پير علي محمد راشدي
”سنڌ جي تاريخ ۾ پيرعلي محمد راشدي جهڙو ٻيو ڪو مصنف، موءرخ يا مدبر ورلي نظر ايندو، جو مختلف ماڻهن جي متضاد (Controversial) راءِ جو دائمي نشانو رهيو هجي، جا هڪ قسم جي علامت پڻ هئي ته هو بلاشڪ هڪ وڏي ”وزن“ ۽ ”ڳر“ واري شخصيت هئي.“
سوانح
سيدعلي محمد شاهه راشدي 5 آگسٽ 1905ع تي، پير حامد شاهه راشدي جي گهر ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم مُلن ۽ ماسترن کان ذاتي طرح ورتائين. سنڌي چار درجا ۽”سڪندر نامھ“ تائين پڙهيائين. ٿوري عربي به پڙهيو. پوءِ انگريزي تعليم ماستر محمد صديق وٽ پڙهيو، ان جي وڃڻ کان پوءِ نصرت ريلوي اسٽيشن جي ماستر وٽ انگريزي جا سبق وٺندو رهيو. قريباً چئن درجن جي سطح جيتري انگريزي تعليم ورتائين. ان کان پوءِ ذاتي شوق، محنت ۽ مطالعي سان سنڌي، پارسي، اردو ۽ انگريزي ۾ مهارت حاصل ڪري ويو.
صحافتي زندگي
پيرعلي محمد راشدي پندرهن سالن جي عمر ۾ 1920ع ۾ اخبارن ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيائين. 1924ع ۾ پهرين ”سنڌ نيوز“ اخبار جو خاطو ٿيو ۽ پوءِ ”الراشد“ جي نالي سان پنهنجو ماهوار رسالو جاري ڪيائين. 1925ع کان 1929ع تائين ”الحرب شڪارپور“ ۽ ”الامين“ سکرجو ايڊيٽر رهيو. 1929ع ۾ ’سنڌ زميندار‘ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. 1934ع ۾ ”ستاره سنڌ“ اخبار سکر جو ايڊيٽر ٿيو، جيڪا 1937ع تائين هلي. 1936ع ۾ ”صبح سنڌ“ نالي ڪراچي مان پنهنجي اخبار ڪڍيائين. 1940ع ۾ ”مسلم وائيس“ نالي پهريائين سکر ۽ پوءِ ڪراچي مان ذاتي انگريزي اخبار ڪڍيائين، جيڪا 1946ع تائين هلي. انهي وچ ۾ 1943ع کان 1947ع تائين ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني سنڌي اخبار ”قرباني“ ۾ ايڊيٽوريل ۽ سياسي ليک لکيائين. ڪراچي مان نڪرندڙ روزاني انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ جو ايڊيٽر ٿيو رهيو. ان زماني ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ٻي طاقتور انگريزي اخبار ”ڊان“ جي ايڊيٽر الطاف حسين سان سندس قلمي ويڙهه پاڪستان جي صحافت جي تاريخ جو هڪ دلچسپ باب آهي. اها ايڊيٽري 1951ع تائين رهي انهي وچ ۾ 1950ع کان 1952ع تائين سموري پاڪستان جي اخبارن جي ايڊيٽرن جي اثرائتي ’تنظيم‘ ”آل پاڪستان نيوز پيپرس ايڊيٽرس ڪانفرنس“ جو صدر چونڊيو. 1951ع ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي اخباري ايڊيٽرن جي قائم ڪيل تنظيم ”جائنٽ پريس ڪميشن“ جو گڏيل راءِ سان صدر چونڊيو. ان تنظيم جو مقصد ٻنهي ملڪن ۾ ڀائيچارو وڌائڻ هو. 1954ع ۾ ”ايسٽرن ايڪسپريس“ نالي ڪراچي مان هفتيوار انگريزي اخبار ڪڍيائين. جيڪا 1955ع تائين هلي. 1963ع کان 1964تائين هانگ ڪانگ ۾ رهندي؛ ڪراچي جي روزانه اردو اخبار ”جنگ“ ۾ ”مڪتوب مشرق بعيد“ جي عنوان هيٺ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو .1964ع کان 1987ع تائين ”مشرق مغرب“ جي عنوان سان ”جنگ“ اخبار ۾ لاڳيتو هفتيوار اردو ڪالم لکيائين. ان وچ ۾ ڪجهه مهينن جي لاءِ ”جنگ“ ۾ ئي روزانو مزاحيه اردو ڪالم ”وغيره وغيره“ جي نالي هيٺ به لکيائين. 1968ع کان 1969ع تائين حيدرآباد جي روزاني سنڌي اخبار ”عبرت“ ۾ ”رند ۽ پنڌ“ جي نالي سان هفتيوار ڪالم لکيائين. 1971ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيندڙ روزانا اردو اخبار ”جنگ“ ۾ A point of view جي عنوان هيٺ هفتيوار ڪالم انگريزي زبان ۾ لکيائين. 1984ع ۾ ڪراچي مان شايع ٿيندڙ روزاني انگريزي اخبار ”ليڊر“ ۾ ڪجهه مهينن تائين هفتيوار انگريزي ڪالم ”Impression and Reflection“ جي عنوان هيٺ لکيائين.
مٿين ڊگهي فهرست جي روشنيءَ ۾ ڏسجي ته راشدي صاحب لڳ ڀڳ پنجاهه سال صحافتي ميدان ۾ موجود رهيو. سندس لکڻين جي مقبوليت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته 1968ع ۾ ”عبرت“ اخبار ۾ راشدي صاحب جي ڪالم لکڻ واري اعلان سان گڏ، هيءَ پڌرائي ڪرڻ پڻ ضروري سمجهي ويئي ته ”ايجنٽ حضرات، اخبار جي ڪاپين وڌائڻ جي سلسلي ۾ سرڪيوليشن مئنيجر سان رابطو ڪن.“ ٻين لفظن ۾ راشدي صاحب جو نالو اخبار جي وڪري ۾ واڌ جي گارنٽي هئي.
سماجي زندگي
راشدي صاحب 1924ع ۾ ”سنڌ تعليمي ڪانفرنس“ حيدرآباد ۾ حصو ورتو. جتي محترم جي-ايم-سيد سان واقفيت ٿيس. 1926ع ۾ ”انجمن سادات راشد“ قائم ڪيائين، جنهن جا اميدوار چونڊن ۾ بيهاري حصو ورتائين. 1926ع ۾ ان تنظيم جو سيڪريٽري چونڊيو. 1928ع کان 1936ع تائين، سنڌ پرڳڻي جي بمبئي پريزيڊنسي کان آزادي واري جدوجهد ۾ نمايان حصو ورتائين. ان سلسلي ۾ مخالفن کي جواب ڏيڻ، سنڌ جو ڪيس وڙهڻ ۽ تحريڪ کي هٿي وٺرائڻ واسطي گهڻو قلمي پورهيو ڪيائين. ان دوران ”Story of sufferings of Sindh“ ڪتاب لکيائين، جيڪو خانبهادر کهڙي جي نالي ڇپيو.
1933ع کان 1936ع جي عرصي ۾ هو ”ضلعي اسڪول بورڊ“ لاڙڪاڻي جو ميمبر به ٿي رهيو. 1934ع ۾ سرشاهنواز ڀٽي سان گڏجي هڪ سياسي جماعت ”پبپلز پارٽي“ قائم ڪيائين. 1936ع ۾ پير صاحب، حاجي عبدالله هارون ۽ ٻين سان گڏجي ”سنڌ اتحاد پارٽي“ قائم ڪيائين. 1938ع ۾ جي-ايم سيد، شيخ عبدالحميد سنڌي ۽ ٻين سان گڏجي، مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. انهي سال آڪٽوبر ۾ ”مسلم ليگ“ طرفان سڏايل تاريخي اجلاس کي ڪامياب ڪرڻ جو سڄو بندوبست ڪيائين. ان اجلاس ۾ ، جنهن جي صدارت محمد علي جناح ڪئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي طرفان اهو تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ پهريون ڀيرو صاف طور تي هندستان جي ورهاڱي جي گهر ڪئي ويئي هئي. بعد ۾ ان ٺهراءُ جي پيروي ۾ لاهور ۾ 23-مارچ 1940ع تي ورهاڱي جو ٻيو ٺهرا ءُ منظور ڪيو ويو، جنهن کي ”قرارِ داد پاڪستان“ چيو وڃي ٿو. خود ان قرارداد جي لکڻ ۾ راشدي صاحب جو وڏو هٿ هو.
1938ع ۾ هو سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو سيڪريٽري، آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي فارين ڪميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
1939ع ۾ مسجد منزل گاهه تحريڪ جي اڳواڻن مان هڪ هو ”جسٽس ويسٽن“ جي سربراهيءَ ۾ جيڪا جڊيشنل ٽربيونل ٺهي، وڪيل نه هوندي به ان ۾ مسلمانن جي وڪالت ڪيائين ۽ فيصلو مسلمانن جي فائدي ۾ ٿيو. 1946ع ۾ گڏيل هندستان جي مرڪزي اسيمبلي جي چونڊ ۾ مسلم ليگ جي اميدوار يوسف هارون جي مقابلي ۾ ميمبر چونڊيو. ساڳئي سال پيرزادي عبدالستار جي سنڌ وزارت ۾ روينيو ۽ صحت جو وزير مقرر ٿيو۽ 15جون 1954ع تائين اهو منصب ماڻيائين. نومبر 1954ع ۾ خانبهادر ايوب کهڙي جي سنڌ وزارت ۾ ٻيهر وزير ڪري کنيو ويو. ساڳين کاتن کان علاوه اطلاعات جو واڌو کاتو سندس حوالي ٿيو. ڊسمبر 1954ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ طرفان ”ون يونٽ“ ۾ شامل ٿين واري ٺهراءُ کي منظور ڪرائڻ ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي اڳواڻي ۾ سرگرم حصو ورتائين ۽ ٻنهي کي سنڌي قوم طرفان ”غدار سنڌ“ جو دائمي خطاب ڏنو ويو. 1955ع ۾ سنڌ مان پاڪستان جي نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ چوڌري محمد علي جي مرڪزي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير مقرر ٿيو. 1956ع ۾ وزارت تان استعفى ڏنائين. اڳتي هلي 1969ع ۾ جي-ايم-سيد سان گڏجي ”ائنٽي ون يونٽ فرنٽ“ ۾ شامل ٿيو. 1970ع وارين چونڊن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي لاءِ بيٺو، پر کٽي نه سگهيو. 1972ع کان جولاءِ 1977ع تائين جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي زماني ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت لاءِ صلاحڪار جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. انهيءَ دوران 1957ع کان 1961ع تائين فلپائين ۽ 1961ع کان 1962ع تائين چين ۾ پاڪستان جي سفير جي حيثيت سان ڪم ڪيائين.
سياست جي حوالي سان راشدي وقت ۽ واقعن جو شناس هو. سياسي طوفان ۽ زلزلن جي کيس اڳواٽ ئي خبر پئجي ويندي هئي.
تصنيف ۽ تاليف
مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته پير علي محمد راشدي، بقول علي احمد بروهي ته: ”سنڌي نثر جو استاد هو“، سندس پهريون ڪتاب سنڌ جي بمبئي کان آزادي بابت دليلن ۽ وضاحت سان ”Suffering of Sindh“ جي نالي سان لکيل ايوب کهڙي جي نالي شايع ٿيو. سندس ٻين ڪتابن ۾ ”فرياد سنڌ“، ”روداد چمن (اردو)، ”ون يونٽ ڪي ڪهاني“ (اردو)، ”خط ۽ مضمون(محترم جي-ايم-سيد ڏانهن 1937ع کان 1958ع تائين)، ”چين جي ڊائري“، ”امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي“، ”رند ۽ پنڌ“ ۽ ”Sindh-Ways and Days“ شامل آهن، پر انهن سڀني ڪتابن کان وڌيڪ سندس جنهن ڪتاب کي پذير ملي اهو ”اُهي ڏينهن، اُهي شينهن“ (ٽي ڀاڱا) آهي. جيڪا سنڌ جي ماضي جي اکين ڏٺي تاريخ آهي. اهو ڪتاب ”ڪلاسڪس“ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪجهه بابن جو اينمري شمل جرمن زبان ۾ پڻ ترجمو ڪيو.
پير علي محمد راشدي 14مارچ 1987ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچي ۾ دفنايو ويو.