عبدالغفور الستي
سوانح
عبدالغفور الستي 21جنوري 1931ع ۾ دڙي ۾، ارباب حاجي محمد صالح ميمڻ جي گهر جنم ورتو. پرائمري ۽ مڊل تائين تعليم دڙي ۽ ميرپور بٺوري ۾ حاصل ڪيائين. سيڪنڊري تعليم يعني چوٿين درجي انگريزي کان، ستين درجي يا مئٽرڪ تائين 1943ع کان 1948ع تائين، سنڌ مدرسة السلام ڪراچي ۾ حاصل ڪيائين، جتي محترم محمد ابراهيم جويو سندس استاد هو ۽ محترم رسول بخش پليجو ساڻس گڏ پڙهيو.
سنڌ مدرسي ۾ شاگرد هئڻ وقت، پاڻ پنهنجي هٿ سان هڪ هفتوار سنڌي اخبار ”جمهور“ شروع ڪيائين جيڪا فقط مدرسي جي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن جي لاءِ هئي.
کيس شاعري جو شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. دڙي ۾ پاڻ انهن ڏينهن ڪافيون ڪڇندو هو ۽ نچندو هو. سندس ناناڻي نُک مان سندس نانو جيڪو کورواهه جو هو ۽ مسجد جو پيش امام هو، سو شاعر هئڻ سان گڏ مولودي پڻ هو.
سندس پهريون شعر پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو اڳ ”الوحيد“ اخبار ۾ 1947ع ۾ ”نوجوان اُٿو“ جي نالي سان ڇپيو.
ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ، 1948ع کان 1949ع تائين اي وي اسڪول دڙي ۾ انگريزي ماستر ٿي رهيو. هن پڙهائي دوران سنڌ مدرسي مان سنڌي فائينل به پاس ڪئي، تنهن کانپوءِ پاڻ اين اي ڊي ڪاليج ڪراچي مان اسپيشل اوورسيز ڪورس ڪيائين ۽ 57-1956ع ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج سکر مان سول ڊپلوما ڪيائين.
هن ٻي نوڪري 1950ع کان شروع ڪئي، جيڪا 1960ع تائين جاري رهي.پاڻ سول انجنيئرنگ ايريگيشن پي ڊبليو ڊي ۾ اورسيئر ۽ 1960ع ۾ ڪجهه وقت ايس ڊي او به ٿي رهيو. 1961ع ۾ نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين، تنهن بعد 1961ع تائين لوئر سنڌ بئريج ۾ سول ٺيڪيداري ڪيائين.
ادبي سرگرميون
جيتوڻيڪ سندس لکڻ جي شروعات 1947ع کان ٿي چڪي هئي، پر هن باقاعده 1955ع کان مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ شاعري ڇپجڻ لڳيس. انهيءَ کانسواءِ عبرت اخبار ۾ سندس ڪجهه مضمون به ڇپيا. سندس شاعري هفتيوار انسان، نئين زندگيءَ ۽ روح رهاڻ وغيره ۾ ڇپجندي هئي. هفتيوار انسان ۾، سندس سنڌي ٻولي تي هڪ طويل نظم پڻ ڇپيو.
انهيءَ ئي قومپرستي واري جذبي تحت، هن سنڌ جي قومي هلچل ۾ پڻ بهرو وٺڻ شروع ڪيو. پاڻ قومپرست خيالن کان سنڌ مدرسي واري دور ۾ اُستاد محمد ابراهيم جويي جي صحبت ۽ خيالن کان متاثر ٿيو، جنهن انهيءَ زماني ۾ هڪ ڪتاب انگريزي ۾ ”سنڌ بچايو برصغير بچايو“ لکي ورهايو هو.
عبدالغفور ميمڻ، 1961ع کان ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ ۽سنڌ جي حقن جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ هي ڪنهن پارٽي ۾ شامل نه ٿيو، پر عملي طور تي سندن جلسن ۽ جلوسن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ انهن جي هر ممڪن مالي مدد به ڪندو هو، تنهن کانسواءِ هي سنڌي ماڻهن ۾ قومي شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ ننڍڙا ننڍڙا ڪتابڙا لکي ڇپرائي سڄي سنڌ ۾ ورهائيندو هو ۽ مختلف اخبارن ۾ اڻ ڳڻيا شعر ۽ مضمون پڻ لکيائين. انهيءَ وقت سندس لکيل ڪتابن ۾، ”سنڌ جون عورتون اُٿو“ قابل ذڪر آهي، جيڪو پاڻ گل محمد ميمڻ جي فرضي نالي سان لکيائين، اهو 70-1969ع جو زمانو هو.
