شخصيتون ۽ خاڪا

سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (235) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌي ادب “ نامياري ليکڪ ۽ پبلشر يوسف سنڌي جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ سئو سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. تحقيقي حوالي سان يوسف سنڌيءَ جو هي ڪتاب ساراهه لائق آهي. هي ڪتاب سچائي اشاعت گهر، دڙو پاران ڇپايو ويو.ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ”آسمان ۾ کڙندڙ انڊلٺ ۾ صرف ست رنگ هوندا آهن. پر سنڌي ادب جي اُفق تي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکندڙ اديبن ۽ شاعرن جي خوبصورت رنگارنگ تخليق جي گهڻ رنگي انڊلٺ کِڙيل آهي، جنهن ۾ هر هڪ رنگ پنهنجي نوع جو آهي ۽ پنهنجي انفراديت ۽ سونهن سبب ٻئي کان نرالو به آهي. هن ڪتاب ۾ اهي رنگ وکيريندڙ سرجڻهارن بابت مختصر پر جامع معلومات ڏنل آهي. جن ۾ سنڌ ۽ هند جا مکيه سرجڻهار شامل آهن.“
  • 4.5/5.0
  • 12403
  • 2222
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book سنڌي ادب : هڪ سئو سنڌي اديب

نصير مرزا

ڪن ليکڪن جو نثر ايترو ته سگهارو هوندو آهي جو انهن جي ڪنهن سان ڀيٽ ڪرڻ بيحد ڏکي ٿي پوندي آهي. پير علي محمد راشدي ۽ غلام رباني جو نثر يا وري رئيس ڪريم بخش جو ڪيئي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نثر ڪيئن ٿو موهي. آئون نصير مرزا کي به انهيءَ فهرست ۾ شامل ڪيان ته غلط ڪونه ٿيندو.

سوانح
نصير علي ولد ناصر علي بيگ مرزا، 20جولاءِ1956ع تي ٽنڊي ٺوڙي، حيدرآباد ۾ مرزا خاندان جي هڪ اهڙي گهر ۾ جنم ورتو. جيڪو پکين ۽ پينگهن سان ڀريل هو. نصير اڃا ٽن سالن جو هو جوسندس والد ناصر بيگ مرزا گذاري ويو. ناصر علي بيگ هڪ حشمت وارو هاڪارو پوليس آفيسر هو. هن پنهنجي ٻارن جي پرورش شاهاڻي انداز سان ڪئي.ٻارن جي اسڪول وڃڻ لاءِ هڪ وڪٽوريا گاڏي ٺهرائي، جنهن تي موڪلن ۾ نصير علي باغن جا سير ڪندو هو. هن اکيون کوليندي ئي پنهنجي گهر جي ڪشادي اڱڻ ۾ ڪيئي پکي گل ۽ وڻ ڏٺا.
نصير علي پنهنجو نون ڀائرن، ڀينرن ۾ اٺون نمبر ٻار هو. والد جي وفات کانپوءِ هن جي سڄي تربيت والده محترمه شريف النساءَ ڪئي. نصيرمرزا شروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. اٺين ڪلاس ۾ نثار حسيني سندس ڪلاس ٽيچر ٿي رهيو، جنهن لاءِ نصير مرزا جو چوڻ آهي ته ”ان پيار به ڏنو ۽ ادبي تربيت به ڪئي.“
نصير مرزا ايم اي (صحافت) 1980ع ۽ ايم اي (سنڌي) 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان ڪئي. ايم اي جي دوران سنڌ جو ناميارو صحافي ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو ”شيخ عزيز“ سندس استاد رهيو. جنهن لاءِ نصير مرزا جو چوڻ آهي ته ”ان کان متاثر هياسين، هي اهڙو استاد هيو، جو مون کان ڪير پڇي ته تون ٻيهر ڪنهن سان ملڻ چاهيندين ته آئون چوندس شيخ عزيز صاحب سان“.
نصير مرزا پهرين هڪ هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو، پوءِ پبليڪيشن آفيسر ۽1983ع کان ريڊيو پاڪستان سان پروڊيوسر ۽ اسٽيشن ڊائريڪٽر جي حيثيت سان لاڳاپيل آهي. هي پنهنجي ٻولي ۽ پيشي سان وابستگي جو ثبوت ڏيندي لاتعداد علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تفريحي پروگرام پيش ڪري چڪو آهي. ڪيترائي فنڪار پڻ متعارف ڪرايا اٿس، جن ۾ مرحيات فوزيه سومرو پڻ شامل آهي ۽ نون فنڪارن ۽ ڪلاڪارن جي پڻ حوصلي افزائي ڪندو رهي ٿو. کيس موسيقي بابت پڻ سٺي ڄاڻ آهي. هن موسيقي واري شعبي ۾ رهي مختلف فنڪارن جي آواز ۾ڪيترن ئي شاعرن جون ڪافيون، گيت، غزل وغيره رڪارڊ ڪرايا آهن.

