شمشير الحيدري
سوانح
شمشير علي ولد رسول بخش خواجه، 15سيپٽمبر 1932ع ۾ ”ڪڍڻ“ ڳوٺ ضلع بدين ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم بدين ۾ ئي ورتائين، تنهن کان پوءِ انگريزي تعليم ورنيڪيولر اسڪول بدين ۾ ورتائين، اُتي چار درجا انگريزي پڙهڻ کان پوءِ کيس 1947ع ۾ ”سنڌ مدرسي ڪراچي“ موڪليو ويو، جتي محمد ابراهيم جويو سندس اُستاد هو. پر سنڌ مدرسي ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ واپس ڳوٺ موٽي آيو. اڳتي هلي ٽنڊي باگي جي ”مير غلام محمد ٽالپر“ اسڪول ۾ پڙهيو. شمشير الحيدري 1963ع ۾ ايم-اي سنڌي ۽ اديب عالم سنڌي جي امتحان پاس ڪيا. ايم-اي-۾ ”آزاد نظم جي اوسر“ تي مقالو لکيائين.
شمشيرالحيدري جو مامون ڪامريڊ نذير حسين حيدري سياست ۾ ڪافي سرگرم هو. پهرين مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ پاڪستان جي تحريڪ جي سلسلي ۾ جيل ۾ پڻ ويو. تنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي ٺهي ته انهيءَ جوبنيادي ميمبر بنيو. تنهن کان سواءِ هاري ڪميٽي ۾ پڻ هو ۽ انهيءَ جي پولٽ بيورو جوميمبرهو. هو وڏو هڏ ڏوکي، شاعر، خطيب، مقرر ۽ حڪيم هو، شمشيرالحيدري ننڍي هوندي کان ئي ان کان گهڻو متاثر رهيو ۽ سندس صحبت ۾ حڪمت جو ڌنڌو سکيو. هو نئن شمشير جو ڏاڏو ۽ والد به سٺا حڪيم هئا ۽ هنن حڪمت ۾ خوب نالو ڪمايو. انهيءَ حڪمت جي ڌنڌي سبب ماڻهو شمشير کي ”ڊاڪٽر“ سڏيندا هئا.
ڪامريڊ نذير حسين حيدري انهيءَ وقت بدين مان ”اعلان حق“ جي نالي سان اخبار ڪڍندو هو. شمشير صحافت جون پِڪون اُتان پيتيون. اڳتي هلي سالن کان پوءِ 1992ع ۾ شمشير اها اخبار ٻيهر جاري ڪئي ۽ انهيءَ جا ڪجهه پرچا ڪڍيا.
سنڌمدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران شمشير اُتان جي ماحول کان ڪافي متاثر ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ دوران جيڪي مارا ماريون ٿيون، تن کي اکين سان ڏٺائين. پاڻ انهيءَ زماني ۾ ”پاڪستان اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ بدين شاخ جو بنياد رکيائين ۽ ان جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو کيس اسڪول مان ڪراچي وڃي پڙهڻ جي لاءِ سرٽيفڪيٽ مليو.
سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران، پهرين سال هو خوب محنت ڪري پڙهيو، پر تحريڪي دماغ هئڻ سبب اُتي به ماٺ ڪري نه ويٺو ۽ 1956ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت“ جي مرڪزي تنظيم جو پايو وڌائين، جنهن جون شروعاتي گڏجاڻيون مدرسي جي سينيٽوريم هال ۾ ٿينديون هيون. اڳتي هلي ’سنگت سنڌ‘ جي مرڪزي چونڊن ۾ 17 آڪٽوبر 1956ع تي اياز قادري سيڪريٽري جنرل ۽ شمشيرالحيدري جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيا. اپريل 1957ع ۾ اياز قادريءَ جي استعفى کان پوءِ شمشميرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل مقررٿيو. پاڻ 1957ع کان وٺي 1966ع تائين سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو، جڏهن ته خزانچي موتيرام ۽ آڊيٽرع.ق.شيخ هئا. سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ جي دوران پهرين شمشير ’سنڌي بزم ادب‘ قائم ڪئي ۽ محمد ابراهيم جويي کي انهيءَ جوصدرمقرر ڪيو ويو. سندس هوشياريءَ جي ڪري استاد کيس سنڌي، فارسي ۽ فقھ جا پيپر چڪاسڻ لاءِ ڏيندا هئا.
شمشيرالحيدري پهرين نوڪري 1950ع ڌاري پاڪستان رائيس مل ۾ منشي جي حيثيت سان شروع ڪئي. تنهن کان پوءِ پي-ڊبليو-ڊي ۾ ملازمت ڪيائين. اڳتي هلي ”بدين ڪو آپريٽو بئنڪ“ بدين جومئنيجر مقرر ٿيو. 1964ع ۾ بئنڪ بند ٿي ته شمشير به نوڪريءَ کان واندو ٿيو.
