نادر بيگ مرزا
1914ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو هڪ افسانو ”شريف بيگم“ جي نالي سان ڇپيو. انهيءَ کي اسين جيڪڏهن جديد افساني جو پيش خيمون چئون ته وڌاءُ ڪونهي. ممڪن آهي ته مرزا قليچ بيگ جي دور ۾ ڪجهه ٻيا افسانا به لکياويا هجن، پر انهن جو ڪو نشان نٿو ملي، پر صحيح معنى ۾ افسانوي ادب ”سنڌو“ رسالي ۾ ڇپيل ملي ٿو، جيڪو 1932ع ۾ شڪارپور مان ”ديوان بولچند“ ڪڍيو. انهيءَ رسالي کي جديد سنڌي ادب جي پيڙهه جو پٿر چئي سگهجي ٿو.
”سنڌو“ رسالي جي اوائلي افسانا نگارن ۾ مرزا نادر بيگ جو نالو وڏي اهميت رکي ٿو. ٻين لفظن ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي جو دور 1930ع جي ڏهاڪي کان شروع ٿيو هو. انهيءَ دور جي ٻين ڪهاڻيڪارن ۾ امر لعل هنڱوراڻي، آسانند مامتو راءِ ۽ عثمان علي انصاريءَ جا نالا اچي وڃن ٿا.
سوانح:
نادر بيگ مرزا، سنڌي ادب جي ابي مرزا قليچ بيگ جو سڀ کان وڏو فرزند هو. سندس جنم 16مارچ 1891ع ۾ڪوٽڙي ۾ ٿيو. ان وقت مرزا قليچ بيگ اتي مختيارڪار هو. ابتدائي تعليم ڪوٽڙي، حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اسڪولن ۾ ورتائين. 1906ع ۾ پندرهن ورهين جي عمر ۾ لنڊن روانو ٿيو، جتان 1912ع ۾ بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪري موٽيو ۽ لاڙڪاڻي ۾وڪالت ڪرڻ لڳو. سگهوئي پوءِ مئجسٽريٽ مقرر ٿيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ خدمت سرانجام ڏنائين. 1917ع ۾ نادر بيگ پنهنجي چاچي ڊاڪٽر مرزا جي ڌيءُ گريس سان ڪورٽ ميريج ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ نياڻي شيرين بيگم نانا ٿي.
ادبي اوسر:
نادر بيگ مرزا کي لکڻ جي ترغيب پنهنجي والد کان ورثي ۾ ملي. شروع ۾ هن شاعري ڪئي. پر 1920ع کان 1930ع واري عرصي ۾ ڪهاڻيون لکي پنهنجي همعصرن جي وچ ۾ ڪهاڻيڪار جي حيثيت سان پاڻ کي مڃرايائين.
نادر بيگ مرزا جو پهريون افسانو ”سنڌو“ ۾ شايع ٿيو. سو آهي. ”موهنيءَ جي ڊائري.“ اهو افسانو حقيقت ۾ هڪ نئين ڪنوار جي ڊائري جا ورق آهن، جيڪي سماج جو اهڙو عڪس پيش ڪن ٿا، جيڪي اڄ به نظر اچن ٿا. انهيءَ عرصي ۾ نادر بيگ مرزا ڪجهه ٻيا افسانا به لکيا جهڙوڪ: موهني جي دل جو داغ، موهني جي آهه، موهني جي غلطي (ناٽڪ)، موهني جي فتح وغيره شامل آهن. ان کان اڳ سنڌو رسالي جي مئي، مارچ ۽ اپريل 1932ع جي پرچن ۾ سندس ڪهاڻيون موهني جي آهه ۽ موهني ٻن قسطن ۾ ڇپيون.
نادر بيگ مرزا 1923ع ۾ سنڌو جي ايڊيٽر ’واسو مل راجپال‘ جي چوڻ تي پنهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو سهيڙيو، جنهن جي ديباچي ۾ هو لکي ٿو:
”مون ته آکاڻيون ننڍي هوندي کان پئي لکيون آهن، جو والد مرحوم جي سُتي پيٽ ۾ پيل هئي. جڏهن ڪڏهن ساڻن گشت تي ويندو هوس ته منزل منزل تي پنو ۽ پينسل ڏيندا هئا ته جيڪي واٽ تي ۽ اڳين منزل تي ڏٺو ٻڌو اٿيئي، سولکي اچ. پر انهن آکاڻين مان اڃا پرايو ڪي به ڪين اٿم. اڃا ڪا آکاڻي پوري مس ٿيندي هئي ته ڪو نه ڪو سنگتي ايڊيٽر لامارو ڏيئي کڻي ويندو هو، يا ڪنهن نه ڪنهن دوست جي فرمائش ٿيندي هئي ته فلاڻي اهڙي ڪي اهڙي آکاڻي ته موڪلي ڏي. آکاڻي جي عيوض ۾ انهي اخبار يا رسالي جون ٻه يا ٽي ڪاپيون مون ڏي موڪلي ڏيندا هئا. گهڻا ڏينهن ته آئون انهيءَ ۾ خوش هوس ته منهنجو نالو به اخبار ۾ ٿو ڇاپجي، پر نيٺ چري به ڦٺ ۾ گهڻا ڏينهن خوش رهندي، آخر لالچ ۾ منهن وڌم ۽ ڀاءُ لالچند کي گهنتريون ٻڌي ڦاسايم جو هيئن پنج اٺ ڪهاڻيون آزدمودي خاطر ڪتاب جي صورت ۾ ڇپائڻ لاءِ تيار ٿيو آهي.“
پر افسوس جو نادر بيگ مرزا جي اها خواهش پوري ٿي نه سگهي ۽ اهو ڪتاب ڇپجي نه سگهيو. لڳ ڀڳ سٺ سال پوءِ، سندس ئي گهراڻي جي هڪ هونهار اديب نصير مرزا 1992ع ۾ انهي سهيڙيل مجموعي ۾ سندس ٻيون رهيل ڪهاڻيون شامل ڪري ”انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي“ پاران ”نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرايو. جنهن ۾ سندس 14ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل 8 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب جي مهاڳ ۾ انهي ڪتاب جي سهيڙڻ جي وارتا جو ذڪر ڪندي نصير مرزا لکي ٿو:
”نادر بيگ مرزا سان گڏ، سنڌي افساني جي تاريخ ۾ ٻه چهرا، ٻه نالا ٻيا به انتهائي اهم آهن. آسانند مامتوراءِ ۽ امر لعل هنڱوراڻي. باوجود ان جي ته نادر بيگ مرزا سان گڏ سنڌ افساني جي ٽه مورتي جو هڪ اهم ڪارنر ۽ اهم ڪڙي هو ۽ سنڌ ۾ هو روايتي بيحسي ۽ بي توجهيءَ جو شڪار ٿي ويو. ان جي برعڪس هندستان ۾ سنڌ پبلشرس پاران آسانند مامتو راءِ ۽ امر لعل هنڱواڻي جون چونڊ لکڻيون اشاعت هيٺ آڻي هنن ٻنهي ليکڪن جي پورهئي کي ڄڻ اڏوهي جو کاڄ بڻجڻ کان اڳ ئي بچائي ورتو ويو.“
نادر بيگ مرزا جو اهو لکڻ جو دور 1936ع تي پڄاڻي تي پهتو. منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو، ”نادر بيگ مرزا پنهنجي لائق والد قليچ بيگ مرزا جو لائق فرزند هو، جنهن مشهور سنڌي مخزن سنڌو ۾ 1932ع کان 1936ع تائين درجن کن نئين زماني جون سڌريل بناوت واريون سماجي اوڻاين بابت آکاڻيون ڇپايون هيون.“
نصير مرزا لکي ٿو ته ”لڳي ائين ٿو ته 1936ع کانپوءِ هو ڪن انتهائي ذاتي اهنجن سبب، ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي، مزاحيا شاعري ۾ پاڻ کي وائينڊ اپ ڪري رهيو هو ۽ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي ته 1936ع ۾ جڏهن دنيا جي ٻئي ادب سان گڏ، سنڌي ٻولي جي ادب به، ترقي پسنديءَ جي اثر هيٺ ايڪٽي وٽي شروع پئي ڪئي. تڏهن نادر بيگ، پنهنجي زندگي جي ان اينڊ تي هو، جتي هن کي السر جي بيماري ۽ هٿ جي تنگي گهڻو گهيري ورتو هو. هيڏانهن ننڍي کنڊ جي ادب، آرٽ ۽ تنقيد تي اشتراڪي تحريڪن جو اثر پئجي رهيو هو ۽ هوڏانهن نادر بيگ ترقي پسند تحريڪ جو اثر قبول ڪرڻ کان اڳ ئي پنهنجي ڪهاڻين کي توڙ تائين پهچائي چڪو هو.“
نادر بيگ جي شاعري
نادر بيگ مرزا نه رڳو سٺو نثر نگار ۽ ڪهاڻيڪار هو، پر هو سٺو شاعر به هو. هن ڪيتري مزاحيا شاعري پڻ ڪئي. هيٺ نموني طور سندس هڪ غزل پيش ڪجي ٿو.