سندس ٻيو ڪتابڙو ”هي بيت ستايل سانگين جا“ جي نالي سان 1971ع ۾ ڇپيو، تنهن کانسواءِ ”سنڌي ٻولي“ تي فرضي نالي سان هڪ طويل نظم پڻ لکي ڪتابي صورت ورهايائين.
ملير ڊائجسٽ جو اجراءِ
پاڻ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ۽ واڌ ويجهه لاءِ 1971ع ۾ ”ملير ڊائجسٽ“ جي نالي سان حيدرآباد مان هڪ ماهوار رسالو پڻ ڪڍيائين، جيڪو 1974ع تائين هليو، جنهن قومي سجاڳي آڻڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ ۾ ”رت سان لکيل سنڌي ٻولي جو وچن“ ۽ ”سونن نالن وارو دستاويز“ ۽ ”سنڌي ٻوليءَ کي للڪار“ مقبول سلسلو هوندو هو، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن اديبن جا ٻولي بابت مضمون لکرائي ڇپيائين. پوءِ اهي سڀ مضمون گڏي ”سنڌي ٻولي کي للڪار“جي نالي سان 1973ع ڪتابي صورت ۾ ڇپايائين، جنهن جا پوءِ ڪيترائي ڇاپا ڇپيا. ”ملير ڊائجسٽ“ رسالي ڪيترائي نوان لکندڙ پڻ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪڍيو.
”ملير ڊائجسٽ“ ۾ 1973ع واري آئين جي خلاف ايڊيٽوريل لکڻ ۽ آئين ۾ ڏنل قومي خودمختياري ۽ قومن کي نئين پاڪستان ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ريفرنڊم ڪرائڻ جي گهر ڪرڻ تي انهي وقت جي وزيراعلى ممتاز علي ڀٽي کيس جيل ۾ وجهي ڇڏيو. ترت پوءِ ممتاز ڀٽي جي جاءِ تي غلام مصطفى جتوئي وزيراعلى ٿيو، جنهن نه رڳو ملير ڊائجسٽ، پر سهڻي، سوجهرو، اڳتي قدم، مارئي ۽ ٻين ٽن سئو سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي پابندي وجهي ڇڏي. رسالي جي ايڊيٽوريل ۾ هن لکيو، ”هي نئون پاڪستان ساڳيو پراڻو ون يونٽ آهي. پاڻ ان کان به وڌيڪ سخت ۽ خطرناڪ جنهن ۾ ننڍيون قومون استحصال ۾ مري وينديون“.
کيس پنهنجي ٻين ساٿين سان گڏ 56 ڏينهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد ۾ رکيو ويو.
جيل مان آزاد ٿيڻ ۽ رسالي تي پابندي پوڻ کانپوءِ پاڻ علي محمد راشدي سان وڃي مليو، جنهن کيس نيشنل سينٽر اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر لائبريريز ڪري رکيو، جتي ٽي سال کن نوڪري ڪيائين ۽ پوءِ 1977ع ۾ استعيفا ڏئي ڇڏيائين.
شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو
1977ع ۾ نوڪري ڇڏڻ کانپوءِ وري اچي ٺيڪيداري شروع ڪيائين ۽ گڏوگڏ شاهه جي رسالي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو شروع ڪيائين. جيڪو 1986ع ۾ ”سنڌ مان بهشتي سوجهرو“ Celestial sunrise from Sindh جي نالي سان ڇپجي پڌرو ٿيو. اهوهڪ شاندار ڪم هو، جو پاڻ شاهه جي فڪر ۽ پيغام سان دلي ۽روحاني لڳاءُ جي ڪري ڪيائين. سندس چوڻ موجب: ”رسالي ۾ روح جون سڀ خوشيون هيون، پر جيڪا نعمت مون کي انهيءَ مان ملي، سا اها ته جيئن لکيل لفظ مون کي خوشيون ڏنيون آهن، تيئن ٻين ماڻهن تائين به لکيل لفظ پهچايان، تنهنڪري اها تعليم سنڌي نياڻين تائين پهچايان. ويتر سُر مارئي ان ڳالهه کي وڌيڪ وزن وٺرايو. اها نه فقط انساني بدن ۽ روحَ جي آزادي جي پُڪار هئي. پر هڪڙي سنڌي عورت جي روپ ۾ ظلم ۽ زاريءَ خلاف سڀني کي سڏ هو، مارن کي مدد خاطر-اهو ظلم ۽ زور اڄ به مٿس روا هو، سڄي سنڌ ۾“.
