شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

آغا سليم

سنڌي ڪهاڻي توڙِي ناول کي جن ليکڪن بنهه نئين ۽ منفرد اسلوب ۾، پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيو. انهن ليکڪن مّان آغا سليم جو نالو مٿانهين حيثيت رکي ٿو. ڪهاڻي ۽ ناول کانسواءِ آغا سليم ريڊيو ۽ ٽي وي ڊرامن، تحقيق ۽ ترجمي جي کيتر ۾ به پاڻ ملهايو.

[b]سوانح[/b]
آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين ۽ 1948ع کان حيدرآباد ۾ رهڻ جي ڪري ميٽرڪ حيدرآباد مان ۽ انٽرميڊيٽ لاهور ۽ بي اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. نوڪري جي سلسلي ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (ريڊيو پاڪستان) ۾ نوڪري اختيار ڪيائين. جتي پروگرام مينيجر کان ترقي ڪندو، مختلف ريڊيو اسٽيشنن تي رهندي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ڪيائين.

[b]ادبي اوسر[/b]
آغا سليم جي وڏي ڀاءُ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هوندو هو. هو ڪتاب وٺي ايندو هو ۽ آغا سليم جي لاءِ ٻاراڻا ڪتاب به آڻيندو هو، جيڪو هو پڙهندو هو، انهن ڪتابن جا ٽائيٽل ڪور معنى خيز هوندا هئا. ”ان زماني ۾ مون کي انگريزي ته صفا ڪونه ايندي هئي پر مان ڏاڍو Fascinate ٿيندو هئس ۽ سمجهندو هئس ته ڪتابن ۾ وڏي ڪا دنيا سمايل آهي، جنهن جو تت هي ڪلرفل ٽائيٽل آهن. اها شڪارپور جي زماني جي ڳالهه آهي. مون تڏهن سوچيو ته مان دنيا گهمندس. مان ڏاڍا ڪتاب پڙهندس، جيئن ٿورو شعور ٿيو ته ڪتابن جي دنيا ۾ داخل ٿيس. شڪارپور ۾ هڪ مشهور پبلشر هوندو هو ”پوڪرداس“ ان جو ڍڪ بازار ۾ دڪان به هو، مون کي جيڪا به خرچي ملندي هئي، ان جا اتان ڪتاب خريد ڪندو هوس .“ انهن ڏينهن کي ياد ڪندي آغا سليم هڪ انٽرويو ۾ چيو.
پوءِ جڏهن هو حيدرآباد آيو ته اتي به ڪتابن پڙهڻ جو سلسلو جاري رکيائين. انهن ڏينهن هو ڪرشن چندر کان گهڻو متاثر هوندو هو، ”ان وقت مون کي خبر نه هئي ته ترقي پسندي ڇا آهي، باقي جيڪي ترقي پسند رائيٽر هئا، جن ۾ ڪرشنچندر هو، ابراهيم جليس، جنهن جو مشهور ڪتاب ”چاليس ڪروڙ بکاري“ هو. ان وقت سڄي هندستان جي آبادي چاليهه ڪروڙ هئي. ڪرشنچندر مو ن کي ڏاڍو وڻندو هو، جنهن انقلاب کي ڏاڍو رومَانٽڪ ڪيو. ادب سان منهنجو شوق هو. اديب منهنجي لاءِ ڏاڍيون پراسرار شخصيتون هوندا هئا.“
تنهن کانپوءِ تنوير عباسيءَ ۽ سراج سان بطور ڪاليج فيلو ملاقات ۽ دوستي ٿيس. انهن جي رنگ ۾ رڱجي هن 1952ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پهرين ڪهاڻي جيڪا هن لکي، تنهن جو نالو ”آهه! اي ظالم سماج“ هئي، جيڪا هالا مان نڪرندڙ ”فردوس“ رسالي ۾ ڇپي.
آغا سليم پهرين ”آغا شاهين“ جي نالي سان لکندو هو. اهو دور ورهاڱي کانپوءِ سنڌي ڪهاڻي جو عبوري دور هو. انهي دور جو ذڪر ڪندي آغا سليم پنهنجي هڪ مضمون ”سنڌي ڪهاڻي تي هڪ نظر“ ۾ لکي ٿو:
”اهو دور اسان جي ڪهاڻين جو عبوري دور آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جي موضوعن سان گڏ ٽيڪنڪ ۾ به نوان تجربا ڪيا ويا. ع ق شيخ، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، بشير مورياڻي، رباني، سراج، رشيد ڀٽي، رشيد آخوند، ثميره زرين، خواجا سليم، ابن حيات پنهور، ابن الياس سومرو، اياز قادري، مراد علي مرزا، نجم عباسي سڀني گڏجي پنهنجو رت ست ڏيئي، سنڌي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌايو. سندن ڪهاڻين جا موضوع گهڻو ڪري عام ماڻهن جا ڏک ۽ سک، انسان جو انسان تي ظلم ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ هئا.“

