سوڀو گيانچنداڻي
سوانح
سوڀي گيانچنداڻيءَ، 3مئي 1920ع تي ڳوٺ ٻنڊي ضلع لاڙڪاڻي ۾ تنورمل گيانچنداڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائين. پوءِ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو. ڇهون ۽ ستون درجو اين جي-وي هاءِ اسڪول ڪراچي، فرسٽ ايئر ۽ انٽر آرٽس ڊي-جي-سنڌ ڪاليج، ڪراچي ۾ پڙهيائين. گريجوئيشن شانتي نڪيتن ڪاليج (ڪلڪته يونيورسٽي) مان ڪيائين، جيڪا رابيندر ناٿ ٽئگور جي والد ديويندر ناٿ جي قائم ڪيل هئي. جتي هو ويو ته راڳ ۽ ساز جي سکيا وٺڻ هو. پر انقلابي ۽ ليکڪ ٿي موٽيو.
اڳتي هلي ايس، سي، شهاڻي لا ڪاليج ۾ هڪ سال جي لاءِ پڙهيو. پر 1942ع واري جدوجهد ۾ جيل وڃڻ سبب پڙهائي مڪمل ڪري نه سگهيو. بعد ۾ وري ڪراچي يونيورسٽي ۾ 58-1957ع ۾ ٿرمس رکيائين، پر وري گرفتار ٿي جيل ۽ نظربنديءَ سبب، پوري ڪري نه سگهيو. پوءِ 1967ع ۾ لاء ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو، جتي بعد ۾ اُستاد ۽ پرنسپال جي حيثيت ۾ به رهيو ۽ اڳتي هلي وڪالت جو پيشو اختيار ڪيائين.
ادبي وابستگي
ٻارهن يا تيرهن ورهين جي عمر ۾ قمبر جي اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو ته کيس هڪ ڪتاب ”راجا جند جو سپنو“ پڙهڻ لاءِ مليو. انهيءَ ڪتاب جو اثر سندس ذهن تي ڪافي عرصو رهيو. تنهن کان پوءِ سکن جون ڌرمي ساکيون ۽ رامائڻ پڙهيائين. ائين سندس ڪتابن سان لاڳاپو ٿيو. سوڀي گيانچنداڻيءَ پنهنجي پهرين ڪهاڻي 1938ع ۾ ”اڍائي روپيا“ جي نالي سان لکي، جيڪا ”سنسار سماچار“ جي ماهوار شماري ۾ ڇپي. ان کان اڳ پاڻ 1936ع ۾ ٽئگور ۽ سوامي تيرٿ تي مضمون لکيائين، جيڪي اين-جي-وي هاءِ اسڪول جي مئگزين ۾ شايع ٿا. 1938ع ۾ ئي سوڀي هڪ ڊرامون ”نيپولين انسينٽ هيلن“ لکيو،جيڪو پڻ ”سنسار سماچار“ ۾ ڇپيو، پنهنجي پهرين ڪهاڻي ”اڍائي روپيا“ لکجڻ جي وارتا بيان ڪندي، سوڀي گيانچنداڻي هڪ هنڌ لکيو:
”باڊهه ۾ منهنجو هڪ مامون رهندو هو. مان ڪراچي وڃڻ جي لاءِ گاڏي جي انتظار ۾ بيٺو هئس، جو هو ڊڊو ڪاهي اچي پهتو. پڇيائين، ”ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ وراڻيم، ”ڪراچي وڃڻو اٿم، باڊهه هلندس.“ چيائين: ”پويان ويهه.“ آئون پويان چڙهي ويٺس واٽ تي وهڻي جو ڳوٺ ٿو اچي. چيائين، ”هتان وصولي ڪرڻي آهي. بس رڳو ٻه منٽ لڳندا.“ وياسين، مکڻ، ماني، ماکي سڀ اچي ويون. کائي پي ڍءُ ڪيوسين. ڪي ٻه اڍائي سير گيهه جا به ورتائين. مکڻ به کنيائين ۽ ڊڊي جي خرزين ۾ اَنُ ڀريائين. پوءِ اُٿي هلياسين. اهو ڏسي مون کي دلچسپي جاڳي. ان وقت مان ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ خيالن وارو هئس.سو پڇيو مانس: ”ماما! هي سڀ ڇا آهي؟“ وراڻيائين، ”ٻه-ٽي سال اڳ هو آيو هو. ڪپڙي جو ڪو ٽڪرو ورتائين، اڍائي روپيا کن مٿس رهجي ويا. هيستائين سئو روپيا کن ته ڪڍي ويو آهيانس. اڃا تائين پيو وهي. جيستائين مور نه لاهي. ائين مون پهرين ڪهاڻي اڍائي روپيا لکي.“
اها نه رڳو سوڀي جي پهرين ڪهاڻي هئي، پران وقت جي سنڌ جي حالتن جي عڪاسي به ٿي ڪري ته ڪيئن نه وياڄ خور، غريب پورهيت سنڌين جو هڏ ماس کائيندا هئا.