ڀري پيار ساقي ڪو اهڙو شراب
ٿئي دور پردو، لهي پئي حجاب.
ربابي، اچي پنهنجي سازن کي ڇيڙ
وڄن ها، وڄن هاڻ چنگ ۽ رباب
اچي هاڻ ”نادر“ به مستيءَ ۾ ڪي
ڀري پيار ساغر ڪو اهڙو شتاب.
نادر بيگ جا ڪتاب:
نصير مرزا، نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون ۾ سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو وچور هن ريت ڄاڻايو آهي.
1-دلڪشا (ناول): هي ڪتاب انگريزي ۾ لکيل آهي. موضوع سنڌ جي پيار ڪهاڻي آهي. ڪتاب جي ڇپائي جو سال ڄاڻايل ڪونهي، پر اندازو آهي ته 1930ع کان 1935ع جي وچ واري عرصي ۾ ڇپيو هوندو. اهو ناول سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿي ڇپيو.
2-محبوب ڪربلا (ناول): هي ناول سنڌي ۾ لکيل هو. ناول جو موضوع يزيد، ابن زياد ۽ واقع ڪربلا آهي. هي ناول 258 صفحن تي ٻڌل آهي. هن جا ٻه ڇاپا ڇپيا. البت ڇپجڻ جي صحيح سال جي خبر ڪونهي، پر انومان اهو ڪري سگهجي ٿو ته نادر بيگ جي حياتي ۾ 1940ع کان اڳ ڇپيو هوندو.
3-تناسخ ۽ اسلام: هي ڪتاب ڪرائون سائيز جي 112صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو ڄيٺمل پرسرام گلراج بلوٽسڪي پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڇپائي جو سال ڄاڻايل ڪونهي. هن ڪتاب جو جواب محمد بخش واصف لکيو، جيڪو ”ردتناسخ“ جي نالي سان ڇپيو.
4-منهنجي خوشقسمتي: هي ڪتابڙو ڪرائون سائيز جي 24صفحن تي ٻڌل آهي. جيڪو ڄيٺمل پرسرام گلراج ”سستو عمدو ساهت مالا“ نمبر 22طور بلوٽسڪي پريس حيدرآباد مان ڇپايو. هي ڪتابڙو هڪ ڪهاڻي تي مشتمل آهي، جيڪا ’آرٿر ڪونن ڊائل‘ جي آکاڻيءَ تان ورتل آهي. ڪتابڙي تي ڇپائي جو سال ڄاڻايل ڪونهي. هي ڪتابڙو ”نادر بيگ مرزا جون ڪهاڻيون“ ۾ پنجين ڪهاڻي طور ڏنو ويو آهي.
اڻ ڇپيل ڪتاب
1-پهاڪن جي حڪمت (الف بي وار): هن ڪتاب ۾ سنڌي پهاڪا ۽انهن سان مناسب رکندڙ انگريزي پهاڪن جي چونڊ ۽ سنڌي وارن پهاڪن جومفهوم ۽ پسمنظر ڄاڻايل آهي.
2-ديوان نادر بيگ مرزا: هي الف بي وار غزلن جي ديوان آهي جيڪو 1937ع ۾ سهيڙيائين.
3-منهنجون آکاڻيون: نصير مرزا جي تحقيق موجب هن مجموعي جو فقط هڪ هنڌ اشتهار موجود آهي. ڪهاڻيون ڪٿي آهن تن جو ڪو به ڏس پتو ڪونهي.
نادر بيگ مرزا، زندگي جي پوين سالن ۾ ”ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ“ جو ميمبر ٿيو ۽ سماجي بهبودي جي ڪمن ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺندو هو. هن ڪراچي ۾ نابينائن لاءِ آئيبرويو اسڪول کولڻ جي اسڪيم ۾ حصو ورتو ۽ ان جي فائونڊر ميمبر ۽ ورڪر جي حيثيت سان بنيادي ڪم ڪيو، تنهن کانسواءِ کيس ڊرائنگ،نقاشي، موسيقي ۽ راڳ سان پڻ گهري دلچسپي هئي.
نادر بيگ قليچ مرزا 12فيبروري 1940ع تي اوڻونجهاهه سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. کيس بلند شاهه قبرستان ۾ دفنايو ويو.