ادبي سفر:
جيئن مٿي لکيم اٿم ته نصير مرزا جو تعلق مرزا گهراڻي سان آهي، جنهن گذريل ٻن صدين کان وقت بوقت اهڙا املهه ماڻڪ پئي پيدا ڪيا آهن، جن سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي اُفق تي فخرجو ڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. مرزا قليچ بيگ ته ”شمس العلماءِ“ هو، انهي جي ڳالهه ئي ٻي آهي، پر نادر بيگ مرزا، مراد علي مرزا، ممتاز مرزا ۽ هاڻي نصير مرزا، علم ۽ ادب جي هڪ ڪڙي ۽ هڪ تسلسل آهي. مٿيان سڀئي نالا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي يڪتاءِ روزگار ۽ يگانا رهيا آهن ۽ هڪٻئي گهراڻي سان تعلق هوندي به مٿين نالن ادبي دنيا ۾ پنهنجو ڌار مقام بنايو.
نصير مرزا کي ننڍي هوندي کان ئي علمي ۽ ادبي ماحول مليو. سندس شروعاتي لکڻيون ۽ شاعري ”پيغام“ رسالي ۾ شايع ٿيون. جيڪو عبدالواحد آريسر، جي ادارت هيٺ نڪرندو هو. انهي وقت نصير مرزا جو تخلص ”شاد“ هوندو هو.
نصير مرزا جو پهريون ڪتاب ٻاراڻي شاعري جو مجموعو ”ڌرتي جا تارا،“ 1979ع ۾ ٻارن جي عالمي سال جي حوالي سان ڇپيو. جنهن کي ’انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي‘ ۽ ’نيشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان‘ پاران انعام ۽ ايوارڊ مليا.
نصير مرزا هڪئي وقت شاعر، نثر نويس، مرتب ۽ محقق آهي. سندس نثر نهايت سگهارو ۽ ماکي جي مٺاڻ جهڙو آهي. اڪثر لکندڙ ۽ پڙهندڙ سندس نثر جا مداح رهيا آهن، بقول نورالهدى شاهه، ”نصير مرزا منهنجي پسنديده نثرنگارن منجهان هڪ آهي. مون کي سنڌيءَ ۾ نصير کانسواءِ يا ان کان پهرين،صرف شيخ اياز جي نثر لذت ڏني.“
نصير مرزا جي ڇپيل ڪتابن کان ٻن حصن ۾ورهائي سگجهي ٿو. پهريون سندس اصلوڪيون تحريرون، نثر توڙي نظم ۾، ٻيو: سهيڙيل يا مرتب ڪيل.