سندس انهيءَ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه جي رسالي ۾ لطيف سائين جي 786ع چونڊ بيتن جو منظوم ترجمو ڪري ڏنو ويو آهي. جن مان هڪ بيت نموني طور هيٺ ڏجي ٿو.
جيڪي ڏٺو مون، سو جي ڏٺو جيڏئين،
گهر ورَنين سان، هوند گهڻن گهوري ڇڏيا.
(سر سهڻي -7)
ترجمو:
What had I seen, had they ever seen,
Those they all my friends.
The house full of maidens had been,
Renounced by them for Him, the one.
نياڻين جي تعليم جوڪم
شاهه جي رسالي جي ترجمي دوران سر مارئي جي مطالعي هن ۾ سنڌي عورت جي مظلوميت خلاف عجيب تحرڪ پيدا ڪيو ۽ ڀتين تي لکڻ شروع ڪيائين. ”ٻار پڙهايو-سڀ غريب ٻار پڙهايو“ ۽ انهيءَ تحريڪ کي زور وٺرائڻ جي لاءِ ”الست“ نالي هڪ سماجي تنظيم قائم ڪيائين. ائين اڳتي هلي انهيءَ نالي جي پويان هو ”الستي“ سڏجڻ لڳو. انهي ڪم کي اڳتي وڌائڻ خاطر پاڻ ڪيترائي ڪتابڙا، مضمون ۽ شعر لکي. پڙهيل حلقن ۾ پرچار ڪيائين. اهڙن ڪتابڙن ۾ (1)سنڌي ٻارن کي تعليم ڪيئن ملندي؟ (اصلاحي ڊرامو)، (2) سنڌي استادن کي سڏ، (3)Prayer of A Girl child on earth for education، (4) ڀلي آئين ڀلاپرين (محمد ابراهيم جويي جي 91 جنم ڏينهن تي خراج تحسين) شامل آهن.
ادبي حوالي سان اَلستي وقت بوقت مختلف ادبي نالن سان سنڌي، توڙي انگريزي ۾ مضمون ۽شاعري لکندو رهيو آهي، جن ۾ ع غ سنڌي، عبدالغفور ميمڻ، عبدالغفور آف دڙو ۽ عبدالغفور الستي شامل آهن. هن پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو مطالعي ۽ مشاهدي ۾ گذاريو، جنهن جي نتيجي ۾ جنهن نتيجي جي پهتو، سو هنن لفظن ۾ بيان ڪيو اٿس:
”انسان سڀ خدا جومظهر آهن، هي رنگ، نسل، قوم ۽ ملڪ، ڪلچر يا مذهب جا جيڪي به فرق آهن، اهي سڀ انسان ذات ۾ رنگينيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ آهن ته جيئن اها هڪجهڙي نه لڳي. هڪڙي ئي گلشن حيات ۾ جداجدا ۽ مختلف رنگن ۽ خوشبوئن جا گل لڳن. تنهنڪري سڀني انسانن سان صحبت ڪرڻي آهي. ڪنهن کان به ڪنهن فرق جي ڪري نفرت ڪرڻي ڪونهي. ڪنهن کي به نقصان پهچائڻو ڪونهي، سڀني جي اندر خدا موجود آهن.“
خدا سان محبت ڪر، ان کي انسان سمجهي
انسان جي خدمت ڪر، ان کي خدا سمجهي
مٿين ڪمن ۽ ڪتابن کانسواءِ شاهه جي تعليم کي پکيڙڻ لاءِ شاهه جي رسالي جا سُر وار ننڍا ننڍا پاڪيٽ سائيز ڪتابڙا چونڊ بيت معنى ۽ سمجهاڻي سميت لکي ڇپائي پڌرا ڪيائين. اهڙا ٽي ڪتابڙا ڇپيل آهن.
الستيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ٻنڌڻ ٻاروچن جا“ جي نالي سان لکي، جيڪا 2008ع ۾ شايع ٿي.
عبدالغفور الستي جي هڪ ڪهاڻي ”مور کي“ اردوءَ کانسواءِ انگريزي ۾ ترجمو ٿي اڳوڻي ”يو ايس ايس آر“ مان نڪرندڙ ”اسپونتڪ“ رسالي ۾ ڇپجي چڪي آهي، جيڪو سوويت يونين جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شايع ٿيندو هو.
مٿس ڪتابن کانسواءِ، الست تنظيم کي 2004ع ۾ اسراءِ (ESRA) پاران ٺٽي ضلع ۾ مليل بالغن جي تعليم واسطي پراجيڪٽ لاءِ عبدالغفور الستي جو جوڙيل ”الستي پهريون ڪتاب“ نهايت منفرد قسم جو ڪم آهي.