شمشيرالحيدريءَ جي زندگيءَ جو وڏو حصو صحافت ۾ گذريو. سندس صحافتي ڪيريئر جي شروعات ”هلال پاڪستان“ کان ٿي، جيڪا مرحوم عبدالڪريم منشي ڪڍي هئي. پاڻ سڀ کان پهرين انهيءَ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو، تنهن کان پوءِ نيوز ايڊيٽر ٿيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ”مهراڻ“ رسالي جو نئين سر اجراءُ ڪيو ويو.انهيءَ وقت محمد ابراهيم جويو ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو سيڪريٽري هو. جنهن سان شمشير جي ”سنڌ مدرسي“ واري زماني کان واقفيت هئي. تنهن کيس 1956ع جي شروعات ۾ بورڊ ۾ ڪلارڪ ڪري رکيو. سندس ڪم پروف پڙهڻ ۽ ڪتابن جي بنڊلن تي ايڊريسون لکڻ هوندو هو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس محنت ۽ ڪم کان متاثر ٿي کيس ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ڪري رکيو. اهو دور شمشير جي صلاحيتن جي نکرڻ جو دور هو. شمشيرالحيدري ”سنڌي ادبي بورڊ“ ۾ يارهن سال نوڪري ڪئي ۽ 1966ع ۾ اها ڇڏيائين.
1966ع ۾، پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي مرڪزي اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف فلمس اينڊ پبليڪيشن جي سنڌي شعبي جو سربراهه ۽ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. ”نئين زندگي“ جو اهو دور سنڌي ادب ۾زبردست تحريڪي ۽ تنظيمي دور ثابت ٿيو. شمشير پنهنجي عادت موجب ”نئين زندگي“ کي هڪ ادبي مشن ۽ جذبي تحت هلايو ۽ ڪئين نوان ليکڪ پيدا ڪيا، جن اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ وڏو نالو ڪڍيو. شمشيرالحيدري جي ايڊيٽري واري دور جا ”نئين زندگيءَ“ جا پرچا کڻي ڏسبا ته اهي هر حوالي سان جامع نظر ايندا. نئين زندگيءَ جي ڪيترن ئي يادگار پرچن کان سواءِ جڏهن ون يونٽ ٽٽو ته شمشير نئين زندگيءَ جو يادگار ”سنڌ نمبر“ پڻ ڪڍيو. شمشير اتي يارهن سال رهيو. پوءِ جڏهن پيپلزپارٽي جي دور ۾ مرڪزي مواصلات کاتي پاران ”ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل“ کوليو ويو، جنهن جو ڪم مواصلات جي مختلف کاتن بابت فلمون ٺاهڻ، انگريزي رسالو جاري ڪرڻ ۽ اخبارن کي اشتهار ورهائڻ هو. ته شمشير نئين زندگيءَ جي ايڊيٽريءَ تان استعفى ڏيئي انهي کاتي ۾ ڊپٽي مئنيجر بنيو. پر ڏيڍ سال کان پوءِ ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ٿي ته اهو کاتو ٽوڙيو ويو ۽ شمشير کي 19هين گريڊ ۾ سرپلس ٺهرايو ويو. ائين يارهين سالن کان پوءِ وري پي پي گورنمينٽ ۾ کيس ”يُوٿ انويسٽمينٽ پروموشن سوسائٽي“ ۾ سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪري مقرر ڪيو ويو. جتان پاڻ 1989ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين.
مٿي ذڪر ٿي آيو آهي ته شمشيرالحيدري هلال پاڪستان کان صحافت جي شروعات ڪئي. تنهن کان پوءِ ڪافي وقت تائين ”خادم وطن“ ۾ پڻ اسسٽنٽ ۽ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. 1983ع ۾ کيس حيدرآباد مان نڪرندڙ ”مهراڻ“ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اها پير صاحب پاڳاري جي اخبار هئي. جيڪا انهيءَ وقت حُر جماعت جي بليٽن طور فقط ٻارهن سئو ڪاپيون شايع ٿيندي هئي. شمشير اڃا ادارت سنڀالي مس، جو 14آگسٽ 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي مارشلا خلاف، جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ شروع ٿي ويئي. شمشير کليو کلايو تحريڪ جا تفصيل شايع ڪرڻ شروع ڪيا ۽ اخبار کي ضيائي مارشل لا خلاف هٿيار طور استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. اخبار جاڪيترائي ڪالم ۽ ايڊيٽوريل مارشل لا جي خلاف ۽ جمهوريت جي بحاليءَ جي حق لکيا.نتيجي ۾ اخبار جي سرڪيوليشن ٻارهن سئو ڪاپين مان وڌي ٻاويهه هزارن تائين پهتي. نيٺ 82 ڏينهن کان پوءِ کيس اخبار کان ڌار ڪيو ويو.
اڳتي هلي 1986ع ۾ کيس ”هلال پاڪستان“ ڪراچيءَ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. اتي به ساڳئي 1983ع واري صورتحال ٺهي. 1986ع جي تحريڪ شروع ٿي ويئي ۽ شمشير جو قلم ۽ اخبار جا ڪالم جمهوريت پسند ۽ عوام دوست ڌرين جي حق ۾ هلڻ لڳا. مٿس ڪافي دٻاءُ وڌو ويو ۽ حڪومت پنهنجي ئي اخبار جي اشهتار بند ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ شمشير اخبار کي بند ٿيڻ ۽ نقصان کان بچائڻ لاءِ ايڊيٽري تان استعفى ڏيئي ڇڏي. اُتي پاڻ فقط 43ڏينهن اخبار جو ايڊيٽر رهيو.
پوءِ 1989ع ۾ پي پي پي جي حڪومت آئي ته کيس بيگم نصرت ڀٽو ٻيهر اخبار ”هلال پاڪستان“ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو. پاڻ اخبار کي وڌائڻ۽ ويجهائڻ لاءِ ڪافي محنت ڪيائين ۽ ڪئين نوان شعبا کوليائين.
شمشيرالحيدري 85-1984ع دوران ماهوار ”هلچل“ ۽ هفتيوار ”هدايت“رسالا ڪڍيا. ”هدايت“ رسالي جو چيف ايڊيٽر محمد ابراهيم جويو هو ۽ ايڊيٽر شمشيرالحيدري. ”هلچل“ جا فقط ٻه پرچا نڪري سگهيا، جيڪي سرڪار ضبط ڪيا.
ادب ۾ پير پائڻ
مٿي ذڪر ٿي چڪو ته شمشيرالحيدري کي ننڍي هوندي کان ئي، پنهنجي مامي نذير حسين حيدري جي صحبت ۾ ادب جو چشڪو لڳو. حيدري جي لئبريريءَ ۾ تمام گهڻا ۽ هر موضوع تي ڪتاب موجود هئا. جيڪي شمشيرالحيدريءَ کي خوب پڙهڻ جوموقعو مليو. انهيءَ وقت شمشير اردو ٻوليءَ کي علمي زبان سمجهندو هو ۽ اردو شاعري شروع ڪيائين. ۽ ننڍي هوندي کان ئي اخبارن ۾ ٻارڙن جي ٻاريءَ لاءِ اردوءَ مان شعر ۽ڪهاڻيون ترجمو ڪندو هو. شروع ۾ ”الوحيد“ ڪراچيءَ ۾ ٻاراڻي ڪهاڻي ”ٽي رٺل گڏيون“ شايع ٿيس. پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو. اڳتي هلي سنڌيءَ زبان سان صحيح معنى ۾ واقفيت ٿيس ۽ جديد سنڌي ادب، شاهه،سچل ۽ سامي پڙهيائين ته سنڌي ۾ لکڻ لڳو ۽ 49-1948ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پاڻ پهريون تخليقي نظم ”سنڌ مدرستھ الاسلام“ لکيو، جيڪو مدرسي جي1949ع واري ڪرانيڪل ۾ شايع ٿيو.
شمشيرالحيدري جي پهريون شعري مجموعو ”لاٽ“ 1962ع ۾ ڇپيو،جيڪو طارق اشرف ڇپرايو. تنهن کانسواءِ سندس ڪجهه ننڍا ننڍا ٻيا به شعر ڪتابڙا ڇپيل آهن.
شمشيرالحيدري ڪيترائي ريڊيو ۽ ٽي وي ناٽڪ ۽ ڊراما پڻ لکيا آهن. ۽ ٽي وي لاءِ پهريون ڊرامو ٽن قسطن شمشيرالحيدري جو لکيل هو، جيڪو مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جوناٽڪي روپ هو.
مٿين ڪم کان سواءِ شمشيرالحيدري ڪيترائي اهم ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪيا آهن.
شمشيرالحيدري جي شاعريءَ تي نظر وجهندي ”مهراڻ شاعر نمبر“ ۾ گرامي صاحب لکي ٿو:
”حيدري جي فن کي تنقيدي نقطه نظر سان ڏسڻ کان پوءِ آءٌ ان راءِ تي پهتو آهيان ته حيدري جي تخليقي قوت، فڪري مطالعو ۽ نڪته آفرين افتاد طبع پنهنجي همعصر ۾ منفرد آهي.“
شمشير الحيدري ءَکي سندس سنگت ۽ سنڌي ادب جي خدمت جي مڃتا طور 6 جون 2010ع تي ”سنڌي ادبي سنگت ـ سنڌ“ پاران لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو.
ڇپيل ڪتاب
”انسان ڪامل“ شخصيات- (1953ع)، ”ڪاروان ڪربلا“ (تاريخ-1954ع)، ”پورس جا هاٿي“ (ڪهاڻيون-1958ع)، ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ (ترتيب-1961ع)، ”لاٽ“ (شعر-1962ع)، ”تاريخ سنڌ ڪلهوڙا“ (ترجمو، 1963ع)، ”آمريڪا جا سياسي سرشتو“ (ترجمو-1964ع)، ”سوکڙي“ ترتيب-(متفرقه 1964ع)، ”بهترين سنڌي ادب“ (افسانا 1969ع)، ”سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر“ (1987ع)، ”ڪاڪ محل“ (ناٽڪ 1988ع)، ”تاريخ جو ڪچرو“ (شاعري) شامل آهن.