اصلوڪا ڪتاب:
1. نصير مرزا جي ٻاراڻي شاعري جو مجموعو ”ڌرتي جا تارا“ 1979ع ۾ ڇپيو. سندس ٻيو ڪتاب شعري مجموعو ”خوشبو جي سنگ سنگ“ 1980ع ۾ ڇپيو، جنهن کي پڻ سنڌالاجي ايوارڊ ڏنو. نصير جو ٽيون ڪتاب ”سفر من اندر“ آهي، جنهن ۾ سندس نثري لکڻيون شامل آهن. انهي ڪتاب ۾ نصير پنهنجي مڪمل صلاحيتن سان نظر ٿو اچي. اهو سنڌي نثر جو هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. نصير مرزا جو چوٿون اصلوڪو ڪتاب ”خيمي ۾ شام“ آهي. جيڪو 2002ع ۾ ڇپيو. هن ڪتاب ۾ انٽرويو، خاڪا ۽ تاثرات شامل آهن. سندس پنجون ڪتاب ”ٿي نه سگهيس شاعر“ 2007ع ۾ ڇپيو.
2. نصير مرزا جو سهيڙيل ڪم به پنهنجي جاءِ تي نهايت اهميت وارو آهي. انهن مان اهم ڪتابن جا تفصيل هن ريت آهن.
(1) نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون: نادر بيگ مرزا، مرزا قليچ بيگ جو فرزند هو، جنهن کي سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي ڪهاڻيڪارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس ڪهاڻيون ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ هيون،جيڪي نصير مرزا، سهيڙي، نهايت خوبصورت مهاڳ لکيو، جيڪو ڪتاب 1992ع سنڌالاجي پاران ڇپرايو ويو. هن ڪتاب ۾ نادر بيگ مرزا جون ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻيون شامل آهن. اهو نصير مرزا جو نهايت بهترين ۽ذڪر جوڳو ڪم آهي.
2-اڇو پکي واءُ ۾: حفيظ شيخ، سنڌي ٻولي جو منفرد ڪهاڻيڪار هو. هن جي ڪهاڻين جو هڪ ننڍو مجموعو ”ساگر جي لهرن تي“ سندس وفات کانپوءِ ڇپيو هو. نصير مرزا نهايت محنت، محبت ۽ جانفشاتيءَ سان وڌيڪ ڪهاڻيون،ناول ۽ خط هٿ ڪري ۽ حفيظ شيخ جي همعصرن سان ملي، انهن کان تاثرات وٺي، حفيظ شيخ جي ڪم کي سدائين جي لاءِ نهايت شاندار انداز ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو. هي ڪتاب 1997ع ۾ شايع ٿيو.
3-ڇهه ڇهه پيسا ٻه ٻه پايون: ٻارن جي عظيم گيت ڪار شاعر ڪشچند ’بيوس‘ جي ٻارن لاءِ ڪيل شاعري جيڪا هِتي هُتي ٽڙي پکڙي پئي هئي، تنهن کي ميڙي چونڊي هڪ هنڌ گڏي، نصير مرزا ”ڇهه ڇهه پيسا، ٻه ٻه پايون“ جي نالي سان اشاعيت هيٺ آندو. هي ڪتاب 2001ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو. ڪتاب جي مهاڳ ۾ نصير مرزا بيوس جي ٻاراڻي شاعري تي تفصيل سان ويچار ونڊيا آهن.
مٿين ڪتابن کانسواءِ نصير مرزا جا هيٺيان ڪتاب سهيڙيل آهن. (1)سامي سج وڙاءُ (شيخ اياز بابت تحريرون-1998عع) (2)ڌرتي سارو ديس (چونڊ سفرناما-1987ع) سڏ-پڙاڏو (غلام رباني آگري جي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا تي لکيل ليک-ساٿي مرتب-1992ع) نيڻن ۾ ڏياريون (شبير هاتف جي شاعري-ساٿي مرتب) سهڻو سڏائي ٿوپاڻ (ممتاز مرزا جي لکڻين جي سهيڙ 2005ع). جيجي (زرينه بلوچ بابت ليک)، منهنجو خواب محل (تبسم عروج قاضي جي شعري مجموعي جي سهيڙ)، سچ جي ڳولا (ٽيڪم مٽائي جي ڪتاب جي سهيڙ)، دٻلي ٿي ڇڻڪي (ٻاراڻي شاعري جي چونڊ، 2010ع).
مٿين ڪتابن کانسواءِ نصير مرزا ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ پڻ تحرير ڪيا آهن، جن جو ڌار ڪتاب اچڻ جي توقع آهي.
بهترين ليکڪ کانسواءِ نصير مرزا وٽ ڪمپيئرنگ جي فن جو پڻ ڪمال آهي. هو پنهنجي لفظن جي جادوگري سان سامعين کي موهي وجهندو آهي.
بلاشڪ نصير مرزا جهڙي ڏات ۽ ڏانو تمام گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي.