڪيفيت کي نصير مرزا پنهنجي هڪ نظم ۾ هن ريت چٽيو آهي:
هو سڀ
جيڪي هُن جا گهر ڀاتي هئا
ايئرپورٽ ۽ سمونڊ جي ڪناري
هوائي جهازن ۽ آگبوٽن ۾ چڙهي
برن پٽن ۽ بيابانن مان ٿيندا
دنيا جي نقشي ۾ گم ٿي چڪا آهن
سندن اُجاڙ
ڀڙڀانگ ۽ ڀانڀاڙ حويليءَ ۾
بس رڳو
ڪنهن وشال ٽيبل تي ٻرندڙ
ڄاڻ ته اجهامندڙ ڏيئو
۽هڪڙو البم
سنڌ ۾ هنن جي آخري نشاني آهي.