پرويز
جنم ۽ تعليم
علي محمد ولد محمد سليمان ميمڻ، ڳوٺ لاکا تعلقي ميرپور بٺوري ۾ 2سيپٽمبر 1945ع تي جنم ورتو، سنڌ ۾ زوري تعليم جوقانون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ 1952ع ۾ پرائمري اسڪول لاکا۾ داخل ڪيو ويو، جتان پڙهي پوءِ 1957ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ مڊل اسڪول دڙي مان ستون ڪلاس پاس ڪيائين. 1961ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1963ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان بي ايس سي آنرس ڪيائين. ساڳئي سال گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو ۾ سائنس ٽيچر جي حيثيت سان مقرر ٿيو، هڪ سال کانپوءِ ايگريڪلچر ريسرچ انسٽيٽوٽ اي آر آءِ ٽنڊوڄام ۾ ريسرچ اسسٽنٽ طور مقرر ٿيو، جيڪا نوڪري پوءِ انتقام جي نشاني بنجڻ ڪري هلي ويئي.
علي محمد پرويز 1971ع کان پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪيو، پهرين ميڊيڪل اسٽور کوليائين، پوءِ ڪپڙي جو دڪان کوليائين. 1975ع ۾ ”سنڌي عوامي تحريڪ“ پاران هلندڙ حيدرآباد ۾ سردار پرنٽنگ پريس اچي سنڀاليائين، جتي 1978ع تائين رهيو، پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اچي ميرپور بٺوري ۾ ڪپڙي جو دڪان کوليائين،جيڪو 1991ع تائين هليو ۽ پوءِ هڪ اين جي او ۾ ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر طور ڪم ڪيائين، تنهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اچي ذاتي ڪاروبار سنڀاليائين.
ادبي سفر
نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهڻ جي دوران کيس تصويرون ٺاهڻ جو شوق جاڳيو ۽ ماهوار شمع (اردو) ۾ ڇپيل اداڪارن جا فوٽو ڏسي انهن جا اسڪيچ ٺاهيندو هو، اُن سان گڏ انهيءَ ۾ ڇپيل افسانا پڻ شوق سان پڙهندو هو، پهرين اردو ۾ لکڻ شروع ڪيائين، پوءِ سنڌي ۾ لکڻ لڳو. پنهنجي انهي ادبي سفر جو ذڪر ڪندي پرويز لکي ٿو: ”زرعي ڪاليج ٽنڊي ڄام ۾ داخلا کانپوءِ به ساڳيو شوق جاري رهيو، هڪ ڀيري ڪاليج جي ٻئي سال جي دوران اردو ۾ الائجي ڇا ويٺي لکيم ته مٿان منهنجو ڳوٺائي ۽ دوست ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ آيو (جيڪو پوءِ ڪجهه سالن جي لاءِ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ٽنڊي ڄام جو وائيس چانسلر ۽ رٽائرمينٽ کانپوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو جنرل سيڪريٽري به رهيو) پڇائين ڇا پيو لکين؟ ۽ ڪاغذ وٺي پڙهڻ لڳو، لکت کي نظرانداز ڪري چيائين، ماهوار روح رهاڻ ۽ نئين زندگي وٺي پڙهه ۽ سنڌيءَ ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪر، اتان کان 1964ع ۾ مون سنڌي لکڻ شروع ڪيو ۽ ڪهاڻي لکڻ کي ئي اظهار جوبهترين ذريعو سمجهيم.“
پرويز جي پهرين ڪهاڻي ”اونداهي رات“ ماهوار بادل حيدرآباد جي مارچ 1967ع واري پرچي ۾ شايع ٿي. پوءِ سندس ڪهاڻيون، مضمون ۽ ڪالم مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا ۽ اهو سفر تاحال جاري آهي. پرويز هڪئي وقت ڪهاڻيڪار، مترجم، ناول نگار ۽ مضمون نگار پڻ آهي، پرسندس اصل سڃاڻپ ڪهاڻيڪار واري آهي.
پرويز جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”سُڻي تنهنجو سڏ“ 1978ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس 12طبعزاد ۽ 3ترجمو ٿيل ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”آئون ننڍڙيون ڪهاڻيون لکندو آهيان. مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي ناسورن جو ذڪر ڪيو آهي، نين منزلن ۽ مقصدن جي ڳالهه ڪئي آهي، انهن نين منزلن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گس ۽راهه جو ڏس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.“
اهي ڪهڙا ناسور آهن، جن جي پرويز پنهنجي ڪهاڻين ۾ نشاندهي ڪئي آهي، اهي ڪهڙا مقصد آهن جي حاصلات لاءِ پرويز گس ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو لکي ٿو: ”مون ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن سنڌي سماج ۾ موجود گندگيءَ جي نشاندهي ڪريان، گهڻو تڻو منهنجي ڪهاڻين جو موضوع به اهو رهيو آهي، ڌارين طرفان ڌاڙيل قرار ڏيئي سنڌي جوڌن جو قتل عام ۽ نسل ڪشيءَ بابت ذڪر ٿيل آهي. رشوتخور ڪامورو پنهنجي ڪاروائي ڪيئن ٿو ڪري سا به ڳالهه ٿيل آهي. هارين ۾ سجاڳي ڪيئن آڻجي، سو به گس ڏسيل آهي. شاگرد پنهنجا آدرش ڪيئن حاصل ڪن ۽ سياسي تنظيمن جا بي لوث ڪارڪن لالچ جي ڪوڙڪي ۽ ڪيئن ٿا ڦاسن، انهن مسئلن کي به ڇهيو ويو آهي.“
پرويز جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو ”رت جا ڦڙا“ 1989ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن جون ارڙهن ڪهاڻيون شامل آهن، پرويز هيستائين هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون آهن.
پرويز طبعزاد لکڻين کانسواءِ عالمي ادب مان چونڊ ۽ بهترين ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما پڻ ڪيا آهن، انهن ترجمن ۾ ناول، ڪهاڻيون، تقريرون، شاعري ۽ خط وغيره شامل آهن.
پرويز سياسي حوالي سان به ڪافي سرگرم رهيو، انهيءَ ميدان ۾ هو رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر فيروز احمد، شهيد فاضل راهي، سيد اڪبر جو ساٿاري ٿي رهيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ پرويز 1973ع-1977ع ۽ 1983ع ۾ مختصر عرصن لاءِ بٺوري، لاڏيون ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد پڻ رهيو.
پرويز کي سندس لکڻين جي مڃتا طور ”سوجهرو ايوارڊ“ ۽ ”سنگت ايوارڊ“ پڻ مليا آهن.
پرويز جي ڇپيل ڪتابن جو وچور هيٺين ريت آهي
1- سُڻي سڏي (ڪهاڻيون 1978ع) 2-نئون ڳوٺ پراڻو ڳوٺ (طويل چيني ڪهاڻي 1979ع) 3-پنڌاڙانگا پٻ جا (اوريان فلاسي جي جڳ مشهور ڪتاب، انٽرويو وٿ هسٽري تان پانا گولس جو انٽرويو ترجمو، 1986ع) 4-شاهراهه دهلي (سڀاش چندر بيس جون تقريرون - ترجمو 1988ع) 5-فلسطين جدوجهد آزاد (ترجمو 1989ع) 6-رت جا ڦڙا (ڪهاڻيون 1989ع) 7-ڏونگر منجهه ڏيئو (بورس پوليواءِ جي ناول Story of a real man جوترجمو 1990ع) پيءَ جا ڌيءَ ڏي خط (نهرو جا اندرا گانڌيءَ کي خط)8-اسپارٽيڪس (هاورڊ فاسٽ جي ناول جو ترجمو 1998ع) وڃايل مُرڪ (ڪهاڻيون-2006ع) لڙڪن آجا نيڻ (ناول-2006ع) –ماڃرجي حور (ڪهاڻيون-2007ع) منهنجو پاڻي بند نه ڪجان (ڪهاڻيون-2007ع) دل جي دري (ڪهاڻيون-2008ع) پيهي جان پاڻ ۾ (آتم ڪهاڻي ـ 2010ع) ۽ ڳوڙهن جا ڪبوتر (2011ع) شامل آهن.