اڳتي هلي سوڀي ٻيون به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي پوءِ 1994ع ۾ ”سچائي اشاعت گهر، دڙو“ پاران ”ڪڏهن بهار ايندو؟“ جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيون. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ٻن ڪهاڻين جي واڌاري سان 2010ع ۾ راقم سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران ڇپرايو. سوڀي جون اهي ڪهاڻيون سنڌي ادب جي اوائلي ترقي پسند ڪهاڻين ۾ ڳڻجڻ ٿيون.
انهن ڪهاڻين جو ڇيد ڪندي ”ڪڏهن بهار ايندو“ جي مهاڳ ۾ اياز قادري لکي ٿو:
”ڪامريڊ سوڀو انهن ڪهاڻيڪارن وانگر ڪهاڻيڪار نه آهي، جن پنهنجو سمورو ڌيان ڪهاڻي لکڻ ڏانهن ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي دنيا جي ادب جو وسيع مطالعوڪيل آهي ۽ هو پنهنجي سنڌ جي ڏتڙيل حالت ۽ مختلف مسئلن کان وقت بوقت متاثر ٿيندو رهيو آهي. تنهن ڪري جڏهن به ڪنهن خاص واقعي، معاملي يا مسئلي هن جي دل کي چوٽ رسائي آهي، هن جي اندر ۾ آنڌمانڌ پيدا ڪئي آهي ته هن بيوس ٿي ان واقعي کي ڪهاڻي جو روپ ڏيئي ڇڏيو آهي. هن جون ڪهاڻيون ”ڀاڄوڪڙ“، ”خودڪشي“ ۽ ”ڪجهه ڇوڪر هيئن به پيار ڪن ٿا“ شانتي نڪتين واري زماني ۾ اصل انگريزي ۾ لکيل آهن، جيڪي وڏي عرصي کان پوءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيون ويون آهن. سندس ٻيون ڪهاڻيون ”پرديسي پريتم“، ”بچاءَ بند“ ۽ ”انقلابي جو موت“ پوءِ جون لکيل ڪهاڻيون آهن، جيڪي پڻ سنڌ جي ادبي حلقن ۾ واکاڻيون ويون.
.....ڪامريڊ جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن جي زندگيءَ ۽ مسئلن جي تصوير پيش ڪيل آهي.هن هروڀرو عام ڪهاڻيڪارن وانگر پنهنجي ڪهاڻين ۾ ٻوليءَ جو طلسم،رنگيني، تشبيهن، استعارن جو سهارو نه ورتو آهي. پر جيڪا ڳالهه ٻُڌائڻ ٿو چاهي، سا بلڪل سادن سودن ۽ عام فهم لفظن ۾ بيان ٿو ڪري،جنهن ڪري اهي ڪهاڻيون پڙهندڙن جي دلين تي گهرو اثر ڪن ٿيون، ڪامريڊ جي ڪهاڻين جا پلاٽ اسان جي روزمره جي زندگيءَ مان ورتل آهن.
