ذوالفقار راشدي
ذوالفقار راشدي ڪتابن جي دنيا ۾ اک کولي ۽ جنهن ماحول ۾ پرورش ورتائين اهو مذهبي ۽ علم وارو هو. پاڻ سنڌي، فارسي ۽ انگريزيءَ تعليم ورتائين ۽ اهڙي ماحول ۾ هن جو علم، ادب ۽ شاعريءَ ڏانهن ڌيان ۽ لاڙو وڌيو.
ذوالفقار راشدي کي مطالعي جو شوق قصن ڪهاڻين ۽ لوڪ داستان پڙهڻ سان ٿيو ۽ اٽڪل يارهن سالن جي ڄمار ۾ 1949ع ۾ کان شعر لکڻ شروع ڪيائين پنهنجي انهيءَ مطالعي ۽ شاعريءَ جو اظهار ڪندي راشدي صاحب لکيو آهي:
”.......منهنجي طبيعت شاعري لاءِ موزون هئي. ڪجهه وايومنڊل جو به اثر هوندو هو، جو منهنجي گهراڻي جو ماحول پيراڻين معنائن ۾ علمي هو. مولوي شفيع محمد ”هاتف“، مولوي قادر بخش چولياڻي، ۽ٻيا ڪيترائي عالم ۽ شاعر قبلا ڏاڏا سائين مرحوم جن جا مريد هئا ۽ علمي ماڻهن جي هر وقت آمدرفت هئي. اتفاق سان مون کي، شروع ۾ جيڪي اُستاد مليا، اهي به شاعر هئا. سنڌي جو استاد عبدالحڪيم ”اُداسي“، انگريزي جو اُستاد حافظ ضياالحق اسلم شاعر هئا ۽ فارسي پڙهائڻ وارو مولوي محمد قاسم عيني طاهري پڻ فارسي ۽ براهوي ٻولين ۾ شاعري ڪندو هو ۽ اهو صاحب هڪ ڪتاب براهوي گپ گال (براهوي ڳالهه ٻولهه) جو ليکڪ به آهي.“
ذوالفقار راشديءَ کي مطالعي جو شوق داستانن پڙهڻ سان ٿيو.هن اٽڪل يارهن سالن جي عمر ۾ 1949ع کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. سندس پهريون شعر چوڏهن سالن جي عمر ۾ افسانا لکڻ شروع ڪيا. سندس پهريون افسانو ”مهراڻ“ رسالي جي 1959ع جي چوٿين نمبر پرچي ۾ ”خوابن جو مسافر“ جي نالي سان ڇپيو.ان کان پوءِ مهراڻ ۾ ئي ”ٿرڊ ڪلاس“ جي نالي سان ٻيو افسانو ڇپيس. ڪجهه سالن جي وٿيءَ کان پوءِ ’مهراڻ‘ جي 1968ع واري چوٿين پرچي ۾ هڪ بلوچي لوڪ ڪهاڻي ”شهزادي سامري جي ڳالهه“ ڇپي.
ائين راشدي صاحب جو اهو شعري ۽ نثري سفر جاري رهيو. سندس لکڻيون شعر ۽ ڪهاڻيون ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“ ۽ ٻين ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. تنهن کان سواءِ راشدي صاحب جا وقت بوقت تحقيقي ۽ تنقيدي مقالا/ليک پڻ شايع ٿيندا رهيا. راشدي صاحب جو پهريون نثري تحقيقي مقالو ”بلوچي شاعري ۽ لوڪ ادب“ هو، جيڪو 1963ع ۾ نئين زندگي جي آڪٽوبر واري شماري ۾ ڇپيو.
ذوالفقار راشدي 13سالن جي عمر ۾ 54-1953ع ۾ڪجهه وقت لاءِ هفتيوار اخبار ”هاري“، لاڙڪاڻو پڻ ايڊٽ ڪئي ۽ 1960ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار ”مذهب انسانيت“ جاري ڪيائين،جيڪا اڳتي هلي بند ٿي ويئي.
حقيقت ۾ ذوالفقار راشدي هڪ وڏي زميندار گهراڻي جو فرد هو، پر انهيءَ هوندي به هي هارين جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو. جنهن ڪري هارين نارين ۾ گهڻو مقبول هوندو هو. راشدي، باباءِ سنڌ حيدربخش جتوئي کان به تمام گهڻو متاثر هو ۽ جتوئي صاحب کي هڪ مڙس ماڻهو سياستدان ۽ آئيڊيل انسان سمجهندو هو.
ذوالفقار راشدي وڏي پيراڻي گهراڻي جو فرد هو، پرانهيءَ هوندي به پير پرستيءَ جي خلاف رهيو. سندس شعرن ۾ اهڙا واضع ۽ چٽا اشارا ملن ٿا، جنهن جو اعتراف سنڌ ۽ پير پرستيءَ جي خلاف قلمي توڙي عملي جنگ ڪندڙ سدا بهار ليکڪ محمد عثمان ڏيپلائي پڻ هفتيوار ”اِنسان“ جي ڪنهن پرچي ۾ هيئن ڪيو آهي:
”هڪ شخص جيڪڏهن پيرن سيدن جي خاندان مان هجي ۽ نعرو هڻي ته:
جي ڀائين جو ڳي ٿيان ته وجهه پير پرستيءَ ۾ پڃ
ملان پرستي ملڪ جي، ماري ڪر تون مڃ
ڪر سيد پرستي جي سُڃ، ته گُرکي گڏجين ڪاپڙي.
پوءِ ته اهو ملڪ هڪ ابراهيمي جلوو چئبو ۽ وري اهو جذبو هڪ نوخير جي هٿان-الله اڪبر“
ذوالفقار راشديءَ جا هيل تائين ٻه ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ هڪ شعري مجموعو ”سوچ کي لوچ“ (1982ع) ۽ ٻيو سندس تنقيدي ۽ تحقيقي مضمونن جو مجموعو ”ڪسوٽي“ 1986ع ۾ سندس وفات کان پوءِ پڌرو ٿيو. مٿين ڪتابن کان سواءِ سندس غزلن جو هڪ مجموعو ”خواب نامون“ ۽ڪهاڻين جو مجموعو ”خوابن جا مسافر“ اڻ ڇپيل صورت ۾ سندس وارثن وٽ محفوظ آهن.
ذوالفقار راشدي جي سڃاڻپ هڪ شاعر ۽ تنقيد نگار جي حيثيت سان هئي سندس شاعراڻي ڏات جي باري ۾ نامياري دانشور محترم محمد ابراهيم جويي جي راءِ آهي ته:
”اسان جو شاعر ذوالفقار به آهي ته راشدي به، هن جي شعر ۾ مون سدائين تلوار جي اُن تيز ڌار کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڏٺو به آهي، جا پلصراط آهي جهنم جي آڙاهه مٿان اڏيل، جنهن تان اک اک ۾ ڏيئي، جنت جي انساني زندگيءَ ڏانهن وڃبو آهي.“
ذوالفقار راشديءَ زندگيءَ جون 48 بهارون ماڻيون ۽ 26 آگسٽ 1986ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب ”ڪسوٽي“ سنڌي ادب ۾ اهم حيثيت والاري ٿو.