[b]آغا سليم جون ڪهاڻيون[/b]
آغا سليم جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”چنڊ جا تمنائي“ 1964ع ۾ ڇپيو. جنهن سنڌي ڪهاڻي تي پنهنجا مستقل اثر ڇڏيا. آغا سليم جي ڪهاڻين ۾ رومانس سان گڏ، لفظن جي بيهڪ ۽ مقصد جي اپٽار به ڪيل هوندي هئي. سندس ڪهاڻين جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو، ”هن افسانه نگاري (ڪهاڻي توڙي ناول) ۾ هڪ نئين نفسياتي رخ ’شعوري رو‘کي اهميت ڏني آهي. ان ۾ فنڪار ڪنهن خاص واقعي تي زور ڏيڻ بدران صرف ڪردارن جي ذهن ۽ شعور جون تصويرون پڙهندڙن جي آڏو آڻڻ چاهيندو آهي. آغا سليم ان واٽ تي مضبوطيءَ سان پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان هن جي هڪ آزموديگار فنڪار ۽ پختي قلمي قوت رکندڙ اديب هجڻ جي ثابتي ملي ٿي.
آغا سليم جا هيستائين ڪيترائي ڪهاڻين جامجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ (1) لذت گناهه، (2) ڌرتي روشن آهي (1985ع) (3) درد جو شهر شامل آهن.

