حيدر بخش جتوئي
سوانح
حيدربخش ولد الهداد خان جتوئي، بکو ديرو، ضلع لاڙڪاڻي ۾ 1901ع پيدا ٿيو. ابتدائي سنڌي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم مدرسته السلام لاڙڪاڻي ۽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتائين. جتان 1923ع ۾ هن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، پوءِ اعلى تعليم لاءِ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي 1927ع ۾ بي اي پاس ڪيائين.
حيدربخش جتوئي 1928ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ ڏوڪريءَ ۾ هيڊمنشي ٿيو ۽ پوءِ هائر جو امتحان پاس ڪري، سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو ۽ مختيار ڪار ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف تعلقن جهڙوڪ بدين، گهوٽڪي، ڊگهڙي، جيمس آباد (هاڻوڪو ڪوٽ غلام محمد) ۽ ڏوڪري ۾ مختيار ڪار ٿي رهيو ۽ جلد ئي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو ۽ 1945ع ۾ استعيفا ڏئي سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
”حيدربخش جتوئي جي زندگيءَ کي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. 1945ع کان 1953ع تائين هاري تحريڪ کي منظم ڪرڻ، ان کي هڪ انقلابي نظريي ڏيڻ ۽ ان لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڌو اڌ بٽئي، بئراجن جي زمين هارين کي ڏيارڻ، پراڻي زمينداري سرشتي هيٺ هارين جي حقن کي مڃرائڻ ۽ وڏيرا شاهي جي رعب ۽ دٻاءُ کي للڪارڻ ۽ مقابلن جو دور ليکجي ۽ ٻيو دور 1954ع کان 1970ع تائين، جنهن ۾ حيدربخش ۽ سندس ساٿين جي جاکوڙ ، هاري تحريڪ کي سنڌ جي وجود ۽ آزادي لاءِ جدوجهد جو اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو؟ جنهن سبب کيس ”باباءِ سنڌ“ به ڪوٺجي ٿو.“
شعر و سخن
حيدربخش جتوئي اسڪول واري زماني کان شعر تي طبع آزمائي پيو ڪندو هو. 1931ع ۾ جڏهن بدين جو مختيار ڪار هو، تڏهن هن هڪ ڪتاب ”تحفئه سنڌ“ شعر ۾ لکي ڇپايو، جنهن ۾ ڊاڪٽر سرمحمد اقبال جي شڪوهه جي طرز تي شعر لکيل هو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ هو لکي ٿو.
”مان هي ٿورا شعر پنهنجي دوستن جي اڳيان پيش ٿو ڪريان، پر ڀانيان ٿو ته هي شعر گهڻن کي پسند نه ايندا. بلڪه ڪي دوست به منهنجا دشمن ٿي پون ته عجب نه آهي. هندو دوست منهنجي زبان کي پسند نه ڪندا ۽ مسلمان دوست منهنجي دماغ جي توهين ڪندا. آئون مسلمان دوستن کي هيترو چوندس ته جيڪي شڪوڪ ۽ شبهات مون ”شڪوهه“ ۾ اظهار ڪيا آهن، سي برابر گستاخانه آهن ۽ ڪٿي ڪٿي بي ادبي ڏيکارين ٿا، مگر اهي سڀ محبت ۽ جستجو ئي حق جو نتيجو آهن.“
ڪتاب جي ڇپجڻ سان، اخبارن ۾ ملن ۽ مولوين طرفان هن جي خلاف گوڙ مچي ويو، جنهن جي ڪري نه رڳو ڪافي مشهوري مليس، پر نئين روشني ۽ ترقي پسند حلقن ۾ مقبوليت مليس. اها شعر و سخن جي مشغولي پوءِ سڄي عمر قائم رهيس.
هاري حقدار
1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفا ڏيڻ کانپوءِ سڌي طرح ’سنڌ هاري ڪميٽي‘ ۾ شامل ٿي، هن ان جي نئين سر تنظيم ڪئي ۽ آئين تيار ڪيو ۽ سڄو وقت هاري تحريڪ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. جنهن جي صلي ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽي جو صدر چونڊيو ويو. حيدرآباد ۾ جاءِ وٺي، اتي سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي آفيس کوليائين ۽ ”هاري حقدار“ نالي هفتيوار اخبار ڪڍڻ لڳو. هاري ڪميٽيءَ جو بنياد 1930ع ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، جمشيد مهتا، جي ايم سيد ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي وجهي چڪا هئا. سندس زندگي ۾ ايندڙ انهي تبديلي جو ذڪر ڪندي محترم جي-ايم-سيد لکي ٿو:
”ڪتابَ پڙهڻ جو هن کي گهڻو شوق هو. انهي عرصي ۾ هن مختلف مسئلن تي چڱو مطالعو ڪيو. سندس زندگي تي ڪهڙين ڳالهين ردعمل آندو، ڪهڙا ڪتاب ۽ ماڻهو مٿس اثرانداز ٿيا، انهن جي کوجنا بذات خود هڪ دلچسپ مطالعو ٿيندو.........پر جيڪڏهن سندس حياتي تي سراسري نظر وجهبي ته معلوم ايئن ٿيندو ته زميندار طبقي جي ظلم ۽ عياشي ۽ عوام کان سندن بي التفاتي، ڪامورن جي رشو تخوريءَ ۽ خود مطلبي، انگريزن کان آزادي لاءِ لڙندڙ نوجوانن تي حڪومت جي سختي، ملن طرفان مذهب کي تنگ دائري ۾ محدود ڪري ڇڏڻ جي هوڏ هن تي گهڻو اثر ڪيو....“
1955ع ۾ جڏهن اولهه پاڪستان جي چئني صوبن کي ختم ڪري، ون يونٽ ٺاهيو ويو ته حيدربخش جتوئي ان جي خلاف ڪتاب لکيا. احتجاج جو آواز بلند ڪيو. ٺهراءُ پاس ڪرايائين، جنهن جي نتيجي ۾ کيس جيل موڪليو ويو. جيڪو پڻ مڙس ماڻهو ٿي ڀوڳيائين.
حيدرآباد بخش جتوئي ٻه ٽي ڀيرا سنڌ اسيمبلي جي چونڊن ۾ پڻ بيٺو پر عوام ۾ سياسي شعور جي ڪمي ۽ وڏيرا شاهي جي غنڊا گردين سبب ڪامياب ٿي نه سگهبو. بقول سائين جي ايم سيد جي ”اسيمبليءَ ۾ نه چونڊجڻ ڪري کيس ڪو به ذاتي نقصان ڪونه پهتو، پر عوام کي پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ جيڪو ڪم حيدربخش ڏئي ها، اهو ڪم پوءِ کين ڪوبه ڏيئي ڪونه سگهيو.“
ون يونٽ جي ٺهڻ کان وٺي 1969ع جي ٻڪر ٻوساٽ واري ماحول ۾ يعني ان جي خاتمي تائين، حيدربخش جتوئي سنڌ جي هاري ليڊر هئڻ سان گڏ، سنڌ جو قومي اڳواڻ، سنڌ جي قومي اتحاد ۽ عوامي تحريڪن جي اتحاد جو علمبردار ٿي رهيو. انهن پندرهن سالن ۾ حيدربخش جتوئي، ايوب شاهي جي ڊڪٽيٽرشپ ۽ پنجاب جي جاگيرداري، نوڪر شاهي جي سازشن کي بي نقاب ڪندو رهيو، جنهن ڪري هو گهڻو وقت جيلن ۾ رهيو، پر جنهن وقت به هو ٻاهر رهيو ته جاگيرداري، سرمائيداري نظام خلاف قلمي ۽ تنظيمي جهاد ڪندو رهيو. ان دور ۾ هن پاڪستان ۾ جمهوريت يا ڊڪٽيٽرشپ Democracy or Dictatorship in Pakistan 1,11.111 ٽن حصن ۾ شايع ڪيو. جسٽس منير جي فيصلي جي خلاف ”ڊيموڪريسي ۽ چيف جسٽس جو انصاف“ Democracy and Justice of the chief justice ڪتاب لکيائين ۽ سنڌ جي زمينن جو حقدار ڪير. سنڌ مٿان ڍلن جو بار ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ۽ ڪتابڙا لکيائين، جن ذريعي حڪمرانن جي اوگهڙ ٿيندي رهي، جنهنڪري هن تي ملٽري ۽ سول ڪورٽن ۾ بغاوت جا ڪيس هليا ۽ سزائون مليون. ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي چواڻي ”جڏهن به حيدر بخش جتوئي ٻاهر رهيو. پنهن جي ذات ۾ هڪ تحريڪ رهيو، نه پاڻ آرام ڪيائين، نه حاڪمن کي آرام سان ويهڻ ڏنائين ۽ نه دوستن ۽ ساٿين کي ٿانيڪو ٿي، ٿڌو ٿي وهڻ ڏنائين يا ساهي کڻڻ ڏنائين.“
تصنيفون: حيدربخش جتوئي جون لکتون، سنڌي ۽ انگريزي ۾ آهن. انهن ۾ شاعري، ڊرامن، ڪهاڻين کانسواءِ ڪيترن ئي اهم ملڪي ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڪتابڙا ۽ پمفليٽ پڻ شامل آهن. جن مان ڪن جا سنڌي ۾ پڻ ترجماٿي چڪا آهن. سندس ڪتابن جي فهرست هن ريت آهي.
سنڌي ۾
تحفه سنڌ(شاعري-1931)، (2)آزادي قوم (شعر ۾-1942ع)، (3)هاري انقلاب (نثر ۾-1953ع)، (4)هاري گيت (شعر ۾-(1953ع) (5)هاري ڪهاڻيون (1950ع) (6)ڪمدار جا ڪارناما (1953ع) (7)جيئي سنڌ-جيئي سنڌ(شعري ڪليات، جنهن ۾ اڳين ڇپيل شعري ڪتابن ۽ ڪتابڙن کانسواءِ، اڻ ڇپيل شاعري پڻ سهيڙي ويئي. 1988ع)
انگريزي ۾
1) ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (1956ع)
2) ان جسٽس ٽو سنڌ (2حصا)
3) ليٽ اس سيوَ پاڪستان (2حصا)
4) هاريز پٽيشن آف رائيٽس.
5) بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (1950ع)
6) اپيل ٽو سٽيزنس آف پاڪستان (1951ع)
7) سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن (1950ع)
8) ديموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان (1955ع)
9) شل سنڌي لئنگويج اسني ان ڪراچي آرناٽ (1957ع)
10) لئنڊس ان سنڌ، هو شڊ اون ديو؟ (1957ع)
11) ان جسٽ لئنڊ اسيسمينٽ ريٽس (1957ع)
12) ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي (1962ع)
13) ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (1957ع)
14) ريويو آن قرآن.
حيدربخش جتوئيءَ 21 مئي 1970ع تي وفات ڪئي، کيس سندس وصيت موجب ’غلام شاهه ڪلهوڙي‘ جي مقبري جي ٿلهي تي دفنايو ويو.