....ڪامريڊ سوڀي جي ڪهاڻين جا ڪردار اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائين ۽ سمجهائين ٿا ۽ انهن مان هر هڪ وٽ ڪونه ڪو بامقصد پيغام آهي، جيڪو هر دور جي پڙهندڙ کي اُتساهه بخشيندو رهندو ۽ زندگي جي راهه ۾ پير پساري ويهڻ بجاءِ منجهن اڳتي وِک وڌائڻ جو وِلولو ۽ حوصلو پيدا ڪندو رهندو.“
ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ڪهاڻين کان سواءِ ڪيترائي اخباري ڪالم پڻ لکيا آهن، جن جا ٽي ڪتاب: (1) تاريخ جا وساريل ورق، (2)تاريخ ڳالهائي ٿي، (3) ”وڏي وٿ هئام“ شايع ٿيل آهن، جن جا پوءِ اردوءَ ۾ ”تاريخ بولتي هي“، ”سندهه کي انقلابي رهنما“ ۽ ”انقلابي ڪي موت“ (ڪڏهن بهار ايندو جو ترجمو) جي نالن سان اسلم رحيل مرزا ترجمو ڪري ڪتابي صورت ۾ شايع ڪيا.
ڪامريڊ سوڀي جي انهن ڪالمن ۽ لکڻين تي تبصرو ڪندي انور پيرزادو لکي ٿو:
”سوڀي اڄ تائين جيڪو لکيو آهي، سو ڇپجي نه سگهيو آهي. سوڀي جو سياسي ۽ سماجي تجزيو پنهنجي همعصرن کان ان ڪري به مختلف ۽ تخليقي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هومظلوم انسانيت جو وڪيل آهي ۽ ماڻهوءَ جي درد کي محسوس ڪندڙ آهي، خوددار ۽ اڏول ڄڻ گئليلو هجي.“
سوڀي گيانچنداڻي جون ادبي سرگرميون 1944ع کان شروع ٿيون، ۽ انهيءَ سان گڏ هو ڪانگريس، سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽي ۾ رهيو. شاگرد مزدور ۽ هاري تحريڪن سان پڻ وابسته رهيو. ڪامريڊ سوڀو جنوري 1957ع کان وٺي سيپٽمبر 1958ع تائين روزاني اخبار ”نئين سنڌ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جنهن جو مالڪ محترم جي-ايم-سيد هو.
ڪامريڊ پنهنجي سياسي سرگرمين جي ڪري 1942ع، 1946ع، گڏيل هندستان جي دور ۾ ۽ 1948ع کان 1952ع تائين پهرين ڀيرو ۽ 1954ع کان 1956ع تائين ٻيو ڀيرو، 1959ع کان، 1960ع تائين ٽيون ڀيرو، ۽ 1965ع کان 1966ع تائين چوٿون ڀيرو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ جيل پڻ ڀوڳيو.
علي احمد بروهي جي لفظن ۾:
”پاڪستان ۾ خاص طور، سنڌ ۾ سوڀي جو وڏو رول هي پي رهيو آهي ته هن ذاتي طور تي پنهنجي وس ۽ وت آهر، سنڌ جي نئين ٽهيءَ کي سولي دڳ لاهڻ جي جاکوڙ پئي ڪئي آهي. پوءِ ڪڏهن لکڻين ۾ ڪهاڻين يا ادبي مجلسن ۾ تقريرن وسيلي، يا وري ذاتي ڪچهريون ڪندي. اڄ به جيڪڏهن سنڌ جي نوجوان سياسي يا سماجي ورڪرن يا دانشورن ۾ ڪي ڳنڀير ۽ مدبر قسم جا داڻا ڪڻا پسجن ٿا ته خاطري آهي ته انهن ۾ گهڻي قدر سوڀي جي سنگت يا شخصيت جو اثر ۽ تاثير ضرور سمايل هوندو.“