[b]آغا سليم جا ناول[/b]
آغا سليم اهڙو تخليقڪار آهي، جنهن ڪهاڻيءَ سان گڏ ناول جي صنف تي به طبع آزمائي ڪئي. آغا سليم جو پهريون ناوليٽ 1960ع ۾ ”روشنيءَ جي تلاش“ جي نالي سان ڇپيو، تنهن کانپوءِ (1) اڻ پورو انسان (1977ع) (2) اونداهي ڌرتي روشن هٿ (1978ع) (3) همه اوست (1985ع) شايع ٿيا. جن مان پوين ٻن جا اردو ترجما به ڇپجي چڪا آهن.
بقول نصير مرزا ”انهن ناولن جا ڪردار سارنگ، سنڌو، شاهه عنايت وغيره... هنن ناولن جا اهي ڪرداري مهان چهرا آهن، جيڪي اتهاس جي اوٽ ۾ ڪٿي گم هئا. انهن کي آغا صاحب ماضي جي اونداهين گفائن مان ڪڍي، اسان جي حال جي سرواڻي ڪرائڻ، اسان جي ستل ذهنن کي سجاڳ ڪرڻ ۽ مثال طور ڪري پيش ڪرڻ لاءِ انهن کي ڏينهن جي روشني ۾ کڻي آيو آهي. ڄاڻڻ گهرجي ته اهي سڀ ناول محض اتهاس کي ئي ريپريزنٽ ڪونه ٿا ڪن، پر انهن جي سڃاڻپ، هي موجودهه يگ به آهي. ۽ هن يگ جي ذهني جذباتي ڇڪتاڻ ۽ قومي مسئلن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح بيان به ڪري ٿا ڏيکارين. بيان به اهڙي ريت ڪن ٿا جو اهي واقعا ڪالهه جا ئي نه، اڄ جا به محسوس ٿين ٿا“. بقول آغا سليم”مان پنهنجي ناولن ۾ سنڌ جي اتهاس کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
انهن ناولن جو جائزو وٺندي شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ”روشني جي تلاش، اونداهي ڌرتي روشن هٿ ۽ اڻپورو انسان ٽيئي ناول ان ريت سلسليوار شايع ٿيل آهن، پر ٽنهي ۾ تلازم خيال، زندگي بابت ويچار ۽ تشبيهن ۾ ڪن ڪن هنڌن مشابهت پاتي وڃي ٿي. آغا سليم جي ٽن ناولن ۾ فن جي ارتقا، دراصل سندس ذهن جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿو. هن انساني زندگي، تاريخ ۽ تهذيب جي شعور کي تخليقي فن ۾ اظهار ڪيو آهي. ان ڪري هوهڪ مهذب اديب جو درجو رکي ٿو. هن زندگي جي مقصديت، ان مان پيدا ٿيندڙ بيزاري، فرد جي تنهائي جي محروميءَ جي شديد احساس کي افسانوي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
آغا سليم جي ناولن جي باري ۾ عام طور تي اهو پڻ چيو ويندو آهي. ته هن درد جا رشتا، عبدالله حسين جي ناول ”ندي“ ۽ اونداهي ڌرتيءَ روشن هٿ، قرة العين حيدر جي ناول ”آگ کا دريا“ کان متاثر ٿي لکيا آهن. انهي جو جواب ڏيندي آغا سليم هڪ انٽرويو ۾ چيو:
”منهنجي ڪهاڻي ”درد جا رشتا“ ۽ عبدالله حسين جي ناولٽ يا ڊگهي ڪهاڻي ”ندي“ ۾ ڪنهن به قسم جي هڪجهڙائي ڪونهي....... ها باقي مون پنهنجو ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ قرة العين حيدر جي ناول کان متاثر ٿي لکيو. پر مون قرة العين جي رڳي ٽيڪنڪ استعمال ڪئي. هونءَ ڏٺو وڃي ته قرة العين جي اها ٽيڪنڪ به هن جي پنهنجي ناهي. ان ساڳئي ٽيڪنڪ سان ’ورجينا وولف‘ ناول لکيو هو، جنهن جي پکيڙ ٽن دورن تائين هئي. وري ”هر من هيس“ ’سڌارٿ‘ ناول لکيو، جنهن کان متاثر ٿي قرة العين حيدر ”آگ ڪا دريا“ ۽ عبدالله حسين ”ندي“ ناوليٽ لکيو. منهنجو قرة العين کان متاثر ٿيڻ ائين ئي آهي، جيئن مولوي همايوني جي نعتيه ڪلام ”تنهنجي زلف جي بند جي بند ڪمند وڌا، زندان هزارين مان نه رڳو“ کان متاثر ٿي شيخ اياز غزل لکيو، ”تون چئه ته ڪڇان، تون چئه لڇان پر تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان، تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي، اعلان هزارين مان نه رڳو.“
آغا سليم جو ناول ”همه اوست“ جيڪو شاهه عنايت شهيد جي جدوجهد جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. اهو پڻ گهڻو مقبول ويو.

[b]بحيثيت شاعر[/b]
آغا سليم هڪ سٺي نثر نويس هئڻ سان گڏ سٺو شاعر پڻ آهي. 1978ع ۾ جڏهن هو نارا جيل حيدرآباد ۾ هو ته نصير مرزا چواڻي، ”تڏهن سندس شاعري جيل جون سلاخون ڏسي هن جي اندر مان پکي وانگر ڀڙڪو ڏنو“ ۽ ٻيو سبب اهو ته شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو ڪندي، سندس شاعري ڏانهن لاڙو ٿيو. سندس اهڙي شعر جو مجموعو ”پن ڇڻ ۽ چنڊ“ 1986ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ غزل، نظم ۽ بيت شامل آهن. نموني طور سندس هڪ بيت حاضر آهي.
جئن سو تارو صبح جو، موکي تنهنجو نانءُ،
تنهنجي مڌ ۽ موهه سان، جرڪي منهنجو هانءُ،
ڳايان اڄ ڪي آنءُ، گيت ڪي آڌرڀاءُ جا.

[b]شاهه جي شعر جو ترجمو[/b]
مٿين صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ کانسواءِ آغاسليم، شاهه جي رسالي جو اردو ۽ پوءِ انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو. پهرين ڪجهه ترجمو ڪيائين ۽ پوءِ سڄو شاهه جو رسالو منظوم بيتن ۾، ائين پوءِ وري سر وار انگريزي ۾ ترجمو ڪيو اٿائين. جنهن جا ٽي ڪتاب (2003ع) Melody of Clouds, Wine and venom (4003) ۽ Melodies of Shah Abdul Latif Bhittai (2007) ڇپيل آهن. اهڙن بيتن مان هڪ جو ترجمو نموني طور ڏجي ٿو:
هوندو هَڏ مَ سنڌِ، لاءِ پياڪن پنهنجو،
پُوڄ پيارج پهيڙا، ويندا وٺيو ڪنڌ،
ته هٿ تنهنجي هنڌ، مون کي ڪو مان لهي.
Don’t hide the pitchers of wine from the Drinkers,
Offer them plenty of wine, they will go silently
Thus the fame of your tavern will spread all over.
ميِ نوشون کو مت ترسا اور ميِ کو ڪردي عام
جام پر جام پلا تو جائين، جهومتي گام بگام
مئخاني کا نام، موکهي! هو مِي نوشون مين.
ڪهاڻين، ناولن، شاعري ۽ شاهه جي شعر جي ترجمي کانسواءِ آغا سليم شيخ اياز جي شاعري جو ترجمو Songs of Freedom جي نالي سان ڪيو آهي. تنهن کانسواءِ آغا سليم ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي ڊراما پڻ لکيا آهن. سندس ٻي ڪيل تخليقي، تحقيقي ۽ ترجمي جي ڪم ۾ (1) ”پٺاڻ“ (تحقيق) (2) جهولي لال (سفرنامو) ۽ (3) بابا فريد جا دوها (ترجمو 1990ع)، هوءَ جا لال لطيف چئي (2009ع)، صدين جون صدائون، سچل سچ هي سارا (سچل سرمست جي چونڊ ڪلام جو اردو ترجمو 2010ع) ۽ ڊراما ڪتاب ڇپيل آهن.
مٿين ڪتابن کانسواءِ آغا سليم رٽائرڊمينٽ کانپوءِ پهرين روزاني اخبار جاڳو جو ايڊيٽر ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ جو پڻ ايڊيٽر ٿيو. انهي صحافتي عرصي دوران آغا سليم جا لکيل ايڊيٽوريل تجزيا ۽ ڪالم پڻ وڏي اهميت وارا آهن.
ائين آغا سليم کي سنڌي ادب جو آل رائونڊر ليکڪ چئي سگهجي ٿو، جنهن هڪئي وقت ڪهاڻي، ناول، ڊراما، شاعري، تحقيق، ترجمي ۽ صحافتي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي.
------------------------------------------------------------------
آغا سليم جو انٽرويو (ماهوار پرک)، جولاءِ ۽ آگسٽ. 2001ع.
ايضاً.
آغا سليم. (ماهوار نئين زندگي)، آڪٽوبر 1963ع.
عرساڻي شمس الدين، (آزادي کانپوءِ سنڌي افساني جي اوسر). سنڌالاجي 1982ع
نصير مرزا، (خيمي ۾ شام). 2001ع.
عرساڻي شمس الدين، (آزادي کانپوءِ سنڌي افساني جي اوسر). سنڌالاجي 1982ع.